شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

لاڙ جي مٽيءَ جو خَمير : شهيد حڪيم نوتيار

شهيد حڪيم نوتيار ضلعي بدين جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ جُمعي خان نوتيار جي گهر ۾ جنم ورتو. مقامي طرح تعليم حاصل ڪندي، مئٽرڪ تائين پهتو. ننڍپڻ کان ئي سنڌ جي عشق ۾ مبتلا ٿيو. هن جو جنم جنهن ضلعي ۾ ٿيو هو، اُهو قدرتي نعمتن سان مالامال پئي رهيو آهي، پر هن اهڙي خوشحال ضلعي ۾ پنهنجي مارو ماڻهن کي بُکن ۾ پاهه ٿيندي ڏٺو ۽ انگ اُگهاڙن ٻارن کي ڪتاب، پين سان گڏ ڪپڙي لاءِ واجهائيندي ڏٺو. هونئن مجموعي طور سڄي سنڌ جي صورتحال ئي ڪُجهه اهڙي آهي، پر هن ضلعي ۾ پنجابي آبادي اڪثريت ۾ هُئڻ ڪري، ڌرتي ڌڻي ڪُجهه وڌيڪ عذاب هيٺ رهيا آهن. هيءُ ننڍپڻ کان ئي نهايت حساس هوندو هو، جڏهن سائيبيريا جي آيل مهمان پکين کي پنهنجي اکين سان شڪار ٿيندي ڏسندو هو ته سندس اکيون آليون ٿي وينديون هُيون ۽ هيءُ پنهنجي ڌرتيءَ تي اهڙو ڪيس ڏسندي سوچندو هو ته منهنجي ڌرتيءَ جا ماڻهو ته مهماننواز آهن، پوءِ هيءُ مهمان ٿي آيل پکين جو ڪوس ڇو ٿو ٿئي. اهڙي ماحول ۾ پچندي پڄرندي هيءُ وڏو ٿيو هو ته سندس اندر ۾ ٻاروتڻ کان پلجندڙ بغاوت ڀڙڪو ڏئي اُٿي هُئي ۽ هن پڪو پهه ڪيو هو ته پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌارين جون لوڌون تڙي ڪڍڻ کان پوءِ ئي هُو سُک جو ساهه کڻندو.
اسان وساري سُک پنهنجا!
ڏُک ساريا جيجل سنڌڙيءَ جا.
حڪيم نوتيار سياست جي شروعات ’جيئي سنڌ محاذ‘ کان ڪئي، هن ڪيترو ئي عرصو ضلعي ۾ ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪيو، ان دوران سندس پنجابين سان چڪريون به رهيون، مٿس ڪُوڙا ڪيس به داخل ٿيا، پر هي مانجهي مُڙس پوءِ به پنهنجي مقصد ڏانهن گامزن رهيو، ۽ آزاد سنڌو ديش جي پرچار ڪندي، گڏو گڏ مقامي سطح تي ماڻهن جي دلين ۾ ڌارين جي لاءِ نفرت جي باهه ڀڙڪائيندو رهيو. هيءُ تمام گهڻو جذباتي قسم جو نوجوان هو، هن سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جي قبضي خلاف ڀرپور آواز اُٿاريو. اهڙيءَ طرح هن جي عملي جدوجهد کان خوفزده ٿي قتل جي ڪُوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هن گرفتاري ڏيڻ بجاءِ رُوپوشي اختيار ڪئي، روپوشيءَ دوران هيءُ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو ۽ قومي جدوجهد سان سلهاڙيل رهيو.
اُن بعد1985ع ڌاري هيءُ ڪراچي شفٽ ٿيو، جتي رهي هن ڪيترو ئي ڪم ڪيو. 1995ع ۾ جڏهن ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ٺهيو ته هيءُ ڪراچيءَ ۾ ’جسقم‘ جو ميمبر ٿيو ۽ مختلف ضلعي عهدن تي رهي، سرگرم ڪارڪن طور ذميواريون نڀايائين. ملير ضلعي اوڀر جو ڊويزنل آرگنائيزر، نائب صدر ۽ صدر رهيو. شهيد حڪيم نوتيار هڪ محنتي ڪارڪن هوندو هو، ڪراچيءَ ۾ رهڻ کانپوءِ هي سڄي سنڌ جي ماڻهن جو ڀرجهلو رهيو. هن ڪراچيءَ ۾ آباد اردو ۽ سنڌي آباديءَ کي گڏائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملير، کوکراپار سميت ڪراچيءَ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ڪڇي برادري ۽ ٻين برادرين کي قومي تحريڪ ۾ ضم ڪيو. هيءُ اتي آباد سنڌي ماڻهن جو تمام گهڻو تحفظ ڪندو هو ۽ ٻهراڙين کان آيل ماڻهن جي هر طرح پرگهور لهندو هو. ڪنهن به ضلعي جو ڪو ڪارڪن ڪراچيءَ ۾ تاج ڪامپليڪس تي لهي، کيس فون ڪندو هو ته هيءُ فوري طور اُتي پهچي ويندو هو ۽ ان ماڻهوءَ کي کڻي، اُن جو جيڪو به ڪم هوندو هو، ڪرائي، ماني وغيره کارائي، پوءِ واپس اُن کي بس اسٽاپ تي ڇڏندو هو. اهڙيون ڪيتريون ئي خوبيون هن ۾ هونديون هُيون. ڪراچي ملير ۾ جتي پاڻ رهندو هو، اتي هن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ هڪ الڳ مقام جوڙيو هو، ۽ اُتان جا ماڻهو کيس مسيحا سمجهندا هُئا ۽ حڪيم جي هوندي ڪير به کين تنگ ڪرڻ جي همت نه ڪندو هو، ۽ نه ڪنهن جي ڪاروبار کي ڪير نقصان پهچائڻ جي جُرئت ڪندو هو. جڏهن به پارٽي جسقم ڪنهن هڙتال وغيرهه جو سڏ ڏيندي هُئي ته پوري ملير ضلعي جا ماڻهو يڪجهتي طور، پنهنجا ڪاروبار بند رکي سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هُئا. ٻي ڪنهن به پارٽيءَ جي هڙتال وغيرهه ۾ ضلعو ملير بند نه ٿيندو هو. ايتريقدر جو ايم. ڪيو. ايم جي هڙتال ۾ به مڪمل شهر کُليل هوندو هو. حڪيم نوتيار جهڙي ريت ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو هو، اهڙي ريت هُو رياست جي اکين ۾ ٻير جي ڪنڊي جيان چُڀڻ لڳو هو. حڪيم نوتيار جو سياسي سفر جاري هو ته اوچتو هُو 7 جون 2008ع تي گُم ٿي ويو ۽ هُو ٽن ڏينهن تائين لاپتا هو، سندس ڀاءُ ملير ٿاڻي تي سندس گُمشدگيءَ جي ايف. آءِ. آر به داخل ڪرائي هُئي. 10 جون 2008ع تي گُلستان جوهر جي پهلوان ڳوٺ لڳ فليٽ نمبر 307 مان سندس لاش مليو، سندس سڄي جسم تي تشدد ٿيل هو، مُنهن تي تيزاب هاريل ۽ مٿي ۾ گولي لڳل هُئي. سندس مڙهه بچل خاصخيلي ڳوٺ جي لعل شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
حڪيم نوتيار جو وحشياڻو قتل نج رياستي قتل آهي، قومي تحريڪ کي ڌچڪو رسائڻ لاءِ اڻڏٺل قوتن کيس شهيد ڪيو. ههڙي ڪُونڌر مڙس جي شهادت واري هن صدمي نه رُڳو ملير جي اُنهن ماڻهن کي دلي صدمو پهچايو هو، جن جو هُو محبوب هوندو هو، پر پوري سنڌ جي ماڻهن جو جيءُ جهوري ڇڏيو هو. شهيد حڪيم نوتيار سوڳوارن ۾ ٻه ڀائر جاويد نوتيار ۽ شاهد نوتيار، ٻه گهر واريون، ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ بلاول ڇڏيا. سندس اولاد اڃا ننڍڙو ئي هو ته پيءُ جو سايو کسجي ويو.
دونوں جہاں اپنی محبت میں ہار کے،
وہ جا رہا ہے کوئی شبِ غم گذار کے۔