شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

مُون سين هلي سا....!! : علي نواز آريسر

قومي تحريڪ اُن وڻ وانگر آهي، جنهن جو هڪ ٽار وڍڻ سان اُن مان سوين گؤنچ ڦُٽي پوندا آهن، تيئن هڪ ڪارڪن جي شهادت سوين ڪارڪنن جو جنم آهي. قومي تحريڪ جي هن وڻ جا ڪيترا ئي ڏار بيدرديءَ سان ڪپيا ويا آهن، پر پوءِ به هن وڻ مان روز، ڪيترائي گؤنچ ڦُٽندا رهن ٿا ۽ ڪيترائي ڪارڪن جنم وٺندا رهن ٿا. سندن من ۾ خوف بجاءِ آزاديءَ وارو خواب ڇوليون هڻندو، هِمت ۽ حوصلي سان، کين اڳتي وڌائيندو رهي ٿو. جڏهن سائين جي. ايم سيد لاڏاڻو ڪري ويو هو ته: محترمه بينظير ڀٽو تجزيو ڪندي چيو هو ته اڄ سنڌوديش جو باب بند ٿي ويو، پر سندس اها خواهش پوري نه ٿي ۽ سنڌوديش جو باب ته بند نه ٿيو، پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو باب ضرور بند ٿيو آهي، (جيڪا پيپلز پارٽي ڀُٽن جي ملڪيت هُئي، اها پيپلز پارٽيءَ هن وقت ڪن ٻين ماڻهن جي هٿ ۾ آهي).بلڪه جڏهن بينظير صاحبه پاڻ شهيد ٿي هُئي ته: سندس مزار تي به ’پاڪستان نه کپي‘ جا نعرا گُونجيا هُئا. سيد جو ’آزاد سنڌوديش‘ وارو اهو قافلو منزل طرف ڏينهون ڏينهن، تيز وکون کڻندو وڌندو رهي ٿو. قومي تحريڪ ۾ ڪيترائي نوجوان آيا ۽ پنهنجو پاڻ ملهائي ويا. کين خبر به هُئي ته: جنهن رستي تي هُو نڪري چُڪا آهن، اُن رستي جي وِک وِک تي واسينگ آهن، ۽ کين ڏنگڻ لاءِ وات ڦاڙيو ويٺا آهن. پوءِ به هيءَ نوجوان بجاءِ پوئتي موٽڻ جي، اڳتي وڌندا رهيا، يا اڃا به اڳڀرا ٿيندا وڃن. اهو عشق جو ڪمال آهي، جيڪو کين اُتساهيندو رهي ٿو. چاچي حفيظ قريشي، سائين جي. ايم سيد جي تدفين وقت چيو هو ته: هي رياست اڄ خوش ٿي هوندي ته ’آزاد سنڌوديش‘ واري جدوجهد هاڻي هميشه لئه ختم ٿي وئي، پر کين اها ڀُل آهي ته ’هي ڇوڪرا‘ سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏيندا. واقعي هنن ڪُونڌر پُٽن رياست جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. سيد جي اُن نظرياتي قافلي جي ڪارڪنن جي حوصلي، هِمت، عُزم ۽ بهادريءَ جوش ۽ جذبي رياست جي کوکلين ديوارن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن. جيتوڻيڪ! هن رياست هن وقت تائين ڪيترن ئي ڪُونڌرن جا ڪنڌ ڪپيا آهن، ڪيترائي گهر اُجاڙيا آهن، ڪيترين ئي ونين جا سُهاڳ اُجڙيا، ڪيترا ٻار يتيم ٿيا، ڪيتريون ڀينرون، ڀائرن جي هٿن تي ميندي لڳائڻ جي خواهش دفن ڪري ويٺيون، ڪيتريون مائرون پنهنجي پُٽن جي منهن تي موڙ ٻڌڻ جي حسرت پوري ڪري نه سگهيون، پر پوءِ به سنڌ جون عورتون، پنهنجي وَرن، ڀائرن ۽ پُٽن جي عظيم شهادتن تي ماتم ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي ڪُک ۾ پلجندڙ ٻچن کي، پنهنجي وڏڙن جي قربانين جا داستان ٻڌائيندي، کين پنهنجي ڀُونءِ جي جنگ وڙهڻ لاءِ اُتساهينديون رهن ٿيون. جڏهن به ڌرتيءَ جي دنگ جي تحفظ جي ڳالهه اچي ٿي ته، سنڌ جون اهي ئي عورتون، پنهنجي وِير سُورمن کي کِلندي موڪل ڏينديون آهن ۽ چونديون آهن ته: ’صدقو ٿيو سنڌ تان‘
قومي تحريڪ هڪڙو خوبصورت ۽ ڪُشادو باغ آهي، جنهن ۾ قِسمين قِسمين ميوا ۽ گُل آهن. اُنهن ميون جو ذائقو وٺندي، گُلن جي خوشبوءَ جو واس وٺندي، جڏهن هي ڪُونڌر پُٽ پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جو سَڏ ورنائڻ لاءِ ميدان تي لهن ٿا ته؛ سچ پچ هنن جي عشق اڳيان، هر اُوچي ديوار، ڪاغذ جي بڻجيو ٿي وڃي.
مون کي گُذريل ڪافي عرصي کان اها کوٽ محسوس ٿي رهي هُئي ته قومي تحريڪ جي شھيدن تي مڪمل دستاويز هُجڻ گهرجي، ڇو ته ڪيترائي اهڙا شھيد آهن، جيڪي وقت جي گُمنام گهٽين ۾ الائي ڪٿي وڃائجي ويا آهن، ڪيترن جي شھادت جي تاريخ به اسان وٽ محفوظ نه آهي. اهو سوچي مون هن ڪتاب ’قومي تحريڪ جا شھيد‘ ۾ هٿ وڌو ۽ هڪ ننڍڙي ڪوشش سان ڪُجهه شھيدن تي مڪمل (bio data) تعارف سان، هيءُ ڪتاب قومي ڪارڪنن تائين پهچائي رهيو آهيان، آئون سمجهان ٿو ته هي ڪتاب قومي تحريڪ جي اسٽڊي سرڪل لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو. توڙي جو اڃا به ڪيترائي قومي تحريڪ جا شهيد آهن، جن تي آئون لکي ناهيان سگهيو. انهن جا پروفائيل اڻپورا آهن، جيئن ئي سندن (bio data) مڪمل ٿي ته هن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو به قومي تحريڪ جي اِسٽڊي سرڪل جو حصو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس.
هي ڪتاب نه رُڳو شهيدن جي تاريخ آهي، بلڪ هي ڪتاب ڪيترين ئي ڳالهين تان پردو کڻي ٿو ۽ ڪيتريون ئي راهون هموار ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل نوجوانن جو قتل رياست ضرور ڪيو آهي، پر اُن ۾ ڪيترن ئي ديسي دلالن جو هٿ به رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُجهه اهڙا به شھيد شامل آهن، جيڪي قبائلي ذهينيت رکندڙ ماڻهن هٿان شھيد ٿيا آهن، جن جي شھادت ۾ سِڌي اڻسِڌي طرح رياستي قُوتون مُلوث آهن، يا ڪي وڏيرا ۽ جاگيردار به شامل راءِ ٿي سگهن ٿا. اهڙن ماڻهن تان پردو کڻڻ به ضروري هو ته جيئن ڪارڪن اهڙين قُوتن کان باخبر رهن. اُن کان عِلاوهه سنڌ جو ماڻهوءَ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي نمائندهه جماعت سمجهي ٿو، اُنهن ماڻهن جي اڳيان آءُ اهو واضح ڪندو هلان ته: گهڻن نوجوانن جي شھادت، پيپلز پارٽيءَ جي دورِ حڪومت ۾ ٿي آهي. شھيد سرائي قربان کهاوڙ، شھيد روپلو چولياڻي، شھيد نور الله تنيو، شھيد ذوالفقار ڪولاچي، شھيد ممتاز ڀُٽو، شھيد سڪندر سومرو، شھيد بشير خان قريشي، شھيد اعجاز سولنگي، شھيد افضل پنهور، شهيد برڪت چانڊيو عرف پريم ديوان، شھيد سجاد مرکنڊ، شھيد عامر کهاوڙ، شھيد اسد عباسي، شھيد ماجد ميمڻ، شھيد ضامن شاهه، شھيد رضا خاصخيلي، شھيد مشتاق خاصخيلي، شھيد ذوالفقار ملاح شھيد بابر سنديلو، شھيد دين محمد دل، شھيد عبدالغفور نوحاڻي وغيره.جن مان ڪي هن ڪتاب ۾ شامل نه آهن، جيڪي ٻئي ڀاڱي ۾ ضرور شامل هوندا. نه صرف ايترو پر قومي تحريڪ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي جيلون ۽ ٽارچر به پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ وڌ کان وڌ ڀوڳڻا پيا. نه رُڳو قومي ڪارڪن، پر قومي شاعرن ۽ اديبن کي به جيل جي چوديوارين ۾ قيد ڪيو ويو ۽ سنڌي ڪتابن تي پابنديون به پيپلز پارٽيءَ جي مهربانين سان پيون ۽ سائين جي. ايم سيد کي ٻاهر علاج جي اجازت به پيپلز پارٽي نه ڏني هُئي. ضيائي آمريت ٽوڙيءَ ڦاٽڪ وارو سانحو ڪرايو هو ۽ پيپلز پارٽيءَ جي کاتي ۾ هيترن شهيدن جو خون آهي. هاڻي سنڌي ماڻهو ئي پيپلز پارٽي ۽ ضيائي آمريت ۾ فرق واضح ڪن.
آءُ اُميد ٿو ڪريان ته هي ڪتاب ’قومي تحريڪ جا شهيد‘ سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو هڻندڙ سڀني ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ هڪ سُٺي وک ثابت ٿيندو ۽ قومي ڪارڪنن لاءِ اُتساهه جو سبب بڻبو، ڇو ته هن ڪتاب ۾ شامل سمورا شھيد قومي تحريڪ جا آهن، ڪو به شھيد ڌُڙي ۾ ورهايل نه آهي ۽ هر شھيد جي وارثيءَ جي دعويٰ به سڀ ڪن ٿا: هڪ رهبر، هڪ جهنڊو، هڪ نعرو، هڪ مقصد ۽ شھيدن جا به سڀيئي وارث! پوءِ الڳ ورهايل ڇو؟ ڇا جيئن هي شھيد هن ڪتاب ۾ مڙي مُٺ ٿيا آهن، تيئن اسان جا ليڊر به مڙي مُٺ نٿا ٿي سگهن؟
هن ڪتاب آڻڻ ۾ منهنجو اڪيلي جو ڪردار ناهي، بلڪ ڪيترن ئي دوستن جو ساٿ شامل آهي، جيڪڏهن اهي دوست مون سان ٻانهن ٻيلي ٿي نه بيهن ها ته هي ڪتاب آڻڻ ڏکيو ضرور ٿئي ها، آءُ ٿورائتو آهيان هنن دوستن امداد الله کوسي، رضا آڪاش خاناڻي، بشير آريسر، سليم جروار، سرمد ميراڻي، احمد نواز ابڙي، ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي، وقاص چانڊيي، فضل منگي، اسحاق ساند، پيرل هُليي، آفتاب راڄڙ، وسيم گبول، وحيد حيدر زئور، هيمون ڪالاڻي ۽ ساجد چانڊيي جو، جن مون سان هر طرح جو سهڪار ڪيو. اُن کان علاوه محترم حفيظ قريشيءَ جون به محبتون هن ڪم ۾ شامل رهيون، جنهن ڪيترن ئي شهيدن جون تصويرون مون کي ڏنيون. آءُ ٿورائتو آهيان سائين تاج جويي جو، جنهن پنهنجي مصروف زندگيءَ مان وقت ڪڍي، هن ڪتاب جو شاندار مُهاڳ لکيو ۽ آريسر صاحب جي ته آئون احسانن جو هميشه احسانمند رهيو آهيان، جو پاڻ بيماريءَ واري حالت ۾ هوندي به خوشيءَ سان هن ڪتاب جي لاءِ ٻه اکر لکي ڏنائون. اهڙيءَ طرح غلام رسول منڱريي ۽ احسان لغاريءَ جا به قُرب، جن هن ڪتاب کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر طرح جون تجويزون ڏنيون ۽ مواد جي سلسلي ۾ به ٻانهن ٻيلي رهيا. اهڙيءَ طرح آءُ محترم ناز سنائيءَ جو به شڪر گُذار آهيان، جنهن تمام مختصر عرصي ۾ هيءَ ڪتاب ڇپائي شهيدن جي هن تاريخ کي محفوظ ڪيو.
هن ڪتاب کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي اهڙا قومي ڪردار آهن، جن پنهنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندي، پير پِٿون ڪيا، جن مان ڪي ته راهه رباني وٺي ويا آهن، ڪي اڃا تائين قومي قافلي سان سلهاڙيل آهن، ته ڪي وري زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي هوندي به، پنهنجي اکين ۾ آزاديءَ جا سپنا سجائي، جيئڻ جي جُستجو ڪري رهيا آهن.آخر ۾ آئون هن ڪتاب جي پڙهندڙن مان اها اُميد ٿو ڪريان ته هُو پنهنجي راءِ کان نه رُڳو آگاهه ڪندا، پر مون کي اڃا وڌيڪ تجويزون به ڏيندا ته جيئن سندن رهنمائيءَ سان اڳتي اڃا به بهتر ڪم ڪري سگهجي.

اوهان جي محبتن جو طالب
علي نواز آريسر
2242883-0346