مٽيءَ جو مشتاق : شهيد مشتاق خاصخيلي
ڇو ڪٿي رُڪجون رفيقو!
ارتقا رُڪجي نٿي،
زندگيءَ جي آرزوءَ ۾ جُستجو ٿڪجي نٿي،
ساٿيو سندرا ٻڌي هلندا هلو وڌندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون؟
دُنيا جڏهن بيهي نٿي.
دُنيا سان ڪُلهو ملائي هلڻ جا وچن ورجائيندڙ هن قافلي جا نوجوان، جيڪي پوئتي موٽڻ کي مهڻو سمجھندڙ اڃا به اڳڀرا ڪاهيندا وتن پيا. جيتوڻيڪ هن قافلي جي اڳواڻيءَ ڪندڙ ڪيترن ئي ڪونڌرن کي ابدي ننڊ سُمهاريو ويو آهي، پوءِ به هي قافلو ”هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو“ هلندو رهي ٿو. جي هڪڙو سُمهي ٿو ته ٻيو وڌي اچي اُن جي اڳواڻي ڪري ٿو. مون ڪٿي پڙهيو آهي ته برصغير جي تحريڪ آزاديءَ دوران جڏهن مهاتما گانڌي وديشي شين جي واپرائڻ کان منع ڪئي هئي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان لوڻ ڪڍي ماڻهن کي چيو هُئائين ته هي توهان جي مٽيءَ جي ميراث آهي، توهان ڇو پيا انگريزن جي ڪارخانن مان تيار ڪيل لوڻ وٺو؟ تڏهن فرنگي سرڪار مهاتما گانڌيءَ کي گرفتار ڪيو هو، مهاتما گانڌي گرفتار ڇا ٿيو هو، پورو برصغير جاڳي پيو هو، جيل جي ٻاهران ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿي ويا هُئا، گوري سرڪار جا سپاهي ماڻهن کي ماري ماري ٿڪجي پيا، هڪ ماڻهو ڪرندو هو ته ٻيو وڌي اچي اُن صف ۾ بيهندو هو. اهڙيءَ طرح هي تحريڪ لوڻ مُٺ تحريڪ جي نالي سان مشهور ٿي ۽ گوري سرڪار کي مجبور ٿي گانڌيءَ کي آزاد ڪرڻو پيو. سنڌ جي قومي تحريڪ به ايئن آهي، جو هڪڙو ڪري ٿو ته ٻيو وڌي اُن قافلي جي اڳواڻيءَ ڪري ٿو. سائين جي. ايم سيد جي شروع ڪيل قومي قافلي جو هڪ سپاهي ٺٽي ڄائو مشتاق خاصخيلي به شهادت جي اُن درجي تي پهچي پنهنجي امڙ سنڌ لاءِ ساهه ڏئي سَرهو ٿيو.
مشتاق خاصخيلي 17 جنوري 1979ع تي سنڌ جي راڄڌاني واري ضلعي ٺٽي جي هڪ ننڍڙي شهر گهاري ۾ هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد موسيٰ خاصخيلي آهي، جيڪو هڪ پورهيت هو. پورهيت پيءُ جو پورهيت پُٽ ايڏي وڏي درجي تي پهچندو، اهو ڪنهن ٿي ڄاتو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول گهاري ۾ ورتي، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گهاري مان 1998ع ۾ پاس ڪري، ڊگري ڪاليج مڪليءَ مان 2005ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. هن ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران جيئي سنڌ لطيف سنگت ۾ شموليت ڪئي ۽ ساڳئي دور ۾ گهاري شهر ۾ ’ينگ ويلفيئر ايسوسيئيشن‘ نالي هڪ سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين. هن شروع ۾ گهر جي چُلهه ٻارڻ لاءِ مختلف مزدوريون ڪيون، پوءِ درزڪو ڪم سکيو ۽ ’مهراڻ ٽيلرز‘ جي نالي سان درزڪو دڪان کوليائين ۽ ’سنڌ درزي ايسوسيئيشن‘ جو بنياد وجهي پاڻ اُن جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. مشتاق خاصخيليءَ کي سياست ورثي ۾ ملي، سندس مامو ڊاڪٽر نظام الدين خاصخيلي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن‘ (جساف) جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ سياسي سرگرمين ڪري ڪيترو عرصو جيل به ڀوڳيو هئائين. مشتاق خاصخيلي شروعات ۾ ته جيئي سنڌ ۾ همدرد طور شامل ٿيو هو ۽ پنهنجي روزگار سان گڏ جيئي سنڌ جي جلسن ۾ همدرد طور حصو وٺندو هو، پر پوءِ آزاديءَ جي نعرن، آزاديءَ جي ڳاڙهي جهنڊي جي تجسس هن کي قومي تحريڪ ڏانهن ڇڪ ڪئي ۽ پاڻ پنهنجا ڌنڌا داڙيون ڇڏي 27 جولاءِ 1999 ع تي ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ۾ شموليت اختيار ڪئي. هي ڪُل وقتي ڪارڪن هو ۽ نظرياتي ورڪر طور اُڀريو. هن پهريان جسقم گهارو يونٽ جي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر، پوءِ گهاري يونٽ جو فنانس سيڪريٽري، گهاري يونٽ جو صدر، تعلقي ميرپور ساڪري جو ڊپٽي آرگنائيزر، آرگنائيزر ۽ پوءِ چيف آرگنائيزر طور ذميواريون سرانجام ڏنيون. اُن کانپوءِ کيس جسقم ضلعي ٺٽي جو فنانس سيڪريٽري ۽ صدر چونڊيو ويو.
شھيد مشتاق خاصخيلي پنهنجي زندگيءَ جي مختصر عرصي ۾ کوڙ سارا قومي ڪم ڪيا، جن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ڪيترائي ڀيرا مظاهرا ڪرائڻ، بلوچستان ۾ فوجي آپريشن خلاف احتجاج ڪرائڻ، قومي ڪارڪنن جي گمشدگيءَ خلاف احتجاج، مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪرائڻ، ٺٽي ضلعي ۾ بدامنيءَ جي خلاف ڀرپور آواز اٿارڻ کان علاوه جسقم پاران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ 2 اپريل کان 11 اپريل 2006ع تائين، جسقم چيئرمئن بشير خان ۽ ٻين 25 دوستن سان گڏ ڏهن ڏينهن جي بُک هڙتال ۾ حصو ورتائين. بلوچستان، ڪوئٽيا ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزاديءَ لاءِ جسقم پاران قائم ڪيل بُک هڙتالي ڪئمپ ۾ حصو ورتائين. جسقم پاران سکر کان ڪراچيءَ تائين پيغام سنڌ مارچ جو 10 اپريل 2007ع تي گهاري شهر ۾ هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان استقبال ڪيائين، بعد ۾ پاڻ ڪراچي تائين ان قافلي سان گڏ رهيو. اهڙيءَ طرح هن اڻٿڪ ۽ محنتي ڪارڪن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ ڪيترا عملي ڪم ڪيا، سنڌ جي ڳالھه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل به ڀوڳيائين، پر هي وِرچي ويهڻ وارن مان نه هو، جيترو عرصو زندگي وفا ڪئي، هن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي مٽي هاڻن ماڻهن سان وفا ڪندي گذاري ۽ آخر ۾ سنڌ جي ابوجهاد بشيرخان قريشيءَ کي بچائيندي 24 جولاءِ 2009ع تي شھيد ٿيو.
واقعي جو پسمنظر؛ 24جولاءِ 2009ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ پاران، سهراب ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن هٿان شھيد ٿيندڙ ذوالفقار ملاح جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سهراب ڳوٺ وٽ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جسقم چيئرمئن بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ قافلو گلشن حديد کان نڪتو هو، مشتاق خاصخيلي بشير خان سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويٺل هو ته ڪُجهه پنڌ اڳتي هلڻ کانپوءِ سرڪاري دهشتگردن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ مشتاق خاصخيلي، بشير خان کي بچائيندي اڳيان ٿيو ته گولي سندس ڄنگهه ۾ لڳي، هي فوري طور گاڏيءَ مان لٿو ۽ پنهنجي پسٽل سان گوليون هلائيندڙن مٿان فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ حملي آور موقعي تي مري ويو، ان بعد بشير خان جي گارڊن ۽ ٻين ڪارڪنن به فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ٻيو حملي آور زخمي ٿي ڪري پيو، جنهن کي پڪڙيو ويو ۽ مشتاق گهڻو رت وهڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو هو. کيس طبي امداد لاءِ فوري طور بتول اسپتال پهچايو ويو، اُتان جواب ملڻ کانپوءِ کيس جناح اسپتال پهچايو ويو، پر مشتاق اڳ ۾ ئي پساهه پورا ڪري چڪو هو. پڪڙيل حملي آور جي تلاشي وٺڻ سان انهن جي کيسي مان ملندڙ شناختي ڪارڊ موجب انهن جي سُڃاڻپ هن ريت ٿي، مري ويل جو نالو زاهد مصطفيٰ ۽ زخمي ٿيندڙ ذوالفقار علي شاهه. زخمي جي بيان موجب ته هُو ڳُجهن ادارن جا ماڻهو آهن.
شھيد مشتاق خاصخيليءَ کي ڪراچي جي جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد هزارين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان سندس اباڻي ڳوٺ گهاري آندو ويو، جتي ڪيترن ئي شهرين سندس آخري ديدار ڪيو، ان بعد کيس مٿي تي موڙ ٻڌرائي، سهرا/لاڏا ڳائي، قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيد مشتاق خاصخيليءَ تي ڊاڪٽر حيدر لاشاري هڪ ڪتاب ”مٽيءَ جو مشتاق“ نالي سان مرتب ڪري ڇپرايو آهي.