اسان جو خون خوشبوءَ ٿي ايندو : شهيد مظفر ڀٽو
هن ڌرتيءَ جي لوئي ۽ لڄ جو مُحافظ مظفر ڀٽو 1970ع ڌاري سيوهڻ شهر ۾ ڄائو. پرائمري ۽ مئٽرڪ جي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪرڻ بعد پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج دادوءَ مان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ ننڍي هوندي کان متحرڪ ذهن رکندڙ، قومي درد سان آشنا نوجوان هو. سنڌي ٻولي، قومي ٻولي تحريڪ، بنگال سانحي ۽ ايم.آر.ڊي جي تحريڪ هن جي ذهن ۾ سنڌ پرستيءَ جو رُوح ڦوڪڻ جو ڪم ڪيو. 1985ع ۾ سائين جي.ايم سيد جي قومپرستيءَ واري فڪر کان متاثر ٿي باقاعدي ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو ميمبر ٿيو، پر اُن کان اڳي مقامي سطح تي ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ سياسي سُجاڳي آڻڻ لاءِ متحرڪ ٿي ڪم ڪيائين. ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جي ٺهڻ بعد ان جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۽ جيئي سنڌ پورهيت سنگت جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو. مظفر هڪ نظرياتي ڪارڪن هو، جنهن ڪري هن سنڌ جي آزاديءَ جي پرچار ڪندي سنڌ جي نئين نسل جي ذهن ۾ آزاديءَ جي جوت جاڳائي.سندس شعوري پرچار سبب ڪيترائي نوجوان قومي قافلي ۾ ڪُڏي ڪاهي پيا ۽ اهڙا ته ڌرتيءَ جي عشق ۾ رچي ريٽا ٿيا، جو پوئتي موٽڻ مهڻو سمجهڻ لڳا، بلڪ شاهه لطيف جي هن سِٽ تي عمل پيرا رهندي اڳڀرا ٿيندا ويا.
اڳيان اَڏين وٽ، پوين سِر سَنباهيا!
اهڙن اڏول ۽ سرڪش نوجوانن جي رهنمائي ڪندي، مظفر عشق جي اهڙي راهه تي نڪري چڪو هو، جتان کيس صرف ۽ صرف آزاد سنڌ نظر اچڻ لڳي هُئي ۽ پاڻ اُن آزاد سنڌ جي سپنن جي ساڀيان لاءِ ڏينهن رات جُستجو ڪندو رهيو. مظفر ڀُٽو جتي سنڌ جي ساڃاهه جي دلين جي ڌڙڪن بڻجندو ويو، اُتي هو وقت جي نام نهاد رياست جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. مظفر ڀُٽو تنظيم سازيءَ جو تمام وڏو ماهر هو، جنهن ڪري هن تنظيم ڪاريءَ ۾ ڪيترائي اُصول ۽ ضابطا قائم ڪيا، جيڪي ڪارڪنن کان ويندي قيادت تائين سڀني کي نهايت ئي گهڻا پسند آيا. مظفر ڀُٽي جڏهن ڏٺو ته هاڻي هن رياست جي اڳيان پُرامن جدوجهد پنهنجي حيثيت ۽ معنيٰ وڃائي ويٺي آهي ته هن شفيع محمد برفت، سميع الله ڪلهوڙي ۽ اصغر شاهه سان گڏجي جيئي سنڌ متحده محاذ ٺاهي، جنهن جو پاڻ پهريان سيڪريٽري جنرل ۽ پوءِ وائيس چيئرمئن ٿيو، ۽ مرڪزي ۽ سينٽرل ڪميٽين جو ميمبر به رهيو.
مظفر ڀُٽي جيئن ته انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي، جنهن ڊگريءَ جي بدولت 1990ع ۾ لاکڙا پاور هائوس ۾ سب انجنيئر مقرر ٿيو ۽ آخر تائين اتي ملازم رهيو. جيئن ته مظفر ڀُٽو هڪ پڙهيو لکيو ۽ باشعور نوجوان هو، جنهن ڪري هن نوڪريءَ جا فرائض به نيڪ نيتيءَ سان سرانجام ڏنا. هن نوڪريءَ دوران نه صرف پنهنجي گهر کي ٽائم ڏنو، پر هن پنهنجو گهڻو وقت تنظيم لاءِ وقف ڪيو ۽ هن ڪيترا ئي عملي ڪم سر انجام ڏنا. پاڻ ’جيئي سنڌ متحده محاذ‘ جو رُوح روان هو، جنهن ڪري رياست مٿس گهڻي ڏمريل هئي ۽ سندس پويان هٿ ڌوئي پئجي وئي هُئي، پر هن ڪڏهن به اُن جي پرواهه نه ڪئي، پنهنجي سياسي پرچار جاري رکيو آيو. اُن دوران 5 آڪٽوبر 2005ع تي ڪراچيءَ جي طارق روڊ واري علائقي مان جيئي سنڌ پورهيت سنگت اڳواڻ شوڪت سانڀل جي فليٽ تان ڳُجهن ادارن هٿان کنڀجي ويو، مٿس سخت تشدد ڪيو ويو، کيس آزاديءَ جي جدوجهد تان هٿ کڻڻ لاءِ هر طرح جو ٽارچر ڪيو ويو ۽ سندس اولاد کي مارڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون، پر مظفر تي اهڙين ڌمڪين جو ڪو به اثر نه ٿيو ۽ پنهنجي موقف تي ثابت قدميءَ سان بيٺو رهيو. مظفر جي ڳُجهن ادارن هٿان ايئن کنڀجڻ تي سڄي سنڌ ڀرپور رد عمل جو مظاهرو ڪيو، پوري قومي تحريڪ احتجاج، مظاهرا ڪيا. نيٺ قومپرستن جي شديد ردِعمل جي نتيجي ۾ 23 مهينن بعد ڪورٽ ۾ کيس پيش ڪيو ويو ۽ مٿس ڪو به ڪيس نه بيهڻ ڪري، باعزت بري ڪيو ويو. مظفر اُن گرفتاريءَ دوران پنهنجي ونيءَ صائمه کي ٽارچر سيل مان هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ هُن پنهنجي ونيءَ کي حوصلو ڏنو هو ۽ لکيو هُئائين ته هي رياست جيڪڏهن مون کي ماري وجهي ته منهنجي پُٽ آڪاش کي آزاد سنڌوديش جو سبق پڙهائجانءِ. مظفر جو هي خط قومي ڪارڪنن لاءِ هڪ پيغام آهي ته آزاديءَ جي راهه تي هلندي، ڪيتريون ئي مشڪلاتون ڇو نه اچن، پر همت نه هارڻ گُهرجي. مظفر ڀُٽو پنهنجي وني صائمه ۽ پنهنجي ٻچڙن سان بيپناهه پيار ڪندو هو، پر ڌرتيءَ جو عشق هُن لاءِ مٿانهون هو.
ها! مگر ڇـا ڪجي، تنهنجي ڪاڪل جي قيدي ٿيڻ کان اڳي،
قيد خانن ۾ ڪائي ڪشش هئي پرِين! جيڪا وئــــي ڇڪي.
دل ته مــاڻڻ گهـريون تـُنهنجون سـڀ دلبريون،
ها مگر! ڇا ڪجي، دار جي درد کي پنهنجي لذت هئي جيڪا وئي ڇِڪي.
مظفر ڀُٽو سخت ٽارچر ٿيڻ ڪري بيمار ٿي پيو هو ۽ ڪافي عرصو تڪليف ۾ مبتلا رهيو، پر هُو بلڪل مايوس نه ٿيو هو ۽ جلد ئي ٻيهر قومي تحريڪ ۾ متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو. هن سنڌ جي هر واهڻ وستي، هر ڳوٺ، شهر ۾ وڃي آزاد سنڌوديش جي پرچار ڪئي، ڪيترائي قومي ليڪچر پروگرام ڪيا ۽ ڪيترا ئي ڪامياب جلسا ڪرايائين. مظفر ڀُٽي جي عملي جدوجهد کان خوفزدهه ٿي ڳُجهن ادارن ٻيهر 2011ع ۾ مٽيارين مان کنڀي گم ڪيو. مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو، ۽ مظفر کي جُهڪائڻ لاءِ سندس ڀاءُ ممتاز ڀُٽي کي به پويان گهر ۾ بم ڌماڪو ڪري شهيد ڪيو ويو، پر پوءِ به هي اڏول ۽ سرڪش مانجهي مُڙس نه جُهڪيو ته کيس 15 مهينن جي گمشدگيءَ بعد شهيد ڪيو ويو. هٽڙي باءِ پاس وٽان 21 مئي 2012ع تي سندس تشدد ٿيل لاش هٿ آيو. مظفر ڀُٽي کي ايڏو ته بيدرديءَ سان ماريو ويو هو، جو سندس سيني کي چيري ٻه اڌ ڪيو ويو هو ۽ هيٺين حصي کي به ڌار ڪيو ويوهو. سياسي ڪارڪن هئڻ ناتي سندس المناڪ موت تي سنڌ جي قومپرست جماعتن شديد ردِعمل ظاهر ڪيو ۽ سموري سنڌ ۾ ڦيٿا روڪ، شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. سندس مڙهه کي سيوهڻ آڻڻ بعد، قومي جهنڊي جو ڪفن ڏيئي سن ۾ سائين جي.ايم سيد جي پيرانديءَ کان، سياسي ساٿي روپلي چولياڻيءَ جي ڀر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مظفر جي وني صائمه ڀُٽو به سياست ۾ متحرڪ آهي ۽ نهايت ئي بهادر خاتون آهي. سندس شهادت کان اڳ ۾ گمشدگيءَ جو ڪيس عالمي تنظيمن وٽ پيش ڪيو ويو ۽ جُنيوا ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ آيو.