شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

سنڌڙي رهي، اسين نه رهياسين ته ڇا ٿيو! : شهيد سرائي قربان کهاوڙ

رات جي تاريڪيءَ جا ليڪا لتاڙي، قومي تحريڪ جي قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ، سنڌ جي هن بهادر ۽ کاهوڙي ڪردار، سرائي قربان کهاوڙ 1970ع ڌاري شـهـدادڪوٽ جي هڪ خـوشـحــال گھـراڻـي ۾، سـرائـي شمس الدين کهاوڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليـم مـقـامـي طـور حاصل ڪري، بي. اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين.
سرائي قربان اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس والد جي وفات ٿي ۽ سندن زمينن تي اُتان جي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو، پر جڏهن هي جوانيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو ته هن انهن بااثرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجون زمينون واپس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سرائي قربان کهاوڙ، جنهن جي ٻاروتڻ واري زندگيءَ ۾ ئي خودداري واسو ڪري وئي هئي ۽ هن ٻاروتڻ ۾ ئي حقن کي غصب ٿيندي ڏٺو هو. هي اڃا معصوم ئي هو جو هن جي مٿان پيءُ جو سايو کسجي ويو هو ۽ هن جي ذهن تي اهو نهايت ئي ڀاري صدمو هو، مٿان وري جڏهن سندس زمين جاگيردارن جي قبضي ۾ وئي ته سندس ذهن ۾ هڪ بغاوت جي لهر ڊوڙي وئي، جنهن کيس وقت کان اڳي باشعور بڻائي ڇڏيو ۽ هن طئه ڪيو ته پنهنجا حق وڙهي وٺبا. سندس پهرين جنگ پنهنجي زمين جي لاءِ هئي، پر پوءِ وقت جي اهڙي ته لهر اُٿي، جنهن کيس سڄي سنڌ جو رکوالو بڻائي ڇڏيو.
سرائي قربان کهاوڙ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران قومي تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. چِڻنگ سنگت ۽ لطيف سنگت ۾ سرگرم رهڻ بعد ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين، تنظيم جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو. شاگرديءَ واري دور ۾ سرائي قربان شاگردن جي مسئلن تي عملي جدوجهد ڪئي، اهوئي سبب هو جو هُو جڏهن جساف کانپوءِ مرڪز ۾ شامل ٿيو، تڏهن به شاگرد سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هئا ۽ هي شاگردن جو آئيڊيل بڻجي ويو. جساف ۾ رهندي پاڻ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمئن به رهيو. سرائي قربان کهاوڙ پنهنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ڪيترائي شاگردن جا مسئلا حل ڪرايا، جن ۾ شاگردن کي اسڪالرشپون وٺي ڏيڻ، شاگردن جون فيون معاف ڪرائڻ، غريب شاگردن کي هاسٽل جا رُوم وٺي ڏيڻ، ايتريقدر جو هُو ڪيترن ئي شاگردن کي پنهنجي کيسي مان خرچ ڏيندو هو، جيئن اُهي پڙهي سگهن. هو انتهائي پيار ڪندڙ انسان هوندو هو، ڪارڪنن جي پرگهور لهڻ ته ڪو سرائي قربان کان سِکي. مون سينيئر ڪارڪنن جي واتان ٻڌو آهي ته سائين جي. ايم سيد ڪارڪنن کي ايترو ته ڀائيندو هو جو، جيڪڏهن ڪو ڪارڪن ٻڌجي ويندو هو ته پاڻ فوري طور اُن جي آزاديءَ لاءِ وڪيلن سان ڳالهائيندو هو، ضمانتون ڪرائيندو هو ۽ جڏهن اُهي ڪارڪن آزاد ٿي موٽندا هئا ته سائين جي. ايم سيد اُنهن ڪارڪنن جي پُٺيءَ تي پوليس جي هنيل لٺين جي زخمن تي چُميون ڏيندو هو؛ اُن وقت سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي وينديون هيون. منهنجي اِها بدقسمتي آهي، جو مون سائين جو اهڙو پيار ڪون ڏٺو، پر سائين جي. ايم سيد جي قافلي جي هن سپاهيءَ جو اهڙو سڀاءَ، اهڙو پيار، مون نه صرف ڏٺو، پر اُن پيار جي مڌ جا پيالا مون پاڻ پيتا به آهن.
سرائي واقعي ڪارڪنن سان بي پناهه محبت ڪندو هو، مون کي ياد ٿو اچي؛ هڪڙي ڀيري سرائي ڪُجهه هٿيار ڪنهن شاگرد جي جڳهه تي ڇڏي ويو هو. اتفاق سان اُن رات پرويز مشرف مارشل لا نافذ ڪئي هئي، سنڌ جي سڀني قومپرستن جي گهرن تي پوليس چڙهائي ڪري، ڪيترن ئي قومپرست اڳواڻن کي کنڀي وئي هئي، سرائي صاحب جي گهر تي به پوليس چڙهائي ڪري، سندس ڀاڻيجي کي کڻي وئي هُئي، ۽ پوري حيدرآباد جي هر روڊ تي پوليس موبائلون بيٺيون هيون، سرائي اهڙي صورتحال ۾ به پوليس جون سموريون رُڪاوٽون ٽوڙي، اُن جگهه تي پهتو هو ۽ اُتان اُهي هٿيار کنيا هئائين. اُن دوست ڪافي سمجهايو ته سرائي صاحب چئني پاسي پوليس جو گهيرو آهي، توهان هي خطرو پاڻ سان نه کڻو، ته چيائين بابا آءُ ٻڌجي ويس ته خير آهي، توهان جو بچڻ ضروري آهي، ڇو ته توهان شاگرد آهيو ۽ جي توهان تي ڪو ڪيس لڳو ته توهان جو سڄو مستقبل تباهه ٿي ويندو ۽ منهنجو ضمير مون کي اها اجازت نٿو ڏئي ته آءُ پنهنجي کل بچائڻ خاطر ڪنهن معصوم شاگرد کي مارايان. اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جيڪي اڄ به قومي ڪارڪنن جي هانءُ تي هُري اچن ٿيون، ته سندن اکيون آليون ٿي ٿيون وڃن. سرائي قربان ڪارڪنن لاءِ هڪ ماءُ وانگر هوندو هو، ڪڏهن به ڪو ڪارڪن ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو هو ته هي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، اُن جي سار لهندو هو. نه صرف ايترو، پر هُو قومي ڪارڪنن جي پونئيرن جي به سار لهندو هو ۽ جي ڪنهن ڪارڪن جي گهر ۾ ڪو مسئلو ٿيندو هو ته هي ان کي به پنهنجي گهر جو مسئلو سمجهي، حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پاڻ پيار ڪرڻ ڄاڻندو هو ته پيار وٺڻ به ڄاڻندو هو، هي رشتا ٺاهيندڙ هوندو هو، هن پيار جي اهڙي رشتي ۾ ايترا ته قومي ڪارڪن پيدا ڪيا، جو اُن جو ڪاٿو لڳائڻ به مشڪل ٿيو پوي. پاڻ سياسي اختلاف هوندي به ذاتي واسطا نڀائڻ ڄاڻندو هو.
سرائي قربان ذاتي زندگيءَ ۾ انتهائي خوددار انسان هو، جڏهن سندس نياڻي پِرهه ميڊيڪل جي ٽيسٽ پئي ڏني ته سرائي صاحب کي چيو هئائين؛ بابا منهنجي ميڊيڪل ۾ سليڪشن لاءِ ڪنهن کي چئو ته هن خوددار انسان وراڻيو؛ بابا جيڪڏهن تون ٽيسٽ پاس ڪري سليڪٽ ٿيندين، ته توکي ضرور پڙهائيندس. باقي آئون ميرٽ جي لتاڙ ڪري، هرگز اهو ڪُڌو ڪم نه ڪندس. سرائي قربان چاهي ها ته هُو ايترا پئسا به خرچ ڪري، پنهنجي ڌيءَ جي داخلا ڪرائي پئي سگهيو، پر هُن چاهيو ٿئي ته منهنجو اولاد پنهنجي محنت سان ڪنهن منزل تي پهچي ۽ ڪنهن غريب جو حق غصب نه ٿئي.
سرائي قربان نه صرف سياسي ماڻهو هو، پر اُن سان گڏ پاڻ هڪ سماجي ورڪر جي حيثيت سان به سُڃاتو وڃي ٿو، هن پنهنجي شهر شهدادڪوٽ ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪرايا، شهدادڪوٽ ۾ شهري اتحاد قائم ڪرايو، جنهن جو پاڻ عهديدار رهيو ۽ شهدادڪوٽ ۾ مزدورن جي اتحاد ۾ به سندس هٿ رهيو. شهر ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، جن ۾ بيمارن جي لاءِ ڪئمپون قائم ڪرائڻ، ضرورتمند ماڻهن کي رت جو بندوبست ڪري ڏيڻ، شهر ۾ غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ، ڪيترين ئي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائڻ، ڪيترن ئي شاگردن کي ڪپڙا ۽ ڪتاب وٺي ڏيڻ ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ غريب شاگردن لاءِ ماهوار وظيفو ڏيڻ شامل آهن.
سرائي قربان جڏهن شاگرديءَ واري سياست ڇڏي، مرڪزي سياست ۾ پير پاتو ته سندس سياست جو رنگ ئي نرالو ٿي ويو. پاڻ جيئي سنڌ قومي محاذ جو پهرين ڊپٽي سيڪريٽري، ان بعد ٻه ڀيرا سينيئر وائيس چيئرمئن جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا جسقم جي الڪيشن ڪميٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. جڏهن عبدالواحد آريسر ۽ بشير خان قريشيءَ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ته جسقم جي باڊي ٽوڙي، آرگنائيزنگ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي هُئي، شفيع ڪرناڻيءَ کي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن ۽ سرائيءَ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. ان بعد جڏهن جسقم ٻن حصن ۾ ورهاڻي ته، پاڻ جسقم ۾ عبدالواحد آريسر سان بيٺو ۽ ٻه سال سينيئر وائيس چيئرمئن جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. ان دوران هن ڪيترائي ڪامياب پروگرام ڪرايا، جن ۾ لاڙڪاڻي کان سن تائين تاريخي ’آزادي مارچ‘ ڪرايائين، جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي هُئي، پاڻ ان قافلي سان پيرين پنڌ هلندو رهيو ۽ اياز جي لفظن ۾ ڪارڪنن کي حوصلو به ڏيندو رهيو.
ڏُونگر ڪُجهه ته ڏَري پِيو آهي پانڌيو!
اِجهو رات ٺري، پير نه ساهيو پانهنجا!
سرائي قربان ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهدادڪوٽ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، قومي ڪارڪنن جي گُمشدگيءَ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف بک هڙتالون ڪرايون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 300 ڪلاڪن واري بُک هڙتال تي پاڻ ٻين ڪارڪنن سان گڏجي ويٺو. ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال ۽ ٻين سنڌ دُشمن رٿائُن خلاف، سڄيءَ سنڌ ۾ احتجاجن، مظاهرن وسيلي ڊگهي جدوجهد هلايائين. ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزادي ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ جسقم جو وفد وٺي اسلام آباد ويو، جتي اقوام متحده ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن کي يادداشت نامو پيش ڪيائين. سرائي قربان کهاوڙ 2009ع ۾ جسقم کي الوداع چئي، جيئي سنڌ متحدهه محاذ (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ’جسمم‘ جو سينيئر وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح مغوي ٻارڙن صدام شيخ ۽ ڪپيل ديو جي آزاديءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. هن 1987ع ۾ شادي ڪئي، کيس پنجن نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي. سندس وڏي نياڻي ميڊيڪل ۾ پڙهي رهي آهي ۽ سندس ٻئي پُٽ به پيءُ وانگر نهايت ئي بهادر آهن.
سرائي قربان شهادت کان پهرين انهن سڀني دوستن وٽ هلي ويو، جن سان سندس رنجشون هيون. سرائي، سياسي طرح پنهنجي پراڻن ساٿين کان الڳ ٿي ويو هو، پر هُن سڀني دوستن سان سماجي واسطا برقرار رکيا.سرائي، بشير خان ۽ عبدالواحد آريسر کان سياسي طرح جدا ٿي ويو هو، پر هُو ٻنهيءَ سان بي پناهه محبت ڪندو هو. هُو آزاديءَ جي اهڙي ته پنڌ تي نڪري چُڪو هو، جنهن جي نتيجي جي کيس خبر به هئي، پر پوءِ به هُو بيپرواهه هو. هُو پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو پياڪ رهيو، پر جڏهن هن عملي جدوجهد شروع ڪئي، ته هُن پيئڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ مڪمل انقلابي واري زندگي گُذارڻ شروع ڪئي هُئائين. سرائي قربان کهاوڙ 21 اپريل 2011ع تي پنهجي دوستن روپلي چولياڻي ۽ نور الله تنئي سان تنظيمي دوري تي سانگهڙ کان ميرپورخاص وڃي رهيو هو ته سانگهڙ-کپري روڊ تي باکوڙي موري وٽ، کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بعد ۾ ڪئميڪل هاري گاڏيءَ کي باهه پڻ ڏني وئي، جنهن ۾ سندس سمورو جسم سڙي رک ٿي ويو هو. شايد اياز اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته؛
آ مهڪ هوا ۾ مينديءَ جي،
سي گھوٽ اچن ٿا گھايل ٿي.
جي لال لهوءَ ۾ ليٿڙجي،
اڄ رَت جي ريت نڀائن ٿا!
هيءَ اهڙو ته وحشياڻو واقعو هو، جو اڄ جي خليفو نبي بخش قاسم زنده هُجي ها ته ’باکوڙي جي باک‘ جو ڪيڏارو لکي ها. سندس مڙهه سوين قومي ڪارڪنن جي قافلي سان شهدادڪوٽ آندو ويو، جتي ٻئي ڏينهن هزارين ماڻهن، آلين اکين ۽ اڻڀن وارن سان کيس وصيت موجب، شهدادڪوٽ تجر واري قبرستان ۾ سندس امڙ جي قدمن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سرائي کي جيتري سنڌ سان محبت هُئي، اوترو ئي پنهنجي امڙ سان پيار ڪندو هو. سرائي قربان جهڙا ماڻهو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. سرائي قربان جي شهادت قومي تحريڪ لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. هن قهري واقعي تي سڄي سنڌ جي قلمڪارن دل کولي لکيو، سنڌ جي باوقار اخبارن نه صرف ڀرپور ايڊيٽوريل لکيا، بلڪه ڪيترين ئي اخبارن شهادت واري ٻئي ڏينهن تي، پنهنجا ايڊيٽوريل بليڪ شايع ڪيا. اهو هڪ قسم جو احتجاج هو. سرائي جي چاليهي جي موقعي تي هڪ قومي ڪارڪن سندن ياد ۾” تنهنجو رت ڪهاڻي ٿيندو“ جي نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪرايو، جيڪو پنهنجي دور جو هڪ تاريخي دستاويز آهي.
رت ريٽو ڏيئي راوت، سنڌ کي سوغات ۾،
باک جون راسُون ويا راسي، رات ڪاريءَ رات ۾.
سر سَهائي سنڌ ڪارڻ، ٿيا سونهن لئـ سُونهان،
ڪين ڪُسندي ڪِسڪيا، ڏيئي ڪنڌ پنهنجا ڪات ۾.