آءُ زندان جي جهروڪي مان نهار ؛ شهيد منير شاهاڻي
مُنير شاهاڻي لساني فسادن دوران ڪراچيءَ مان پهريون ڀيرو گرفتار ٿيو ۽ سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، سندس هٿن، پيرن جا نُنهن ڇڪي لاٿا ويا ۽ زور ڀريو ويو ته تون قبول ڪر ته لساني جهيڙن ۾ تون ۽ تنهنجي تنظيم مُلوث آهي، پر هن اڏول انسان سندن هڪ به نه مڃي ته مٿس هر طرح جو تشدد ڪرڻ سان گڏ، هڪ ظالم پوليس آفيسر کي گُهرايو ويو ته هن تي ايترو تشدد ڪر، جو هيءُ قبول ڪري. اُن پوليس آفيسر به مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو، پر هيءُ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو، اُن تشدد سبب سندس هٿن، پيرن ۽ ٻئي جسم مان گند وهڻ شروع ٿي چُڪو هو، تڏهن اُن ئي سنڌي پوليس آفيسر کيس اسپتال داخل ڪرايو ۽ کانئس معافي وٺندي چيائين، مون کي معاف ڪجان، مون توتي بي گُناهه تشدد ڪيو. تنهن تي مُنير شاهاڻي وراڻيو: مون کي انهيءَ ٽارچر ۽ تشدد جي پرواهه ناهي، پر ڏُک ان ڳالهه جو آهي ته تو هڪ سنڌي، ٿي ڪري مون تي ايڏي بيرحميءَ سان تشدد ڪيو. اُن بعد مٿس ڪُوڙا ڪيس داخل ڪري، سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو، بعد ۾ ظالم پوليس آفيسر امجد شاهه کيس لاڙڪاڻي جيل تي وٺي آيو، جتي پڻ هن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هن کي مختلف جيلن سينٽرل جيل ڪراچي، خيرپور جيل ۽ بعد ۾ سکر سينٽرل جيل حوالي ڪيو ويو، جتان هو آزاد ٿيو.
آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي جساف ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو، جتي هن وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان تنظيمي ذميواريون نڀايون. اُن وقت لاڙڪاڻي ۾ ڊي. ايس. پي بشير ميمڻ هو، جنهن کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مُنير جي مامي تي زور وڌو ويو ته مُنير کي پيش ڪر. (جيڪو اُتي اي. ايس. آءِ هو) مُنير شاهاڻي سندس مامي جي چوڻ تي اُن وقت جي ايس. ايس. پي ذوالفقار وٽ پيش ٿيو ۽ ايس. ايس. پي کي چيائين ته آئون جيئي سنڌ جو ڪارڪن آهيان، جنهن ڪري مون کي روز جو پوليس تنگ ڪندي رهي ٿي ۽ منهنجي گهر وارن کي به پريشان ڪندي رهي ٿي. آءُ بي گُناهه آهيان، مون تي ڪو ڪيس داخل ناهي. تنهن تي ايس. ايس. پي سڀني ايس. ايڇ اوز کي طلب ڪيو ۽ کانئس پُڇا ڪئي، ڪو به ڪيس داخل نه هُئڻ ڪري کيس ڇڏيو ويو. ڪُجه عرصي بعد جڏهن ذوالفقار شاهه بدلي ٿي ويو ته ڊي. ايس. پي بشير ميمڻ ٻيهر کيس پيش ٿيڻ لاءِ زور ڀريو ۽ مُنير ٻيهر نئين ايس. ايس. پي وٽ پيش ٿيو، جنهن بنا ڪنهن تفتيش جي کيس گرفتار ڪيو ۽ هر طرح جو ٽارچر ڪرڻ سان گڏ رينجرس حوالي به ڪيو ويو. بعد ۾ ڪُوڙو ڪيس داخل ڪري، کيس چالان ڪيو ويو ۽ اي. ٽي. سي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي، 29 مارچ 1992ع تي کيس 25 سال سزا ڏئي سينٽرل جيل موڪليو ويو. جتي هن تي سخت تشدد ڪيو ويو، ميجر کوسي جهڙي قهري سپرينٽينڊنٽ به هن تي تشدد ڪيو، پر هي پنهنجي مقصد تي قائم رهيو، هيءَ جيل، هڪ آدرش خاطر ويو هو ۽ آدرشن کي ڪڏهن به ڪير جُهڪائي ناهي سگهيو. ڀلا پهاڙن کي ڪير جُهڪائي سگهيو آهي؟ هن جيل ۾ رهندي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا ۽ سکر جيل ۾ قيدين سان ٿيندڙ بد سُلوڪيءَ تان پردو کنيو، اُن بعد هن سياسي قيدين لاءِ الڳ وارڊ قائم ڪرڻ جو مُطالبو ڪيو ۽ اُن ۾ ڪامياب به ٿيو. منير شاهاڻي قيدين جي مسئلن جي حل لاءِ جيل اندر احتجاج ڪيا، بُک هڙتالون ڪيون ۽ قيدين جا مُطالبا مڃرايا. هن جيل ۾ سائين جي. ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ جو رواج وڌو ۽ جڏهن سائين لاڏاڻو ڪري ويو ته بعد ۾ هن سائين جون ورسيون به ملهايون. اهڙيءَ طرح هن جي عملي جدوجهد جيل ۾ به ساڳي رهي. مُنير شاهاڻي جنوري 2001ع ۾ آزاد ٿيو. هن جيل ۾ 2 ڪتاب لکيا، هڪ جيل ڊائري، جيڪا اڃا تائين ڇپجي نه سگهي آهي ۽ ٻيو سندس ڪالمن جو مجموعو، جيڪو 2001ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ’آءُ زندان جي جهروڪي مان نهار‘ جي نالي سان ڇپيو، جنهن جو مهاڳ عبدالواحد آريسر لکيو ۽ تاثر شهيد بشير خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ خاڪي جويي جا لکيل آهن. مُنير هن ڪتاب ۾ جيل جي صُورتحال کان علاوهه سائين جي. ايم سيد تي ڀرپور مضمون لکيا آهن، جن مان سندس سيد سان فڪري وابستگيءَ جي پروڙ ٿئي ٿي.
هن ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ جلد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ٽول پلازه وٽان رينجرس هٿان گرفتار ٿيو، کيس مختلف سي. آءِ. اي سينٽرن تي رکي ڪتاب بابت پُڇا ڳاڇا ڪرڻ سان گڏ کيس چالان ڪري سينٽرل جيل ڪراچي موڪليو ويو. سندس پونئيرن ڪورٽ ۾ پِٽيشن داخل ڪئي، جنهن ڪري جيل مان رِهائي ٿي، پر هي جيئن جيل جي گيٽ مان ٻاهر نڪتو ته کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ مختلف ٿاڻن تي رکي تشدد ڪيو ويو. سندس خاندان ٻيهر ڪورٽ جو در کڙڪايو، جنهن بعد ڪورٽ جي حُڪم تي کيس آزاد ڪيو ويو. جيل مان ڇُٽڻ کان پوءِ هن ٻيهر سياست ۾ بهرو ورتو ۽ 2002ع ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. سندس لاڙڪاڻي ضلعي ۾ تنظيمي سرگرميون عُروج تي رهيون. هن شهيد عزيز ڦُل جي قتل خلاف ڀرپور احتجاج، مُظاهرا ڪرايا ۽ هڪ پورهيت قربان جت جي پوليس هٿان قتل ٿيڻ تي به تحريڪ هلائي.
مئي 2003ع ۾ کيس دل جو اٽيڪ پيو، کيس لاڙڪاڻي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي پڻ پوليس جو مٿس پهرو رهيو، بعد ۾ 22 مئي 2003ع تي نيشنل هاسپيٽل ڪراچيءَ مان سندس اينجيوگرافي ڪرائي وئي. هن 26 سيپٽمبر 2004ع تي سندس مامي جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي، جنهن جو هن نالو ’مُسڪان‘ رکيو. مُنير شاهاڻي پنهنجي گهر وارن کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ڳُجها ادارا سندس پُٺيان آهن، ڪنهن به وقت کيس ماري ڇڏيندا. اهڙيءَ طرح آڪٽوبر 2004ع ۾ هي اوچتو غائب ٿي ويو، سندس پونئيرن تمام گهڻي ڳولا ڪئي، بعد ۾ 11 آڪٽوبر2004ع تي ٽي. پي. او ٺاروشاهه سندس خاندان کي اطلاع ڪيو ته مُنير شاهاڻيءَ جو لاش کڻي وڃو. جنهن کان پوءِ قومي ڪارڪن ۽ سندس پونئيرن پوليس کان لاش وصول ڪيو ۽ 12 آڪٽوبر 2004ع تي کيس اباڻي قبرستان درگاه سيد احمد شاه بخاريءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
مُنير شاهاڻي قومي ڪارڪن سان گڏ بهترين ڪالم نويس، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به هو. سندس هڪ ناول ’غم ۽ خوشي‘ اڻڇپيل صورت ۾ پونئيرن وٽ موجود آهي ۽ سندس ڪيتريون ئي ڊائريون اڻ ڇپيل آهن