ڌرتيءَ جو شهيد : شهيد سميع ا لله ڪلهوڙو
سميع الله جڏهن کان شعور جي دنيا ۾ داخل ٿيو هو ته هن ادبي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو هو، پر هي جڏهن ميهڙ کان موڪلائي، اَپسرائن جي شهر ڄامشوري پهتو هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هلندڙ آزاد سنڌو ديش واري تحريڪ ۾ بنا ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي ڪاهي پيو هو. جيتوڻيڪ پاڻ اُن وقت جوانيءَ جي ڀرپور جوڀن ۾ قدم رکيا هئائين ۽ سندس جوڀن ڪيترائي نينهن جا نياپا پڻ ڏنا هئا. ڪيترين ئي آسروند اکڙين پيار جا پيغام پڄايا هئا، پر هي ڌرتيءَ جي عشق ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو هو، جو اُنهن آسروند اکڙين ۾ پچندڙ پيار جي پُورن ڏانهن ڪڏهن اک کڻي به نه ڏٺائين. هُن نه صرف نفس تي ضابطو آندو هو، پر سندس اندر ۾ ڌرتيءَ جو عشق آکيرو اڏي ويهي رهيو هو. اُن بعد جڏهن سندس مُلاقاتون سن جي سائينءَ سان ٿيون ته هن سن جي اُنهي ڪُراڙي شينهن جي اکين ۾ الائي ته ڪهڙو پيغام پڙهي ورتو هو، جو هُو عشق جي اهڙي ته معراج تي وڃي پهتو هو. جتي سواءِ سنڌ ۽ سيد جي هُن کي ٻيو ڪُجهه به نظر نه ايندو هو.
سميع الله جو شاگرد سياست وارو دور ايڏو ته شاندار هيو، جو سندس دامن تي ڪو به داغ نه هو، هن ويلا بُکون ته ڪاٽيون، پر هن ڪڏهن ڪنهن جو کيسو نه ڪاٽيو ۽ نه ڪڏهن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. هن ڪڏهن ميس تي مفت ۾ ماني نه کاڌي، هن ڪڏهن ڪنهن ڌوٻيءَ کان مفت ۾ ڪپڙا نه ڌُئاريا، هُن ڪڏهن به ڪاپيءَ تي نه ڀاڙيو، پنهنجي محنت ۽ سچائيءَ سان پنهنجي منزل ماڻي هئائين. هُن هڪ مڪمل قومي ڪارڪن واري زندگي جيئڻ جا سمورا هُنر سکي ورتا هئا. سنڌ يونيورسٽيءَ جا اُستاد اڄ به سندس ڪردار کي ساراهن ٿا. سميع الله جڏهن تعليم مڪمل ڪئي، ته سندس قابليت تي بنا ڪنهن سفارش جي 1987ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي ورڪشاپ ۾ ٽيڪنيشن طور نوڪري ملي.
سميع الله سياست جي شروعات 1980ع کان ’چڻنگ سنگت‘ ۽ ’لطيف سنگت‘ کان ڪئي. ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي خلاف احتجاج دوران کيس گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪورٽ مارشل سان گڏ، کيس خاندان سميت ضلعي بدر پڻ ڪيو ويو. هيءُ بنيادي طور تي جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ضلعي عهدن تي ڀرپور نموني سان پنهنجون ذميواريون نڀايائين. اهڙيءَ طرح هيءُ سنڌي پورهيت سنگت ڄامشورو ۽ ميهڙ ۾، مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. سائين جي. ايم سيد جي وفات کانپوءِ جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جيئي سنڌ انقلابي پارٽيءَ جو اختتام ٿيو ۽ ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جو بنياد پيو ته هيءُ پهريان، دادو ضلعي جو آرگنائيزر، پوءِ سيڪريٽري ۽ جسقم ضلعي دادوءَ جو صدر رهيو. ان بعد 25 نومبر 2000ع تي شفيع محمد بُرفت، اصغر شاهه، مظفر ڀُٽي ۽ سميع الله گڏجي، جيئي سنڌ متحده محاذ جو بنياد وڌو. شفيع محمد برفت کي چيئرمئن ۽ سميع الله کي جسمم جو سينيئر وائيس چيئرمئن چونڊيو ويو. سميع الله ڪلهوڙي جيئي سنڌ ۾ مختلف عهدن تي رهندي تمام گهڻو ڪم ڪيو. هي ڪميٽيد ورڪر هوندو هو، ۽ نوڪريءَ کان فارغ وقت تنظيم کي ڏيندو هو، هي نه صرف سياسي حوالي سان ڪميٽيڊ رهيو، بلڪ زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ نيڪ نيت ۽ عمل پيرا هوندو هو.
سميع الله سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڪيترائي ڀرپور مضمون لکيا. سندس مطالعو توڙي مشاهدو وسيع هوندو هو، سندس مضمون تحقيقي هوندا هُئا. هن سنڌ جي تاريخ تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا. جن ۾ هن سنڌ جي مختصر تاريخ به لکي، جنهن ۾ هنن موضوعن تي هن ڀرپور روشني وڌي. ”هن سرزمين سنڌ تي سنڌ نالو ڪيئن پيو. ’سرزمين سنڌ جو ڌرتيءَ تي جنم،‘ سنڌ جي طبعي جاگرافي ۽ قديم سنڌ جا اصل رهاڪو‘ دراوڙ ڪير هئا‘ دراوڙن جي برپا ڪيل تهذيب ۽ تمدن جو مختصر احوال‘ آريا ڪير هئا‘ آرين جو مذهب‘ سنڌ ملڪ ۾ آرين جي آمد‘ دراوڙن جون آرين سان چڪريون‘ دراوڙن جي ٻولي، ڪلچر ۽ مذهب جو آرين تي اثر‘ وغيره. آئون سمجهان ٿو، جنهن سچائيءَ ۽ مضبوط دليلن سان سميع الله سنڌ جي تاريخ تي روشني وڌي آهي، اهڙي وڏن ناليوارن محققن به نه وڌي هوندي. اهڙيءَ طرح سميع الله سائين جي.ايم سيد تي به ’رهبر‘ جي عنوان سان تفصيلي مضمون لکيائين. ’سنڌ، تصوف ۽ سيد‘ جي عنوان سان سيد جي صوفي اُزم واري نڪتي جي پرچار ڪيائين. ان کان علاوه سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آهن.
سميع الله ڪيترن ئي ڌرڻن، مظاهرن، جلسن، جلوسن جي اڳواڻي ڪئي، ۽ سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي مسئلي تي سڀني کان اڳڀرو ٿي جدوجهد ڪندو رهيو. هو هڪ ئي وقت قومي ڪارڪن سان گڏ، بهترين محقق، نقاد، مقرر ۽ سياسي تجزئي نگار به هو. سميع الله ڪلهوڙي 25 نومبر 1995ع تي شهدادڪوٽ مان شادي ڪئي، مٿس فِڪري طور سائين جي. ايم سيد کانپوءِ عبدالواحد آريسر جي شخصيت جو گهرو اثر هو. جڏهن سندس شادي پئي ٿي ته هن جو اصرار هو ته سندس نڪاح عبدالواحد آريسر پڙهائي. ان بعد جڏهن کيس پهريون پٽ ڄائو ته هن ان جو نالو به عبدالواحد رکيو. آريسر به کيس تمام گهڻو ڀائيندو هو، آريسر صاحب سميع الله جي شهادت تي لکيل مضمون ۾ کيس آزاديءَ جو منگل پانڊي ڪوٺيو آهي. (منگل پانڊي هندستان جي جنگِ آزاديءَ جي 1857ع واري تحريڪ جو اُهو سپاهي هو، جنهن انگريز فوجين تي پهرين گولي هلائي هُئي) پر پوءِ جلد ئي هن ۾ وڏي تبديلي آئي، جو هي عدم تشدد واري راهه کان پاسيرو ٿي ويو ۽ جيئي سنڌ متحده محاذ ۾ ڀرپور عملي جدوجهد ڪرڻ لڳو.
سميع الله ڪلهوڙي کي 30 نومبر 2004ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ورڪشاپ شعبي مان، ڊيوٽيءَ دوران ڊي. پي. او جانچ حيدرآباد فريد جان سرهندي، ٽي. پي. او ذوالفقار آرائين، سڪندر ڀٽي، نياز پنهور ۽ ٻين اهلڪارن گرفتار ڪيو ۽ کيس اڍائي مهينن تائين حساس ادارن جي مختلف هنڌن تي پُڇاڳاڇا هيٺ رکڻ سان گڏ، پوليس کيس هٽڙي، ٽنڊو محمدخان، ٽنڊوڄام، ٽنڊوالهيار، مٽياري، هالا ۽ شاه ڪريم جي ٿاڻن تي بنا ڪنهن ڪيس ۽ ڏوهه جي حراست هيٺ رکيو، مٿس سخت تشدد ۽ ٽارچر ڪيو ويو، سندس جسم ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ڪيا ويا، چڏا چير سان گڏ سياري جي سرد رات جو موبائل جي ڇت تي ٻڌي گاڏيءَ کي تيز ڊوڙايو ويندو هو، جنهن سان سندس نڪ ۽ وات ذريعي هوا اندر داخل ٿيندي هئي، جنهنڪري سندس ڦڦڙن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. سميع الله تي تشدد جو اهڙو ڪو به عمل نه هو، جيڪو استعمال نه ڪيو ويو هجي، هر طرح جي تشدد کان پوءِ به جڏهن سميع الله کي سنڌ جي عشق تان دستبردار نه ڪري سگهيا ته هن جي سامهون پئسن جون بيڳون ڀري رکيائون، جيڪي لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ تائين هئا. کيس هر طرح جون لالچون ڏنيون ويون ته هو شفيع برفت ۽ اصغر شاهه کي ٻڌرائي ڏئي، پر سميع الله جيڪو ڌرتيءَ جي عشق ۾ مدهوش هو، سو ڪيئن ٿو ڪنهن مڻيي تي موهجي سگهي. تڏهن مايوس ٿي، رياست جي دلالن کيس انڪائونٽر ڪرڻ جي رِٿ رِٿي، تڏهن سميع الله پنهنجي معصوم ساٿي فياض جانوريءَ جي مايوسيءَ واري ڪيفيت ڏسي، اُتان ڀڄڻ جي ترڪيب سوچي، جيتوڻيڪ سندس سڄو جسم زخمن سان چُور هو، پر پوءِ به هن همت ڪري، اهڙيءَ ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ 13 فيبروري 2005ع تي فياض جانوريءَ سميت وجهه وٺي، هالا ٿاڻي جي ڪوارٽر مان فرار ٿيو، پر سخت تشدد ڪري هو سخت بيمار ٿي پيو هو ۽ ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ زير علاج هو، جتي 5 مارچ 2005ع تي هو شهيد ٿي ويو. کيس 6 مارچ 2005ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سامهون ڄام شوري ۾ ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيد مِٺو بليديءَ جي ڀرسان قومي جهنڊي جو ڪفن ڏئي، آزاد سنڌو ديش جي قومي تراني جي وِرد سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سميع الله! آزاد ٿيڻ کان پوءِ ساڃاهه کي ڏنل آخري انٽرويو ۾ چيو ته جڏهن هُو مون تي تشدد ڪندا هئا ته سنڌ محبوبه وانگر منهنجي سامهون اچي ويندي هئي ته منهنجي چپن تي مُرڪ تري ايندي هئي، جنهن تي هو تيش ۾ اچي چوندا هئا، هي ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي، جو هيتري تشدد جي باوجود مُسڪرائي رهيو آهي. هي ٽُٽي ڇو نٿو؟ سميع الله جنهن سنڌ سان عشق ڪيو هو، اُن جو ٽُٽڻ ته واقعي ڏکيو هو، پر هنن ڀاڙيءَ جي دلالن کي ڪهڙي خبر ته ڌرتيءَ جو عشق ڇا ٿيندو آهي. اُن انٽرويو ۾ سميع الله اهو به چيو ته جڏهن منهنجي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي ته هو مون کي ٽنڊي الهيار ۾ ڊاڪٽر ڀوري وٽ وٺي ويا، جڏهن ڊاڪٽر منهنجي حالت ڏٺي ته چيائين، هي ڪير آهي؟ هن کي هن مرڻينگ حالت ۾ وٺي آيا آهيو؟ جنهن تي هُنن جواب ڏنو ته هي خطرناڪ قسم جو دهشتگرد آهي. اُن وقت مون وراڻيو ته ڊاڪٽر صاحب آئون ڏوهاري ناهيان، جيئي سنڌ جو ڪارڪن آهيان ۽ جيئي سنڌ متحده محاذ جو سينيئر وائيس چيئرمئن آهيان. اهو ٻُڌي ڊاڪٽر هُنن کي ڇنڊ پٽندي چيو ته هن کي اوهان ماري ڇڏيو آهي. هن کي علاج جي سخت ضرورت آهي. اُن وقت ڊاڪٽر جي اکين مان لُڙڪ وهي آيا هُئا. اُن بعد هُنن فوري طور مون کي اُتان کنيو ۽ موٽ تي مون کي گاريون ڏيندي چيائون ته تو ڊاڪٽر کي اهو ڇو ٻڌايو ته آئون جيئي سنڌ جو ڪارڪن آهيان. سميع الله جي مٿئين بيان مان واضح ٿئي ٿو ته هُو جيئي سنڌ جي نالي کان ڪيترو خوفزده آهن.
سميع الله ڪلهوڙي پنهنجي ونيءَ کي پوليس تحويل ۾ هئڻ دوران سگريٽن جي پاڪيٽ واري پني تي خط لکيو هو، جنهن ۾ هن لکيو ته پوليس ۽ ايجنسين جي تشدد سبب مان هاڻي جسماني طور ختم ٿي ويو آهيان ۽ بچي نه سگهندس، مون کان شفيع برفت ۽ اصغر شاهه جي پڇاڳاڇا ڪئي وڃي ٿي، ڌماڪن بابت پڇيو وڃي ٿو. اسان ته عدم تشدد جا حامي آهيون. لڳي ٿو ته مون کي تشدد يا مقابلي ۾ ماريو ويندو. تون حوصلو نه هارجانءِ، سنڌ جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ منهنجو سر وڃي ٿو ته اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو تحفو گُهرجي. توهان ۽ اسان جي خاندان لاءِ منهنجي قرباني مثالي ۽ ڳاٽ اوچو رکڻ واري ثابت ٿيندي. هالار، زويا ۽ مايين جو خيال رکجانءِ.
سميع الله جي خاندان کي واقعي مٿس فخر آهي، هُو نه صرف بهادر هو، پر هُو سنڌ جي عشق ۾ پچي راس ٿيل هو، هُو هڪ نظرياتي ڪارڪن هو، جڏهن هُن وٽ آءِ. ايس.آءِ جو نمائندو پنجاب جو قومپرست ٿي آيو هو بحث ڪرڻ، ته سميع الله جي عشق سامهون هن جو علم مات کائي ويو هو. سميع الله جهڙن ڪارڪنن تي نه رڳو اُن جي پونئيرن کي، پر پوري سنڌ کي فخر رهندو ۽ ايندڙ ڪيترائي نسل اُن تي فخر ڪندا ته اسان جا وڏا ڪيڏا نه مهذب هئا، جو ڌرتيءَ جي عشق ۾ جان جي بازي لڳائيندي ويرم ئي نه ڪيائون.
سندس شخصيت تي مختلف اديبن ۽ شاعرن جي لکيل ڪالمن جو مجموعو ’ڌرتيءَ جو شهيد‘ ناليواري شاعر ۽ صحافي آزاد انور ڪانڌڙي سهيڙي شايع ڪرايو آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ شاهڪار ڪتاب آهي.