شخصيتون ۽ خاڪا

قومي تحريڪ جا شهيد

ڪتاب ”قومي تحريڪ جا شهيد“ ليکڪ علي نواز آريسر جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي خاڪن ۽ سوانح تي مشتمل آهي.

تاج جويو لکي ٿو :
”اسان جي نوجوان ساٿي علي نواز آريسر هن ڪتاب ۾ جن ٽيهارو شهيدن جا پروفائيل، خاڪا ۽ ڪردار چِٽيا آهن، سي سنڌ جي صدين جي تاريخ ۽ ساڃاهه جي اُهڃاڻ، علمبردار ۽ ارڏي انسان: سائين جي. ايم سيد جا فِڪري پيروڪار رهيا آهن. هنن پُٺيءَ ۾ گهاون کائڻ بدران سيني تي وار سَٺا آهن. لال لهوءَ جي سرگم تي رقص ڪندڙ انهن شهيدن جا چهرا جڏهن اکين آڏو تري اچن ٿا ته هڪدم سِر جُهڪي سندن قدمن جي پيزار چُمڻ چاهي ٿو.“
Title Cover of book قومي تحريڪ جا شهيد

بهار آندا پُٽن جا لاشا : شهيد ڪمال راهمون

سنڌ جي خوبصورت خطي ٿر، ڪيترن ئي املهه ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم ۽ عمل وسيلي ڌرتيءَ جو نانءُ روشن ڪيو آهي. هن خطي نه رُڳو خوبصورت شاعريءَ کي جنم ڏنو آهي، پر هن خطي اهڙن ته روشن خيال ۽ باضمير ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن زندگيءَ جي هر وهنوار ۾ پنهنجي مٽيءَ کي مهانتا بخشي آهي. اهو ٿر جي مٽيءَ جو ڪمال آهي، جو شاهه لطيف کان ويندي شيخ اياز تائين، ڪيترن ئي شاعرن ڳايو آهي. ٿر؛ مورن جي ٽهوڪن کان ويندي، هٿ جي هُنر تائين خوبصورتيءَ جو مُجسمو آهي. اهڙي خوبصورت خطي مان هڪڙو ٻارڙو ڪمال نالي جنم وٺي ٿو، ننڍپڻ ۾ واريءَ جا گهرڙا ٺاهيندي، سندس خواب خيال ۾ به نه هو ته هُو اڳتي هلي، حُسن جي هندوري جهڙي شهر ڄامشوري مان پنهنجي عملي زندگي شروع ڪندو ۽ ٿوري عرصي ۾ کوڙ ساريون محبتون ماڻي، پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ تان قربان ٿي، هميشه لئه پنهنجي ماترڀوميءَ جي گود ۾ ابدي آرامي ٿيندو.
ڊاڪٽر ڪمال راهمي، 5 مئي 1962ع تي ڳوٺ پنات تعلقي ڇاڇري ۾ مولوي عبدالواحد راهمي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپيل هو. سندس والد استاد هُئڻ ناتي، هن جي تعليم توڙي تربيت ۾ وسان ڪون گهٽايو. هن ابتدائي سنڌي تعليم پنهنجي والد وٽ حاصل ڪئي. ثانوي تعليم مڊل اسڪول صالح ڀنڀري، تعلقي ساماري ۾ پڙهيو. مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميرپورخاص، ۽ انٽر شاهه لطيف ڊگري ڪاليج ميرپورخاص مان پاس ڪيائين. بعد ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. هيءَ جڏهن آزاد فضائن جي شهر ڄامشوري پهتو هو ته؛ هن کي ٿر جي حالتن تي ڏاڍو رحم آيو هو ۽ اُتان جي معصوم نوجوانن جي پڙهائيءَ جو کيس تمام گهڻو احساس جاڳيو، ڇو ته ٿر اُن وقت سنڌ جي پوئتي پيل خطي طور شمار ٿيندو هو ۽ اُن وقت ٿر ۾ نه اسڪول جي سهوليت هوندي هُئي، ۽ نه ئي پڙهائيءَ لاءِ ڪي خاص لئبريريون قائم ٿيل هونديون هُيون. البته اُن دور ۾ جيڪي به اُستاد هوندا هُئا، سي پنهنجي پيشي سان اولاد وانگر پيار ڪندا هئا ۽ نيڪ نيتيءَ سان تعليم ڏيندا هُئا. ڪمال راهمون ٿر جي اهڙي ماحول مان تعليم پرائي، اڳتي نڪتو هو ۽ ٿر جو هيءُ واحد نوجوان هو، جيڪو يونيورسٽيءَ تائين پهتو هو. هيءُ ننڍپڻ کان مُتحرڪ ذهن رکندڙ نوجوان هو، هن کي ٿر جي غربت ماريل ماڻهن جو وڏو اونو هوندو هو ۽ هن جي ذهن ۾ هر پل اهو خيال هوندو هو ته مون وانگر ٻيا نوجوان ڇو نٿا پڙهي سگهن! اهڙي سوچ رکندي هن غريب شاگردن جي بهتر تعليم لاءِ ڪوششون ورتيون، ۽ سماج سڌار سوسائٽيءَ جو قيام عمل ۾ آڻي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙڻ لڳو. ٿر مان وڏيرڪي سياست جي خاتمي لاءِ، ماڻهن ۾ شعوري جاڳرتا پيدا ڪري، هيٺئين درجي جا اميدوار موروثي سياستدانن جي مقابلي ۾ بيهاريائين. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. ٽوڙيءَ ڦاٽڪ واري سانحي، کيس قومي قافلي ۾ آڻي بيهاريو، ۽ ٽوڙيءَ ڦاٽڪ سانحي بعد کيس گرفتار ڪيو ويو. هيءُ آزاديءَ ۾ پُختو ويساهه رکندڙ نوجوان هو، ۽ هر معاملي ۾ مُتحرڪ سياست ڪندو رهيو. هيءُ نظرياتي ڪارڪن هوندو هو ۽ جيئي سنڌ جو ڪُل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪندو هو. ڪمال سياست سان گڏ پنهنجي پڙهائيءَ کي به پورو ٽائم ڏيندو هو. هن يونيورسٽيءَ جو ماحول پُرامن رکڻ لاءِ ڪيترائي احتجاج ڪرايا.1982ع کان يونيورسٽين جو ماحول خراب ڪندڙ تنظيمن سان به ڳالهيون ڪري، کين سنڌ دوستيءَ جو سڏ ڏنائين. ڪمال 16 مارچ 1986ع تي شاگرد ساٿين سان گڏ يونيورسٽيءَ جي ماحول جي بهتريءَ لاءِ پرچار ڪري رهيو هو ته ڊاڪٽر قادر مگسيءَ تي پنجابي اسٽوڊنٽس جي شاگردن حملو ڪيو، ڊاڪٽر قادر مگسيءَ کي بچائيندي، ڪمال راهمي شهادت ماڻي. سندس مڙهه ڳوٺ آڻي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي قومي ۽ مذاحمتي شاعر حليم باغي ڀرپور نظم لکي ڀيٽا ڏني آهي.
اسان جي نگري سندين ڇتين تي لُٽيل صبح جا اُداس پاڇا،
گُلن جي موسم ڪليون نه آنديون بهار آندا پُٽن جا لاشا.