سُور جي سائنس ۽ شاهه جي شاعري: ڊاڪٽر اسد جمال پلي
[/b] عام طرح سور، تڪليف، مصيبت يا بيماريءَ کي چئجي ٿو، پر درحقيقت ’سور‘ جسم ۾ موجود تڪليف جو اطلاع ڏئي ٿو ۽ وقت سِر اُن جي تدراڪ جو تاڪيد ٿو ڪري. ڪئنسر (Neo-plasma) جا ڳُوڙها (Tumors) يا ڦَٽَ (Wounds) ان ڪري ئي خطرناڪ آهن، جو اهي شروع ۾ سور نه ڪندا آهن ۽ نظرانداز ڪبا رهبا آهن ۽ تمام دير سان ڏُکندا آهن. جسم اندر وڌندا، ويجهندا ۽ پاڙون پکيڙيندا ويندا آهن، ايستائين جو پوءِ انهن جي وجود کي جسم مان دفع (Eradicate) ڪرڻ ناممڪن ٿيو پوي.
شير نگٽن (Sherrington) لکي ٿو ته:
“The Pain is physical adjunct of an imperative protective reflex”.
يعني، ”سُور، اضافي طبعي، تحفظ وارو عمل آهي، جيڪو انساني خواهش جي وس ۾ نه آهي“. مطلب ته اگر انسان چاهي ته سور ٿئي ۽ چاهي ته نه ٿئي، ايئن نه آهي. البته سُور سعادت آهي، جو انسان کي پنهنجي معالج وٽ وقت سر پهچائي ٿو. شاهه صاحب فرمايو ته:
سَوَ سُکن ڏيئي، ورهُه وهايم هيڪڙو،
مون کي تنهن نيئي، پَير ڏيکاريو پرينءَ جو.
ڪوسٽئنزو لکيو آهي ته:
“Pain is associated with detection and perception on noxious stimuli”.
يعني: ”سور ڪنهن اندرين تڪليف يا تحرڪ کي ڳولڻ ۽ محسوس ڪرڻ سان منسلڪ آهي“.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته، سور خود محسوس ڪرڻ ۽ جستجو ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي، يا آسان لفظن ۾ ايئن چئجي ته، سور منزل طرف رهبري ٿو ڪري. جيئن شاهه صاحب چيو آهي:
نيئر منهنجو نينهن، اُجاري اڇو ڪيو.
**
سُورن سونهائِي، هُئي اَسونهين سسئي.
**
اگهي اگهائي، رنَج پريان کي رسئو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سوريءَ تان!
ڊورلينڊ (Dorland) جي لغت ۾ لکيل آهي ته:
“It serves as protective mechanism in so far as it induces the suffer or to remove or withdraw from source”.
”سور، دفاعي عمل طور ڪم ڪري ٿو ۽ متاثر کي مجبور ٿو ڪري ته سور پيدا ڪندڙ ذريعي کي پاڻ کان پري ڪري يا پاڻ ان کان پري ٿئي.“
هن سهڻيءَ وصف مطابق اگر اسان شاهه لطيف جي سُر سسئيءَ جي حوالي سان سُور ڏيندڙ ذريعو ”ڏير ۽ ڏاگها“ چئون ته ڳالهه ڪيترو بهتر بيهندي :
ڏاگهن ڏيرن ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک،
سي سڀ ڀانيم سک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي.
مٿي ڄاڻايل ساڳيءَ لغت ۾Pain جي معنيٰ هن طرح ڏنل آهي:
“To, apply a liquid to a specific area as remedial or protective measure”.
يعني ”هڪ خاص جاءِ تي ڪنهن پاڻياٺي مواد جو دفاعي تدبير طور استعمال ڪرڻ.“
تن سورن کي شاباس جنين مون سين گهاريو! (شاهه)
[b]سور جي نظام جي بيهڪ:
[/b]سور جو نظام جسم ۾ ائين آهي، جيئن ڪنهن گهر ۾ بجليءَ جي تارن جو نظام، جيڪي آخر ۾ سڀ هڪ مئن سئچ (Main Switch) ۾ وڃن ٿيون؛ جتان هڪ ٿُلهي تار ذريعي جنريٽر يا گرڊ اسٽيشن تائين پهچن ٿيون. جهڙيءَ طرح هنن بجليءَ جي تارن ۾ هڪ بلب کان وٺي گرڊ اسٽيشن تائين اچڻ ۽ وڃڻ جا ٻه رستا مقرر آهن، بلڪل اهڙيءَ طرح جسم ۾ به ٻه رستا مقرر آهن: هڪ رستي سان جسم مان سُور جو احساس کڻي تارون (Afferents) دماغ تائين پهچن ٿيون ۽ ٻئي رستي سان تارون دماغ مان دفاعي حڪم کڻي (Afferents) دماغ تائين پهچن ٿيون.
هتي اسين گرڊ اسٽيشن کي ”دماغ“ (Brain) ٿا چئون ۽ مئن سئچ کي ڪرنگهي اندر موجود ”مغزي ڏوري“ (Spinal Cord) ٿا چئون ۽ ”تارن“ کي ”احساس جون تندون“ (Nerves) ٿا چئون، جيڪي پيغام پهچائيندڙ (Afferents) ۽ دماغ کان پيغام کڻي ايندڙ (Aafferents) قسمن جون آهن. هي سڄي نظام کي تندن جو نظام (Nervous System) ۽ هن سرشتي جي مطالعي کي نيورولاجي (Neurology) چئجي ٿو، جيڪا هن صديءَ جي وڏي سائنس (Neuro science) طور سامهون آئي آهي: جنهن جون ڪيتريون ئي شاخون آهن، مثال طور:
i) Neuro_Anatomy
ii) Neuro_Physiology
iii) Neuro_Bio_Chemistry
iv) Neurology
v) Neuro_medicine
vi) Neuro_Surgery
ان کان علاوه علم نفسيات جي مختلف شاخن جو مطالعو به هن علم تي مدار رکي ٿو. سائنسدانن هن صديءَ کي “Neuro Science” جي صدي قرار ڏنو آهي ۽ هن صديءَ ۾ سائنس جون تمام گهڻيون تحقيقون، هن شعبي ۾ ٿينديون. مطلب ته هن صديءَ ۾ “Nervous System” جون تندون خوب وڄنديون.
تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن.
(شاهه)
”نروس سسٽم“ يا تندن جي نظام کي خاص طرح ”احساس“ (Sensation) ۽ ”تحريڪ“ (Motor) جي حصن ۾ ورهائبو آهي. احساس کي وري (1) عام احساس (General Sensation) ۽ (2) خاص احساس (Special Sensation) ۾ تقسيم ڪبو آهي. عام احساس جي نظام ۾ ٻيا به احساس آهن، پر هتي اسين ”سور“ (Pain) جي ڳالهه ڪنداسين. جيڪو وري ٻن طريقن جو آهي.
(الف) تَنَ جو سور (Peripheral Pain):
مون ”تن“ اندر تيئن وهين، جئن وڻ وڍي واڍو. (شاهه)
(ب) مَنَ جو سور (Central Pain)
ٿيڙا پاڻ قرار، مون ”مون“ گڏي گوندرين!
اسان هيٺ حواسِ خمسه (پنجن حواسن) جو مطالعو ڪريون ٿا، جن ۾ (1) ذائقو (Taste)، (2) سنگهڻ يا سونگهڻ (Smell)، (3) ڇهڻ (Cutaneous Sensation)، (4) ٻڌڻ (Audition) ۽ (5) ڏسڻ (Vision) شامل آهن. انهن مان هتي اسين پنهنجي موضوع مطابق، ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ، کي وڌيڪ بحث هيٺ آڻينداسين.
”تَنَ جو سور“ کي حضرت ڀٽ ڏڻيءَ ”سُر يمن ڪلياڻ“ ۾ تفصيلي طور واضح ڪيو آهي ۽ اهي نظريا ۽ وصفون بيان ڪيون آهن، جيڪي اڄ جي سائنسي وصفن سان ٺهڪي اچن ٿيون:
ويڄن سين وائي پيا، ڪري نه ڪيائون.
پر جيئن جيئن اسين رسالي جو مطالعو ڪيون ٿا ته، ”تَنَ جي سُورَ“ تي ”من جو سور“ غالب پوندو نظر اچي ٿو. جيئن:
پير پٽائين ڪونئرا، ڏونگر مٿي ڏي،
پاڻ نه پسي ڦٽيو، ڪڙهي ڪيچين کي.
هن مضمون ۾ اسين ”من جو سور“ تي خاص طرح بحث ڪنداسين، جنهن ”سور“ لاءِ ”ٻوليءَ جي بادشاهه“ پنهنجي رسالي ۾ ايترا ته نالا ڏنا آهن، جو ڪي ئي ”ڏهس“ ۽ ”ويهس“ ٺاهي سگهجن ٿا: جيئن: ’اگهائي، ڦوڙائو، فراق، گوندر، غم، سور، ڪوسو واءُ، جاڙ، ڏکندو، ڏک، ورهه، رنج‘ وغيره.
[b]سور جو مرڪز ۽ عمل:
[/b] سور جي سمجهه صرف دماغ جي اعليٰ حصي (Cortex) ۾ آهي، باقي جيڪي به رستا آهن يعني تندون (Nerves) ۽ مرڪز (Nuclei)، اهي هٿن پيرن جي آڱرين کان وٺي دماغ جي اندرين حصن تائين صرف ”سُورَ جي احساس“ کي کڻي وڃڻ لاءِ سواري (Transport) جو ڪم ڏين ٿا. دماغ ۾ ئي سور جي نوعيت کي سمجهيو (Interpretation) ۽ ان جي تدارڪ جو سوچيو ۽ حڪم (Motor Activity) ڪيو وڃي ٿو. سور جي نوعيت جي حساب سان يا ته اهو حل خوشبختي يا بدبختي هجي ٿو. هاڻي اهو تدارڪ اگر ”ٿر ٿيلهڻ“ آهي ته ”ڪرم جو ڪاڍو“ ئي چئبو، جيڪو ”پٽن جو پنڌ“ ٿو ڪرائي.
ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٽن ڪير پنڌ ڪري!
هتي هڪ ڳالهه قابلِ غور آهي ته دماغ، جتي سور جي سمجهه به آهي ۽ ان جو تدارڪ به آهي، اتي خود دماغ، سُورَ جي احساس کان بلڪل خالي آهي.
“The brain itself is insensitive to Pain.” (Dorland)
ان لفظ “Insensitive” جو لفظي ترجمو ته ”بي_حس“ ٿيندو، پر هتي مفهوم بيهندو ”معتبر“. دماغ، سُورَ جي حوالي سان ”وڏيرو“ آهي، جيڪو سُورَ جو نياءُ ڪري، سندس فرياد ٻُڌي. داد ڪري، کيس گس سونهائي ٿو: لطيف سائين فرمايو ته:
سسئي لنگهيو سو، مرد جنهن مات ڪيا،
جبل وڏو جو، نوڻ مڙوئي نينهن کي.
سائنسي مشاهدن ۽ تجربن اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته، دماغ جو اهو ننڍي ۾ ننڍو حصو، جيڪو هڪ دماغ جون مڪمل خاصيتون (Functional Units) رکي ٿو، ان کي نيوران (Neuron) چئبو آهي. نيوران جي وصف سنيل (Snell) هن طرح لکي آهي ته:
“Neurons are excitable cells that are specialized for reception of stimuli and conduction of nerve impulse.”
”نيوران اُهي تحريڪ جي صلاحيت رکندڙ جيو_ گهرڙا يا خُليه (Cells) آهن، جيڪي ڪنهن خاص محرڪ جي حرڪت کي محسوس ڪن ٿا ۽ اُن کي اڳتي (دماغ طرف) منتقل ڪن ٿا.“
هاڻي اهو ڏسون ته نيوران ڪيئن ٿا تحريڪ ۾ اچن يا وري جڏهن جسم تي ڪنهن ڌڪ، زخم يا ڪنهن ٻئي چهنڊڙيءَ (Stimuli) (جيڪا ڪنهن سٺي يا خراب آواز، خبر، سٺي يا خراب شڪل ڏسڻ يا ڪنهن خوش ذائقي يا خوشبودار ۽ بدبوءِ جي شڪل ۾ هجي) جو اثر پوي ٿو ته، نيوران ۾ ڪهڙي تبديلي اچي ٿي.
سائنس ثابت ڪيو آهي ته، هڪڙا خاص ڪيميائي مادا، پنهنجي مخصوص تبديلين ڪري نيوران جي تحرڪ جا ذميوار آهن. انهيءَ تحرڪ جي عمل کي “Action Potential” چيو ويو آهي، ته اهي مادا ”سوڊيم ۽ پوٽيشم“ (Sodium and Potassium) آهن، جيترو چُهنڊڙي (Stimuli) زوردار، اوترو اثر به گهڻيرو.
ڪلورين (CL) جو اخراج وري انهيءَ عمل کي روڪي ٿو، ۽ چهنڊڙيءَ (Stimuli) جي اثر کي زائل ڪري ٿو. يعني هڪڙا ڪيميائي مادا جڏهن ظاهر ٿين ٿا ته سُور ٿئي ٿو ۽ ٻيا وري جڏهن ظاهر ٿين ٿا ته سُور غائب ٿيو وڃي. جڏهن سور گهٽ ٿيڻ وارا ڪيميائي مادا ظهور پذير نه ٿا ٿين ته وري ”هٿ جون ٻڪيون“ ڏئي انهيءَ ڪيميائي عمل کي شروع ڪرايو وڃي ٿو، جنهن سان سور گهٽ ٿئي ٿو.
سور گهٽ يا ختم ڪرڻ جا ٻه خاص طريقا آهن: (1) جسم جي سُورَ واري حصي کي غافل ڪيو (Anesthesia) وڃي. (2) سور جي چهنڊڙيءَ (Stimuli) کي ختم ڪيو وڃي. هن طريقي لاءِ تهن، خاص ڪيميائي مادن کي سجاڳ ڪرڻ ضروري آهي. انهيءَ سجاڳيءَ جو هڪ ذريعو اهي خاص ترين (Recipients) آهن، جن ۾ ڪَنَ (Auditory) ۽ اکيون (Vision) خاص آهن.
جهڙيءَ طرح ڪنهن خاص خوشبوءَ واري کاڌي جي ذڪر سان اسان جي وات ۾ پاڻي (Salvia) اچي ويندو آهي، جنهن جي ذائقي جو اسان کي ماضيءَ ۾ تجربو رهيو آهي، اهڙيءَ طرح ڪن آوازن يا شين جي ذڪر سان، جيڪي به اسان جي ماضيءَ ۾ تجربي ۾ رهيون هجن. اسان جي جسم (دماغ) ۾ خاص ڪيميائي تبديليون اچن ٿيون ۽ هي ”لذت ۽ سرور“ جو سبب بنجن ٿيون، ۽ انهيءَ لذت ۽ سرور جي احساس دؤران ”سور“ ختم ٿو ٿي وڃي:
مون کي جياريوءِ، پريان جي ڳالهه ڪري،
ڊٺو اڄ اڏيوءِ، هينئڙو ڪوٽ بُرج جيئن.
هي ڪيميائي تبديليون مثبت (Secretion) ۽ منفي (Inhibitory) هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته،
“The chemical agents stimulate the nerve endings”. (Snell)
(ڪيميائي تبديليون، احساس جي تندن کي چورين ٿيون).
هيءُ سڄو بحث اها ڳالهه ثابت ٿو ڪري ته، سور صرف ڌڪ لڳڻ (Impact) سان نه، پر حواس خمسه (Special Senses) جي تحرڪ سان به ٿئي ٿو. هي حواس خودڪار تندن جي نظام (Autonomous Nerves) تحت ڪم ڪن ٿا، جيڪي ڪنهن به طرح اسان جي خواهش ۽ مرضيءَ مطابق نه آهن.
اکين کي آئون، جان ڪي جهلون پائيان.
هتي هڪ ڳالهه اڃا به خاص آهي ته، اهي احساس انساني جسم ۾ ڪڏهن داخل ٿين ٿا؟ سائنس (Embryology) مطابق جيئن ٻار سرجي (Fertilization) ٿو ته، هڪ خاص شڪل وجود ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ اها تبديلين جا انيڪ مرحلا طئي ڪري حياتيءَ جو مظهر وٺي ٿي. يعني:
سرجيس تان سور، سامائي تان سک ويا.
**
هو جي سُور سُڄن، مون پينگهي ۾ پرائيا!
هاڻي جيڪڏهن ”سرجڻ“ سان ”سور پرائڻ“ واري حقيقت کي سائنس ثابت ٿي ڪري ته، پوءِ هيٺيون حقيقتون به ليبارٽرين جي ڪيميائي تجربن ۽ خوردبين (Micro Scopes) کان پري نه آهن:
”مثاقان“ ميهار سين، لڌيون مون لائون.
يا
”الست بربڪم“، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ“ قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين!
[b]سور جو گس يا رستو:
[/b] جيڪڏهن پير تي ڪا شيءِ لڳندي ته اتان ”تند“ (Afferent Nerve) اهو احساس کڻي ”ڪرنگهي“ (Vertebral Column) اندر موجود ”مغزي ڏوري“ (Spinal Cord) تائين پهچائيندي. مغزي ڏوريءَ اندر جنهن جاءِ تان اهو احساس داخل ٿيندو آهي، ان کي ”مغزي ڏوريءَ جو پويون سڱ (Dorsal Horn) چئبو آهي.
“The dorsal horn has been called a gate, where pain impulses can be gated.”
(مغزي ڏوريءَ جو پويون سڱ، اهو دروازو آهي، جتان سور دماغ ڏانهن داخل ٿئي ٿو).
سور جا ٻه قسم آهن: (1) تيز رفتار سور (Fast pain)، (2) سُست رفتار سور (Slow pain) تيز رفتار سور، جن تندن مان داخل ٿئي ٿو. اهي ”پرديدار تندون“ (Militated) آهن. هنن تندن ۾ سور جي رفتار 12 کان 30 ميٽر في سيڪنڊ آهي. سست رفتار سور ”بي پردي تندن“، (Un Militated) مان اڌ کان ٻه ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿو.
نَوَ نيئر، ڏهه ڏانوڻيون پندرهن پبنڌ پياس،
جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي.
ان بعد سور دماغ جي هڪ خاص حصي ٿئلمس (Thalamus) ۾ داخل ٿئي ٿو. ٿئلمس سور کي سميٽي، سموهي، دماغ جي اعليٰ درجي (Cortex) ڏانهن اُماڻي ٿو. Cortex دراصل اها اوطاق آهي، جتي سُور جو ”شڪريو“ ادا ڪيو وڃي ٿو، جنهن بروقت آگاهي ڏني ۽ هاڻي انهيءَ اوطاق (Cortex) ۾ ئي اهو فيصلو ٿئي ٿو ته، هاڻي سور لاءِ ڪهڙو قدم (Motor Activity) کڻجي. هتي سور جو اصل ڪم مڪمل ٿئي ٿو ۽ سور کي شاباس ٿي ملي ته:
تن سورن کي شاباس، جنين مون سين گهارئو،
ٻيلي ٿئڙم ڇپرين هئا هماري پاس،
جڏهن پنهونءَ کي ملياس، ته ويچارا وري ويا.
هيءُ اهو گس يا رستو آهي، جيڪو ”تن جو سور“ (Peripheral Pain) وٺي ٿو، مگر جيڪو سور (Central Pain) اسان کي حواس خمسه، خصوصاَ ڪنن ۽ اکين ذريعي ملي ٿو، ان جي حد اڃا صحيح نموني سائنسي دنيا ۾ به مقرر ڪانهي، البته رستو طئه آهي. اسان ڏسون ٿا ته ڪنن جو گهاڙ (Anatomy) پڙهندي پڙهندي، اسين دماغ ۾ داخل ٿي وڃون ٿا، ۽ ڪٿي به حد يا دروازو مقرر ڪو نه ٿا ڪريون. ساڳي صورتحال اکين جي بناوت پڙهڻ وقت به آهي، اکيون (Vision) ۽ ڪن (Audition) دراصل ٻه وڏا برتن (Recipients) آهن، جيڪي ٻن مختلف طريقن (Senses) سان دماغ تائين پنهنجا مشاهدا پهچائين ٿا ۽ دماغ ۾ ئي انهن جو تجزيو ٿئي ٿو. ڪن (Ears) ”آواز جون لهرون“ گڏ ڪن ٿا. هيءَ صلاحيت نه صرف انسان ۽ جانور جي علحده آهي، پر انسان کان ٻئي انسان جي به علحده آهي؛ ان ڪري ظاهري ڪن ۽ دماغي ڪن ۾ فرق آهي:
هي ڪن گاڏهان وڪڻي، پيا ڪي ڪن ڳنهيج،
تنين سين سڻيج، سپريان جي ڳالهڙي.
بلڪل اهڙيءَ طرح دماغ جون اکيون يا اندر جي اک (Visual cortex) ئي اصل اک آهي. حضرت سلطان باهو فرمايو ته:
قرب حق نزديڪ من حبل الوريد،
تو جمالش را نه بيني بي بصر.
(يعني ته حق تعاليٰ جو قرب ”حبل الوريد“شه رڳ (Carotidal arteries)کان به ويجهو آهي، پر تنهنجي اندر جي اک بند آهي، ان ڪري نه ٿو ڏسي سگهين.)
اندر جي اک دماغ اندر ڏسڻ، ڏٺل شيءِ کي سڃاڻڻ، سمجهڻ ۽ پروڙڻ جو مرڪز آهي. هيءُ مرڪز ڪياڙيءَ واري دماغ جي حصي ۾ هوندو آهي. عام طرح ٻهراڙيءَ ۾ ڏاها چوندا آهن ته، نانگ کي مارڻ لاءِ پهريون ڌڪ ڪياڙيءَ ۾ هڻو ته انڌو ٿي پوي، ۽ پوءِ وڌيڪ وڙهي نه سگهندو ۽ مارڻ آسان ٿي پوندو.”اندر جي اک“ سان ڏسڻ جي صلاحيت اگر انسان ۾ اجاگر ٿي وڃي ته، پوءِ ”وڻڪار“ وڃڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي:
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
اک جي ذريعي جيڪو سُور پهچي ٿو، اهو به ”معتبر“ آهي ته، جيڪو ”سرور“ پهچي ٿو، اهو به ”معتبر“ آهي ۽ ان جو ثاني ٻيو ڪو ”سرور“ ڪونهي. لطيف فرمايو ته:
آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾،
پسي پهر پنهونءَ جي، ننهن سين نيڻ ٺريام،
گوندر وسريام، سکن شاخون ڪڍيون.
شيون ڏسڻ هر اک جو ڪم آهي، پر اُنهن جو ”معيار“ سمجهڻ لاءِ هر ڪنهن اک جي پنهنجي صلاحيت آهي. دراصل اها صلاحيت اندر جي اک ۾ هوندي آهي، انهيءَ ڪري ئي چيو ويو ته، اصل حُسن ڏسڻ واري جي اک ۾ آهي، نه ڪ نظر ايندڙ شيءَ ۾.
جيڏيون ڏٺان جي، صورت ساهڙ ڄام جي!
**
جيڏيون ڏٺان جي، مون جيئن هوت اکين سين!
**
امڙ جي ڏٺوءَ، مون جيئن هوت اکين سين،
ڀيري هوند ڀڳوءِ، چرخو چيهاڙيون ڪري.
سنيل (Snell) لکيو آهي ته:
“Emotional component of pain is due to activation of the cingulated gyros cortex, and the cingulated gyratory has been reported to lesion the distress associated with chronic pain”
”سور“ جي احساس جو تجزياتي (جذباتي) پهلو دماغ جي خاص حصي (Cingulated gyros cortex) جي جاڳائڻ سان منسلڪ آهي ۽ انهيءَ حصي جو آپريشن (Gyratory) سور جي تڪليف ۽ شدت کي گهٽ (غائب) ڪريو ڇڏي“.
آپريشن (Stimuli) يا خيال اچڻ سان به ٿئي ٿي، جيڪا ماڻهوءَ کي ٻين سڀني تڪليفن کان غافل ڪريو ڇڏي.
ارٽ سوريندي اوچتو، پرينءَ پورُ پيوس،
پهو پٽ ڪريوس، هُو هٿ هتي ئي رهيو.
”تن جو سور“ ڪنهن شيءِ جي لڳڻ (Impact) سان ٿئي ٿو، جيڪو جسم اندر پکڙيل ”احساس جون تندون“ (Peripheral Nerves) دماغ ڏانهن پهچائن ٿيون. ”من جو سور“ وري خاص حواسن (Special senses) ۽ خاص طرح اکين (Vision) ۽ ڪنن (Audition) ذريعي ٿئي ٿو، انهيءَ سڄي عمل کي ”خود اراديت واري احساس جي تندن“ (Autonomic Nervous System) ذريعي ڪيو وڃي ٿو.
انسان جيڪو آواز ٻڌڻ چاهي ۽ نه ٻُڌي سگهي، ۽ نه ٻُڌڻ چاهي، پر مجبوراَ ٻُڌڻو پوي ته، اهو هڪ ”سُور“ آهي. اهڙي طرح جيڪا شيءِ ڏسڻ چاهي ۽ نه ڏسي سگهي ۽ ڪي شيون وري کيس زوريءَ ڏيکاريون وڃن ته، اهو به وڏو سُور آهي. اهو ”سُور“ مومل، مارئي، سهڻي، ليلان، خواه رپ کي مليو. رپ کي ته اهو به چيو ويو ته، اگر ”بروو شهزادو“ توکي مليو ته، ٻنهي کي ڪلياڻ بادشاهه ڪُهي ڇڏيندو، پوءِ به هن پنهنجي سور جو علاج انهيءَ ڪسڻ واري فيصلي کي قبول ڪيو. سسئي ته چئي چڪي ته:
سرتيون مون سُور، پسڻا پرائيو!
هيءَ ڪيفيت ڪڏهن ڪڏهن ايترو ته غالب پئجي ويندي آهي، جو وهم ۽ گمان يقين ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ نظر ايندڙ هر تصوير ۾ ساڳي شڪل هوندي آهي.
اچي عزرائيل، سُتي جاڳائي سسئي،
ٿي ڊوڙائي دليل ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.
هاڻي هن ”جاڳايل سور“ (Activation) کي خاموش ڪيئن ڪجي. ان جا هي خاص طريقا آهن:
1) عام دوائن/گورين ذريعي.
ان کي وقتي طور خاموش ڪري سگهجي ٿو، پر جيئن ئي انهن جو اثر ختم ٿيندو ته آواز ايندو:
وهان ڪيئن ماٺ ڪري، هيڏو سور سهي،
**
پنهونءَ سين پياءِ، ٿي نڀاڳي ننڊون ڪرين!
2) غفلت: دماغ جي ان حصي کي مڪمل غافل (Anesthesia) ڪري ڇڏجي يا غائب (Operation) ڪري ڇڏجي. وقتي غفلت به دائمي حل ڪونهي ۽ اگر آپريشن ڪري ڇڏبو ته پوءِ، ائين ٿيندو ته:
تن سُڪن ڪهڙي سار، وٺا مينهن ملير تي.
3) ٽيون ۽ آخري حل اهو آهي ته، جيڪا اکين جي طلب آهي، اُها پوري ڪجي؛ يعني جيڪو Stimuli اکين مان آيو، ان جو ضد سامهون آڻجي. يعني اگر پنهونءَ جي وڃڻ سان سور ٿيو آهي ته، پنهونءَ کي واپس ورائجي ته سور لهي وڃي.
پسندي پنهونءَ کي، اکين ڪيو آرام!
اگر ”حاصلِ جستجو“ نه مليو، ته به وڃبو، انهيءَ گس سان، جتان ملڻو آهي، پوءِ ڀلي پاڻ ختم ڇونه ٿي وڃجي.
وَهه وڃايو پاڻ، هڻي ڪنڌ ڪپن سين.
انهيءَ جستجو ۾ هلڪي ڦلڪي ڏک کي ته ليکبو به ڪو نه:
آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رَتيون ٿيين.
سُور جيئن پراڻو ٿو ٿئي، تيئن شديد ٿو ٿئي، سنيل (Snell) لکيو آهي ته:
“After anything more than a minor injury, the post injury pain persists while the injury heals. Characteristically stimuli in the injured area that would normally cause only minor pain produce hyper, Analgesia.
”يعني زخم اُڀرڻ کان پوءِ به سور جو احساس رهي ٿو ۽ زخم واري جاءِ تي اگر اهڙي چهنڊڙي (Stimuli) ڏبي، جيڪا عام طرح ٿورو سور ڪرائي ٿي، زخم واري جاءِ تي تمام گهڻو سور ڪرائيندي.“
سامونڊيڪو سُور، مون ماريندو ڪڏهين.
اڄڪلهه سائنس جي هر شعبي ۾ مهارت/اسپيشلائيزيشن (Specialization) جو دؤر آهي. اهڙيءَ طرح سور جي علاج لاءِ ماهر (Specialist) کپن. هڪڙا سور دوائن سان ته ٻيا سور آپريشن سان لهندا. جيڪو سور آپريشن سان لهڻو آهي، ان کي ”ڊڀڙا“ ڇا ڪندا. جيڪو سور ”صحبت“ سان لهڻو آهي، ان کي ”آپريشن“ ڪٿي ڪجي. هن نظريي جي اپٽار ڀٽ ڌڻيءَ پوڻا ٽي سو سال اڳي ”سُر يمن ڪلياڻ“ ۾ ”طبيب“ ۽ ”حبيب“ جي نالن سان ڪري ڇڏي آهي:
جتي حبيب هڻن، نائڪ ڀري نينهن جي،
تتي طبيبن، وڄا وڃي وسري.
**
اُٿياري اٿي ويا، منجهان مون آزار،
حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار،
طبيبن تنوار، هڏ نه وڻي هاڻ مون!
**
جان ڪي ڪري طبيب، دارون هن درد جو،
هڻيو سي حبيب، اکوڙيو اڌ ڪري.
**
تن طبيب نه تون، سڌ نه لهين سور جي!
نيورولاجي (Neurology) جي علم ۾ اسين ”اُڌاري سور“ يا ”پرديسي سور“ (Referred pain) جو خاص مطالعو ڪريون ٿا. دماغ توڙي مغزي ڏوريءَ جي جن مرڪزن تان هڪ کان وڌيڪ (جسم جي) حصن کي تندون (Nerves) احساس پهچائين ٿيون، انهن مان اگر جسم جو هڪ حصو تڪليف ۾ ويو ته، سور ٻئي حصي ۾ به ٿيندو، اهو ”اڌارو“ يا ”پرديسي سور“ چئبو. جيئن ”دل جو سور“ ڏائي ڪلهي ۽ ڏائي ٻانهن ۾ به ٿيندو. اهڙي طرح عرق النسا (Sciatica) جيڪا بيماري ته چيلهه جي آهي، پر سور پيرن ۾ به ٿيندو ۽ پير ڏنڀڻ سان يا ٻانهن جو علاج ڪرڻ سان هي سور ڪيئن ڇڏيندو. لطيف جي مشاهدي جو ڪمال ته ڏسو:
هاريا ويڄ مُياس، کَلَ ڪڄاڙئا کانئين
**
جيئن سا ڪاني ڪانهن، لوسيندي لاتيون ڪري،
اچي پيئي اوچتي، درد پريان جي دانهن،
ويڄ ڏنڀين ڇو ٻانهن، سُور هنيئين کي سامهان.
ميڊيڪل سائنس جي علاج ۾ اهو شرط آهي ته، تڪليف مريض پاڻ ٻُڌائي، ٻئي کي سورن جي ڪهڙي سُڌ هوندي، ”جن سندا، تن ساهمان“. ڊاڪٽرن جي تربيت ۾ هن کي History Taking چئبو آهي. ڀٽائي، اهو طريقو هيئن ٿو سمجهائي ته:
سرتيون سوراتن جي، ڪوهه ٿيون پٿر پُون،
گهاءَ نه لڳن گهٽ جو، ريا مان ٿيون رونَ،
چيتاريون نه چُون، پار منهنجي پرينءَ کي.
انهيءَ ڪري سورن وارو پاڻ بيان ڪري ته:
اچو سورن واريون، ڪريون سور ويچار،
مُٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن، ڪانهي سورن ڌار،
ڏنم جي ڏاتار، مون جهوليءَ پائي جهليا.
[b]سور جي تشخيص (Diagnosis) ۽ علاج (Treatment):
[/b] سور جي تشخيص، علاج لاءِ تمام اهم آهي. انهيءَ سان گڏ سُور جي سبب (Etiology)، شدت (Intensity) ۽ پهتل نقصان (Damage) سڀ سور جي علاج لاءِ لازمي آهن.
[b](الف) سور جو سبب (Etiology):[/b] سور جو سبب رسالي ۾، هر ڪنهن سورائتي ۽ سورائتيءَ جي سور جو سبب واضح ڏنل آهي. مثال:
ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن ٽنهي ڏنم ڏک،
ڀينر آءُ ڀلياس، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
**
کرڪن کجاياس، ٻيلي پاس ٻُرن جي.
**
سارنگ کي سارين، مڻهو مرگهه مينهيون.
**
چنيسر جي چت ۾، ڪي جو اڳ هئو،
تهان پوءِ ٿيو، مڻين مٿي مامرو.
**
چارڻ چنگ ٻنگ هي، وڄايو وڏاڻ.
[b](ب) سور جي شدت ڪيتري آهي:[/b]
ساجن توهان ڌار، ڏٺم ڏينهن قيام جو.
**
هنيون هُت ٿيو، هن مٽي ۽ ماهه،
**
وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهوءَ جو.
**
اڄ پڻ دانهون دانهن، واڍوڙڪي مَنهين.
[b](ج) سور جي تشخيص ڪيئن ڪجي:
[/b]
ويڄ وڄائون ڇڏ، توکي سڌ نه سور جي،
آندئي جي اگهن لئه، سي گوريون گورين گڏ،
سوئي صاحب سڏ، جو پرکا لهي پيڙ جي.
**
تن طبيب نه تون، سڌ نه لهين سور جي.
[b](د) سور جو فائدو (Gracefulness):
[/b]
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسئو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سوريءَ تان.
**
سور جنين کي سرئو، سري تن صحت،
مٺي مصيبت، آهي عاشقن کي.
[b](هه) سور ۾ تسلي (Reassurance):
[/b] علاج جو پهريون مرحلو ”سورائتي“ لاءِ تسلي ۽ دلاسو آهي، جيڪو سور جو شدت کي گهڻو گهٽ ڪري ڇڏي ٿو.
ڏونگر ڏکوين کي، دلاسا ڏجن.
**
ڏونگر مون سين روءُ، ڪڍي پار پنهونءَ جا.
**
ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي.
**
ليلان ليلائيج، اٿئي ماڳ منٿ جو!
**
آگميو آهي، لڳهه پسُ لطيف چئي!
**
مون جهڙ ڏٺو اُڀ ۾، ڍوليا لڏ مَ لاهه.
**
اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪئي تنوار،
هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار،
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
[b](و) درد جو دارون:
[/b]
ويڄن ويٺي ئي، دوست پيهي در آئيو،
صحت جي سرير ۾، ڪل ڪڙين پيئي،
پيڙ پري ويئي، اچڻ ساڻ عجيب جي!
**
ٿيندو تن طبيب، دارون منهنجي درد جو.
**
ٻُڪي ڏيندم ٻاجهه جي، نهاري نجيب.
**
ڏور ڏڪاريا ڀڄ، مينهن مُنهن ڏيکاريو.
**
نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو.
**
سڀ سميون، سڀ سومريون، سڀن ڳچيءَ هس،
ڍول تنين جي گس، هيٺائيون هلن جي!
[b]حرف آخر:
[/b]Neuro surgery, Neurology ۽ Neuro Anatomy جي هن جديد سائنسي موضوع جي روشنيءَ ۾، لطيف جي ڪلام جي پرک منهنجي ابتدائي ڪوشش آهي. لطيفيات منهنجي ذوق ۽ تسڪين جو موضوع آهي، ۽ Neurology سان منهنجو روزگار وابسته آهي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته شاهه جي ڪلام کي سائنسي تجربن ۽ مشاهدن جي روشنيءَ ۽ پسمنظر ۾ به پڙهجي. انهيءَ سلسلي ۾ مون پهريان ”سور جي سائنس ۽ شاهه جي شاعري“ جي عنوان کي منتخب ڪيو آهي، اگر شاهه جي عالمن وٽ هيءُ موضوع ۽ ڪوشش قبول پئي ته، اڳتي ٻين موضوعن تي به لکڻ جي ڪوشش ڪبي. مون کي هن ڏس ۾ شاهه جي عالمن جي رهبريءَ جي ضرورت آهي. مون کي خوشي ٿيندي اگر ڪي رايا ۽ مناسب مشورا مون تائين پهچندا.
انهيءَ اقرار ۾ ڪا قباحت ڪانهي ته، سائنسي مضمونن کي ادبي رنگ ڏيڻ مون جهڙي سيکڙاٽ لاءِ مشڪل ڪم آهي، انهيءَ ڪري ڪٿي ڪٿي ڪي جهول ٿيا هجن يا مناسب لفظ اپٽار لاءِ نه مليو هجي ته، ان کي منهنجي عجلت ۽ ’ڪم علمي‘ چئجي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته، سائنس جون ڏکيون وصفون ۽ ڳرا جملا عام فهم ۽ هلڪا ڪريان. اڳتي به اها ڪوشش جاري رهندي.
[b]حوالا[/b]
1. شاهه جو رسالو، (مختلف ڇاپا)
2. Medical Physiology, By: William_ F.Ganong.
3. Physiology, By: Linda S_Costanzo.
4. Neuro_ Anatomy_ Richard.S. Snell.
5. Dor Land’s Illustated Medical Dictionary.
*****