لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال

لطيفيات جي موضوع تي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل درد جي جمال بابت مختلف سنڌي ۽ اردو مقالن ۽ مضمونن جي مجموعي جي ترتيب ۽ تدوين نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر فياض لطيف جي محنت جو ثمر آھي. ڪتاب ۾ 26 سنڌي ۽ 6 اردو مقالا شامل ڪيا ويا آھن. اڪبر لغاري لکي ٿو:
”ڊاڪٽر فياض لطيف نوجوان محقق ۽ سُچيت نقاد آهي. هُن شيخ اياز جي جمالياتي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سندس اهو تحقيقي ڪم پنهنجي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي، پر هُن وٽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان پنهنجي بصيرت ۽ هڪ پنهنجو نقطه نظر آهي. هُن لطيف جي مختلف فني ۽ فڪري نقطن تي جديد تحقيق ۽ تنقيد جي روشنيءَ ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي، پر درد جي موضوع تي مختلف عالمن جي ترتيب ڏنل مقالن/ مضمونن (جنهن ۾ هن جو پنهنجو هڪ مقالو به آهي) تي محيط سندس هي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال“ پڻ انتهائي قيمتي ۽ ڪارائتو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 1537
  • 375
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض لطيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾  درد جو جمال

’سُر ڪوهياري‘ ۾ ڏکن ۽ سورن جون ڪيفيتون:سيف الله خالد يوسفاڻي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جتي پنهنجي بي مثال شاعري ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ سنڌ سان وابسته لوڪ داستانن ۽ سنڌ جي تاريخي ڪردارن کي زنده ڪيو آهي، اُتي هن انسان سان پيش ايندڙ حالتن ۽ ڪيفيتن، ڏکن ۽ سکن جي به حقيقي انداز ۾ اُپٽار ڪئي آهي. ڏک ۽ سور ڇا آهي؟ ان بابت جديد طبي سائنس ڇا ٿي چوي؟ اچو ته ان بابت جديد علومِ طب جي ماهرن جي راءِ ڏسون.
ڪو سٽئنزو جو حوالو ڏيندي، اسد جمال پلي پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو،”سور ڪنهن تڪليف يا تحرڪ کي ڳولڻ سان منسلڪ آهي“(1).
يعني: سور يا ڏک اها تڪليف آهي، جيڪا انسان جي جسم کي نقصان پهچائڻ واري محرڪ جي نشاندهي ڪري ٿي ۽ پيش ايندڙ خطري جو اطلاع ڏي ٿي. پوءِ اهو نقصان انساني جسم سان وابسته هجي يا ان جي روحاني احساسن سان لاڳاپو رکندڙ هجي! جسماني درد جو احساس، جسم کي پهچندڙ زخم يا مرض سان ٿئي ٿو، جڏهن ته روح يا من کي تڪليف وري اندر جي خواهش ۽ شوق جي اُبتڙ ٿيندڙ عمل سان ٿئي ٿي. ڳالهه وري به وڃي اها بيٺي ته ڏک، ڏکندو يا سور اهو سونهون آهي، جيڪو انسان کي نقصان ۽ روڳ کان آگاهه ڪري ٿو. اها ساڳئي ڳالهه لطيف سرڪار به ڪئي آهي:
آريءَ جو اهک، مون رهنما راهه ٿيو.
يوناني فلسفي ڏک يا سور بابت وري ان خيال جا آهن ته، ”ڏک انسان جي اندر ۾ هڪ خاص ڪيفيت پيدا ڪري ٿو ۽ اُن کي اجاري ٿو.“ (2) ساڳئي ڳالهه ڀٽ ڌڻي هن ريت ڪري ٿو.
جو نجس نکاري، سو پنهون وڌم پانڌ م.
اندر جو ڏک، ان وقت ڪَرُ کڻندو آهي، جڏهن اندر جي چاهه ۽ شوق جي ابتڙ عمل ٿيندو آهي. عشق جو درد به ان ويل باهه بڻجي ڀَڙڪي اُٿندو آهي، جڏهن محبوب جدا ٿي ويندو آهي ۽ فراق دل کي ڦٽي ڦارون ڪري وجهندو آهي. دنيا جي عظيم مفڪر ارسطو جي ان ڏس ۾، راءِ ڪجهه هن ريت آهي ته، ”وڇوڙو ۽ فراق ڏک پيدا ڪري ٿو“(3). سسئي جي اندر ۾ به محبوب جي جدائي ۽ فراق جو ڏک آهي.
ڏيئي ڦوڙائو، ويا ويچاريءَ سپرين.
سسئي جي سورن جو ڪارڻ پنهونءَ جو فراق آهي، ڇاڪاڻ ته پنهون سندس من جي پسند ۽ چاهت آهي، جنهن جو حصول هن لاءِ باعث سُرور ۽ سُک آهي. جڏهن ته سندس جدائي هن جي من جو مرض ۽ روڳ آهي ۽ هوءَ پرين بنا پاڻ کي اَگهي ۽ بيمار ٿي ڀانئين.
پڄاڻان پرين، اديون اگهي آهيان.
يا
هاڻي هن ڀنڀور ۾، گهاريان ڪارڻ ڪن.
پنهونءَ جي جدائي ۾ سسئي اگهي به ان حد تائين ٿي پئي آهي، ڄڻ سندس بدن جا سمورا عضوا ڌار ڌار ٿي پيا هجن، دردن ڄڻ ته سندس سموري جسم کي مروڙي وڌو هجي.
سُتي پوَن ڇرڪ، آيل ٻاروچن جا.
وِهه وِهاٽي ووءِ ڙي! ڪوهياري ڪرڪ،
ڌڙ ڌوڻيو تنهن ڌڪ، جيڏيءَ جيئڻ نه ٿئي.
يا
اديون اوڍيئڙن، هيٺين سين هاڃو ڪيو.
’هينئين سين هاڃي‘ مان مراد اها ٿي ٿئي ته، دل کان ڄڻ ڪنهن سموري سگهه کسي ورتي هجي! جنهن جي ڪري ڪم ۾ رڪاوٽ پئجي سخت تڪليف جو احساس پيدا ٿيندو هجي. جڏهن دل جي ڏک ۽ سور جي شدت سبب اهڙو حال هوندو ته، دل مان ازخود هن نموني جي آهه نڪرندي:
گوندر جا گهوڙا، وڃن جان جدا ڪيو.
يعني اندر جي تڪليف ايتري ته شديد ۽ ڏکوئيندڙ آهي، جو جسم جا سمورا عضوا حرڪت ڪرڻ کان لاچار آهن. سڄو بدن ڄڻ ته کوري ۾ ٻَري رهيو آهي. عشق جي باهه رڳن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي. عشق آهي ئي سراسر باهه، اهڙي باهه جيڪا محبوب کان سواءِ ٻي ڪنهن به ذريعي سان وِسامي نه ٿي سگهي. حضرت شيخ محي الدين اڪبر العربي عشق جي باهه بابت فرمائي ٿو.
ترجمو: ”عشق الله تعاليٰ جي ڀڙڪيل باهه آهي، جنهن جو ٻرڻ به دلين تي آهي ۽ ان جو اثر به دلين تي آهي.“ (4)
لطيف سرڪار به عشق کي باهه سڏيندي ’سُر ڪوهياري‘ ۾، ان جو اظهار ڪجهه هن نموني سان ڪيو آهي ته:
ڪوهياري جو ڪو، اچي سور اُڌميو.
يا
ڏونگر سي ڏورينديون، جن اندر آڳ ٻري.
مولانا رومي عشق جي ان باهه جو خاڪو وري هن ريت پيش ڪيو آهي. ترجمو: ”منهنجو قلب ۽ جگر عشق جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي. جيڪڏهن توکي يقين نٿو اچي ته، هن باهه کي ويجهو اچي ڏس. آءٌ شعلن ۽ ٽانڊن جي وچ ۾ جَلان پيو. منهنجو جيءُ ۽ جگر سيخ ۾ پوئيل ڪباب وانگر جلي رهيو آهي“ (5).
عشق جي ان باهه، سسئيءَ کي اهڙو هيڻو ۽ نستو ڪري وڌو، جو هن جي سرتين ۽ ساهيڙين کي به مٿس رحم اچڻ لڳي ٿو ۽ اهي کيس همدردي سان گڏ پنهون کي وِسارڻ لاءِ سمجائين ٿيون ۽ درد جي سمنڊ مان نڪرڻ لاءِ ڌُتارين ٿيون، مگر جنهن جي اندر ۾ عشق جو آڙاهه ڀڙڪندو هجي، ان کي ڪٿي ٿو دم دلاسن ۾ آرام اچي!
هوءَ سرتين کي پنهنجن سورن جو حال ٻڌائيندي چوي ٿي ته، اوهين سُکن جون ٻيلياڻيون آهيو. اوهان کي ڪهڙي ڪَل ته، مون ڏکن ماريءَ جي دل ۾ سورن ڪيئن اچي ديرو ڄمايو آهي. لطيف سرڪار سسئيءَ جي سورن جي ان درد ڀرئي منظر جو خاڪو ڪيڏي نه حقيقي ۽ اثرائتي انداز ۾ چِٽيو آهي:
اچيو اچيو چَون، ويهه ويا تان گهوريا،
سرتين سانگ سُکن سين، مون جيئن رت نه رُون،
اوءِ مَر ويٺيون هُون، مون ساڱاتو سور ٿيا.“
’رت روئڻ‘ درد جي اها شديد ترين ڪيفيت آهي، جنهن ۾ انسان جي رڳ رڳ سراپا سور بنجي ٿي وڃي ۽ ماڻهوءَ کي خود پنهنجي بيوسي ۽ لاچاري تي قياس اچڻ ٿو لڳي. سسئي جي بي وسي ۽ لاچاري جو حال به ڪجهه اهڙو ئي آهي.
”ريءَ قريبن قوت ڪيو، ويٺي ورهه چران،
ان عذابان اڳ ئي مادر ڇو نه مران،
اديون جو نه اوهان، سو مون سور سرتيون.
بظاهر ته سسئي سان ڏاڍ ڪندڙ ان جا ڏير ئي آهن، جيڪي دوکي سان پنهونءَ کي کڻي ٿا وڃن، مگر هن درد وندي جي درد جو ڪمال، عشق جي سچائي ۽ اندر جي نفاست ته ڏسو! جيڪا پاڻ سان ٿيندڙ سڄي اندوهه ۽ ناانصافيءَ جو ڏوهه پنهنجي سِر تي ٿي کڻي ۽ پنهونءَ ۽ سندس ڀائرن تي شڪايت جو هڪ حرف به نه ٿي آڻي: سڀ ڪجهه پنهنجي غفلت، ننڊ ندوري ۽ تقدير کان ٿي ڀانئين. لطيف سائين ان ڏس ۾ فرمائي ٿو ته:
جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،
تڏهن تنين کي، سُتي ئي ڇڏيو.
يا
پنهونءَ سين پياءِ، ٿي نڀاڳي ننڊون ڪرين،
ٻانهي چايو پاڻ ٿي، سڄيون راتيون سُمهين.
سسئي پنهنجي ڏک کي نصيب سان مُنسلڪ ڪندي هنيئن ٿي چوي ته:
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، اَمُر مون سين ائين ڪيو.
يا
ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پٿر ڪير پنڌ ڪري.
درد جي اها سنگين ڪيفيت، جنهن جو تصور ئي ڏاڍو ڀوائتو ۽ دل کي ڏاريندڙ آهي. جنهن جو مثال اڄوڪي دؤر ۾ کڻي ائٽمي سگهه کي چئجي، ايڏي خطرناڪ ۽ ڏهڪاءُ پکيڙيندڙ سگهه، جنهن جي خيال اچڻ سان ئي انسان جو وجود لرزي پئي. اها سگهه، جيڪا ڌرتيءَ تي قيامت برپا ڪريو ڇڏي ۽ ڌرتيءَ تان حياتي جو نالو نشان ختم ڪريو ڇڏي. سهڻي لطيف انهيءَ سگهه جي تپش ۽ باهه کي سسئي جي درد ۾ ڪيڏي حقيقي انداز ۾ سمايو آهي:
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،
ته لڳي ماٺ مِرن کي، ڏونگر پوَن ڏري،
وڃن وڻ ٻَري، اوڀڙ اُڀري ڪين ڪي.
هر ساهواري جي اها فطرت آهي ته، هو پنهنجي تڪليف کي دور ڪرڻ جا گس ڳولي ٿو ۽ ان ڏس ۾ خوب هٿ پير هڻي ٿو ۽ سِر ٽوڙ جستجو ڪري ٿو، پوءِ جيتري تڪليف سخت هوندي ته، جستجو به اوتري جاندار هوندي، ڇاڪاڻ ته مرض تڏهن ڇڏيندو، جڏهن ان جو صحيح علاج ٿيندو. هتي اسين سور جي علاج جي سلسلي ۾ وري جديد طب جي سائنسي تحقيق جو سهارو وٺنداسون، جنهن موجب سور دفاعي عمل طور ڪم ڪري ٿو ۽ متاثر کي مجبور ٿو ڪري ته، هو پاڻ کي سور پيدا ڪندڙ ذريعي کان پري ڪري يا پڻ ان کان پري ٿئي (ڊورلينڊ).
ان صورتحال ۾ سسئي جو ٻنهي حالتن ۾ هڪڙو ئي چارو آهي، اهو آهي پنهونءَ جو حصول، پنهونءَ کي پائڻ جو رستو، پنهونءَ جي پٺيان وڃڻ ئي آهي، جيڪو بظاهر سسئي لاءِ ڏکيو ۽ پُرخطر آهي، ليڪن سور جي سَٽ کيس ان اڙانگي ۽ خطرن سان ڀريل راهه ۾ هلڻ لاءِ پُرعزم بنائي ٿي ڇڏي ۽ هن لاءِ ويراني ۽ سُڃ به وَسندي ٿيو ٿي پئي.
سُڃ وَسندي تن کي، جوش جلايا جي..
عشق جي جوش جي جلايل جو علاج، حڪيمن جي ٻُڪين ۽ طبيبن جي دوائن ۾ ناهي، پر سڄڻ جو ديدار ئي انهن جو درد جو دفعه ڪندو آهي.
ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.
يا
ڪينئن جيئنديس جيڏيون، سور پريان جي آئون ماري.
جديد طب جا ماهر سور لاءِ هڪ مخصوص محاورو استعمال ڪندا آهن ته، سور کي ماريو ان کان اڳ جو سور سوراتن کي ماري يعني سور پيدا ڪندڙ ذريعي کي هٽايو، جيڪڏهن اهو تڪليف واري هنڌ تان نه هٽيو ته، نقصان ڪندو ۽ حياتي لاءِ خطرناڪ ٿابت ٿيندو. سسئي به فراق جي روڳ کي ختم ڪرڻ لاءِ رِڻن ۾ رُلي، جبل جهاڳي ٿي ۽ دل جي درد جي درمان ڪارڻ سورن کي سامهون ٿئي ٿي. جبل جا اڙانگا پنڌ ۽ پيچرا، اوکيون لاهيون ۽ چاڙهيون هر طرف سڃ ۽ رڃ جو راڄ، اتي پيرن اگهاڙي ۽ سورن هاڻي سسئي جو حال ۽ ڏونگرن جي ڏاڍ جي منظر ڪشي ڀٽ ڌڻي هن ريت ڪئي آهي:
ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين،
مون تن اندر تيئن وهين جيئن وڻ وڍي واڍو.
جيڪا تڪليف ڪنهن زنده جسم کي ڪَرٽ ڪُهاڙي جي وڍڻ سان ٿئي ٿي، اها ساڳي تڪليف لطيف سرڪار سسئي جي وجود ۾ ٿيندي ڏيکاري آهي. ڦَٽيل پيرن سان جبل جي ڪشالن ۾ سندس ڏک ۽ بي وسي جي پڪار به ڪيڏي نه رنج ڀري آهي:
واڪو ڪنديس ووءِ، مون سان جبل ٿو جاڙون ڪري.

ڏونگر ڏک سندياءِ پرين گڏجان ته چوان“

جڏهن دانهن ۽ ڪوڪن مان آرام نٿو مليس ته، وري جبل کي آزيون ۽ منٿون ڪري چوي ٿي ته، ’اي جبل مون سان ايڏا ويل نه وهاءِ! آءٌ ته اڳ ۾ ئي ڏکن ۾ ڏڌي پئي آهيان. سُک ته مون ڏٺائي ڪو نه آهن. توکي مون نماڻيءَ کي ڏکوئڻ مان ڇا ملندو!‘

ڏونگر مون نه ڏکوءِ، آءٌ اڳ ڏکوئي آهيان،
ساريان ڪو نه سکوءِ، سور گهڻيئي سنڀران.
يا
”ڏونگر ڏک پئي، تو سان ڪيم ڳالهڙي،
پاڻان آءٌ مُئي، سور سُڻائي پرين جو.
ڏونگر جي انهن ڏاکڙن ۾ سندس ڪيفيت اها وڃي بيهي ٿي، جو جبل کي پئي سيکاري ته، ڏکن وارن سان ڪهڙي نموني همدردي ڪجي ۽ انهن کي آثت ڏجي.
ڏونگر ڏکويلن کي دلاسا ڏجن،
گهڻو پُڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن،
تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پير ڏکوئين.
هڪ ڪمزور ۽ لاچار عورت جبل جي ڀوائتين تنهائين ۾ اڪيلي هجي ۽ سندس چؤطرف اڻ ڄاتل انڌيرن جي خوف جو راڄ هجي ته، اهڙي ماحول ۾ سندس ڏکن ۽ دردن جو ڇا عالم هوندو! سندس درد ڀرين دانهن ۽ ڪوڪن ۾ غم جي ڪيڏي قيامت سمايل هوندي. ان اَلم انگيزي، روڄ راڙي جو آس پاس جي ماحول تي ڪهڙو اثر ٿيندو هوندو، ان ڳالهه جو نظارو لطيف سائين اهڙي ته سهڻي ۽ حقيقي نموني سان چِٽيو آهي، جو پڙهندڙ کي محسوس ٿو ٿئي ته، ڄڻ سسئي سان گڏ سمورو جبل ۽ ڀر پاسي وارو سمورو ماحول دانهون ۽ ڪوڪون ڪري رهيو آهي ۽ سسئي جو درد روئي رهيو آهي:
ڪي جي ڪڍيا پار، ڏُکي ڏونگر پاڻ ۾،
سُڻي سان تنوار، مِرون پيا مامري.
يا
ٻئي ويٺا رُون، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾.
ايڏين سخيتن ۽ ڪشالن جي باوجود سندس عشق جي آڳ ۽ اندر جي اُڪير ۾ ذري برابر فرق نٿو اچي ۽ ڦَٽيل پيرن ۽ هيڻن حالن سان سندس قدم منزل طرف روان آهن. پٿرن ۽ پهڻن کي پيرن سان پروڙيندي، ڏاڍ جي ڏونگرن کي ڏاريندي سندس ڪيچ ڏانهن ڪاهڻ جاري آهي.
ڏونگر ڏکويل کي ڳل نه سڪا ڳوڙا،
هو جي پهڻ پٻ جا ڀڄي ٿيا ڀورا.
هوءَ مسلسل پهڻن سان جهيڙيندي، پنهونءَ جي پار ڏي ڏوريندي ۽ ڏکن مان گذرندي پاڻ ۾ ايتري سگهه سهيڙي وٺي ٿي ۽ سندس حوصلو ايترو ته مضبوط ٿي وڃي ٿو، جو ڏونگر کي للڪاري چوي ٿي ته:
تپي ڪندين ڪوهه ڏونگر ڏوکوين کي،
تو جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوهه.

مطلب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي لازوال ڪلام وسيلي ’سُر ڪوهياريءَ‘ ۾ سسئي جي حوالي سان ڏکن ۽ سورن جون جيڪي ڪيفيتون ۽ حالتون بيان ڪيون آهن، انهن کي پڙهڻ سان ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ پڙهندڙ خود درد جي ان اڻ کٽ سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهي. اها ئي لطيف سائين جي ڪلام جي خوبصورتي ۽ ڪمال آهي، جنهن کيس دنيا جي مِڙني شاعرن کان مٿاهون مقام بخشيو آهي.

[b]حوالا
[/b]
1. مقالو، ”سور جي سائنس“، ليکڪ: ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڪتاب، ”ديسي سيڻ ڪجن“، ص 46 _ مرتب تاج جويو، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، سال 2005ع.
2. شاهه جي رسالي جو مطالعو، ”غم جو فلسفو ۽ سر رپ“ ،ليکڪ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ص 99، مهراڻ اڪيڊمي، سال 2005ع.
3. ايضا
4. لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه، ص 90، ليکڪ: محمد حسين ڪاشف، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، سال 2005ع.
5. مقالو: شاهه لطيف جو قومي ڪردار، آفتاب ابڙو، ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومتِ سنڌ، مارچ 2005ع.
6. مقالو: شاهه عبداللطيف اور مولانا رومي، ڊاڪٽر رضا مصطفى، ڪتاب: سُر سورٺ جو مطالعو، ص120، مرتب: تاج جويو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، سال 2005ع.
7. شاهه جو رسالو، علامه آءِ آءِ قاضي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.