غم جو فلسفو ۽ شاهه جو ’سُر رپ‘ : ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
بره ثابت بره ميں، بره بنا مرجائے،
ون چونے کا کانکرا، رجب جل مل جائے. (1)
يعني: فراق سان ئي فراق قائم آهي، وصال سان مري وڃي ٿو. اي رجب! جيئن چُن جو پٿر پاڻيءَ ۾ ملي خود کي ختم ڪري ٿو ڇڏي.
شاعر فراق، ورهه ۽ وڇوڙي کي چُن جي پٿر جي پاڻيءَ ۾ ڳرڻ سان ڀيٽي ٿو، شاهه صاحب فراق کي وصال جي ڀيٽ ۾ ساراهي ٿو:
جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي.
(حسيني)
فلسفهِ غم، ڏک_ حزن يعني پئٿاس (Pathos) تي يوناني فيلسوفن ۽ ادب جي اَڪابرن کولي لکيو آهي. ڏک انسان جي اندر ۾ هڪ خاص ڪيفيت پيدا ڪري ٿو ۽ سندس اندر کي اُجاري ڇڏي ٿو. لُڙڪ ڄڻ غم جو درياءَ آهن. شاعري، ڊراما ۽ ادب جي صنفن جي ڪيفيتن تي ارسطوءَ کي کولي لکيو (2).
فراق ۽ وڇوڙو، ڏک پيدا ڪري ٿو. شاهه صاحب وانگر سچل، بيدل، بيڪس، رکيل شاهه ۽ ٻين درد ۽ ان جي شدت جو بيان گهڻو ڪيو آهي. شاهه جو رسالو مختلف سورمين ۽ سڪ وارن جي سورن جو وڏو داستان آهي. سورمين جي ورلاپن ۾ اهي سور سِٽن ۾ سمايل آهن. هيٺيون چند سِٽون حوالي طور آڻي سگهجن ٿيون، پر رسالو سڄو درد جو داستان آهي:
ڏک، سکن جي سونهن، گهوريا سک، ڏکن ريءَ.
**
ٻئي ويٺا رُون، ڏکي، ڏونگر پاڻ ۾.
**
ڏونگر مون سين رو، ڪڍي پار پنهونءَ جا.
**
سور جنين کي سريو، سري تن صحت.
**
درد نه اٿئي دل ۾، ته سڪڻ ڪر نه سَڌ.
**
سامي سر سور، گوندر گبرين ۾.
**
اندر جهڙ جهڪور وهي، ٻهر نه برسي بوند.
**
ٻلر لڳو ٻاڻ، پَسو جوءِ جرا ٿِي.
**
جَڙ جا هنيم جَت، تنهن ڳُجهي ڳاريم جندڙو.
**
ڪِ ڌرتتي ماءَ، ڪِ ڄَر سندي سڄڻين.
**
ٽِمن نيڻ رت وهي، چُئاڪا ڪيو.
شاهه صاحب ’سُر رپ‘ جي پهرئين بيت ۾ ئي ’گوندر‘ هڪ وسيع معنيٰ وارو لفظ ڪم آندو آهي، جو درد و غم، رنج و محن جو انتهائي درجو ظاهر ڪري ٿو. شاهه جي شارحن لفظ ’رپ‘ جي معنيٰ آفت ڏسي آهي. يعني غم جي آفت، گوندر، غم جي انتهائي درجي کي ظاهر ڪري ٿو. انگريزي ترجمي وارن اسڪالرن هن بيت جي معنوي تاثر ۽ سنڌي لفظن جي مفهوم کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مدر ايلسا قاضيءَ جي ترجمي منهنجو خاص طور ڌيان ڇڪايو، بيت آهي:
گوندر ڪيو غرق، ماءُ منهنجو جندڙو،
ڏکوين مرڪ، مٿي سَڳر پنڌڙا. (3)
مدر ايلسا قاضيءَ بيت جو هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
Mother, Sorrow’s harrowing“
Has swamped my whole being
All honour to sorrowing
Who walk on uphill way” (4).
’گوندر ڪيو غرق‘ جو ترجمو ’Sorrow’s Harrowing‘ ڪيو ويو آهي. اهو لفظي معنيٰ موجب ته ٺهڪندڙ نه آهي، پر غم گوندر جي مڪمل تاثر ۽ مفهوم جي ادائيگيءَ لاءِ ائين ڪيو ويو آهي. مدر ايلسا گهڻي غور سان لفظ (Horrow) يعني ڏانداري، ڪم آندو آهي. ڏانداري جيئن ڪَکن کي زمين تان هٽائڻ لاءِ ڪم اچي ٿي ۽ زمين کي رهڙي ڪک ۽ ٻيو ڪچرو هٽائي ٿاڻ يا وٿاڻ کي صاف ڪري ٿي، ته غم ۽ اَندوهه جي به ائين سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. وري مدر ايلسا ڪتاب جي آخر ۾ ’رپ‘ جي مضمون کي هيئن سمجهايو آهي:
The Poet says that a lady complains to her mother:
“Sorrow’s harrowing has swamped my whole being:
My Love took joy and health from me!
My fate is destructive!
Sorrow runs wildy through me in dense rows.
My bed is all wet with tears whole night!
O, mother help me!”
She gives advice:
“Weep secretly and never disclose tears your wretched state!
Bear Pain until those arrive, who can remove pain.
Hide your love, as the potter, who Covers up the Kiln.
Free fire can never bake a pot.
Do what Potters do.
Never uncover fire” (5).
مدر ايلسا قاضي سُر جو تَتُ سمجهائيندي، سڄي ڳالهه کي ائين مختصر ڪيو آهي، ته فراق جي ماري، ماءُ کي درد جي دانهن ڏيندي چوي ٿي ته، ’امڙ ڪريان ڪيئن، منهنجو نينهن اَپليو نه رهي. روئڻ ۽ راڙي کان ڪو پل خالي نه آهي‘. امڙ صلاح ڏيندي کيس، ’نِهائينءَ جو مثال ڏئي ٿي، ته ان کان سِکُ، جيڪا سارو ڏينهن سَڙي پئي. اندر ۾ آڳ اٿس، پر ٻاهر ٻاڦ به نٿي ڪڍي. اهو هن سُر جو ڪُل مفهوم آهي ۽ راز کي راز رکڻ جي ڳالهه ڪيل آهي.
بقول حافظ شيرازي، ته جيڪو محفلن ۾ بيان ڪيو ويندو، اهو ڪهڙو راز رهندو، ان ڪري ڳالهه کي پيٽ ورن ۾ قابو رکبو، پر ڪنهن سان راز نه سَلبو.
ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون،
مون سين نه ڪيون، گوشي پرين نه گڏيا. (6)
سُر جي مضمون کي ڏسجي، ته ان ۾، وڇوڙي ۽ ان جي سورن جو بيان جذبات جي شدت سان ڪيل آهي. درد جو بيان شاعرن جي ڪلام ۾ ٻين مضمونن جي ڀيٽ ۾ اول درجي تي آهي. شاعرن جي ڪاوش جو منڍ آهي. اهڙن مثالن سان ديوان، ڪليات ۽ رسالا ٽمٽار آهن. خواجه غلام فريد پنهنجي پُردرد انداز ۾ چوي ٿو:
غم، درد، فراق دي رولڙيان،
ڳَيان ناز نواز ديان ٽولڙيان،
ٿي ڳهلي ڪملي ڀولڙيان،
ڌڪ مار جَهلان جين تين ڪنون
ڍولا! لِڪ ڇُپ ٻهندين مين ڪنون. (7)
’سُر رپ‘ ۾ درد جو بيان شاهه صاحب مڪمل طور ٽن لفظن، ’گوندر ڪيو غرق‘ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. ان کان وڌيڪ درد جو داستان ڪيئن بيان ڪبو! پر هي درد جو بيان! جيڪو غم جي فلسفي ۽ وڇوڙي جي ورلاپن تي آڌاريل آهي، تنهن کي شاهه صاحب جي خوبصورت زبان ۽ انداز بيان جي آرسيءَ ۾ به پَسڻ کپي. محبت جي مچ جو بيان ڪندي چوي ٿو، ته اهو آڙاهه هاڻي اُجهامي ڪيئن، جنهن جو ڌڱائيندڙ خود پرين آهي.
لائي جو ويا، سو منجهئين ٿو مَچ ٻَري،
سو اُجهامي ڪِئا، جنهن جو سوريندڙ سپرين. (8)
هن درد جي ڪيفيت ۾ هينئڙي جو ڇا حال آهي؟ ان باري ۾ شاهه صاحب اُوٺي وڳ جي تشبيهه ڏئي ٿو. چوي ٿو ته، پنهنجي وجود کي ڪيئن سموهي يڪجا ڪريان. ان جي هن حال ڪري، آءٌ ڪو پرينءَ جي پچار ڇڏي ته ڪو نه ڏيندس.
جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جيئن،
مون پريان سين نينهن، ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو. (9)
تشبيهن جي حُسن سان گڏ شاهه صاحب وٽ منظر نگاري ۽ محاڪات جا بهترين مثال موجود آهن، جيڪي درد ۽ فراق، بيقراري ۽ انتظار جي ڪيفيتن جي مڪمل ترجماني ڪن ٿا. روئڻ جو مثال ۽ لڙڪن جي برسات کي هيئن ظاهر ڪري ٿو:
انگن چاڙهي انگ، ويو ٻاروچو نڪري،
روئي ڏنو رنگ، ويڇاريءَ وڻن کي. (10)
انتظار جي ڪيفيت جو مثال اکين جي ڏيئن جو اُجهامي ٻرڻ چئي ورتو ويو آهي:
نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکڙين،
اُجهاميو ٻَرن، توکي ساريو سپرين. (11)
مشرق جي شاعرن، محبوب جي جدائيءَ کي موت برابر ڄاتو آهي. فارسي، عربي، اردو، سرائڪي، سنڌي ۽ ٻين مشرقي ٻولين جي شعر ۾ ان جا ڪي ئي مثال موجود آهن. بقول نظامي گنجومي، ’محبوب اشاري ۽ غمزي سان ڪُهي قضا جو بهانو ڪري ٿو‘:
مارا به غمزه کشت و قضا را بهانه ساخت
خود سوئي ما نه ديد و حيا را بهانه ساخت
شاهه جي رسالي ۾ انهيءَ ڪاسائڪي ڪار جا ڪي ئي مثال ملن ٿا. شعر جي خوبصورتي ان ۾ آهي ته، شعر ۾ مناسب، مؤثر ۽ ڪن حالتن ۾ زوردار تشبيهون، استعارا، مناسبتون، اشارا ۽ ڪنايا هجن. شاهه جو رسالو هنن خوبين جو خزانو آهي. ڪنڀر جي نهائينءَ جو مثال شاهه صاحب سُر رپ ۾ تمام اثرائتي انداز ۾ ڏنو آهي. نهائينءَ ۾ باهه ۽ تپش سان منجهس ڍڪيل ٿانو پچن ٿا. سالڪ / سورميءَ کي دل جي ڳالهه لِڪائڻ جي خبر آهي. هن جو خيال آهي ته، سُتي لوڪ راز کي ائين ڍڪيان، جيئن نهائينءَ ۾ ٿانو ڍڪيل رهن ٿا ۽ باهه جو تاءُ ۽ تپش سهي پچي راس ٿين ٿا. رهبر جي تلقين ٿئي ٿي ته، نينهن نهائينءَ کان سِک ۽ ڏس ته اُها پچي پئي، پر راز کي لڪائي رکيو اٿس. ٻاڦ ٻاهر نٿي ڪڍي، هن ڪيفيت جا بيت سڪ واري حال مطابق آهن.
نهائينءَ کان نينهن، سِکُ منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
**
نينهن نهائينءَ جان، ڍڪيو ڪوه نه ڍڪئين؟
ڄر ڄيري ڇڏي، ته ڪيئن پچندا ٿانو؟
سندي ڪنڀاران، ڪن ڪريجا ڳالهڙي. (12)
سورميءَ پاران درد جي جيڪا ڳالهه آهي، وڇوڙي جا جيڪي ورلاپ آهن، انهن ۾ غم ۽ اندوهه جو اظهار انتها تي آهي. روحاني معنيٰ ۾ ڏسجي ته، بقول بيدل: هڪ روپ ظاهر آهي. هو چوي ٿو ته، معنيٰ جو گس وٺ ۽ جسماني حالت کان مٿي چڙهه. ماهر ٿي معنيٰ ۾، ڇڏي جسماني (13). هونئن غمن لاءِ حاميءَ صاحب جو هئن چوڻ به حقيقت آهي ته:
سکن جا سال وسري ويا، ڏکن جا دم نه ٿا وسرن،
خوشيون سڀ خير سان وسري ويون پر غم نه ٿا وسرن. (14)
[b]حوالا[/b]
1. شائق، باغ علي، ”راجستھاني زبان و ادب“ (اردو)، راجستھان ادب سبھا، گذدر آباد، کراچي، 1992ع، ص 74۔
2. عزيز احمد: ”فن شاعري“ (ارسطو کي بوطيقا “Poetics” کا اردو ترجمه) انجمن ترقي اردو، پاکستان، کراچي؛ 1961ع، ص 34_35
3. قاضي، آءِ آءِ (علامه): ”شاهه جو رسالو“ (ٽيون ڇاپو). سنڌي ادبي بورڊ، 1993ع ص 681
4. Kazi, Elsa. Risalo of Shah Abdul Latif (Selection). Sindhi Adabi Board, Hyderabad, 1965, P. 172.
5. Ibid P.250
6. شاهه جو رسالو ص، 687
7. دلشاد کلانچوي،انتخاب ديوان خواجه غلام فريد، اردو اکيڈمي، بهاولپور، 1973ع، ص 87_88
8. شاهه جو رسالو _ ص 681
9. ايضا _ ص 683
10. ايضا _ ص 687
11. ايضا _ 2 687
12. ايضا _ 689
13. موسوي، عبدالحسين شاهه: ”ديوان بيدل“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1954ع ص 130
14. حامي، عطا محمد، ”حاميءَ جو ڪلام“، خيرپور ميرس، 1986ع ص 90.