شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج: ڊاڪٽر شازيه سفير
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسئو،
چکيم چڱائي، سورانگهي سُوري تان.
(ڪلياڻ ــ د: 2)
انگريزيءَ ۾ چيو ويندو آهي، “No Pain, no gain”. يعني: ڏک بنا سک ممڪن نه آهي. اها حقيقت آهي، ته زندگي ۾ ڪجهه به حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي محنت ڪرڻي پوندي آهي، تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون آهن، جڏهن جر جاٽون ڏبيون، ڏيئا موهبا، تڏهن ئي ته سڄڻ ملندا. تڏهن ئي منزلِ مقصود حاصل ٿيندي ۽ ڏک سُونهان بنجي پوندا.
ڏيکارئس ڏکن، گُندر گَسُ پرين جو،
سُهائي سُورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
(حسيني _ د:6)
جيڪو سُور هوت سان ملائي، اهڙو ته سؤ سُک ڏيئي به وٺجي.
سؤ سُکن ڏيئي، وره وهايم هيڪڙو،
مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.
(حسيني _ د : 6)
ڇاڪاڻ ته، ”ڏک رڳو ڊاهيندڙ ۽ ناس ڪندڙ نه، پر ڪيترين حالتن ۾ اڏيندڙ ۽ تخليق ڪندڙ به آهي. هر عظيم ۽ پياري شيءِ ۽ ڳالهه، مسئلن ۽ مونجهارن، ڏکن ۽ پيڙائن سان مقابلي ۽ ويڙهه مان پيدا ٿي آهي. ڏک انسانيت جا گهڻا اعليٰ ترين گُڻ پيدا ڪن ٿا. انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ويجهي ۾ ويجها ناتا، گڏيل ڏک، گڏيل پيڙائون پيدا ڪن ٿيون. ماڻهوءَ جي آزمائش سُکن ۾ نه، ڏکن ۾ ٿئي ٿي. ڏک ۽ پيڙائون ئي انسانن کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائين ٿا.“ (پليجو: 2012)
ڏکيون جان نه مِڙن، تان تان ڀنڻُ نه ٿئي،
ٻيون هُونهين هٿ هڻن، رُئنديون رئڻ واريون.
(حسيني _ د : 6)
**
اچو سُورن واريون، ڪرئو سور پچار،
مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن، ڪانهي سوران ڌار،
ڏنم جي ڏاتار، مون جهوليءَ پائي جهليا.
(حسيني _ د : 5)
ڏک کي اَڏيندڙ ان ڪري چيو ويندو آهي جو، ”محرومي ۽ ڏک ڪجهه عرصي کانپوءِ محروم ۽ ڏکويل ماڻهن، قوتن ۽ طبقن ۾ ڪيترين ڪمزورين سان گڏ سهپ، جفاڪشيءَ، دورانديشيءَ، بي خوفيءَ ۽ قربانيءَ جون قوتون به پيدا ڪري ٿو. سُکين ماڻهن، طبقن ۽ قومن کان اهي ڳالهيون آهستي آهستي ڪري نيٺ موڪلايون وڃن. ان ڪري نيٺ ڪنهن ڏينهن محروم ۽ ڏکيا ماڻهو، قومون ۽ طبقا سُکين کان زور ٿيو وڃن، سندن ڏک، سُکن ۾ بدلجيو وڃن.“ (فهميده حسين : 2012)
ڏک انسان جي دل کي نرم ڪن ٿا، منجهس انا ۽ هٺ کي ختم ڪن ٿا، کيس حساس بنائين ٿا، جنهن سان هو ٻين جي تڪليف کي سمجهڻ لڳي ٿو، ظالم نه ٿو بڻجي. اهي درد کيس سڀني سان جوڙين ٿا، پوءِ هو سڀ جي ڏک کي پنهنجو سمجهي ٿو. جڏهن ماروئڙا بي آرام هجن، ته هن لاءِ سيج سمهڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر فهيمده حسين، شاهه جي شاعريءَ ۾ ڏک جي فلسفي جي حوالي سان لکيو آهي:
”ڏک جي باري ۾ شاهه سائينءَ جو هيءُ هڪ نهايت اهم فڪري نُڪتو آهي ۽ پنهنجي دؤر جي سماجي نفسيات ڏانهن اشارو ٿو ڪري ۽ حقيقت اها آهي ته جڏهن ماڻهوءَ ڏکويل هوندا آهن ۽ سڀني جا سور ساڳيا هجن، سڀني جي تڙپ ۽ تمنا ساڳي هجي، ته پوءِ ئي ڪو سُک جو سج اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي سگهي، ڪا منزل حاصل ٿي سگهي ٿي.... ورهايل ۽ ٽڙيل پکڙيل ماڻهو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن. پاڻ ۾ ايڪي ۽ اتحاد سان ئي منزلِ مقصود حاصل ڪري ٿي سگهجي، غم جو يڪسان احساس، انسانن ۽ ٻڌيءَ جو ڪارڻ ٿي ٿو سگهي. هم غم کان وڌيڪ غمگسار ٻيو ڀلا ڪير ٿيندو!“
دل ڌوتائين ڏک سين، ڌاڳا هڏ نه ڌوءِ،
لاهوتي لطيف چئي، روحان اندر روءِ،
ڪونه ڏٺوسون ڪو، سناسي سُور ري.
(رام ڪلي _ د : 8)
اهڙا سناسي ئي صحيح رهنمائي ڪري سگهن ٿا، ان ڪري ئي اسان جو رهبر لطيف انهن جا تڪيا پَسڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
ڪنهن جنهن سناسي سور جي، وتن ۾ وهلور،
ٻهر ٻولي ٻيءَ ڦِرن، گهٽ ۾ گهايل گهور،
چتَ جني جا چُور، هلو تڪيا پَسون تن جا.
(رامڪلي _ د : 3)
درد ۽ سور انسان جي اندر کي ائين اُجرو ڪن ٿا، جيئن سون کي باهه، باهه نه هجي ته سون خالص نه ٿئي. ساڳيءَ طرح رت پت جو پُتلو، انسان تڏهن ٿو بڻجي، جڏهن ڏکن جي بٺيءَ مان پچي تيار ٿي نڪري ٿو:
”حقيقت جو عرفان تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ماڻهوءَ جو اندر اُجرو ٿئي. اندر جي اُجري ٿيڻ کي انگريزيءَ ۾ ڪيٿارسس (Catharses) چوندا آهن ۽ شاهه ان کي ’نجس جو نکرڻ‘ ٿو چئي. شاهه جي خيال ۾ اندر جي اُجري ٿيڻ جا ٽي وسيلا آهن، ’غم، حُسن ۽ موسيقي!“
شاهه سائين سُر سسئي آبريءَ ۾ چيو آهي:
صدا وڌيم سُور جي، اڳئا ڪوهياري،
جو نجس نکاري، سو پنهون وڌم پاند ۾.
(ابيات متفرقه)
[b]حوالا[/b]
1. آغا سليم، 2008، لات جا لطيف جي، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ص17.
2. پليجو، رسول بخش، 2012، تخليقي ۽ تنقيدي ادب، جامي چانڊيو (سهيڙيندڙ)، حيدرآباد، سي.پي.سي.ايس، ص 167.
3. ايضا، ص 167.
4. فهميده حسين، ڊاڪٽر، 2012، اديون آءُ اَڄاڻ، ڪراچي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ص 25،24.