لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال

لطيفيات جي موضوع تي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل درد جي جمال بابت مختلف سنڌي ۽ اردو مقالن ۽ مضمونن جي مجموعي جي ترتيب ۽ تدوين نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر فياض لطيف جي محنت جو ثمر آھي. ڪتاب ۾ 26 سنڌي ۽ 6 اردو مقالا شامل ڪيا ويا آھن. اڪبر لغاري لکي ٿو:
”ڊاڪٽر فياض لطيف نوجوان محقق ۽ سُچيت نقاد آهي. هُن شيخ اياز جي جمالياتي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سندس اهو تحقيقي ڪم پنهنجي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي، پر هُن وٽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان پنهنجي بصيرت ۽ هڪ پنهنجو نقطه نظر آهي. هُن لطيف جي مختلف فني ۽ فڪري نقطن تي جديد تحقيق ۽ تنقيد جي روشنيءَ ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي، پر درد جي موضوع تي مختلف عالمن جي ترتيب ڏنل مقالن/ مضمونن (جنهن ۾ هن جو پنهنجو هڪ مقالو به آهي) تي محيط سندس هي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال“ پڻ انتهائي قيمتي ۽ ڪارائتو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 1523
  • 373
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض لطيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾  درد جو جمال

سسئي ۽ سور: محمد حسين ڪاشف

شاهه لطيف جو صوفيانه فڪر ۽ فلسفو، سندن ڪلام جي فڪر انگيزي، رمز آفريني ۽ معنيٰ خيزي اسان جي عالمن کان گهڻو ڪجهه گُهري ٿي، ڇاڪاڻ ته لطيف، تصوف جي جنهن مڪتبه فڪر جو نمائندو ۽ سهيوڳي آهي ۽ جن صوفياءِ ڪرام جو اثر مٿس غالب آهي، ان جو ڪينواس نهايت وسيع آهي، جنهن ۾ ’مولانا رومي‘ اسان کي سرفهرست نظر اچي ٿو. انهيءَ فڪر کي وينجهائڻ (وڌائڻ) لاءِ لکندڙ کي صوفي فڪر جي فلسفي، تاريخ، ان جي ارتقا ۽ واديِ سنڌ ۾ ان جي اثر پذيريءَ لاءِ ڪليا قائم ڪرڻا پوندا. هن عارف بالله صوفيءَ جو جيڪو مقام ۽ پيغام آهي، جنهن جو لطيف پنهنجي ڪلام ۾ اظهار ڪيو آهي، اهو هڪ فلسفي ۽ مڪتبه فڪر جي حيثيت رکي ٿو، ان لاءِ عملي ميدان ۾ لطيف شناسيءَ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. اسان جي محققن انهيءَ واٽ ۾ ڪيترو قدم، کنيو آهي ۽ فڪري حوالي سان ڪهڙا نوان رخ اختيار ڪيا آهن، ان جو علمي حلقا بخوبي اندازو ڪري سگهن ٿا.
لطيف جي رسالي جي ڪردارن مان سسئي هڪ اهڙو اسم ۽ جسم آهي، جنهن جي وجود ۽ احساس تي ڀٽ ڌڻيءَ سڄا سارا پنج سُر رچيا آهن. ٻانڀڻ ٻيٽيءَ کي غم، فڪر، ڦوڙائي، تلاش حق ۽ راز ۽ نياز جي لحاظ کان لطيف جيڪا مهانتا ڏني آهي، انهيءَ هن ڪردار کي لازوال ۽ بي مثال بنائي ڇڏيو آهي، جنهن جي اظهار جي لفظ لفظ ۽ سِٽ سِٽ ۾، سورن جو سامان ۽ ورونهن جو ورجاءُ آهي.
سسئي بنيادي طور تي عشق جي فلسفي، ان جي ماهيت ۽ مذڪور جو هڪ اهڙو باب آهي، جنهن ۾ پيهي وڃڻ ماڻهو لاءِ نهايت ئي مشڪل آهي. جڏهن ڳالهه عشق جي اچي ٿي ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته عشق ڇا آهي؟ جنهن جو مڪمل طور تي جواب اڄ تائين دنياِ ادب ۾ سامهون اچي نه سگهيو آهي، پر هن رمز ۾ جيڪو جيترو هليو آهي، ان آڏو اوترو ئي عشق جو ماڻ رهيو آهي ۽ ان جو اظهار به ان انهيءَ پٽاندڙ ڪيو آهي. تلاش حق ۽ حقيقت جو سڄو دارو مدار عشق جي مدارج تي آهي، جيڪو ”تحبونالله“ ۽ ”يحبڪم الله“ جو مظهر آهي. بقول ”حضرت شيخ محي الدين اڪبر العربي ته:
العشق نارالله مؤقده،
فافو لها و طلوعها عليٰ لافاده.
يعني: عشق الله تعاليٰ جي اها ڀڙڪايل باهه آهي، جنهن جو ٻارڻ ۽ اثر دلين تي آهي.
ڪي عالم انهيءَ کي عبدالڪريم الجليليءَ جو قول ڄاڻائين ٿا، بهرحال ’ابن العربي‘ هجي يا ’الجليلي‘ هت مقصد عشق جي انهيءَ اظهاري ڪيفيت جو آهي، پوءِ ان جو صدور ڪنهن کان به هجي. ٻئي صاحب هڪ ئي پنڌ جا پانڌيئڙا رهيا آهن. عشق جو سلسلو ابتداِ آفرينش کان آهي، جنهن جو سِرو سَنڌو، ’ڪنيت ڪنزا مخفيا فاحبيت ان اعرف‘ سان ملي ٿو. ”جڏهن ذات پنهنجو پاڻ تي عاشق ٿي پئي يا پنهنجو پاڻ سان محبت ڪري، پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪري ۽ ظاهر ٿي پئي“. اظهار جي انهيءَ سلسلي جو ڪو تعين نه آهي. محبت جو اهو ماڻ ازل کان ڪائنات ۾ موجود آهي ۽ منقسم ٿيندو رهيو آهي، جنهن کان هن جو ذرو خالي نه آهي. انهيءَ ڪشش جو سفر ۽ سلسلو جاري ۽ ساري آهي، جنهن سان هر عين جو تعين سلهاڙيو پيو آهي ۽ جنهن جو اظهار فطرت ۾ پنهنجي طريقي سان ٿيندو رهي ٿو. انسان جنهن ۾ روح الارواح جو جز سمايل آهي، جنهن لاءِ ارشاد آهي ته، ”من نفخي فيه من الروح“ ان جي پڪ پيل آهي. پوءِ پاڻ کي جيڪو سنڀالي ۽ ان جي پوئواري ۽ ساڌنا ڪري جنهن کي جڏهن ان جو احساس ٿيو ۽ چڻنگ ڀڙڪي اٿي ۽ انهيءَ جي لهس لڳي، تڏهن هو عالم خوابيدگي مان ڇرڪ ڀري اٿي ٿو ۽ انهيءَ سان اهي ڏانوڻ ۽ پيد ٽٽي پون ٿا. هت اميد علي شاهه جي ڪافيءَ جو هڪ بند ڏيڻ بي مهل نه ٿيندو:
ورڇ ڪيائون وهه جي، عاشق ات عيد ڪئي،
وهه ڏس تنهن ويل ۾، مانجهي مٽيا مجنن جيها.
**
سسئي سڄي سڪ، ته به ڪَسي سسئي،
ان تڙ منجهاران تڪ، پيتي وڌي سِڪ ٿي.
سسئي انهيءَ سچي سڪ ۽ عشق جي الانڀن جو درد ڀريو داستان آهي. ”مون ڀانيو نينهن، پر ڄڀيون ڄيري سنديون“ واري ڪار آهي، جتي عقل جي ڪا حجت ڪانه ٿي هلي، ڇو ته، ”عقل، مت، شرم ٽيئي نينهن نهوڙيا“، ٿورو غور جو مقام آهي:
عقل استدلال آهي، عشق حال و قال آهي. عقل تفڪر ۽ تحير آهي، عشق ترنم ۽ تبسم آهي. عقل درايتي ۽ معقولات جو ميدان آهي، عشق روياتي ۽ منقولات جو سحر آهي. عقل تنجبات ۽ مشاهدات جو سهارو آهي، عشق جذبات ۽ هيجانات جو گهوارو آهي. عقل افسانه ۽ حڪايت جي بازار آهي، عشق اسرار و آيات جي درٻار آهي. عقل انديشه ۽ استفهام جي چاڙهي آهي، عشق وجدان ۽ محبت جو محل آهي. عقل سنجيدگيءَ جو هڪ سنگين حصار آهي، عشق انهيءَ حصار مان نڪرڻ جي درخشنده شاهراه آهي. عشق دنيا ۽ آخرت جي سڀني چنتائن، غمن کان آزاد ۽ آجو ڪرڻ وارو جذبو آهي، تلاش حق ۽ حقيقت جو سڄو مدار عشق تي آهي، جيئن ’مولانا رومي‘ جن فرمائين ٿا ته:
مرحبا اي عشق خوش سودائي ما،
اي طبيب جمله علت هائي ما،
اي دوائي نخوت و ناموس ما،
اي تو افلاطون و جالينوس ما،
جسم خاک از عشق بر افلاک شد،
کوه در رقص آمد و چالاک شد،
عشق آن شغل است کوچون بر بروخت،
هر چه جز معشوق باقي جمله سوخت،
در نگاه عشق در گفت و شنيد،
عشق دريائيست قعرش با پديد.
”اي عشق مرحبا، تون اسان جي شغل جو بهترين رفيق ۽ اسان جي سڀني بيمارين جو علاج آهين. اسان جي وڏائي ۽ فخر جي دوا مرحبا! تون اسان کي افلاطون ۽ جالينوس جيان آهين، جڏهن عشق جي ڪري، خاڪي جسم افلاڪ تي پهچي وڃي ٿو ۽ جبل جهومي ڀڙڪي اٿي ٿو ته، سواءِ معشوق جي ٻي هر شيءِ کي رک ڪري ڇڏي ٿو. عشق گفت و شنيد ۾ سمائجي نٿو سگهي. عشق اهو سمونڊ آهي، جنهن جو ترو يا ڇيهه ڪنهن لڌو ئي نه آهي. جيڪڏهن آئون عشق جو تفسير ڪرڻ گهران ته، سوين قيامتون گذري وڃن، ان جو تفسير مڪمل ٿي نٿو سگهي.“
سسئي، روميءَ جي بيان ڪيل انهيءَ سوزو گداز جي مڪمل تصوير آهي، جيڪا عشق جي اولانڀن ۽ ڄيري هاڻن ڄڀن جي هر قدم تي آجيان ڪندي نظر اچي ٿي
علامه اقبال چواڻي:
"بے خطر کود پڑا آتشِ نمرود ميں عشق"
هن ۾ حضرت ابراهيم خليل الله جي آڙاهه ۾ ٽپي پوڻ واري واقعي ڏانهن اشارو آهي، جنهن کي معجزو تصور ڪيو وڃي ٿو، پر صوفيانه فڪر ۾ ان جي توجيهه ضروري آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام جن ذات جي تلاش ۽ عشق الاهيءَ ۾ ايترو مدغم ۽ تحليل ٿيل هئا، جو سندن وجود الاهي عشق جي آڙاهه ۾ پچي پختو ٿي چڪو هو. جڏهن نمرود حڪم ڪيو ته، ابراهيم کي آڙاهه ۾ وجهو، جنهن باهه جي مادي حيثيت هئي، اها انهيءَ وجود کي، جيڪو ذات جي تجلي ۽ ان جي رنگ ۾ ايترو ته هم رنگ ٿي چڪو هو، جنهن جي آڏو پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺي.
عشق صرف انسان جو جوهر نه آهي، بلڪه حيات ۽ ڪائنات جي تخليق ۽ ارتقا عشق جي قوت جي مرهون منت آهي. ’سرمد شهيد‘ خوب چيو آهي ته:
غم عشق بوالهوس را نه دهند
سور پروانه مگس را نه دهند ...
**
سنڌڙيا شراب جون ڪوه پچارون ڪن،
پِڪون سي پِين، سِر جنين جا سَٽ ۾.
عشق جو تير بي پير آهي، هن جو درد بيدرد آهي، جيئن ’عطار‘ فرمائي ٿو ته:
قدسيان را عشق هست و درد نيست،
درد را جز آدمي در خور نيست.
”فرشتن کي به عشق آهي، پر درد نه آهي ۽ اهو درد انسان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي لائق نه آهي.“ عشق جي انتها جي ڪماليت آهي، جتي وجود ۽ احديت ۾ سواءِ حق تعاليٰ جي ٻيو وجود نه هوندو آهي. لطيف چواڻي:
پنهون ٿيس پاڻهين، ويو سسئي جو سينگار،
”من عرف نفسه فقد عرف ربه“ اهو ئي آچار.
**
پنهون ٿيس پاڻهين، ويئي سسئي جي سونهن،
”خلق الاَدم عليٰ صورته“، وڻن منجهه ورونهه.
جيئن شيخ اڪبر محي الدين ابن العربي فرمائين ٿا ته:
فَاِن ڪَان عبدا ڪانَ بالحق واسعا،
وَ اِن ڪانَ رب ڪَان في عشه ضَڪ.
انهيءَ مصداق سسئي عشق جي انهيءَ رمز آفريني ۽ رمز آگهي جي پيڪر هئي، هڪ مقام تي سسئي کي چوڻو پئجي ويو ته:
پري ٿي پنهوار، منهانئي ٿو مچ ٻري،
سُڻي سور تنوار، ڇيلا نه پونئي ڇپرين.
(شاهه)
سسئي عشق جي انهيءَ آڙاهه ۾ مجسمهِ باهه هئي، جيڪا مچ مچايو اولانڀا ڏيو ۽ ڄڀيون ڄيري سنديون ڪڍي ٻري رهي هئي ۽ اهو به پئي چيائين ته:
مٿيان مٿي مچ، ٻريم باروچل جو،
جيڪي چيو سو تئين، سو به سڀوئي سچ،
امڙ! اوري اچ، ته سِٽ سُڻايين سور جي.
(شاهه)
لطيف جو ڪلام فڪري ۽ معنوي حيثيت سان شاعري ۽ تصوف جي دنيا ۾ پنهنجو هڪ علحده مقام رکي ٿو. لطيفي فڪر تي هر صاحبِ قلم پنهنجي فڪري استعداد ۽ علمي مايه مطابق لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا ان جي علمي ڄاڻ مطابق حيثيت رکي ٿي. ڀٽ ڌڻي سرڪار عالمي طور نهايت وڏو نالو آهي. جيڏو سندس مقام مٿاهون آهي، اوترو ئي سندس ڪلام ۽ فڪر اُتاهون آهي. جڏهن به ورق ورائجن ٿا، ته نت نيون معنائون ۽ نوان فڪري ماڻ ۽ رخ روشن ٿين ٿا، احساس ۽ جذبن جي دنيا حسين نظر اچي ٿي، جيڪا متحير ڪريو ڇڏي. عقل ۽ عشق جي انهن اورڪن ۽ بهور جي بحر ۾ گهڙڻ جي سٽ ساري نٿي سگهجي.
لطيف جي هر ڪردار جي پنهنجي جاءِ ۽ حيثيت، انفراديت ۽ تشخص آهي. هر ڪردار جو انداز ۽ آچار، رويو ۽ رونق پنهنجي آهي. مومل هجي يا مارئي، ليلا هجي يا ڪونئرو، سورٺ هجي يا نوري، سهڻي هجي يا سسئي، هر ڪنهن جو پنهنجو انداز ۽ اعجاز آهي. هن عظيم شاعر جي فڪري اورڪ ۾ هر ڪومل ڪامڻي پنهنجي سيتلتا، حسن ۽ سچائيءَ سان نسري نروار ٿئي ٿي ۽ هر قدم تي متاثر ڪري ٿي.

[b](الف) وادي طلب:
[/b]اول آخر آ، هلڻ منهنجو هوت ڏي.

[b](ب) عشق:
[/b]العشق نارالله لمؤقدت، کوريءَ جيئن کاڻي.

[b](ج) معرفت:
[/b]هوت تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوه پهي،
”وفي انفسڪم افلاتبصرون“ سوچي ڪر صحيح.

[b](د) وحدت:
[/b]”والله بِلڪُل شيءِ محيط“، اي آرياڻيءَ اهڃاڻ،
سڀ ۾ پنهون پاڻ، ٻئو ناه ٻروچ ريءَ.

[b](و) فنا:
[/b]جان، جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ بيٺي، ساريندي کي سڄڻين،
**
مَر ته مِڙين سسئي، جيئڻ آڏو جت.

لطيف، سسئي جهڙي سيتل ڪامڻيءَ کي انهن مهميز منزلن مان گذاري ٿو، نه صرف گذاري ٿو، پر پاڻ به ان سان گڏ نظر اچي ٿو، تڏهن ته چيائين:
سسئي لنگهيو سو، مڙد جنهن مات ڪيا،
جبل جيڏو جو، نينهن مڙيئي نوڻ ڪئو.
پيڙا ۽ سور سسئيءَ جا ازلي ساٿي نظر اچن ٿا. سسئي سورن ۾ چائي، سورن ۾ سامائي ۽ سورن کي ساڻ کڻي، ساٿي بنائي ڏونگر ڏوري ٿي. ’سرجي ته سور، سامائي ته سُک وئا‘. سورن کي سسئي وار وِٿي ڪانه ڏني. ’سورن سانگهارو، ڪڏهن تان ڪين ڪئو‘. واري ڪار رهي. چوندي رهي ته، ’سور مَ وڃيجاهه، سڄڻ جيئن سانگ ويا‘. ’اَچو سورن واريون، ڪريون سور پچار‘. سور سسئي جا ساٿي رهيا. ’سسئي ۽ سور، ويا پِٽيندا پاڻ ۾‘. سسئي سورن کي ساڻ کڻي، جڏهن ڀنڀوران نڪتي ته چيائين:
ڀنڀوران ٻاهر نڪري، مون جي سڏ ڪيا،
تو جي هوند سُئا، هوت نه ڇڏين ها هيڪلي.
الله الصمد! واري وري ويئي؛
’ڏنءَ لڳو‘ ڏونگر ٻَريو، ڀينر کاڻي ڀونءِ،
منان لاٿو مون، سندو جيئڻ آسرو.
آهون ۽ دانهون ڪندي چيائين:
ماءُ وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پانهنجي
مادر جي نيڻن سان لڙڪن هاڻا نيڻ ملائي، چئي ڏٺائين ته:

سرتين سهج منجهان، ٿي ڪوڏو ورهايا ڪپڙا،
تڏهن منهنجي ماءُ، پهڻ آڇيا پٻ جا.
هاڻي هوتن بنا هت منهنجو ڇا، پنهونءَ جا پير کڻڻ لڳي.
ڪڙهي ۽ ڪڙي، پر ۾ پير پنهونءَ جو.
لطيف جي سسئيءَ جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته، محسوس ائين ٿئي ٿو ته، لطيف سسئي جي سورن واري سفر جو، نه صرف عيني شاهد آهي، پر سانڀيئڙو ۽ ساٿي به آهي، جو ان جي حال کي ڏسندي چوي ٿو:
جي سورن سجهائي، توءِ چيلهه ٻڌيو چوٽئين چڙهي.
پڙهندڙ کي به انهيءَ راهه جي رمز سان آشنائي ڪرائي ٿو. هڪڙي رڃ ۽ رائو، ٻيو ڪرڙا ڏونگر، ڪهه گهڻي ۽ واٽن تي واري، نه سنگتي، نه ساٿي، سواءِ سورن جي، جن کي چوي ٿي ته، ’سور نه مٽج ساءُ، آئون نه وڪڻي آهيان‘. وره جو مون وٽ وٿاڻ آهي، انهيءَ ڪري ته اوهين سور سلامي آهيو. اوهان ئي ته منهنجا سور ڀائي آهيو. اوهان کي ئي منهنجي هر حال جي خبر آهي، انهيءَ ڪري ئي جهڙي تهڙي حال ۾ اوهان مون سان گهاريو ۽ ساٿ نڀايو آهي.
’تن سورن کي شاباس، جنين مون سين گهاريو‘.
سسئيءَ جي بياض جي هر سور ۾، هن ڪونج جهڙي ڪامڻيءَ جي سورن جي سهٽ ۽ اندر جي آڳ ۽ اُڌمن، درد ۽ فراق، ورهه ۽ وڇوڙي جي بيان جو عڪس آهي. نماڻي نار، ٻانڀڻ ٻيٽي، پرٽ جي پاليل، وک وک ۽ قدم قدم تي پڪاري ۽ عشق ۾ آهون ڪري ٿي:
ڪو جو لڳو ٻاڻ، آريءَ جي عشق جو!
انهيءَ عشق جي گهاءَ کيس گهوماٽي وڌو، سندس وجود وکري ويو.
ٻلر لڳس ٻاڻ، پسو جوءِ جرا ٿئي.
هر شيءِ سندس ويري بنيل آهي. ڏير ويري، ڏاگها ويري، ڏونگر ويري، سڄ ويري، جيڏانهن به نظر ٿي ڪيائين، ته هر شيءِ سندس لاءِ الو ۽ انگڙو کنيو بيٺي هئي، انهيءَ ماجرا کي ڏسندي چيائين ته:
ويو سڄ وڻن تان، راسيون رَتائين،
مون کي ماريائين، اديون! اونداهي ڪري.
درد فراق جي ماريل سونهن وندي سسئي جڏهن ور لاءِ ورلاپ، آهون ۽ دانهون ڪري ٿي ته، ڏونگر به ڏکارا ٿي پون ٿا. سڄي ڪيفيت ۽ احساس کي هن مهان شاعر جنهن انداز سان بيان ڪيو آهي، اهو ’الميه ادب‘ جو هڪ عظيم باب آهي، جنهن ۾ شعر جي اظهاري قوت ۾ هڪ قسم جي غم انگيزي ۽ رقت جو اٿاءُ جذبو سمايل آهي، جنهن جي شدت ۾ هڪ ڀرپور تاثير سمايل آهي، جيڪو پڙهندڙ کي انهيءَ منظر کان ٻئي پاسي هٽڻ جو موقعو ئي نٿو ڏئي ۽ ان جي جيءَ کي جهوري وجهي ٿو. سُر معذوريءَ جي داستان ستين جا بيت انهيءَ غم انگيز داستان جي هڪ اهڙي تصوير آهن، جن جو ڪو بيان ڪري نٿو سگهجي. دنياِ ادب ۾ ان جو مثال ملڻ محال آهي.
آئون نه گڏي پرينءَ کي، ٿورا ڏينهن ٿئا،
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، سهسين سڄ وئا.
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لوهين سڄ.
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، پويون ٿيم پساهه.
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، عيد تان ويئي.
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، جوڀن وئڙم جار.
انهيءَ ٻاڪارڻ ۽ دانهن ڪوڪن ۽ روڄ ۽ راڙي ۾، اهو ڏينهن به پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، ۽ سسئيءَ کي چوڻو پئجي ويو:
آئون نه گڏي پرينءَ کي، هي پڻ ڏينهن وئو.
سندس آڏو موت جو منظر اچي ويو ۽ چئي ڏنائين ته:
آئون نه گڏي پرينءَ کي، مٿان آيو موت.
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، آيو عزرائيل.
محبت جي مجاز، وصل ۽ ڦوڙائي ۽ پرينءَ جي پچار ۾ ايترو غرق ۽ پهيل آهي، جو عزرائيل کي به چئي ڏنائين ته، ڇا توکي پنهونءَ موڪليو آهي؟
هت هڪ نقطو غور طلب آهي، جيڪو وري طلب ۽ عشق جي اعليٰ مقام تي پهچڻ بعد پيدا ٿئي ٿو. ان جو اظهار لطيف هن بيت ۾ ڪيو آهي، جنهن جو مفهوم مون مٿي ڏنو آهي:
اچي عزرائيل، سُتي جاڳائي سسئي،
پئي دوڙائي دليل، ته پنهونءَ ماڻهو موڪليو.
’قوت عزرائيليه‘ ڪائنات جي اندر اها قوت آهي، جيڪا هر ذري لاءِ وجه انفسال آهي. قوت عزرائيليه جو سسئيءَ کي جاڳائڻ ’قبل انت موتو‘ جي مام مان کيس سجاڳ ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته عشق جي انتها ۾ تجليِ حق جي انوار پاشيءَ ۾ سسئي نهايت اعليٰ مقام تي هئي، جنهن لاءِ لطيف فرمائي ٿو ته:
ولاڙيو وڻين چڙهي، ڪي جو ڏٺائين،
موت مَ ماريائين، پاڻ تنهنجي پُٺ ۾،
ٻئي ڪنهن هنڌ فرمائي ٿو ته:
تو سامائي سسئي، مرڻ ڪئو مُردار.
سسئي جڏهن عشق جي اعليٰ مقام تي پهتي يا سامائي ته هن مرڻ کي، وڇوڙي کي، فصل ۽ جدائيءَ جي وجود کي ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان کي پاڻ تي وارد ڪري يا نافذ ڪري ان کان اڳتي نڪري چڪي هئي. هن ’ڪي جو ڏٺو‘، ان ڏسڻ جي ڏَس کيس انهيءَ کان آجو ڪري ڇڏيو هو ۽ هوءَ ذات احديت ۾ فنا ٿي چڪي هئي، جتي حق جو حُسن ۽ ان جي نور جي تجليءَ جو تاب هو. لطيف چواڻي ته:
پسي جهاجهه جمال جي، جنين پيتي پڪ.
صوفي فڪر ۾ اهو فنائيت جو درجو آهي، جيڪو ’ان اولياءَ الله ولا خوف عليهم ولا هم يحزنون‘ جو مقام آهي، جتي نه خوف آهي ۽ نه حزن ۽ ملال، عارف انهيءَ کي مقام ڪبريائي سان تعبير ڪن ٿا. جتي نه موت آهي، نه حيات، صرف ذات جو جلوو ۽ جمال آهي. هرسو سُبحان آهي ۽ هر آن هن جو شان نرالو آهي. لطيف انهيءَ ماڳ جو، مقام جو سسئيءَ جي سمت ۾ اظهار ڪري ٿو، جيڪو ’ڪان الله ولم يڪن تمشي‘ جي مصداق آهي، جيئن محي الدين اڪبر ابن العربي جن فرمائين ٿا ته:
فلم يبقيٰ الا الحق لم ڪان،
فهاتمه موصول وما تمهه بائن.
”وجود احديت ۾ سواءِ حق تعاليٰ جي ٻيو ڪو موجود نه آهي. هتي نه ڪو مليل آهي، نه وري ڪو جدا آهي، هتي ته هڪ ئي ذات آهي.“
سسئيءَ جي زباني لطيف جنهن اعليٰ مقام جو ذڪر ڪيو آهي، اهو صوفي فڪر ۾ هن عارف جي روحاني منزل ۽ القاءِ جي ڪيفيت جو هڪ نرالو منظر آهي، جيڪو کيس عظيم صوفين جي سٿ ۾ بيهاري ٿو.
مٿي جن بيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن ۾ شاعريءَ جي ڪا لفاظي نه آهي. (آئون نه گڏي پرينءَ کي) پر انهن بيتن ۾ لطيف هن عظيم ڪردار جي وجود، حال، قال ۽ ان جي اندر جي انهيءَ سڄي ڪيفيت کي لفظن ۾ سموهي پيش ڪيو آهي. محبت جي انهيءَ ميخ ۽ عشق جي ٻاڻ بظاهر سسئي کي معذور ڪري وڌو، پر ان ۾ حق ۽ حق جي تلاش ٻن صورتن سان سامهون اچي ٿي.
(1). پنهون، سسئيءَ جو شرعي حق هو، جنهن کي هن کان زوريءَ جدا ڪيو ويو، پنهنجي انهيءَ ناتي کي نڀائڻ هن فرض ڄاتو ۽ پنهونءَ پويان پيرا کڻي پنڌ پئي، وندر ووڙيائين ۽ جبل جهاڳيائين، جنهن جو مٿس حق هو، پنهنجي حق جي حاصلات لاءِ ڏونگر ڏوري هوءَ فرض نڀائي ٿي.
(2). ٻيو تصور آهي، ذات جي تلاش، جيڪا عارف آڏو آهي، جنهن کي لطيف سسئيءَ جي پيرهن ۽ ان جي التباس ۾ اوري ٿو، جنهن جي نقطن سان پنج ئي سُر پُر ٿيا پيا آهن. صرف انهن ۾ پيهي پرجهڻ جي ضرورت آهي. اسان مٿي ڪن هنڌن تي قدري ذڪر پڻ ڪيو آهي. جيئن ته هي هڪ الڳ موضوع آهي، جيڪو وڏي وستار ۽ ڳڻ جو محتاج آهي.
سسئي پنهنجي حق جي تلاش ۾ جيڪي سور ۽ سختيون سٺيون، اهو الميه تاريخ جو غم انگيز باب آهي. لطيف، سسئيءَ جي انهيءَ ماجرا ۽ حال کي نهايت منفرد انداز ۾ بيان ڪري ٿو. دنياءِ ادب ۾ ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. محبت جي ماري ۽ سورن جي ستايل، جبل جي چوٽين ۽ دڙن ۽ وڻن تي چڙهي پنهون کي ڳولي ٿي ته، متان ڪٿان ڪو انهيءَ ساٿ جو سرو ڏسڻ ۾ اچي. من هن جو ڪو دڦڪ يا دئو نظر پوي، جنهن لاءِ سر جو ڪو سانگ نٿي ڪري. لطيف چواڻي ته:
حسينيءَ جي هاڪ، مادر ماري آهيان.
يا
ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجهه هزار،
جڙ جنين جي جان ۾، لڳڙي ريءَ لهار،
لوڏيان لوه نه نڪري، ڪڻڪئو منجهه ڪپار.
محبت جي انهيءَ ميخ کي اڳتي سوريندي، سسئي پاڻان بيخودي واريءَ حالت ۾ بيان ڪندي، فرمايائين ته:
ولاڙيو وڻين چڙهي، ڳجهن ٿيندي ڳاهه،
سسئي سوريءَ چاڙهيو، پنهونءَ لاءِ پساهه.
**
ولاڙو وڻين چڙهي رائو پسيو روءِ.
**
ولايو وڻين چڙهي، اونچن مٿي اڄ.
**
ولاڙيو ٿو ويڻين چڙهي، ڏيو پٽوري لانگ،
سسئي مور ٻچن جيئن، ٽاري ٽاريءَ ڇانگ،
ڪانڌي ٿينديس ڪانگ، هو جي روڏ رڃن جا.

غور ڪبو ته، هر بيت پنهنجي اندر مخصوص تصوير ۽ منظر رکي ٿو، جيڪو شاعر جي مشاهدي ۽ نازڪ خياليءَ جو عجيب منظر پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ شاعر مشاهدي نگار جي حيثيت سان جيڪا چترڪاري ڪئي آهي، اها لک لهي. پوئين ڏنل بيت جي ڪجهه وضاحت ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان. سسئي پنهنجي پٽوري (پٽ واري) گندگيءَ کي ڪسابڙي جيئن ٻَڌي ٿي، محبوب جي ڳولڻ لاءِ وڻن تي چڙهي ٿي، محبوب جي بيقراري ۽ بيتابيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٿي. انهيءَ غم انگيزيءَ ۽ ياسيت واري عالم ۾ لطيف کي سسئي مور جي ٻچن جيان سهڻي، سون پري لڳي ٿي ۽ پري کان شاعر ائين ڏيکاري ٿو ته، جهڙڪر وڻن جي ٽاريءَ ٽاريءَ تي انهن جو جهڳٽو هجي، جيڪي پري کان سهڻا نظر اچن ٿا.
انگريزي شاعري توڙي اردو يا فارسيءَ ۾ به اهڙي حُسن جي ڏيکاءَ جو مثال مشڪل سان ته ٺهيو، پر بنهه نه ملندو. اهو هن عارف جي انجام ڪار جو اظهار نظر اچي ٿو. انهيءَ احساس کي اڳتي وڌائيندي، لطيف نه صرف سسئيءَ جي اٽل ارادي، پر لڄ جي سنڀال جو پڻ ذڪر ڪري ٿو:
ولاڙيو وڻين چڙهي، پسو سگهه سنديس
**
کڻئو لڄ لطيف چئي، لڪن منجهه لڇان

شاعر سسئيءَ کي ورلاپ ڪندي ۽ پنهون پنهون پڪاريندي پڻ ڏسي ٿو ته، هوءَ آهون ۽ دانهون ڪندي ڪندي وڻن تي چڙهي، حد نظر تائين پنهنجي پرينءَ کي پسڻ لاءِ پئي جهوتون وجهي:
وڙلايو وڻين چڙهي، ڏاڍو ڏوري ڏور،
سپريان جي سور، پري پڙاڏا ڪري.
سسئيءَ جي ڪوڪن ۽ ڪوڪارن جو، ريهن ۽ رڙين جو پري پري پڙاڏو پوي ٿو، جنهن جي رقت آميزيءَ کان جبل به ڪنبي وڃن ٿا ۽ ڏونگر ڏري پون ٿا. هن جي آه بقا ۾ جيڪو درد ۽ تاثير آهي، ان کان پهڻ به پاڻي ٿيو پون. انهيءَ آهن ۽ دانهن جي آواز کي لطيف ڪوئل جي ڪوڪ، سارنگيءَ جي آواز ۽ ڪونج جي ڪڻڪن سان تعبير ڪري ٿو، جنهن ۾ هڪ قسم جو ميٺاج، ولولو ۽ واڪو آهي. اهو واڪو ۽ اها آهه سندس آڏو عشق جي آهه آهي:
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪويل جي ڪوڪ،
ولولو ۽ ووڪ، اي تان آهه عشق جي.
سسئيءَ جو سڄو بيان اهڙن املهه موتين سان جنهجهيو پيو آهي، صرف ذوق نظر، غور ۽ خوص جي ضرورت آهي. منجهس جتي جمالياتي عنصر آهي، اتي روماني، الميه ۽ غم انگيزيءَ جي پالوٽ آهي. لطيف سائين، سسئيءَ جي سٽاءَ ۾ ورهه ۽ وڇوڙي جي وڻاهه، عشق ۽ حقيقت جي رمز جا جيڪي گل ٽاڪيا آهن، معنيٰ جي موتين جي جيڪا پوچ ڪئي آهي، اها نهايت وڏي وستار واري آهي. هر سُر ۽ ان جو هر بيت منفرد انداز جو آهي، جيڪو تفصيلي تبصري، واکاڻ وينجهائڻ جو محتاج آهي. ڪٿي ته درد جا درياءَ اُٿليا پيا آهن، جن ۾ ماڻهو غوطا پيو کائي، ڪٿي حسن ۽ منظرنگاريءَ جو اهڙو ته بيان آهي، جو سڄي ڳالهه جهڙوڪر، اکين آڏو اچيو وڃي.
ڪن هنڌن تي معنويت جو اهو وکر ونڌيل آهي، جو ابن العربيءَ کان وٺي مولانا روم، جنيد بغدادي، منصور بن حلاج، بايزيد بسطامي، شهاب الدين سهروردي، جامي، علامه قشيري ۽ شاهه ولي الله وغيره جي بيان ڪيل صوفيانه واردات، مشاهدات ۽ حقائق جي جهلڪ جو پرتوو نظر اچڻ لڳي ٿو. جيڪو هن مهان شاعر ۽ صوفيءَ جي باطن جي بصيرت کي پڻ ظاهر ڪري ٿو. لطيف جيڏو وڏو شاعر آهي، اوترو ئي عظيم صوفي آهي. اسان کي لطيف کي انهيءَ روشنيءَ ۾ ڏسڻ گهرجي.