’سُر رپ‘ ۾ درد ۽ سور سان لاڳاپيل تشبيهن جو استعمال: مير محمد پيرزادو
انسان اوسي پاسي جي شين، ماحول، منظرن، حالتن ۽ وايو منڊل کان متاثر ٿئي ٿو ته، ان وقت هن جو عقل به ان کان متاثر ٿئي ٿو، ته جذبو به ان جو اثر قبول ڪري ٿو، جنهن جي هڪ ٻئي تي ٿيندڙ عمل (Reaction) جي نتيجي ۾، ادراڪ جُڙي ٿو ۽ ان ادراڪ مطابق عمل ترتيب وٺي ٿو.
عقل انسان کي دنيوي قانون، انساني، اخلاقي ۽ تهذيبي قدرن وارن قانونن، سماجي، سياسي، معاشي ۽ معاشرتي قانونن جي حدن اندر رکڻ تي زور ڏئي ٿو ۽ هر عمل کان اڳ ۾، ان جي مضمرات تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري ۽ مڪمل تحفظاتي نظام جي روشنيءَ ۾، ڪنهن عمل ڪرڻ لاءِ اجازت ڏئي ٿو، پر جذبو جيئن ته احساسن، امنگن ۽ اُڌمن سان واسطو رکي ٿو، ان لاءِ جڏهن ڪنهن به حالت، منظر، ماحول يا وايو منڊل سان واسطو پوي ٿو ته، بنا ڪنهن اڳ پوءِ جي سوچ جي، انسان بيخود ٿي ڪنهن عمل ڪرڻ / اظهار ڪرڻ تي لهي ايندو آهي. جيئن روئڻ، کِلڻ، خاموش ٿي وڃڻ، خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ، اداس ٿي وڃڻ، ڪن ۽ نڪ ڳاڙهو ٿي وڃڻ، مُنهن پيلو ٿي وڃڻ، اکيون جهڪائي ڇڏيڻ، اکيون ڦوٽارڻ وغيره وارا عمل جذبات جي دنيا سان لاڳاپو رکندڙ آهن.
بهرحال ڪنهن وٽ وڌيڪ شديد ته ڪنهن وٽ گهٽ شديد، پر اها جذبات جي دنيا هر فرد ۾ حال سارو موجود ضرور هوندي آهي، پوءِ ڪي ان تي ضابطو رکي سگهندا آهن، ته ڪي مورڳو ئي ضابطو رکي نه سگهندا آهن. جيڪي يقينيءَ واري صورتحال ۾ پلبا آهن، انهن وٽ جذباتي ضابطو ڪرڻ ڪنهن حد تائين وڌيڪ ممڪن هوندو آهي، پر جيڪي انسان غيريقينيءَ وارين حالتن ۾ پلبا آهن، انهن وٽ جذبات تي قابو پائڻ جي قوت جو فقدان هوندو آهي، پر مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون ان معاملي ۾، اڳڀريون يعني زياده جذباتي لاڙو رکندڙ هونديون آهن.
ظاهري تدريسي يا روايتي علمن جو اثر عقل تي پوندو آهي، جڏهن ته فڪر ۽ سوچ جو اثر جذبات تي زياده هوندو آهي، ان لاءِ عقلمند، پر جذبات کان عاري ماڻهو، حساس گهٽ، پر باضابطا ۽ خشڪ مزاج زياده هوندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ جذباتي ماڻهو گهڻو حساس، ڇڙواڳ ۽ نماڻو / نهٺو مزاج رکندڙ هوندو آهي.
دنيا ڀر جي ادب ۾ انهن ٻنهي انساني مزاج جي محرڪن کي علم ۽ ادب جو موضوع بنايو ويندو آهي، پر اهو فيلسوفي ۽ سماجياتي دانشورن جي مکيه ۽ بنيادي موضوع رهيو آهي، جنهن ۾ عقل جيترو زياده غلبو حاصل ڪندو، اوترو ماڻهوءَ کي گهٽ ڳالهائيندڙ، پر هڪ سوچيل سمجهيل موقف رکندڙ بنائيندو ۽ دل ۽ دماغ ۾ ڪيتري به هلچل پيدا ڪري، پر ان جو اظهار گهٽ ڪرڻ تي مجبور ڪندو. ان جي اُبتڙ جذبو جيئن ۽ جڏهن به شدت اختيار ڪندو، ته ماڻهوءَ کي انتهائي مجبور ڪندو ته، ان جذبي جو ڪنهن به ريت اظهار جيترو جلد ٿي سگهي، ته ڪري ۽ ان اظهار ۾ جيتري ممڪن شدت پيدا ڪري سگهي ته، اها ڪري.
ماڻهن جي خوشيءَ ۾ اچي نچڻ به خود اهو جذبو آهي،، جيڪو اندر ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ اهو اظهار جي اهڙي ته تقاضا ڪندو آهي، جو ماڻهو مجبور ٿي، اُٿي نچڻ لڳندو آهي. سٺي تقرير تي تاڙيون وڄائي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي. سٺي راڳ ۾ چنگهون لوڏي يا ٽيبل وڄائي ان جو اظهار ڪيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪي لفظ اُچاري يا ڪا تحرير لکي به، ان جذبي جو اظهار ڪري سگهبو آهي، پر ان جي لفظي اظهار ۾ شدت، سلاست، رنگيني ۽ مٺاس آڻڻ لاءِ به ڪي ٽيڪنيڪي ۽ پيرائي يا بيان جون ترڪيبون تخليق ٿين ٿيون، جيڪي ان وارتا جي اصليت ۽ معصوميت اهڙي ته سادي سودي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ نموني بيان ڪري وينديون، جو اها جذبي جي اظهار لاءِ ڪيل تخليق سمجهڻ ۾ سولي، پڙهڻ ۾ مزيدار ۽ موسيقيءَ سان ٽمٽار هوندي. اهڙين انيڪ ترڪيبن مان تشبيهه به هڪ ترڪيب آهي، جنهن جي استعمال سان، نه رڳو شيءِ جو قد، بُت ۽ هڏ ڪاٺ بيان ٿي ويندو آهي، پر ان جي بذات خود ڏسڻ سان جيڪا اکين، ڪنن، ڄڀ، چمڙيءَ ۽ نڪ جي سنگهڻ سان ڪيفيت طاري ٿيڻ گهرجي، اها بلڪل هوبهو اصل جهڙي طاري ٿي ويندي آهي.
’تشبيهه‘ لفظ ’شبيهه‘ مان جڙيل آهي، يعني ته شڪل شبيهه ۾ هڪجهڙائي رکندڙ ٻي ڪا شيءِ، جنهن جي خيال اچڻ سان اصل شيءِ ياد به اچي وڃي ته، ان جا اثر به محسوس ٿيڻ لڳن. جيئن خوشبوءِ، بدبوءِ، ڏک، سُک، ٿڌڪار، گرمي، سٺو آواز، رڙيون، ڪوڙو، مِٺو، سهڻو، ڪوجهو وغيره. تشبيهه هوبهو هڪجهڙي سان ڏئي اصل شيءِ ذهن تي آڻبي آهي، پر اصل شيءِ جي تشبيهه ڏئي ان کي ساراهبو آهي. ڪنهن وڌيڪ ڪوڙيءَ يا وڌيڪ مِٺيءَ شيءِ سان ڀيٽي ۽ ان جي اصل ڪيفيت ۾ شدت پيدا ڪري سگهبي آهي، جيئن: ”ڪي ڪي ماڻهو، ٽوهه پٽن تي، ڪي مصريءَ جي سنگن جهڙا“. اُتي ’ٽوهه‘ ڪوڙاڻ ۽ مصري جو سنگ ’مٺاڻ‘ جي تشبيهه طور ڪم آيل آهن.
تشبيهه لاءِ ضروري آهي ته، عام شيءِ جيڪا روزمره ڏسجي پئي، ان سان تشبيهه ڏنل هجي. پورهئي جي تسلسل مان گذري ثقافتي حيثيت حاصل ڪيل شيءِ سان تشبيهه ڏنل هوندي ته، پڙهندڙ کي اها پنهنجي لڳندي، سمجهه ۾ جلدي ايندي ۽ محسوسات ۽ ڪيفيتون پڻ پهچائيندي. ان شيءِ سان سالن جي مانوسيت هوندي، اها بلڪل پنهنجي لڳندي، دل ۾ پيهي ويندي ۽ ذهن ۾ گهر ڪري ويندي.
شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ واريءَ سنڌ ۾ اها ڪيفيت آهي ته، ڪچهرين ۽ روح رهاڻين جا هنڌ ٻهراڙيءَ جون اوطاقون آهن، جتي واڍا، رازا، لوهار، ڀڳل هڏ ڳنڍيندڙ ڪنڀر، حجم، سُگهڙ، ڳائڻا، چلم ڇڪڻ جا موالي ۽ ڪمي ڪاسبي اچيو رات جو گڏ ٿين ۽ ثقافتي اسمن کي اثبات ڏين. اُتي اگر تشبيهه ڏيندي چئبو ته، ’اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري‘ ته، اهو لهجو عوام جي دلين ۾ بلڪل پيهجي ويندو. تڏهن سنڌ ۾ پوکون مينهن تي ٿينديون هيون، ان ڪري مينهن ڏانهن مرڻ ۽ جيئڻ واري آس ۽ اُڪير هوندي هئي. ’اُٺي جيئن مورن، اوڀر ولهارن ۾‘ ٻهراڙيون هونديون هيون. روڊ پڪا ۽ سڙڪون ڪونه هيون، پر چارا ۽ واٽون هونديون هيون، جن جي پاسن سان واڻراهه هوندي هئي، جتي سفر تي نڪتل قافلا ويساهينءَ لاءِ جهٽ پلڪ ڊاٻو ڪري، ساهي پٽي پوءِ اڳتي هلندا هئا ته اتي، ’واٽ ورک‘ يعني واٽ جي وڻ سان تشبيهه ڏيڻ، اهڙو ڪم آهي، جيڪو عام ماڻهو روز روز ڇا، پر هر گهڙيءَ پيو ڏسي. معنيٰ ته ان جي دل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾، اها واٽ ورک واري تشبيهه ٻاهر اچڻ لاءِ آتي هجي. تنهن کي شاهه صاحب جي ڪلام ۾ ڏسي، اهي ماڻهو ان ڪلام کي بلڪل پنهنجو سمجهي ويٺا ۽ ان کي عقيدت ۽ چاهت وچان برزبان ياد ڪيو، ڳايو يا جهونگهاريو پيا، اندر جا اُٻڙڪا جَهڪا ڪن.
يورپ ۾ صفحن جا صفحا ڀري شاعري ڪرڻ تي، ڪنهن هڪ ئي بهترين تشبيهه گهڙيندڙ شاعر کي فوقيت ڏني ويندي آهي. بقول شوپنهار: ’شاعر جو ڪم آهي ته گذريل منظر جنهن کيس متاثر ڪيو، ان کي لفظن جي معرفت وري ٻيهر جيئاري، ته جيئن پڙهندڙ ان منظر جي هر داءَ ۽ پيچ کان بلڪل ائين واقف ٿين، جيئن ان کي روبرو ڏسندي، شاعر پاڻ متاثر ٿيو هو. اهو عمل ڪنهن جادوءَ رستي يا روحاني طاقت رستي سرانجام نه ڏنو ويندو هو، پر شاعريءَ جي هنر ۾ مهارت رکندڙ، انهن ترڪيبن جي ڪامياب استعمال رستي ان منظر جي وري جيارڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏئي سگهندا آهن. جن ترڪيبن ۾ تشبيهه جي هڪ مڃيل ۽ مسلمه حيثيت پنهنجي جاءِ تي آهي.
ڪنهن منظر کي جيئن اکين ڏٺو، احوال ڏيندڙ ريڊيو يا ٽيليويزن تان لفظن رستي بلڪل ائين ڪندو آهي، ڄڻ ته اهو منظر گهڻو پري ويهي، اکين ڏٺو احوال ٻڌائيندڙ جي لفظن معرفت، ٻڌندڙ روبرو ڏسي رهيو آهي، يا ڪئميرا ڪنهن نظاري کي پنهنجي ڪمال سان جيئن جو تيئن محفوظ ڪري وٺندي آهي، پر انهن ٻنهي طريقن کان شاعريءَ رستي ڪنهن منظر کي محفوظ ڪرڻ وڌيڪ بهتر ان لاءِ سمجهيو ويندو آهي ته، اکين ڏٺو احوال ٻڌائيندڙ ماڻهو ضروري نه آهي ته، ايترو حساس هجي، جو هو رڳو ان منظر جو ٻاهريون ڏيک ڏيڻ بجاءِ لفظن رستي ان منظر جي پوندڙ اثرن ۽ احساسن کي به بيان ڪندو هلي ۽ ڪا ڪئميرا منظر کي محفوظ ڪري وري ڏسندڙ اڳيان ضرور آڻيندي، پر ان ۾ موجود خوشي ۽ دک، خوشبوءِ ۽ بدبوءِ، تازگي ۽ توانائيءَ نه ڏيکاري سگهندي. جڏهن ته شاعري انهن ٻنهي ذريعن کان وڌ، ان ڪري آهي، جو اُها نه رڳو ڪنهن منظر کي ٻيهر جنميندي آهي، پر ان جون مڪمل رعنايون ۽ توانائيون به ٻيهر منظر تي آڻيندي آهي، ته جيئن پڙهندڙن جي ٻاهرين دنيا يعني اک ۽ عقل ته ان منظر جو مشاهدو ڪن، پر انهن سان گڏوگڏ انهن جي اندر جون دنيائون به انهن منظرن جي اثرات کي محسوس ڪن، جيڪو وري تخليق ڪرڻ جو انتهائي مشڪل ۽ انوکو عمل آهي. ان کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ جو سهرو جتي شاعريءَ جي سمورين فني ٽيڪنيڪن جي سِر تي آهي، اُتي ان عمل ۾ تشبيهه جو هڪ نمايان ڪردار آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري هونئن ئي انيڪ صفتن ۽ چڱاين سان مالا مال آهي، پر ان ۾ جيڪو مخصوص، تُز ۽ ٺهڪندڙ تشبيهه جو استعمال آهي، سو مُنڊيءَ تي ٽڪ ۽ سون تي سهاڳي جيان سو في صد ٺهڪندڙ آهي، جنهن کي اسان ”سُر رپ“ منجهان چند مثال وٺي ۽ تجزيو ڪري ڏسنداسون ته، انهن جي مافيد (مواد ۽ جوڙجڪ) توڙي محرڪ (منظر) جي لحاظ سان ڪيتري نه موزونيت آهي.
[b]1. نينهن ۽ نهائين:
[/b] ٻهراريءَ ۾ ڪنڀر مٽيءَ مان ٿانو ٺاهي تيار ڪري آويءَ ۾ وجهي، انهن جي وچ ۾، ۽ پاسن کان باهه ڏئي، پوءِ ان کي اهڙو بند ڪندو آهي، ته جيئن ان باهه جي ڄر ۽ ڪوسي ٻاڦ ڪٿان ٻاهر نڪري ضايع نه ٿي وڃي. جيترو به مضبوطيءَ سان اها ڄر ۽ ٻاڦ آويءَ / نهائين ۾ اندر سانڍبي، اوترا جلدي ۽ بهتر اهي ٿانو پچندا، جيڪي ان آويءَ ۾ وڌا ويندا آهن، پر جيڪڏهن ٿوري به ڪٿان ڄر يا ٻاڦ گُرِکو ڪري ٻاهر نڪري پئي، ته اهي پچندڙ ٿانو گهربل ڄر نه ملڻ سبب پچي وڃڻ بجاءِ ڀيلا ۽ ٽاڪئان ٿي پوندا، جيڪي گهٽ معيار (Quality) جا سڏبا. بلڪل اهڙي طرح اهي انسان جيڪي بُردبار ٿيڻ بدران هلڪڙا ۽ اڇاترا ٿيندا ته، اُهي ڀيلن ٿانون جيان گهٽ وزنائتا ٿيندا. شاهه جي شاعريءَ ۾ اهڙن احساسن جي اُپٽار هن ريت ملي ٿي.
نيڻ نهائينءَ جيئن، سُتي لوڪ ڍڪيان،
اُجهاميون ٻران، توکي ساريو سپرين.
(رپ ـــ 2 : 18)
[b]2. کوهيءَ نار جيان هينئڙو:
[/b] شاهه جي وقت موجوده آباديءَ وارو آبپاشي وارو نظام ڪو نه هو، ان ڪري گهڻو ڪري آباديون برساتن جي حساب سان ٿينديون هيون، پر ڪن هنڌن تي کوهه کوٽي، انهن تي نار چاڙهيندا هئا، جيڪي وهٽ ڪاهيندا هئا_ يعني اٺ، گڏهه، ڍڳا يا سانَهه وغيره، جن سان ان کوهه مان مالهه رستي ۽ لوٽين سان پاڻي ٻاهر اچي نيسر ۾ هاربو هو، جتان اَڏ رستي پاڻي نيسر ۾ هاربو هو، جتان اَڏ رستي اهو پاڻي فصل جي پيچ ڪندو هو. کوهه ۾ موجود پاڻي آهستي آهستي نڪرندو ويندو هو ته، ان جي ڪڏهن ڪڏهن ٿوري کوٽ به محسوس ٿيندي هئي، پر ان صورت ۾ ان کي اگر چار يا اٺ پهر ڇڏبو هو ته، اوسي پاسي کان پاڻي ڳري (Seepage) اچي وري به کوهه کي اوترو ئي ڀري ڇڏيندو هو ۽ پوءِ نارُ وَهائڻ شروع ڪيو ويندو هو.
سنڌ جون زمينون پٿر، واريءَ ۾ سڙيل گند ڪچري مان ٺهيل آهن، جنهن ڪري ان مان ڳڙي ايندڙ پاڻيءَ ۾ انهن جا ڳار به هليا ايندا هئا، جن ۾ سڙيل گاهن ۽ پٿرن جو مادو (Decayed material) جيڪو نامياتي مادي (Organic Matter) ۾ تبديل ٿي، ڳار ۾ ڪو به رنگ يا ذرڙن جو تعداد نه ڏيندو هو. اهڙي طرح پٿرن مان مليل مادو به پاڻيءَ ۾ ائين حل ٿي ويندو هو، جيئن ڪا به خبر نه پوي، ته ڪو اهو مادو به پاڻيءَ ۾ شامل آهي، پر واريءَ واري زمين جي حصن (Horizens) مان، واري پاڻيءَ ۾ ايئن ملي نڪرندي هئي، جو ڪو ماڻهو ڪيڏي به شعوري ڪوشش ڪري، پر ان واريءَ ۽ پاڻيءَ کي عليحده ڪري نه سگهندو. ان واريءَ ۽ پاڻيءَ جي ميلاپ کي تشبيهه ڏيندي شاهه صاحب چيو آهي، ته منهنجو هينئڙو به پنهنجي پرينءَ سان اهڙي ڪنهن ميلاپ ۾ ملي ويو آهي، جيڪو پڻ ڪنهن به ڪوشش سان ان کان ڌار نه ٿو ٿي سگهي. ان تشبيهه کي لطيف ڪهڙي نه ڪمال ڪاريگريءَ ۽ احساساتي حسناڪيءَ سان پنهنجي هن بيت ۾ ڪم آندو آهي، جنهن ۾ هڪ طرف تشبيهي سونهن ملي ٿي، ته ٻي طرف پرينءَ کان ڌار بي چين دل جي ڪيفيت ۽ ڪرب جو نقش به نظر اچي ٿو.
جيئن سي کوهيءَ نار، وهن واريءَ گاڏئان،
هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري.
(رپ ــ 2 : 11)
[b]3. اندر اندريون، جيئن سي وانجهيءَ لٺ ۾.
[/b] ’وانجهيءَ لٺ‘ معنيٰ اهو بانس جو لڪڙو، جيڪو اڪثر ڪري ملاح / ناکئا ٻيڙين کي درياءَ ۾ هلائڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن، جنهن کي ٻيڙيءَ جو ونجهه چئبو آهي. ان حساب سان ان سڄي لڪڙي کي سڏين، ’وانجهي لٺ‘، جنهن ۾ ڳُريون ڳُريون به هونديون آهن ۽ اها اندران پوري هوندي آهي، جنهن ڪري هلڪي به ٿيندي آهي ته طاقتور به هوندي آهي. ان جي پُور جي ۾ اندران ڏسبو، ته ٿوريءَ ٿوريءَ وَٿيءَ تي ڳُرين جا گول گول نشان سَندري جيان وڪوڙيل نظر ايندا ۽ ڳڻڻ کان مٿي هوندا. جيڪي ان ڪاٺ جي بناوت ۾ موجود هئڻ ڪري دائمي پڻ هوندا آهن. جيڪي ڪنهن به طرح گهٽ وڌ ٿي نه سگهندا آهن. جيئن ته اندران کان يا پاڻ منجهان آهن، ان ڪري انهن کي چون ئي ’اندريون‘.
اندر اندريون، جيئن سي وانجهيءَ لٺ ۾،
مون تن تيتريون، ته ڪيئن ملبو سڄڻئين.
(رپ ــ 2 : 10)
يعني: دوست سان ملڻ جون هورا کورائون، آسون منشائون مون کي ايئن، ايتريءَ شدت سان، ايتريون ته گهڻيون ۽ ايئن لڳاتار گهيري ۾ ڪيو ٿيون وتن، جيتريون ”اندريون“ ناکئي / ملاح جي ٻيڙيءَ هلائڻ واري ونجهه جي لَڪڙي ۾ هونديون آهن.
[b]4. گوِنَي ۽ گُوني، پرين پَٽائين گَجَ جيئن:
[/b] سنڌ ۾ رهندڙ ڪافي قبيلن جي عورتن جي پهرڻ جي وڳي ۾، ”گَجَ“ نالي سان چولو شامل هوندو آهي، پر انهن ٻين وٽ، جن جي وڳي ۾ اڳي اهو گج شامل نه به هو، تن وٽ اڳيون پاسو هوندو آهي، جنهن جي پاسن ۾ ڪَهيون هونديون آهن، جن سان پٺيان (اگهاڙن پُٺن تي) انهن ڪَهن ذّريعي ٻَڌي ڇڏبو آهي ته، اگهاڙن پُٺن کي گندي ڍڪي ڇڏيندي آهي.
سنڌ جي زرعي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ عورت حساس فرد جي حيثيت رکندي هئي، ان کي تمام ويڙهي سيڙهي هلائبو هو. سندس مصروفتون گهڻو ڪري گهر تائين محدود هونديون هيون. مال متاع جي سيوا، گهر جو ڪم ڪار ۽ ٻارن جي پالنا وغيره تائين سندس روزمره جي ڪارِ ڪِرت هوندي هئي، تنهن ڪري عورتون پنهنجي وانداڪائيءَ جي وقت ۾ دَٻڪيون ٺاهڻ، رليون ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ وغيره جو ڪم پنهنجي گهر ڀاتين لاءِ توڙي مزدوريءَ طور ڪنديون هيون. اهي توڙي ٻهراڙيءَ جون اڻ پڙهيل عورتون ڇو نه هجن، پر سندن رِلين جون ٽُڪون ۽ گَجن جي ڀرتن جون ڊزائنون ڏسي، ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون.
هو پنهنجن خيالن ۽ خوابن جي سموري سونهن کي انهن ڀرتن ۾ اظهارينديون هيون. انهن ڀرتن ۾ ڪٿي رنگن جي سادگيءَ جي سونهن تجلا ڏيندي هئي، ته ڪٿي وري انهن رنگن جا گونا گون ميلاپ ۽ سُئيءَ جا ڪارناما اهڙا ته هوندا هئا، جو ڏسندڙ جو دماغ دنگ رهجي ويندو هو. يعني ته جيئن انهن پٽ سان ڀريل گجن لاءِ، نه ئي سادو سودو چئي سگهبو هو، نه ئي ڳوڙهو ۽ ورن وڪڙن وارو چئي سگهبو هو، تيئن محبوب جي سونهن ۽ سوڀيا پنهنجي جاءِ تي، پر سندس طبيعت ۽ مزاج تمام ڳوڙهو، گهرو ۽ سولائيءَ سان سمجهه ۾ نه اچي سگهندڙ هوندو آهي، پر ان جي باوجود انهيءَ ’مجوني محبوب‘ کي وِسارڻ اوکو هوندو آهي. محبوب جي حُسن ۽ سندس موهه جي ڪيف ۽ بي قراريءَ جي احساسن کي لطيف تشبيهن جي روپ ۾ هيئن اظهار ڪيو آهي:
گِوَني ۽ گُوني، پرين پٽائين گج جيئن،
جن من مَجُوني، سي ڪيئن وڃن وسري.
(رپ ــ 2: 9)
[b]5. ويرو تار ڏکن، سڄڻ ڀڳي هڏ جيئن:
[/b] اڳي جڏهن ميڊيڪل علاج متعارف نه ٿيو هو، تڏهن ڀڳل هڏ جو ڪنهن ڪنڀارڪي ڪرت ڪندڙ ٻاڌي کان ان هڏ کي ملائي، ٻَڌائي ۽ پَٽي ڪرائي علاج ڪرايو ويندو هو. اڃا به ڪٿي ڪٿي ٻهراڙين ۾ اهو ڀڳي _ هڏ کي ڪنڀر ٻاڌن کان ٻَڌرائڻ جو علاج ٿيندو رهندو آهي، ان وقت سور گهٽائڻ جي به ڪا دوا ڪا نه هوندي هئي. ان صورت ۾ ڀڳل هڏ توڙي جو ٻَڌبو هو، تڏهن به اهو تيستائين سور ڪندو رهندو هو، جيستائين ڀڳل جاءِ تي لڳايل عضوو اُتي ڳنڍجي نه ويندو هو، بلڪ ان تازي ٻَڌل، ڀڳل هڏ جي ڳنڍجڻ يا لڳي وڃڻ جي نشائي ئي اها هوندي هئي، ته ان مان سور گهٽجي ويندو هو.
هن تشبيهه کي استعمال ڪرڻ مان شاهه صاحب جو مطلب آهي ته، دوست کي ياد ڪرڻ سان ته هو ياد اچيئي اچي ٿو، پر جيڪڏهن وسارڻ جي ڪوشش جڪي ٿي، ته به، نه ٿو وسري ۽ ويتر وڌيڪ ياد اچي ٿو آهي، بلڪل ايئن ئي جيئن ڀڳو هڏ سدائين جُکندو رهندو آهي؛ توڙي ان جي سور کي وِسارڻ جي ڪيتري به شعوري ڪوشش ڪبي آهي، پر اهو ڳنڍجڻ تائين هر وقت بلڪل ساڳيءَ ڪيفيت ۾ ڏُکندو رهندو آهي. ان تشبيهه جو استعمال شاهه صاحب سُر رپ ۾ هن طرح ڪيو آهي، جنهن ۾ درد ۽ سور جون ڪيفيتون پنهنجي مڙني مظهرن سان موجود ملن ٿيون:
چيتاريان چُڻڪن، وِساريان نه وسري،
ويروتار ڏُکن، سڄڻ ڀَڳي هڏ جيئن.
(رپ ــ 1: 27)
[b]6. هينئڙو واٽ _ ورک جيئن:
[/b] ڀٽائيءَ جي شاعري جنهن دؤر جي آهي، تنهن دؤر ۾ پڪا روڊ ۽ رستا ڪو نه هوندا هئا، ۽ ماڻهو ڊگهن سفرن تي قافلن جي صورت ۾ ويندا هئا. باقي ننڍين مسافرين تي ٻيلهه يا اڪيلا وَهٽن تي اُسهندا هئا، انهن ڪچن رستن کي ”واٽون“ (واٽ لفظ جو جمع) چوندا هئا. انهن تي وسنهن ڪرڻ لاءِ موجود وقت جيان ڪي هوٽلَ ڪو نه هوندا هيا، پر انهن واٽن جي ٻنهي ڪنڌين تي وڻ هوندا هئا، جن جي ڇانئن هيٺ مٽ يا گهڙا پاڻيءَ جا ڀري رکندا هئا، جن جي ڀرسان ٺِڪر جون جَمنيون يا ڪُپڙيون رکيل هونديون هيون، جتان مسافر ڇانو ۾ ويهي، آجهاپو ڪري ۽ پاڻيءَ چڪو پي، تازا توانا ٿي، اڳتي پنڌ ڏوريندا هئا.
واٽ ڪچي هئڻ ڪري، وَهٽن جي هلڻ سان رَئي (سنهين مِٽي يا دز) اُٿندي هئي، جيڪا پوکيل وڻن / ورکن تي بلڪل پائوڊر جيان لڳي پوندي هئي، اها ’واٽ جي ورک‘ پوءِ نشاني بڻجي ويندي هئي. اهو رستو يا واٽ رَئيءَ سان هيمشه ڀڀوت ٿيل هوندي هئي. عاشقن جون دليون به محبوبن جي ڦوڙائي ۽ فراق جي درد سان ائين ڀڀوت ٿيل هونديون آهن.
شاهه صاحب ان مشاهدي کي مؤثر ۽ موهيندڙ انداز سان اظهاريندي، پنهنجي هينئڙي / دل سان ڀيٽ ڏني آهي، جيڪا پرينءَ جي ياد سان ايئن ويڙهي پئي آهي، جيئن واٽ جي رَئي سان واٽ _ ورک يا واٽ جا وڻ هميشه لَٽيا پيا هوندا آهن.
چتر رهي نه چِتُ، ويڻين واڳيو نه رهي،
رئيءَ لٽجي نِتُ، هينئڙو واٽ _ ورک جيئن.
(رپ ــ 1: 23)
[b]7. هينئڙو اوٺي _ وڳ جيئن:
[/b] اهو زمانو هو، جڏهن چڙهيءَ لاءِ، سفر سڙي لاءِ ۽ بار ڍوئڻ لاءِ اُٺن تي دارومدار رکبو هو. ان لاءِ ماڻهو اُٺن جا وڳ پاليندا ۽ چاريندا هئا. اُٺ لاءِ چوڻي آهي ته، ”جيڏانهن ڪنڌ، تيڏانهن پنڌ“، يعني: اُٺ جي ڪا به منزل يا رٿيل جوءِ نه هوندي آهي، پر جيڏانهن خيال پوندس، تيڏانهن هليو ويندو ۽ پڪ نه آهي ته، بنا وڏولڻ جي وٿاڻين واپس به ورندو الائي نه! اهو هر اُٺ جو مزاج آهي، پر جڏهن اهڙا ڪيترائي اُٺ ڌڻ ۾ گڏجي پون ته، ان کي ”وڳ“ چئبو آهي. ان وڳ جي اها ساڳي ئي نفسيات هوندي آهي ته، اڄ هيڏانهن، ته صبحاڻي هوڏانهن، جيڏانهن رَءُ پوندس، تيڏانهن ڪاهي پوندو. بلڪل اهڙيءَ طرح انساني ذهن به ڪمپيوٽر جيان زندگيءَ جي راهه ۾ مليل ڏک ۽ سُک سانڍيو وتندو آهي، ان جو به، نه ڪو آهي وقت، نه ڪا آهي ويل.
ڪنهن وقت من جي / هينئڙي جي اسڪرين تي خوشيون پيو ڏيکاري ۽ طبيعت بود ۾ اچيو مور جو ناچ نچيو وجهي، ته ڪڏهن وري اوچتو بنا ڪنهن جواز جي، ان اسڪرين (هينئڙي) تي اداسين جا آگم آڻيو ڪڙڪائي، پوءِ ڪڏهن ته هينئڙو چيهي جيان بود ۾ ڀرجي، پرهه جا پهريان ڪِرڻا چڳندو وتندو، مور _ ٽهوڪا پيو ڪندو ۽ ڪارڙي تتر جيان لاتيون لائي ڏيندو، ته ڪڏهن اڪيليءَ ڪونج جيان وڳر لاءِ پيو ڪرلائيندو، ته ڪڏهن وري ڪارو ويس اوڍي، ڪوئل جيئن املتاس ۾ وتندو اداسيون اوتيندو. ان درد ۽ بي قراريءَ جي ڪيفيت کي شاهه سائين ’سُر رپ‘ ۾، ’اوٺي وڳ‘ جي هينئڙي سان تشبيهه ڏيئي، جهڙيءَ ريت نباهيو آهي، سو ٻئي ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي.
جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو، اوٺي _ وڳ جيئن،
مون پريان سين نينهن، ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو.
(رپ ــ 1: 14)
[b]8. هينئڙا ڪُمَ ڪننِ جيئن:
[/b] گھڻو ڪري سڀئي صوفي، ڪجهه ڳالهين تي هڪ راءِ جا آهن، جن مان هڪ ڳالهه هيءَ به آهي ته: ”سورن ۽ سُکن جو اثر ماڻهوءَ جي رخ ۽ رويي مان بلڪل ظاهر نه ٿيڻ گهرجي، پر ماڻهوءَ کي ٻنهي حالتن ۾ ساڳيءَ ڪيفيت ۾ رهڻ گهرجي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا ان موضوع تي انيڪ بيت آهن، جن مان هر هڪ ٻئي کان ڪسر ۽ وترو آهي، پر جنهن تشبيهه جو پاڻ ذڪر ڪريون پيا، سا سنڌ جي سموري ڪلاسيڪي ادب ۾ ڪم آيل، اَمل ۽ انيڪ تشبيهن جو نَڪُ آهي. پَٻڻ پاڻيءَ جو هڪ ٻوٽو ٿيندو آهي، جنهن جي پاڙ ۾ بِهه هوندو آهي. ان جي ڳَنرِ به پاڻيءَ جي سطح کان ڊگهي ۽ ڪي قدر ٻاهر نڪتل هوندي آهي، جنهن ۾ به بِهه جيان اور پار سڄي ٿڙ ۾، سنهڙا سوراخ ٿيندا آهن. ان جو ميوو ’ڪوڻي‘، ’ڪُمُ‘ ۽ ’پَٻڻ‘ جون ٽڪيون ٿينديون آهن، جن ۾ ڏوڏا هوندا آهن، جيڪي اَڇا کير جهڙا، ڪونئرا ۽ کائڻ ۾ لذيذ ٿيندا آهن. ان جو ٻوٽو بلڪل بٺيل ڪِني پاڻيءَ جي سينور ۾ پاڙ هڻي بيهندو آهي. جتي ڪِني ڌپ، گند ۽ ڪچرو هوندو آهي ۽ ان ۾ پاڙ هڻي مشڪل سان کاڌ خوراڪ حاصل ڪندو آهي. اهڙي مشڪل ۾ گذارو ڪندي به، هو جڏهن ڪنول جهڙو پاڪ، پوتر، نرم، نازڪ، معصوم ۽ چنچل گل جهلي بشاش ٿي بيهندو آهي ته، هڪ لمحي لاءِ به اهڙو اِنديو اندر ۾ اُتپن نه ٿيندو آهي ته، ڪو هن به اهڙا ڏک ڏٺا هوندا ۽ گندگي ۾ پَليو هوندو!
پنهنجي پرينءَ جي جدائيءَ ۽ دوريءَ، وٿيءَ ۽ وچ پوڻ جي سورن، دردن ۽ جهورين ۾ جهڄندڙ دل کي مخاطب ٿيندي، شاهه صاحب هڪ درد وند انسان پاران مٿئين منظر کي بنياد بنائيندي، هڪ تشبيهه جي صورت ۾ آڻيندي سمجهاڻي ٿو ڏئي ته، تون انهن سورن کان وَهلور پئي وڃين، جڏهن ته توکان وڌيڪ نازڪ پَٻڻ جو ٻوٽو، ڪيئن نه برداشت جو مثال بڻجي، بلڪل هشاش بشاش بيٺو آهي، ان کان سبق سِکُ.
ڳُر ۾ ڳجهو روءُ، پڌر وجهه مَ پرينءَ ريءَ،
سورن سڀر هوءِ، هينئڙا ڪُمَ ڪنن جيئن.
(رپ ــ 1: 10)
[b]9. جيئن سو تَئي ترو، کامي کوريءَ وچ ۾:
[/b] اهو پڻ عام آهي ته، چُلهي تي ماني پچائڻ لاءِ باهه ٻاري، انهيءَ مٿان لوهه جو ٺهيل تَئو رکبو آهي، جنهن جي تَري کي باهه مسلسل ساڙيندي رهندي آهي. اها اگر جهڪي به ٿيندي آهي ته، ٻيون ڪاٺيون ان ۾ وجهي، باهه کي ڦُوڪي ڦوڪي ٻيهر مچايو ويندو آهي، ڇو ته ان تئي تي مانيءَ پچائڻ لاءِ ان کي هڪ خاص حد تائين نه رڳو گرم ڪرڻو هوندو آهي، پر ان گرميءَ کي مانيءَ پچڻ تائين لڳاتار گرم رکڻ پڻ ضروري هوندو آهي، نه ته، ماني ڪاٿئون پڪي ته، ڪاٿئون ڪچي رهجي ويندي آهي.
ان تَئي جو چلهي سان گڏجي رهڻ ئي ماني پچڻ کي ممڪن بڻائيندو آهي. جيڪڏهن تَئو مسلسل باهه ۾ نه سَڙي ۽ جَلي ته، هوند پڪل ۽ لذيذ ماني، اسان کي نصيب نه ٿئي. شاهه صاحب تَئي جي انهيءَ وارتا کي تشبيهه جي انداز ۾ بيان ڪندي، چوي ٿو ته، ’جدائيءَ جو عذاب ڏاڍو ڏکيو آهي. تئي جو ترو گهڙي پل لاءِ کوريءَ ۾ کامندو آهي، پر شل پرينءَ کان ڪو جدا نه ٿئي، ڇو ته جدائيءَ جي آڳ ٻارهو ئي پئي ٻَرندي آهي ۽ ان ۾ ماڻهو پيو کامندو، پچندو ۽ پڄرندو آهي.
جيئن سو تَئي ترو، کامي کوري وچ ۾،
مون کي ڏنو سڄڻئين، منجهان سڪ سرو،
ور جهيڻو ايءُ ٻَرو، ٿئي مَ ڦوڙائو سڄڻئين.
(رپ ــ 1: 7)
[b]10. اُٺي جيئن مورن، اوڀر ولهارن ۾:
[/b] اهي علائقا جتي مورڳي پاڻي ناهي، اتي ڪيترائي اڌ سڪل ۽ اڌ سڙيل ٻوٽا ۽ ڪيترن ئي قسمن جا ٻج اهڙا هوندا آهن، جيڪي برساتن پوڻ ڪري ڦوٽهڙو ڪندا آهن، ۽ اڌ سڙيل ۽ اڌ سڪل ٻوٽن / ولهارن ۾ نوان اوڀر (گئونچ) موربا (نئين سِر ڦٽندا) آهن. يعني: انهن جو مڪمل خاتمو ڪونه ٿيندو آهي، پر برساتين نه پوڻ، سوڪهڙي ۽ خشڪ ساليءَ ڪري اهي ڪمزور ۽ نٻل ٿي ويندا آهن، پر پوءِ به زنده هوندا آهن. ڪن جا ٻج ڇڻي پٽ تي پوندا آهن، ۽ اهي خاموش صورت ۾ (Dorwant State) پيا هوندا آهن، جن کي مينهن وسي، نئين زندگي بخشي ڇڏيندو آهي.
ساڳيءَ ريت پرينءَ دواري نيڻ اٽڪائي ويٺل جيءَ کي به، جڏهن ڦوڙائيءَ جو ڦيرو ايندو آهي ته، سندس هينئڙي اندر به سور ڪڏهن ختم نه ٿيندا آهن، پر مند ۽ مهل جي حساب سان ڪڏهن سڪل ته، ڪڏهن سڙيل صورت ۾ سندس اندر ۾ ولهارن جيان انتظار ۾ هوندا آهن. اُٺي جي مُند ايندي ئي سورن جا سانگهيئڙا ولر، وليون ۽ ولهار ڪري من اندر کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيندا آهن. ڀٽائي اُن اُٺي جي ولهارن ۾، اوڀر جي مورجڻ واريءَ ڪٿا کي پنهنجي پرينءَ جي ڦوڙائي ۽ فراق سان ڀيٽيندي، دردن ۽ سورن جو اهڙو اثرائتو عڪس چِٽيو آهي، سان تشبيهه جي صورت م آندو آهي، جيڪو سر رپ جي پهرئين فصل جي 4 بيت ۾ صفحي 1034 تي شامل چٽيءَ طرح سان ڏسي سگهجي ٿو. جن جي سورائتي هڪجهڙائي ۽ هم آهنگيءَ کي ڏسندي، انهن جي درد جي شدت ۽ تاءُ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ۽ اهو لطيف جي قلم جي زور ۽ زندگيءَ جو زنده مثال آهي:
اُٺي جيئن مورن، اوڀر ولهارن ۾،
سا ۾ گوندر ڪن، جه ڦوڙائو سجھڻئين.
شاهه جا چند مٿيان حوالي ۽ مثال طور پيش ڪيل بيت، جن جي تشبيهن ۽ احساساتي تاڃي پيٽي مان بلڪل عيان آهي، ته شاهه صاحب ان وقت جي محنت ڪشن ۽ پورهيتن جي ڪار ڪِرت مان تشبيهون چونڊي، پنهنجي پرينءَ جي سونهن، جواني، ميلاپ، جدائيءَ، سورن، پورن، آسن، اڌمن، سپنن ۽ ساروڻين کي اُپٽاريو آهي، جنهن ڪري ان پورهئي جي پيڙاون ڪشٽن کي جمالياتي سونهن ملي وئي آهي.
لطيف سُکاڻن ۽ ناکئن جي پورهئي منجهان ’وانجهيءَ لٺ‘ ۽ ’اندر اندرين‘ جا لفظ حاصل ڪري، انهن کي محبوب جي ساروڻين سان ڀيٽي، امرتا ڏني آهي، ته ڀڳل هڏ ڳنڍيندڙ ’ٻاڌن‘ جي ڪم کي ’ويروتار ڏکن، سڄڻ ڀڳي هڏ جيئن‘ چئي، جيڪو قدر ۽ دوام ڏنو اٿائين، سو دنيا جي شاعرن ۾ کيس نمايان ڪري بيهاري ٿو. ڪنڀرن جي آوين، پوکن جي نارن، ڀرت جي گجن، واٽ جي وڻن ۽ اوٺي وڳن سان من کي محبوب جي انتظار ۽ اوسيئڙي، ڦوڙائي جي سورن ۽ صدمن کي تشبيهه ۾ آڻي، پورهئي جي جماليات کي جيڪو اوچو مقام ڏياريو اٿائين، سو انهن پورهيتن ۾ سندس مڃتا جو چٽو مثال آهي.
ان طريقي سان قومي مزاج، عوامي رنگ، ثقافتي سونهن، پورهئي سان پيار، اصل قوتن (پورهيتن) جي نشاندهيءَ ۽ پنهنجائپ جو جيڪو احساس جُڙي ٿو، سو شاهه صاحب وٽ بلڪل فن جو معراج ماڻيو بيٺو آهي ۽ اڄ جي اديب ۽ شاعر کي چيچ کان وٺي سندس تخليق جا سرچشما ۽ محرڪ اکئين ڏيکاري رهيو آهي. جن جي ساڃهه ۽ سڪ، گهرائيءَ ۽ مانوسيت کانسواءِ تخليق اهو بنا پاڙ جي ٻوٽو آهي، جيڪو گهڻو وقت جِي به نه سگهندو. بڙ جيان ٿڌي ڇانو ڏئي نه سگهندو. ڪنول جي ڪوملتا کان خالي هوندو، گلاب جي رنگ ۽ رعنائين کان عاري هوندو، رابيل، موتئي ۽ رات جي راڻيءَ جي مهڪ کان خالي هوندو، بلڪ اهو هڪ هٿراڌو گل يا سهڻي پيماني ۾ سينواريل پاڻيءَ جيان هوندو. اهو تصوف جيان صاف دل ۽ موهن جي دڙي جيان امر ۽ دودي چنيسر جي داستان جي جرئت جيان جرئتمند تخليق جو مثال ڪڏهن به بنجي نه سگهندو.
[b]مدد ڪتاب
[/b]
1. ”شاهه جو رسالو“، غلام محمد شاهواڻي، 1950ع.
2. ”شاهه لطيف جي شاعري“، ڊاڪٽر تنوير عباسي.
3. ”شاهه، سچل، سامي“، محمد ابراهيم جويو.
4. ”سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ جماليات“، امان الله راهو.
5. ”تاج جوئي جي شاعريءَ ۾ جماليات“، مير محمد پيرزادو.