شاهه جي ’سُر رپ‘ ۾ دردن ۽ سورن جو ذڪر: محمد حسين ڪاشف
پر سي مون ڪيون، گوشي پرين نه گڏيا.
’سُر رپ‘ شاهه جي ڪلام جو اهو سُر آهي، جيڪو سندس رسالي جي مِڙني سُرن جي غم جي جذبن ۽ ڪيفيتن کي پاڻ ۾ سمائي ٿو يا ائين چئجي ته، هي سُر سندس فڪرِ غم جو اهو شاهڪار آهي، جنهن ۾ ڪي ئي رنگ سمايا پيا آهن. لطيف هن سُر جي شروعات جن لفظن سان ڪئي آهي، اهي ايڏو ته وسيع ۽ وقيع آهن، جن جي اورڻ سان ئي من وياڪل ٿي پوي ٿو. ان ڪري، هن جو نالو ئي ”رپ“ رکيو ويو. رپ لفظ جي معنيٰ آهي: ڳرو، انتهائي وزندار، جنهن کي چورڻ مشڪل هجي.
هي سُر لطيف جي فلسفهِ عشق جي پيداوار آهي ۽ هن سُر جي اندر سمايل، هر اهڙي ڪيفيت غم جي غماز آهي، جنهن جو سرو عشق ۽ محبت سان وڃي ملي ٿو. جيڪي انسان جي نفسيات ۽ ان جي اندر جي غم ۽ اندر جي اُڌمن جا اظهار آهن. عشق جو تير بي پير، جنهن کي لڳو، ان کي انهيءَ نينهن جي ناوڪ نهوڙي نيو. ڪي شير ۽ مانجهي انهيءَ سڪ ۽ سوز جي ساگر مان تڙڳي ۽ تري پار پيا هوندا، نه ته اڪثريت غم جي انهيءَ اٿاهه سمونڊ ۾ غرق ٿي پاڻ وڃائي ويهي ٿي.
پر لطيف جا ڪردار جيڪي غم جا غواص ۽ سورن سان سانڀيئڙا آهن، انهن ته هن کي سيڻاهه بنائي بحر عشق کي پار ڪيو آهي ۽ پنهنجي پريتڻي جا اهي پيرا ڇڏيا آهن، جي نقش دوام جي حيثيت رکن ٿا. سندن سڄو ڪلام انهيءَ ڪيفيت سان ٽٻيو پيو آهي، جنهن ۾ گوندر جا گُندڙا ۽ وِرهه جا مَٽ ڀريا پيا آهن. ڪٿان به ڪا وار وِٿي ڪا نه ٿي ملي، جو ليئو پائي، سُکن سان ڪو سامهون ٿئي. هي سُر، سسئيءَ جي پنجن ئي سُرن سان گڏوگڏ، راڻي، ليلا، سورٺ، ڪاپائتي، سامونڊي، آسا ۽ مارئي، مطلب ته سڀني سُرن جي غم ۽ اندوه کي پاڻ ۾ سمائي ٿو ۽ انهن سڀني سُرن جي احساساتي روين، معروضي توڙي امڪاني صورتن جي ترجماني ڪري ٿو. انهيءَ چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته، هي سُر، غم ۽ گوندر جي ڪيفيت جي اظهار کان صوري توڙي معنوي طور تي مقدم ۽ ڳرو آهي.
هن سُر جي سلسلي ۾ اظهارِ خيال ڪرڻ ڪو سولو نه آهي، ڇاڪاڻ ته وک وک تي ورهه جا اهي سيلهه سامهان ٿين ٿا، جيڪي عشق ۽ محبت جي پيداوار آهن. ان جو ذڪر ڇيڙينداسون ته اهو سڄو ڪينواس اسان جي اڳيان ڪَر کڻي بيهندو، پوءِ ان مان ڪنهن تي ۽ ڪٿي هٿ رکجي ته، غم ۽ گوندر، وِرهه ۽ وڇوڙي جا قدر هتي يا هُتي آهن. هت ته سڀئي سورن جي انهيءَ ساگر ۾ سموهيا پيا آهن. عشق جي سلسلي ۾ هت ان جو ڪجهه اظهار ڪرڻ بي مهل نه ٿيندو:
”حضرت عشق“ جڏهين ٻنڀي تي اچي هٿ هڻي، تاڙي کولي، طاق پري ڪري، جيءَ ۾ جلوو پَسائي ٿو ته، صورتحال ئي بدلجيو وڃي. اهو جذبو ۽ ان جي ڪشش جيڪا صورتحال پيدا ڪري ٿي، اها عقل انسانيءَ کي اورانگهي اڳتي نڪري وڃي ٿي، جتي ڇو ۽ ڪيئن جي ڪا حجت ۽ حاجت نٿي رهي. لطيف چواڻي ته:
مٿي منجهان مينهن، پسو پاڻيءَ جيئن وَهي،
مون ڀانيو نينهن، پر ڄڀيون ڄيري سنديون.
يا
گوندر ڪيو غرق، ماءُ منهنجو جندڙو،
ڏکوين مرڪ، مٿي سڳر پنڌڙو.
عشق، عاشقن جو مَرڪ ۽ هنن جي جيءَ جو جياپو آهي، پاڻ سرڪار فرمائين ٿا ته:
عشق اپر نانگ، خبر کاڌن کي پوي.
جيڪو عشق جي چاڙهيڪي تي چڙهيو، انهيءَ گوندر ۽ غم، وِرهه ۽ وڇوڙي کي ڳر لاتو. هيءَ ڪيفيت ۽ احساس ڪا مادي شيءِ نه آهي، جنهن کي هٿ لائي محسوس ڪري سگهجي. هي ته جيءَ جي جهوري ۽ اندر جي اها اُساٽ آهي، جيڪا منجهن ئي پئي نهانينءَ جيان دکندي ۽ ڌڳندي آهي:
گوندر هٿ نه پير، وِرهه منجهئي وهڻو،
ڪڙهه ۾ قطارون ڪري، سورن لايا سير،
مون جيئن گهاري ڪير، هيڪلي ريءَ سڄڻين.
دنيا جي ڏاهن، فلسفين ۽ ٻُڌيوانن جا سرشٽيءَ جي عمل ۽ ان جي انوسار جي سلسلي ۾ مختلف مهمون بيان ڪيل آهن. جيئن: خير ۽ شر، جيڪو انساني فطرت سان لاڳو آهي، ان جي توازن سان ئي انساني شخصيت جي تعمير ٿئي ٿي. اهڙيءَ ريت ڏک ۽ سک، غم ۽ خوشيءَ جا قدر پڻ هن جي شخصيت جي ٺاهه جوڙ ڪن ٿا.
علم نفسيات ۾ ياسيت ۽ مسرت انهيءَ فلسفي جا ماڻ آهن. بنيادي طور تي غم ۽ گوندر، جنهن کي ڪوٺيو وڃي ٿو، اهي انساني جذبات جي صورت بدلجڻ سان پيدا ٿين ٿا. انهن جي تبديليءَ جو مدار واقعات، حالت ۽ معروضات تي منحصر آهي. جيئن ’يونگ‘ جو قول آهي ته: ”انساني نفسيات يا نفسي رويا واقعات جي تبديلين جو مجموعو آهن، جيڪي هن جي شخصيت ۾ ڪنهن مخصوص ڪيفيت کي جنم ڏين ٿا ۽ اهو هڪ قوي جذبي جي شڪل اختيار ڪري، هن جي اندر جي ريکائن کي ظاهر ڪري ٿو. انهيءَ رويي جو جذبو جيترو قوي هوندو، اوترو ان ۾ تاثر جي ڪيفيت وڌيڪ هوندي.
جيئن سرشٽي جي اندر ڪنهن به حالت کي ڪا دائميت حاصل نه آهي، جيڪي ڪڏهن لهن ٿيون ته، ڪڏهن چڙهن ٿيون، ليڪن جيڪا لهر جيتري طاقتور هوندي، اها اوتري ڪناري کي زور سان اچي لڳندي ۽ ان کي متاثر ڪندي. لطيف انسان جي انهيءَ نفسياتي ڪيفيت جو وڏو چترڪار آهي، جنهن پنهنجي بيان سان ويهون واري ڇڏيون آهن. جيئن مون پهرئين عرض ڪيو آهي ته غم، عشق جي پيداوار آهي ۽ عشق ڀڙڪندڙ باهه آهي، ان لاءِ پاڻ سرڪار فرمائين ٿا ته:
العشق نار الله الموقده، کوريءَ جيئن کاڻي،
آهي آرياڻي، ڪونهي ٻيو ٻروچ ريءَ.
يا
الا جي عشق جا، سي تان تون نه سَهين.
**
ڀنيءَ ٿيون ڀَڙڪن، باهيون بيراڳين جون.
هلو سيڪيون هٿڙا، مٿي تن مچن.
بقول ابن العربي:
العشق نارالله الموقده،
فافوالهاد وطلوعها علي الاقده.
عشق اها باهه آهي، جنهن جو اڀرڻ ۽ لهڻ دلين تي آهي. سرمد شهيد پڻ خوب چيو آهي ته:
سرمد غم عشق بوالهوس را نه دهند،
سوز پروانه مگس را نه دهند.
لطيف سائين فرمائين ٿا ته:
لائي جو ويا، منجهيئي ٿو مچ ٻري،
سو اجهامي ڪِئا، جنهن جا سوريندڙ سپرين.
عشق جي اڃ اجهامي نه سگهندي آهي. جيئن باهه پاڻيءَ جي ڪاڻياري نه هوندي آهي، پر هن کي پنهنجي ڄرڪندڙ ڄڀين کي ڄمار ڏيڻ لاءِ ڪاٺين ۽ تيل جي لوڙ هوندي آهي. اهڙيءَ ريت عشق کي وڇوڙي ۽ فراق جي ضرورت هوندي آهي، وصل ۽ اضطراب جي ڪاڻ هوندي آهي.
جيئن ڄيرو کانئي ڄر، عشق اينءَ ڪري،
اڃا پرت پري، ڳالهه ڳاڻيٽي ناه ڪا.
زندگيءَ جي سڀ کان وڌيڪ هيبتناڪ سزا، جيڪا انساني روح کي ملي ٿي، اهو غم ۽ اضطراب آهي، جنهن کي هو ڀوڳي ٿو. غم جي آتش فشان شعلن ۽ ڄر ۾ هن جو جسم ۽ روح جلندا ۽ کامندا رهن ٿا. وڇوڙي ۽ ورهه جا بي رحم جذبا جڏهن موجزن ٿين ٿا، تڏهن اهي انساني نرم، نازڪ ۽ ڪومل دل کي ساڙي وجهن ٿا. انهيءَ ۾ هن جي وجود جو ٽانڊين، ڪانڊين، ٻاٻرين، پچان مَر پيئي.
جيرا، جگر، بڪيون، سيخن ۾ ٽيئي،
ويڄنئون ويئي، ٿي وهيڻي سڄڻين.
**
گوندر گڏياس، صحت نيڻ مَ سڄڻين،
مادر مارياس، ڦوڙائي پرينءَ جي.
انساني فطرت خوشيءَ ۽ غم کي پنهنجي اندر ڪنهن حد تائين برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جڏهن اها حد گذري وڃي ٿي ته، اهي جذبا فنا ٿي وڃن ٿا. انسان غم ۽ گوندر کي به ڪنهن حد تائين برداشت ڪري سگهي ٿو، پر لطيف پنهنجي ڪردارن جي تشخص ۾ هڪ اهڙي قسم جي قوت پيدا ڪري ٿو، جنهن ۾ هو ڪٿي به اٻهرا نظر نٿا اچن. هنن جو وجود پنهنجي گوندر ۽ ورهه کي هڪ اهڙي مقام تي رکي ٿو، جو هنن جو پيمانو ڪٿي به ڇلڪندو نظر نٿو اچي، پر ان جي بدران هنن جو قوت غم و الم قاريءَ ۽ سامع کي جهوٻو ڏيو جهڪايو وجهي ۽ هن جو روح رڙيون ڪريو اُٿي. اهو لطيف جو پنهنجي اسلوب ۽ انداز جو ڪمال آهي، جنهن جو دنيا جي ادب ۾ مثال مشڪل ملندو. فطرت جي متضاد ۽ متصادم قوتن جي مها ڄار مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ جڏهن ڪو رستو نه هوندو آهي ته، سواءِ مرڻ ۽ پاڻ ارپڻ جي ٻيو ڪو چارو نه هوندو آهي، پر لطيف جي ڪردارن وٽ ان جي برعڪس عمل آهي. اهي پنهنجي وجود جي بقاءِ لاءِ مهاڏو اٽڪائين ٿا ۽ پسپائي اختيار نٿا ڪن. هنن جي وجود جي بقا سان سندن تشخص جي برقراري لاڳاپيل آهي. جيئن فرمائي ٿو ته:
ولاڙيو وڻين چڙهي، ڪي جو ڏٺائين،
موت به ماريائين، پاڻ تنهن جي پٺ ۾،
**
نينهن نه نالو ڳن، پريتڻي پير ٻيا،
سورن ساڻ مَ ڇن، وِرهه وِهائج وترو.
لطيف جي غم جي اظهاري بيتن ۾، اسان کي سندس ڪردارن جي اُڌمن، ڪلپنائن، ڪامنائن ۽ ولولي جو ڏڪائيندڙ روپ نظر اچي ٿو:
ولولو ۽ ووڪ، ايءَ تان آه عشق جي.
عشق جي اها آهه ڪردارن کان ٻليدان گهري ٿي، جنهن ۾ هر ڪردار فرار ٿيڻ بجاءِ انهيءَ امر پيار کي پاڻ ۾ سمائي الستي آواز تي پاڻ نڇاور ڪري ٿو، جيڪو عشق جي پيداوار آهي. ان جي اندر ۾ وڃبو ته محسوس ٿيندو ته، اها آهه ۽ الستي آواز، جنهن عشق جو روپ اختيار ڪيو، ان جو لاڳاپو روح سان آهي ۽ نه ان جي سرير سان، جنهن کي ڪو دوام نه آهي. اڻ مٽ ۽ امر پيار، جيڪو عشق جي صورت آهي، ان جو روح سان پيچ پيل هوندو آهي، جنهن ۾ ازل جي ڇڪ، تڙپ ۽ بيتابي آهي. لطيف وٽ اهڙي قسم جي ڇڪ ۽ ڳانڍاپي جو وڏو وستار آهي، جنهن کي هي مهان شاعر ”ڪن فيڪون“ واري مقام کان به مهند بيان ڪري ٿو:
نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪو لڱ لحم.
(مارئي)
**
ميثاقان مهند هئي، توڏيءَ جي تنوار.
(سسئي)
**
الست اواحن کي، جڏه جاڳايو جليل.
(سهڻي)
**
الست ارواحن کي، جڏه چيائين جيئن،
محبتي ميهار جي، آءٌ نهوڙي نينهن.
(سهڻي)
**
نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا مورت ماهه،
(مارئي)
**
نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا هونگ نه هون.
(مارئي)
عشق انهيءَ ازلي ڇڪ ۽ ڪشش جي پيداوار آهي، جنهن وِرهه ۾ لطيف جو هر ڪردار ونگيو ۽ وهاٽيو پيو آهي. لطيف هڪ سچي عاشق، عارف، حُسن پرست، رومان پسند انسان وانگيان جتي به، جيئن حُسن کي، حقائق کي، احساس توڙي القاءَ جي دنيا ۾ محسوس ڪيو، ان کي بنا ڪنهن تڪليف جي بيان ڪيو آهي، جيڪو سندن عارفانه نظر، جمالياتي حسن، نازڪ مزاجيءَ جي فڪري طرف نگاهيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ سندس قوت عارفانه ۽ عاشقانه ڪمال تي نظر اچي ٿي.
هن مهان شاعر جو فلسفهءِ غم، جيڪو ازلي عشق جي پيداوار آهي، ان جو عڪس رسالي جي هر سُر ۾ سمايل نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هر سُر جي نسبت سان سندس انداز بيان پنهنجو آهي، پر ان جي تهه ۾ وڃبو ته، انهن ۾ به انهيءَ حڪمت جا گڻ موجود آهن. اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته، ڇا شاهه سائين غم و الم جو شاعر آهي؟ وٽس خوشي ۽ کيرون ماڻڻ جي ڪا وستار ڪانه آهي. هي هڪ غور طلب نڪتو آهي. سندن ڪلام ۾ خوشيءَ جي سلسلي سان جيڪي بيت نظر اچن ٿا، انهن ۾ اميد جي جهلڪ آهي. لطيف جو ڪو به ڪردار مڪمل طور تي خوشيءَ جي پيرهن ۾ پهيل نظر نه ايندو، پر هو غم جي وسيلي وِرهه جي واٽ سان ان جو متلاشي آهي، ڇاڪاڻ ته جتي غم جي سفر جي انتها ٿئي ٿي، اتان کان ئي خوشيءَ جو دڳ ملي ٿو، ليڪن اهو دڳ عام خوشيءَ جي تصور جو اهڃاڻ نه آهي، پر ان ۾ ڪردار جي غم ۾ گوندر جا ڳوڙها سمايل هوندا آهن. جڏهن ڪردار سفرِ غم ڀوڳي پنهنجي انهيءَ منزل جي اختتام تي اچي ٿو ته، اتي شاعر ان کي وصال جي اهڙي صورت سان ظاهر ڪري ٿو، جو اهو وصال ان جي زندگيءَ جي آخري لمحن جي صورتن ۾ هوندو آهي، جنهن ۾ خوشيءَ تي غم جا بادل ڇانيل نظر ايندا آهن. جنهن ۾ هڪ قسم جو تجسس ۽ رقت آميزيءَ جي صورتحال هوندي آهي، جنهن جو دائرو ايترو ته وسيع آهي، جنهن ۾ نه صرف سندس ڪردار پر سامع ۽ قاريءَ جو وجود به ان ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو. وٽن اهو تصور آفاقي قوت ۽ تصور سان مزين آهي، جنهن ۾ سندن وجود پڻ آجو نظر نه ٿو اچي.
هن کي شاعر جو تلازمؤ خيال چئي ڪنارو ڪري نٿو سگهجي، پر هيءُ ته سندس وجود جو اهو واڄو آهي، جنهن جي تار تار ۾ انهيءَ ڪيفيت جو ترنگ، جهنڪار ۽ جهانءِ آهي. هي اهو رباب آهي، جنهن تي مضراب لڳڻ سان ماحول ۾ سورن جي صدا بلند ٿي پوي ٿي. اهو ٻيجل جي پڙاءَ ۽ پڙلاءَ جيان آفاقي آواز بنجي، جيءُ کي جهوري وجهي ٿو. شاعر جي انهيءَ آه و بقا جي پيغام جي اها خوبي آهي، جنهن ۾ سندس ڪردارن ۾ فلسفهءِ غم جو هڪ توازن آهي. هڪ قسم جي باليدگي، رميدگي ۽ شائستگي نظر اچي ٿي، جيڪا هن فلسفي جو مول ۽ ماڻ آهي. سرڪار لطيف پاڻ سر تاپا غم ۽ غمِ عشق هئا، ان ڪري سندس ڪردارن وٽ پنهنجون نڪون ۽ غم ۽ گوندر جو درياءُ موجزن نظر اچي ٿو.
نينهن جي ناوڪ جنهن کي لڳي، ان کي حال کان بيحال ڪيائين، گهر کان بي گهر ڪيائين، جهڄڻ ۽ جهوري ان جو مقدر ٿي، ورهه ۾ وياڪل ڪيائين. غم ۽ گوندر جي اهڙي اوڙاهه ۾ ان کي اُڇليائين، جنهن جو سنڌو ۽ سرو نه هو:
نه ڪي مُئي آهيان، نڪي ٿي جِيان،
ساريو ساهه ڏيان، توکي ساريو سپرين.
ڇو ته:
سر جو سڃيو سڄڻين، ٻنگا ڀري پاڻ،
ويو وجودان نڪري، ڪڙ، ڪڙ ڪري ڪان.
قريبن جي ڪهري ڪان لڳڻ سان پڇيائون ته:
پاٻوهيو پڇن، ڪٿي هٿ حبيب جو،
نيزي هيٺان نينهين جي، پاڻ نه پاسي ڪن،
عاشق اَجل سامهان، اوچي ڳاٽ اچن،
ڪُسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
انهيءَ مشاهدي جي مامري لاءِ چيائون ته:
اٿاري اُٿي ويا، منجهان مون آزار،
حبيب ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار،
طبيبن تنوار، هڏ نه وڻي هاڻ مون.
نينهن جي ناوڪ لڳڻ سان جا حالت ٿئي ٿي، ان لاءِ فرمايائون ته:
نئون نيهن لڳوس، ڳري ۽ ڳالهيون ڪري،
اوريندي ارٽ سين، سڄڻ سنڀاريوس،
پهو پٽ ڪريوس، اهو هٺ هتي ئي رهيو.
ڇو ته:
هي، هي وهي هاءِ، من ۾ محبوبن جي
۽
ڌڳايو ڌڻين، ڇيرو اندر ڄندڙي.
سڄڻ ٻنگا ٻاڻ ڀري، جيڪو سر سڃئو، ان لاءِ ڪنهن ٻئي سالڪ چيو آهي ته:
لڳي ميخ نه اکڙي، هنئي جا هوتن،
جنبي ويئي جان ۾، کتي ساڻ کنڀن،
سوين سونارا مڙيا، لکين لوهارن،
شاباس تن پرين، جن چڀن سان چوري ڇڏي.
لطيف چواڻي ته:
ڪنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهن هنئين جن،
مون کي مون پرين، ڪڍڻ جي ڪا نه ڪئي.
هنئين سان جيڪا اها هور لڳي، انهيءَ جان کي جهوري وڌو، جنهن تي ڪنهن سالڪ چيو ته:
هنئين مٿي هوريون، باهيون بس نه ڪن،
هڪڙا مچ مجاج جا، ٻيا جانب جاد پون،
رهاڻيون راهمون چئي، ڪيچي مانسان ڪن،
واسينگن جي وه تي، ڦيڻا فرق نه ڪن،
سي ڪيئن آڳون اجهامن، جي هوت لائي ويا هٿن سين.
هوتن هٿان هينئين کي جيڪا لهس لڳي، ان ڪري:
چتر رهي نه چت، ويڻن واڳيو نه رهي،
رئي لٽجي تت، هينئڙو واٽ ورک جيئن.
ڇو ته:
اُڀريام انگور، سُتي سپرينءَ جا،
کايو کايو سور، لوچئو لڇئو اُٿيان.
سانوڻ فقير به انهي قسم جي دانهن ڪئي آهي:
جانب منهنجي جان تي، ڪڍيا عشق انگور،
ڇڻيو پون ڇاتيءَ تي، اوگهه ڪريو انگور،
سمهان ته سک نه اچي، اٿان ته انبور،
هلان، چلان، وهان ته ونجهلان، پلپل پوَن پور،
عقل، مت، شعور، ٽيئي نينهن نِهوڙيا.
وِره جو ور جيئن پوءِ تيئن سوگهو ٿيندو ويو، ڇو ته:
ڪنڍي ڪلين وچ ۾، ڪا جا هنيائون،
مون کي مريائون، وجهي ڏور ڏکن جي.
جيئن جيئن اها ڏکن جي ڏور، جيڪا سڄڻن جي هٿ آهي، اها پئي ڇڪجي، تيئن تيئن سور سرجنس ٿا، ڇو ته قريبن جو اهڙو ڪنڍو ڪلين ۾ لڳي ويو، جو سڄي ڄمار ان جي نينهن جي نذر ٿي وئي.
ڪنڍو منجهه ڪپار، هنيو جو هوتن،
سارڻ سڀ ڄمار، اسان اهو ئي ٿيو.
ان لاءِ:
لاهه مَ پچاران، سُک مَ سُمهه جندڙا،
ڪر جهوري ڪيڻان، ڪالهوڻئان اڄ گهڻي.
هي درد بيدرد آهي. هي غم، غم زيغم آهي، ان لاءِ بهتر ڏيندي چيائون ته:
اڃا پيئي جئين، سڄڻ ساريو نه مرين،
وٽيون وه گاڏڙيون، ڇوري ڇو نه پئين،
لڳئي ڪونه هنئين، ڪو ڳڻ ٻاروچن جو.
’سُر رپ‘ ۾ انهيءَ سڄي صورتحال کي سميٽيندي فرمائين ٿا ته:
اٺي جيئن سورن، اوڀڙ ولهارن ۾،
سا پر گوندر ڪن، جهه ڦوڙائو سڄڻين.
**
نيڻ نهائين جيان، ستي لوڪ ڌڳيا،
اجهاميو ٻران، توکي ساريو سپرين.
يا
مون کي ماءُ مجاز، پيڃاري جيئن پڃيو،
هٿن ڇڏي هاج، ويئي سار سَنڌن مان.
مون هت نينهن جي ناوڪ ۽ عشق جي اولانڀن، جن مان لطيف جا ڪردار گذرن ٿا، تن جو سندن ڪلام مان ۽ ڪن سالڪن جي ڪيل اظّهار سان اجمالي خاڪو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، جيئن اسان کي ’رپ‘ جي سُر ۾ سمايل، انهيءَ عظيم تصور کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. ان لاءِ انهيءَ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته: ’رپ‘ جو هر بيت، شاهه جي ڪلام ۾ ڦهليل غم جي صورتن جو مرجع آهي يا ائين چئجي ته، لطيف غم جي انهيءَ مڌ کي هتان هُتان سهيڙي سموهي، چڪيل چاڪن وارن لاءِ چڪائي هڪ اهڙو داستان ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ سندن ڪلام جي غم جي سڄي صورتحال ”درياهه ڪوزي ۾ بند“ مثال جيان آهي، جنهن جي پڙهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ وڏي همت گهرجي.
لطيف غم جي انهيءَ سڄائيءَ ۾، غم جي اظهاري ڪيفيت کي ائين آٿر پاٿر بيان نه ڪيو آهي، پر سندس اظهاري ڪيفيت ۽ تعميم، استدلال ۽ تمثيل جو پهلو پڻ سمايل آهي، جنهن سان انهيءَ ڪيفيت کي تصوراتي فضا مان ڪڍي پاڻ حقائق جي پهلوءَ سان همنڪار ڪري، بره جي انهيءَ باب کي بيان ڪيو اٿن. اهو ئي سبب آهي، جو سندن انهيءَ سُر ۾ بي پناهه تاثير جو رنگ رچيل آهي، جيڪو پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ کي جهوري وجهي ٿو. لطيف جتي شاعرِ حُسن و جمال آهي، اتي هو ساحرِ ڪمال پڻ آهي. هن حسن و جمال جي بحر جي ساحل تي گوندر ۽ غم جو، وره ۽ وڇوڙي جو هڪ اهڙو طاقتور وڻ اُڀاريو آهي، جنهن جو ثمر واڍوڙين لاءِ وڏي وٿ ۽ آٿت جو آجڪو آهي.
ڪنين ڪنين ماڻهئين، گوندر وڏي وٿ،
ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو.
لطيف پنهنجي ڪردار جي مختلف روين، تمنائن ۽ ڪيفيتن جو جيڪو رنگ ’رپ‘ ۾ چِٽيو آهي، اهو مثالي حيثيت رکي ٿو ۽ ڪردارن جي اندر جو آواز محسوس ٿئي ٿو، جنهن سان شاعر جي روح جو ريلو گڏوگڏ نظر اچي ٿو. مثلا:
مون تان لاهه مَ سپرين، اکين جا آگم،
ڪري ملار مينهن جيئن، وسي لاهه وهم.
**
نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکئين.
**
سٻر سيءُ پيو، نه مون سوَڙ نه گبرو،
نه مون ڪانڌ نه قوت ڪي، جوڀن وهي ويو.
**
اتر ڏني اوت، نه مون سوَڙ، نه گبرو،
چارئي چنيءَ پوت، مون ريڙهيندي رات ڳٽي.
**
چيتاري چوندياس، ڳالهيون کي سڀ سڄڻين.
**
سڄڻ سنڀريام، پيم ڪر ڪپار ۾.
سُر رپ‘ جي هن قسم جي بيتن ۾، ڪردارن جي من جي اِڇا، انهن جي امنگ ۽ جذبن جو اظهار آهي، جيڪي محبت جي ازلي لڳاءُ ۽ پريتڻي جي پيداوار آهن، جيڪو ڪردارن جي اندر جو آواز آهي، لطيف انهن جي انهيءَ ذهني ولوڙ کي محسوس ڪندي، کانئن ان جو اظهار ڪرائي ٿو، جيڪو ڪنهن هڪ فرد جو اظهار نه آهي، پر اهو عشق جي درياءَ مان گذرندڙ سڀني ڪردارن جو غماز آهي، جنهن ۾ سندن اندر جي تمنا ۽ جذبن جو عڪس موجزن آهي، جنهن جي هن عظيم شاعر جيڪا چترڪاري ڪئي آهي، اها نهايت وڏي پد واري آهي ۽ ائين محسوس ڪرائي ٿو، ڄڻ اهي ڪردار اکين آڏو انهيءَ اصلي حالت يا ريکائن ۾ نظر اچڻ لڳن ٿا، جنهن جي تاثر ۽ رنگ ۾ پڙهندڙ توڙي ٻُڌندڙ گم ٿي وڃي ٿو.
مون مٿي غم جي فلسفي، ان جي حڪمت ۽ لطيف جي فلسفهءِ عشق کي قدر نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته، لطيف وٽ غم، هڪ فلسفي، هڪ فڪر ۽ هڪ جذبي جي صورت سان موجود آهي، جنهن جي ڪيفيت عام صورت کان نرالي آهي. هن عظيم شاعر پنهنجي ڪلام ۾ غم کي جنهن ترتيب ۽ حڪمت سان بيان ڪيو آهي، اهو انسان جي روح جي انهيءَ اصلي ويراڳ ۽ وڇوڙي کي اجاگر ڪري ٿو، جيڪو ’الست‘ کان هن کي ارپيل آهي. لطيف غم جي انهيءَ جذبي کي، جيڪو ’حضرت عشق‘ جي رويي جو روپ آهي، نهايت احساساتي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪردارن جي آه و بقا سان گڏ سندن اندر جو آواز پڻ شامل آهي، جيڪو ويراڳ جو وهاٽيل ۽ ورهه جي ور چڙهيل آهي. سندس انهيءَ ادا ۽ صدا ۾ سوز و گذار آهي، آه و بقا آهي، سورن جو سامان ۽ عشق جا اولانڀا آهن، جيڪي واڍوڙين کي وڍي اندر اڌ ڪري وجهن ٿا ۽ جن تي ڪو پهو ۽ پٽيون رکڻ وارو ئي ڪونهي.
نه ڪو سَنڌو سور جو، نه ڪو سُنڌو سڪ،
عدد ناد عشق، پُڄاڻي پاڻ لهي.
(شاهه)