لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال

لطيفيات جي موضوع تي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل درد جي جمال بابت مختلف سنڌي ۽ اردو مقالن ۽ مضمونن جي مجموعي جي ترتيب ۽ تدوين نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر فياض لطيف جي محنت جو ثمر آھي. ڪتاب ۾ 26 سنڌي ۽ 6 اردو مقالا شامل ڪيا ويا آھن. اڪبر لغاري لکي ٿو:
”ڊاڪٽر فياض لطيف نوجوان محقق ۽ سُچيت نقاد آهي. هُن شيخ اياز جي جمالياتي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سندس اهو تحقيقي ڪم پنهنجي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي، پر هُن وٽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان پنهنجي بصيرت ۽ هڪ پنهنجو نقطه نظر آهي. هُن لطيف جي مختلف فني ۽ فڪري نقطن تي جديد تحقيق ۽ تنقيد جي روشنيءَ ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي، پر درد جي موضوع تي مختلف عالمن جي ترتيب ڏنل مقالن/ مضمونن (جنهن ۾ هن جو پنهنجو هڪ مقالو به آهي) تي محيط سندس هي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال“ پڻ انتهائي قيمتي ۽ ڪارائتو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 1523
  • 373
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض لطيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾  درد جو جمال

شاهه لطيف جي ’سُر سامُونڊِيءَ‘ ۾ درد جي لغت: رياضت ٻرڙو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌي ٻوليءَ جي مهاڄاڻوءَ طور مستند حيثيت جو مالڪ آهي، جنهن جي شاهدي سندس ڪلام ”شاهه جو رسالو“ آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي وسيع ذخيري جي اهڙي حيثيت رکندڙ آهي، جنهن ۾ لفظن ۽ اصطلاحن جي هڪ وڏي سرمائي سان گڏوگڏ پهاڪن ۽ چوڻين جا ڀنڊار سمايل آهن ۽ جن جون معنائون ۽ مفهوم وڏي وسعت ۽ ڪشادگي ۽ سنڌي سماج جو تهذيبي پسمنظر رکندڙ آهن. شاهه لطيف جي ٻوليءَ جي حوالي سان، سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ شاعر شيخ اياز لکي ٿو: ”شاهه سائينءَ بيان ۽ اظهار جو جيڪو سليقو سنڌي شاعري کي بخشيو، ان جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته ان ۾ ڪٿي به ڪو ڳنڍ يا جوڙ نظر نه ٿو اچي. هن جيڪي لفظ، جيڪي پهاڪا ۽ جيڪي استعارا استعمال ڪيا آهن، سي سڀ هن ئي ڌرتيءَ جي جهول مان چونڊيا. هن پنهنجي ڌرتيءَ جي تهذيب ۽ تاريخ کي پنهنجو پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جي اندر ۾ جهاتي پاتي، انهن جي ڏکن سکن کي سهيڙيو، سندن سپنن کي پنهنجي نيڻن ۾ سانڍيو ۽ پنهنجي شاعريءَ کي انهن جي تعبير جو آئينو بڻائي ڇڏيو.“(1)
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي هڪ نمايان خوبي هيءَ پڻ مڃي وئي آهي، ته سندس شاعري سڄيءَ سنڌ جي مختلف لهجن جي مٽيءَ منجهان ڳوهيل آهي. سندس شاعريءَ ۾ نفيس جذبن ۽ اتم احساسن جا دل ۽ دماغ کي ڇهندڙ انڊلٺي رنگ سمايل آهن. جيئن سنڌ ڌرتي ميداني، جابلو، ريگستاني، ڪاڇيلي ۽ زرعي روپَ پنهنجي وجود ۾ سانڍيندڙ آهي، اهڙيءَ ريت شاهه لطيف .جي ٻوليءَ ۾ انساني ڪيفيتن جا بي انت ساگر سانڍيل آهن، جن مان ڪجهه تائين پهچ ٿي سگهي آهي، ته ڪيئي اڃا کوجڻا آهن. محترمه ج.ع منگهاڻي لکي ٿي: ”سنڌ دنيا جو اهو خوبصورت خطو آهي جنهن ۾ گلن جهڙا هٻڪاريل رنگ رنگ جا پٽ آهن... هتي زمين جي خاصيت مطابق ئي ماڻهن جا مزاج، رسمون، رواج، رويا، مرڻا، پرڻا، شادي مرادي، ٽوڪ ٽاڙ، کل ڀوڳ، لئز لاڳ، لفظ، اچار، لهجا سڀ ڌار ۽ مختلف آهن. هتي جي هر پٽ تي انساني جذبن جي ڌار سلطنت آهي، جنهن جي ٻولي ۽ رويا سڀ جدا جدا آهن، جن جون ميارون ۽ محبتون، خوشيون ۽ ٿاجا سڀيئي ٻي علائقي کان ٻيءَ ڀتاڻا آهن، ۽ هڪڙو، واحد، اڪيلو لطيف بادشاهه ئي انهن سلطنتن، ٻولين ۽ ماڻهن جو رهنما، ترجمان ۽ پيغامبر آهي. هو انهن سڀني جي لفظن، اچارن، لهجن، محاورن، اصطلاحن ۽ علامتن کان ڀليءَ ڀت واقف آهي ۽ انهن جا ڏک، سک، ضرورتون ۽ خواهشون سڀ ڄاڻي ٿو ته انهن لاءِ سنجيده به آهي.“(2)
زندگي هڪَ رنگي ناهي. جيڪڏهن اها هڪ رنگي هجي ها، ته زندگيءَ بدران ڪو ٻيو ئي نالو رکندڙ هجي ها. ان ڪري ئي زندگيءَ جي ڪا هڪ وصف طيءِ ٿي نه سگهي آهي. اها فلسفياڻي، ادبي، سماجي، ديني يا سائنسي طور تي، الڳ الڳ انداز ۾ بيان ڪري سگهجي ٿي. ساڳيءَ ريت زندگي انساني سوچن ۽ ڪيفيتن کان شديد متاثر ٿيندڙ پڻ رهي آهي، پوءِ ان ۾ انسان جو عمل دخل ڪيتري قدر آهي، اهو هڪ ڌار سوال آهي. اهڙين ڪيفيتن ۾ ڏکن، دردن، سورن، پيڙائن، تڪليفن، اهنجن، ايذائن ۽ وڇوڙن کي هڪ خاص ۽ مٿاهين حيثيت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڪيفيتون انسان کي جنهن فڪري اوچائيءَ ۽ عشق جي محرڪ تائين رَسائيندڙ آهن، تن تائين ٻيون ڪيفيتون شايد ئي پهچائي سگهن. ”عشق جي راهه ۾ وصال جي خواهش سور ۽ درد کان سواءِ اڌوري آهي... عشق جو تصور وڇوڙي سان آهي، وصال جي خواهش عشق کي وڌائي ٿي، پر عشق جيئڻ جو جواز آهي. محبوب سان ميلاپ جي جدوجهد زندگيءَ جو جواز آهي، پر جيستائين وصال ٿئي تيستائين ڏک آهي.“(3)
پر اهو ڏک جو هڪ رخ آهي، ان جو ٻيو به رخ آهي، جيڪو انسان کي نهوڙيندڙ ۽ رنڊيندڙ به آهي، ته مايوسين جي اٿاهه ساگر ۾ ٻوڙي ڇڏيندڙ به آهي، جتان نڪرڻ لاءِ انسان کي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. ان تناظر ۾، ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو، ”ڏک اها ڪيفيت آهي، جيڪا جيوت سگهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري ٿي ۽ وجودي واردات سان همڪنار ڪري ٿي. ڏک هڪ فطرت جو چئلينج آهي، جنهن کي انسان قبول ڪري سک لاءِ جستجو ڪري ٿو.“(4)
”ڏک“ جون، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي جوڙيل ”نئين جامع سنڌي لغات (ج س ل)“ ۾، هي معنائون ڏنل آهن:

• ڏُکُ ج ڏُکَ: ذ. [پرا. دُک. سن. دُهۡکَ = ڏک] سور - درد - عذاب - ايذاءُ - پيڙا - ڪَشٽُ. رنج - غم - افسوس - ارمان - شوڪ - گوندر - دُکُ - اهنج - مشڪلات - سوڙهه - تنگي - تڪليف - سختي - اِفلاس - آپدا - مصيبت.(5)
جڏهن ته ”درد“ جون ”نئين ج س ل“ ۾ هن ريت معنائون درج ڪيون ويون آهن، جيڪي ”ڏک“ کان ٿورڙو ئي فرق/اضافو رکندڙ آهن:
• دَرۡدُ ج دردَ: ذ. [ف] ڪشٽ - ڏنجهو - ڏک - سُور - اهنج - دک - پيڙا - تڪليف. افسوس - رنج - شُوڪ - غم. اهنج - اوکائي - سختي - مصيبت - مشڪلات. ڪشالو - جاکوڙ.(6)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڏکُ، پنهنجن انيڪ روپن، ڪيفيتن، مزاجن ۽ اندازن ۾ موجود آهي، جنهن کي شاهه سائين زندگيءَ جو لازمي جُز ٿو سمجهي. شاهه وٽ زندگي ڏک ۽ جدوجهد کان سواءِ اڻپوري آهي. ”ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ بلڪل اهڙو ئي وجدان آهي جنهن سان ماڻهو ڪڏهن سر سارنگ ٻڌندي يا پڙهندي پاڻ کي ڀِٽن ۽ ڀنل پٽن تي محسوس ڪري ٿو ته، ڪڏهن ڌڻ ڪاهيندڙ ڌنارن سان گڏ گهمندي محسوس ڪري ٿو. ڪڏهن اتر جي اوت ۾ موکيءَ جي مٽن جي خوشبوءِ محسوس ڪري ٿو ته، ڪڏهن متارن سان گڏ مرڻ جو مشاهدو ڪري ٿو. ڪڏهن گهاتن جي گهر نه موٽڻ تي مورڙي سان تعزيت ڪري ٿو ته، ڪڏهن سهڻيءَ سان گڏ درياهه جي دهشت تي پاڻ کي حاوي محسوس ڪري ٿو. ڪڏهن سهڻي ۽ ميهار جي محبت ۽ موت تي نوحه ڪنان ٿئي ٿو ته، ڪڏهن مارئي سان مارن جا احوال ۽ وڇوڙا اوريندي روئي پوي ٿو. ڪڏهن امامن جي غم ۽ ڏک ۾ ڪارا ڪپڙا پائي ٿو ته، ڪڏهن حُر جي موٽڻ ۽ شهيد ٿيڻ جو نظارو ڏيکاريندي اهلبيت جي دشمنن کي پاراتا ڏئي ٿو. ڪڏهن سورٺ جي سونهن ۽ راءِ ڏياچ جو سر قربان ٿيندي ڏسي ٿو ته، ڪڏهن ليلى کي حيلا ڪندي ڏسي ٿو، ڪڏهن چنيسر جي چت کي حيرت مان محسوس ڪري ٿو ته، ڪڏهن مومل جي ماڙيءَ جا نظارا ڪري ٿو، ڪڏهن راڻيءَ سان گڏ کيس کلندي، ملندي، رُسندي ۽ آخر سڙندي ڏسي ٿو ته، ڪڏهن سسئي کي پهاڙن جا پنڌ ڪندي ڏسي ٿو، ڪٿي پنهونءَ جو پرٽ ٿيندي ڏسي ٿو ته، ڪٿي ڄام بادشاهه کي ڪلهي تي ڄارو کڻي مڇيون ماريندي ڏسي ٿو. ڪٿي جوڳين سان گڏ جبل جهاڳجن ٿا ته ڪڏهن سامين سان گڏ دِسون لتاڙجن ٿيون، ڪڏهن سامونڊين سان گڏ سفر ٿو ڪجي ته، ڪڏهن سپڙ جي درٻار ۾ ٿو پهچجي.“(7)
شاهه لطيف جي شاعري، ڪا عام شاعري ناهي، اها هڪ اهڙو ماحول جوڙي ٿي جنهن ۾ ماڻهو مُنڊجي وڃي ٿو. اهو ماحول ڪو رواجي ماحول نه آهي، پر تڪليفن ۽ اهنجن مان گذري پار پوڻ بعد جڙيل اهو اوچو ماحول آهي، جنهن ۾ ماڻهپي جو معراج حاصل ٿئي ٿو. جيستائين اهو معراج حاصل ٿئي، تيستائين تڪليف تن کي رَسي ٿي، پَر اثر من تي ٿئي ٿو. جسم ۽ جند پاڻ منجهه جُڙيل آهن. جسم جو زخم احساس کي گهائل ڪندو ۽ احساس جي پيڙا منجهان جسم کي به بيچيني پلئه پوندي.
شاهه لطيف جي سرجيل سُرن ۾ سر سامونڊيءَ کي به خاص حيثيت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته هن سر ۾ پڻ شاهه سائينءَ وڇوڙي جي ورلاپن کي وڏي اونهائيءَ سان بيان ڪيو آهي ۽ ڏک جي انيڪ وارداتن کي نوَن نوَن طرحن سان پيش ڪري، درد جي اظهار کي ڪيئي روپ ڏنا آهن. هن سر ۾ مرد جي ڏک جي اُپٽار ته آهي، پر عورت جو ڏک ته دل جي تهن اندر پيهندو وڃي ٿو. سڄو سر سامونڊي درد سان ڀريو پيو آهي. سر سامونڊيءَ بابت، هڪ نُڪتي نظر پيش ڪندي، سائين جي. ايم سيد لکي ٿو: ”هِن سر ۾ هُن [شاهه لطيف] انهن محب وطنن جو ذڪر ڪيو آهي، جي قوم ۽ ملڪ خاطر گهر ڇڏي بي گهر ٿين ٿا ۽ ورهين جا ورهيه قيدن ۽ جلاوطنين جي سزا ڀوڳين ٿا، سدائين مسافريءَ ۾ آهن، جنهنڪري سندن وهون [زالون] پيئون واجهائين، وڻ ٽڻ وانئٽيون ٻڌن، ڏِيا ٻارين ۽ سکائون باسين. انهن جي درد ڀرئي داستان جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته:-
”سامونڊي ڪو سنگ، آهي گوندر گاڏئون،
انگن چاڙهي انگ، ويو وڻجارو اوهري.“(8)
سر سامونڊيءَ ۾ ڏک ۽ ڏولاوا، ڏاکڙا ۽ ڏوجهرا، اهنج ۽ ايذاءَ، وڇوڙا ۽ وڍ، انتظار ۽ اوسيئڙا، اونا ۽ اُلڪا به، شاهه سائين پنهنجي پُر اثر انداز ۾ اوريا آهن، ته اميدون ۽ آسرا به هٿئون وڃڻ نه ڏنا آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي سر سامونڊيءَ بابت لکي ٿو، ”هِن سر ۾... هڪڙو ته منجهس دلسوزي ۽ رِقت نهايت نازڪيءَ سان ادا ڪئي وئي آهي؛ ۽ ٻيو ته زال ذات جي دلي جذبن ۽ امنگن جي اهڙي چٽي مورت ڪڍي وئي آهي، جو ڄڻ ته شاعر خود زال بڻجي پيو آهي، وڻجاري جي اندر جا احوال، طرحين طرحين جا پور ۽ خيال، جي کيس پل پل پون ٿا، ڪانڌ جي موٽي اچڻ جو اوسيڙو ۽ انتظار، بندر تي ناکئن کان پڇائون ڪرڻ، پِيرن تي پڙ باسڻ، درياه تي اکا پائڻ، چوواٽن تي ڏيئا ٻارڻ وغيره، انهن سڀني جو نهايت واقعي ۽ درد وارو بيان ڪيل آهي.“(9)
نه سي تَـڙ هوڙاڪَ، نه وايون وڻجارن جون!
سرتيون! سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪئَم چاڪَ،
مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچيُون! پِريَن جا. (گربخشاڻي، سامونڊي: د-ا، ب-9)
ڏکن ۽ سُورن جي انهن وارتائن ۽ اپٽارن سبب، مون سر سامونڊيءَ ۾ سمايل درد جي لغت کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان ڪٿ ڪري سگهجي ٿي ته، شاهه سائينءَ ڪيتري قدر نه درد، تڪليف، پيڙا ۽ وڇوڙي کي دل ۾ پيهي ويندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾، مون بنيادي ماخذ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي جوڙيل ”شاهه جي رسالي“ (ڇاپو ڇهون، 1996ع) کي بڻايو آهي، جڏهن ته ٻين شاهه جي رسالن مان؛ هيٺين ٽن رسالن مان معنائون پڻ ورتيون آهن:
1. ”شاهه جو رسالو“ (1993ع)، مـؤلف غلام محمد شاهواڻي.
2. ”شاهه جو رسالو“ (1961ع)، علامه امداد علي امام علي قاضي.
3. ”شاهه جو رسالو“ (1999ع)، مـؤلف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
شاهه سائينءَ جي رسالي جي لغتن ۽ ٻوليءَ تي پڻ مختلف عالمن ۽ لغت نويسن ڪم پئي ڪيو آهي، جن مان هيٺ ڄاڻايل لغتن ۽ ٻوليءَ توڙي تشريحن جي ڪتابن کي، واسطيدار لفظن جي معنائن لاءِ ڏٺو ويو آهي. درد جي لغت واسطي چونڊيل لفظن کي سوکو (Bold) رکيو ويو آهي ۽ ان جي اڳيان ٿلهي ڪاري ٻُڙي (•) ڏني وئي آهي. جن ٿورڙن لفظن جي ڪا به معنى ملي نه سگهي، تن اڳيان ننڍي ليڪ (ــــــ) ڏني وئي آهي:

1. ”لغات لطيفي“ (ڇاپو 1994ع)، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ.
2. ”جامع سنڌي لغات“ (5-جلد) (1960ع-1988ع)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
3. ”تحقيق لغات سنڌي“ (ڇاپو 1980ع)، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو.
4. ”لاڙ جي لغات“ (1975ع)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
5. ”ٻاروچي ٻولي“ (1984ع)، سيد نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقوي.
6. ”روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت“ (ڇاپو 2014ع)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
7. ”سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت“ (2004ع)، ڊاڪٽر فهميده حسين.
8. ”ڀٽائي ڊڪشنري“ (2014ع)، انور ڏنگڙائي.
9. ”شاهه لطيف جي ٻولي: تحقيقي جائزو“ (2006ع)، ج.ع منگهاڻي.
10. ”شاهه جي رسالي جي سُڄاڻي“ (جلد ٻيو) (2011ع)، محمد حسين ڪاشف.

هِن مضمون جي حد تائين، مختلف شارحن ۽ لغت نويسن جي نالن جا مخفف ۽ اختصار، معنائن جي پڄاڻيءَ تي، ننڍي ڏِنگيءَ ( ) اندر، هن ريت درج ڪيا ويا آهن:

ب = ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ج = ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڏ = انور ڏنگڙائي
س = ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
ش = غلام محمد شاهواڻي
شيخ = شيخ محمد اسماعيل
ق = مرزا قليچ بيگ
قاضي = علامه امداد علي امام علي قاضي
ڪ = محمد حسين ڪاشف
ڪل = سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت
گ = هوتچند مولچند گربخشاڻي
م = ج. ع. منگهاڻي
ن = سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي
شاهه سائينءَ جي شاعري بيتن ۽ وائيُن جي صنفي سٽاءَ ۾ جوڙيل آهي، جيڪي مختلف داستانن ۾ ورڇيل آهن. ان ڪري، داستان لاءِ ’د‘، بيت لاءِ ’ب‘ ۽ وائيءَ لاءِ ’و‘ جو مخفف، شاعريءَ جي ڏنل اُن سِٽ جي آخر ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چونڊيل لفظ ڪتب آندل آهي.
لغت جو ڪم حساس نوعيت جو ٿئي ٿو، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ڌيان جي گهرج آخري داخلا تائين رهي ٿي. مون پنهنجي سِر، چڱي ڪوشش ڪئي آهي، ته ڪا سهوۡ نه ٿئي، تڏهن به اهڙي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. پڙهندڙن کي گذارش آهي، ته ان جي مثبت طور نشاندهي ڪن، ته جيئن درستگي ڪري سگهجي.

[b]درد جي لغت:
[/b]• [b]اَپَلِئو[/b]: مصدر اپلڻ (سن. اَپَلَپَنَ) لڪائڻ، ڳجهو رکڻ (گ). اَجَهل، نه پلجڻ جهڙو (ش). جنهن کي پَلي نه سگهجي، اڻ پليو، (اصطلاحي معنى) جيڪو جهلئي نه جهلجي، جنهن تي ڪا به نصيحت اثر نه ڪري (ن). اڻ پليو، اڻ جهل (قاضي). اڻ پليو، لڪل، مخفي (ڏ).
- آيَلِ! ڪَريان ڪِيَّ؟ مُهِجو نِيـﮧ اَپَلِئو نه رهي. (د-1، و-3)
”اَ“ معنى ’نه‘ ۽ ”پلئو“ معنى ’جهليو‘ يعني ”اپلئو“ معنى ’اڻ پلئو، اجهل، اڻ جهل‘. نينهن ”اپلئو“ نه رهڻ سان درد ۾ واڌارو ئي ٿيڻو آهي. اصطلاحي طور، منجهس ’ڳجهي رکڻ‘ جي معنى به شامل آهي، ڇاڪاڻ ته نينهن ”اپلئو“ نه رهندو، ته پڌرو ٿي پوندو. ”پلئو“ يا پليل رهڻ سان ان جي ظاهر ٿيڻ جو کٽڪو نه ٿيندو.

• [b]اَدورائُون[/b]: دانهون، ڪوڪون، راڙو (گ). دانهون، فرياد (ش). [=ادورايون] ندورايون، ندورائپ واريون (دانهون)، بدبختي واريون (دانهون) (ب). دانهون، فريادون، پڪارون (ق). دانهون، رڙيون، ريهون، ڪوڪون، (اصطلاحي معنى) التجائون (ن). دانهون، ڪوڪون (قاضي). ادورايُون: دانهون، پڪارون (ڏ)
- ڪيرُ سُڻِيندو تُهِجيون، اَدورائُون اَڄُ. (د-2، و-2)
مٿئين لفظ ”ادورائون“ جي معنائن تي سڀ لغت نويس متفق آهن. ”ادورائون“ نه ٻُڌجڻ سان اهنج ۾ اضافو ٿيندو ۽ ماڻهو پاڻ کي بيوس ۽ لاچار سمجهندو.

• [b]اُڌارا[/b]: اوڌر تي ورتل (ب). اوڌر تي، قرض تي، وري موٽائي ڏيڻ جي وعدي تي (ن). عارضي طور سوالي وٺڻ (ڏ).
- اسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙهئا. (د-3، ب-3)
اوڌر مجبوريءَ جي حالت ۾ وٺبي/کڻبي آهي، جيڪا ستم ظريفيءَ ۽ غربت يا اڻهوند جي نشاني پڻ آهي. ظاهر آهي ته اهي سڀ حالتون تڪليف ڏيندڙ ئي آهن. ڪنهن کان سوال ڪري، ڪا شيءِ ڳنهڻ لاءِ به حساس ماڻهوءَ کي وڏي همت ڪرڻي ۽ اندروني درد منجهان گذرڻو پوندو آهي.

• [b]اُڊَڪو[/b]: ڊپ، ڳڻتي (ب). ڊپ، ڊاءُ، اُلڪو (ق). ڊپ، دل جو وسوسو (ڪ). ڊپ، خوف، خطرو، (اصطلاحي معنى) الڪو، فڪر، ڳڻتي، کٽڪو، انديشو (ن). الڪو، ڊڄ، ڳڻتي (ڏ). اُڊڪَڻُ: (سن. اُدۡ = مٿي + دۡرۡ = ڊڄڻ)، ڊڄڻ (س).
- آئي اُتَرَ مُندَ، هِيين اُڊَڪو نه لهي. (د-2، ب-11)
”اُڊڪي“ جي معنى تي سڀ لغت نويس متفق آهن، يعني ’کٽڪو، اُلڪو، وسوسو، ڳڻتي يا ڊِڄُ‘. اهي سڀ معنائون، ظاهر آهي، ته درد جي ڪيفيت ڏانهن نِيندڙ ۽ بي چين ڪندڙ آهن.

• [b]اَڙانگِي[/b]: مشڪل، ڏُکي (ق). خطرناڪ، جوکائتي (ڪل). مشڪل، ڏکي، دشوار، اهنجي، اولي، تڪليف ڏيندڙ (ن). ڏکي، مشڪل (ڏ).
- آيَلِ! سامونڊيَنِ جِي، آهِ اَڙانگِي جُوءِ. (د-2، ب-7)
”اڙانگي“، ممڪن آهي ته ”اڙ+انگ+اِي“ مان جڙيو هجي يعني ’ڏُکي انگ واري“ معنى ”ڏکوئيندڙ‘. جڏهن ته ”اڙانگو“ معنى ’ڏکي انگ وارو‘. ”اِي“ ۽ ”او“ ’وارِي‘ ۽ ’وارو‘ جو مفهوم ڏيندڙ پڇاڙيون آهن، جيڪي مؤنث واحد ۽ مذڪر واحد جي نشاندهي ڪن ٿيون. ”نئين جامع سنڌي لغات“ ۾، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”اَڙ“ جي معنى ’مشڪل، ڏکيائي‘ به لکي آهي(10)، جنهن سان مٿينءَ راءِ کي هٿي ملي ٿي. اها جُوءِ يا جڳهه جيڪا ’ڏکي، ڏکوئيندڙ، اهنجي يا جوکائتي‘ هجي يا جتان ’جوکو رَسڻ‘ جو امڪان رهي، تنهن کي ”اڙانگي جوءِ“ چئجي.

• [b]اُڪُنڊَ[/b]: محبت، سڪ، تانگهه، (اصطلاحي معنى) انتظار، اوسيڙو (ن). اُڪَنڊَ: سِڪ (ب). اُڪَنڊ: سِڪ، اُڪير (س). اُڪَنڊ: سِڪ، اُڪير (ڏ).
- اُڪُنڊَ مون اَپارَ، شالَ مُهِجا موٽئا! (د-2، ب-17)
”اُڪنڊ“ جي لغوي توڙي اصطلاحي، ٻئي، معنائون ’تانگهه‘ توڙي ’انتظار‘ درد جي ڪيفيت ۾ اڙيندڙ آهن، جنهن مان ڇوٽڪارو تڏهن ئي ملي سگهندو آهي جڏهن خير ۽ سلامتيءَ سان پيارا پرين پاڻ وٽ پُڄي وڃن. شاهه سائينءَ ته ان اُڪنڊَ کي اَپارَ (اَ+پار = بيحد، بي حساب) ڪوٺيو آهي، جنهن جو ڪو پار ئي ناهي، ته پوءِ ان جي حد ڪيئن ٿي لهي سگهجي! گربخشاڻي صاحب ۽ نجف علي نقوي صاحب ”اُڪُنڊ“ يعني ”ڪ“ کي پيش ( ُ ) ڏئي لکيو آهي، جڏهن ته بلوچ صاحب، سنديلي صاحب ۽ ڏنگڙائي صاحب ”اُڪَنڊ“ يعني ”ڪ“ کي زبر ( َ ) سان لکيو آهي، پر سُر جي فرق ’اَ‘ ۽ ’اُ‘ کان سواءِ، سندن ڏنل معنائن ۾ اختلاف ڏيکاريل ڪونهي.

• [b]اَلَ[/b]: (پرا. آلَ) ڪلنڪ، ٽڪو، عيب (گ). عيب، اوڻائي (ش). وِڏ، ذاتي نقص (ب). عيب، وِيڪ (ق). نسلي طور ورثي ۾ عادتن [يا] روين جو ماڻهوءَ ۾ هجڻ (ڪ). عيب، وِڏ، حسب نسب ۾ نقص (ن). عيب (قاضي). عيب، اوڻائي (ڏ).
- ڪا مُنهِين ۾ اَلَ، ناتَ سڄڻ سٻاجھا گھڻو. (د-3، ب-6)
”اَل“ يعني ڪنهن به قسم جو ’عيب، اُوڻائي، نقص‘ ڏکوئيندڙ هوندو آهي، ۽ وڇوڙي جو سبب پڻ بڻجندو آهي، جيڪو نهايت تڪليفده آهي.

• [b]اَنگُنِ[/b]: [انگهنِ] تڪليف، سُوريءَ (ش). تکين چوٽين تي، تکين نوڪن تي (ب). ٻڇانگي، مُڙيل ڏار، چُهنبياريون چوٽيون، تڪليف ڏيندڙ شيون (ڪل). انگها: وڏي کاهيءَ ۾ لوهه جون چهنبياريون سريون يا سيخون اڀريون ڪري هنيل (ڪ). اَنگهُه: چُهنب، نوڪ، چِير، وَڍُ (س). گوشت کي ٽنگڻ لاءِ وڻ جي انگهن يا لوهه جي ڪنڊن، (ٻِي داخلا) انگ = انگهه: چهنبياري ڪاٺي، ڪنهن به شيءِ جي نوڪ (ن). انگهه: ڪاٺيءَ جي تکي چهنب (قاضي). انگُنِ چاڙهيو انگُ: تکين چوٽين يا چهنبن تي عضوا ٽنگي (ڏ).
- انگُنِ چاڙهي اَڱُ، وئو وڻجارو اوهَرِي! (د-1، ب-18)
ٿوري گهڻي وضاحتي فرق سان، شارحن توڙي لغت نويسن وٽ، ”انگن“ جي معنى يا سمجهاڻين ۾ اختلاف ڪونهي، سواءِ ان جي، ته ان لفظ کي ”انگهه“ پڻ لکيو ويو آهي. وڇوڙو، يا وڇوڙي جو ڏک، ڪيڏي تڪليف ڏيندڙ آهي، ان جي عڪاسي ”انگن/انگهن“ مان خوب ٿي وڃي ٿي.

• [b]اَنگُون[/b]: (انگھون) چِير، چَهڪ (ش). ڦاهيون، نوڪون. انگون پائڻ: ڦاڙي ڇڏڻ، ليڙون ليڙون ڪرڻ (ڏ). انگون پائڻ: ڦاڙڻ، چير وجھڻ (ق). (مصدر) انگون پائڻ = ڪپڙي کي انگهن ۾ ڦاسائي ڦاڙڻ، صحيح نموني سان حفاظت نه ڪرڻ جي ڪري ڪپڙي جو ڦاٽي ليڙون ٿي وڃڻ (ن).
- ڪالَ سِبايُءِ ڪَنجِرو، اَنگُون، پاتِيُءِ اَڄُ. (د-2، و-2)
لطيف سائينءَ ٻه اسم ”ڪنجرو“ ۽ ”انگون“ تضاد سان پيش ڪيا آهن. هڪ طرف ”ڪنجرو“ يعني ’ڀرت ڀريل ڪپڙو آهي جيڪو ڪنوارِ پرڻجڻ وقت اوڍي‘(11) يعني خوشيءَ ۽ شادمانن ٽاڻي پهري. ٻئي طرف ”انگُون“ يعني ’ڦاٽل ڪپڙا‘ آهن جيڪي اڻهوند جي، سکيو ستابو نه هجڻ جي، نشاندهي ڪن ٿا. سڄڻَ گڏ هئا ته ڪنجرا پاتل هئا، سُک هئا. سڄڻ سامونڊي سفر تي هليا ويا آهن، انگُون پائڻيون پئجي ويون آهن، ڏکَ آهن.

• [b]اوڙاهِ[/b]: اوڙاهه تي، اوڙاهه ۾ (ن). اوڙاهُه: سمنڊ جو وڏو طوفان جنهن ۾ پاڻي وڏو چاڙهه ڪري، تڙ بندر ٻوڙي (ب). اوڙاهُه: سمنڊ جو وڏو طوفان، جنهن ۾ پاڻيءَ جو وڏو چاڙهه هجي (ڪ). اوڙاهُه: اونهو سمنڊ، سمنڊ؛ ڪُن (س). اوڙاهُه: گهڻو پاڻي (ڏ).
- اوڙاهِ وئا نه وَرِئا، آءٌ ته ماري ويڻَ! (د-1، ب-13)
”اوڙاهِ وڃڻ“ يعني اونهي سمنڊ ۾ يا سمنڊ جي وڏي طوفان يا چاڙهه ۾ سامونڊين جو ڦاسڻ وڏي ڪَشٽ ۾ وجهندو آهي ۽ سخت تڪليف ڏيندو آهي، نه صرف سامونڊين کي پر سامونڊين جي ونين ۽ عزيزن قريبن کي پڻ اوسيئڙي جي عذاب ۾ وجهندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾، جيڪڏهن ونين کي ويڻَ به ملڻ لڳن، ته پوءِ ڏک ۽ پِيڙا جي شدت ويتر وڌي ويندي آهي.

• [b]اولِيُون[/b]: ڳَن. ٻيڙيءَ جي پاسن سان ڳن، جن سان ٻيڙي کي اڳتي اوجي، اڳتي ڌڪجي (ب). ٻيڙي جي پاسن سان ٻڌل ڪاٺ جا چپو (ڪ). اولو: ڳَنُ، سُکانُ (س). ٻيڙيءَ جي هلائڻ جا اوزار، ننڍا ونجهه (جمع) چپو (ن). اولي: ٻيڙيءَ جو ڳن (قاضي). اوِلي: ونجهه، ٻيڙي هلائڻ جو ڳن، ڏکي مهل. اولِيُون پَسِي اُن جون: انهن جون ٻيڙي هلائڻ جون لٺيون ڏسي (ڏ).
- اولِيُون پَسِي اُن جِيون، پئَڙِمِ ڳَچَ ڳَرِي. (د-3، ب-11)
بظاهر ”اوليون“ ۾ اهڙو ڪو سبب ناهي، جو اهو تڪليف رَسائي، پر هتي ”اولِي“ (ج=اوليون) اهو محرڪِي اسم بڻجي آيو آهي جيڪو وڇوڙي لاءِ ڪتب ايندڙ/ٿيندڙ آهي. ان ڪري، اوليون ڏسِي، ڳچ ڳري ٿا پون، زارو زار روئڻو پئجي ٿو وڃي، ته اجهو ڪِ اجهو وڇوڙي جا وڍ سَهڻا آهن.

• [b]اُوهَرِي[/b]: اُسري، کِسڪي (گ). ٻيڙيون ڌڪي يا ڇوڙي يا جوڙي، اُسري (ش). هاڪاري [اوهريا/اوهرئا: هاڪاري هليا، روانا ٿيا] (ب). اوهرڻ (مصدر): نڪرڻ، لڏڻ، لڙڻ، نِمڻ (ق). (مصدر اوهرڻ) = هڪلڻ، ڪاهڻ = هليو وڃن، هو هليا وڃڻ (ڪ). هيٺ لهي (مصدر اهرڻ = هيٺ لهڻ) (م). اوهَرَڻُ: (سن. آپَسرڻَ. آپَ = پري + سَرڻَ = وڃڻ)، هڪلڻ، ڪاهڻ (س). خير سان روانا ٿي، اُسري، اُسهي (ن). اسري، نڪري (قاضي). اُسِرِي، ٻيڙيون ڌِڪي (ڏ).
- وجِهي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهَرِي. (د-1، ب-1)
- مون کي چاڙهي چِيّ، وئو وڻجارو اوهَرِي! (د-1، ب-8)
- وِيا اوهَرِي اوءِ، مون کي ڇڏي ماڳِهم. (د-1، ب-10)
- انگُنِ چاڙهي اَڱُ، وئو وڻجارو اوهَرِي! (د-1، ب-18)
- مون کي وِساري، شالَ مَ وڃَنِ اوهَرِي! (د-1، ب-35)
- وئو وڻجارو اُوهَرِي، مون کي چاڙهي چِيّ. (د-1، و-3)
”اوهري“ جو ايڏين سٽن ۾ ورجاءُ، ان لفظ ۾ سمايل درد جي شدت کي ڀرپور اظهاريندڙ آهي. ڪهڙيءَ به ريت، وڻجارو ڇڏي هليو ويو، اهو هر طرح نهوڙيندڙ، تڪليف، اهنج ۽ ايذاءَ ڏيندڙ، کوري ۾ جيءُ جلائيندڙ ۽ نوڪون چُڀيندڙ آهي.

• [b]تانگَ (تانگهه)[/b]: سِڪ (ش). پاڻيءَ جي تانگهائي (جتي هيٺ پيرُ نه کُپي) (ب). سڪ، اڪير (قاضي). تانگهو: تراکڙو (س). سِڪ (ڏ).
- تَنَ جَنِين جِي تانگَ، سي سَڄڻَ سفرِ هلئا. (د-1، ب-25)
”تانگ“ يا ”تانگهه“ جي سري ۾، شهواڻي، آءِ آءِ قاضي ۽ ڏنگڙائي صاحبن جون ڏسيل معنائون ’سِڪ‘ ۽ ’اڪير‘ موزون آهن، ڇاڪاڻ ته جن جي تَن (وجود) کي سِڪ آهي، انهن سڄڻن جي وڃڻ سان جدائي برداشت ڪرڻي پوندي. ٻي طرف، بلوچ صاحب ۽ سنديلي صاحب جون معنائون هتي ڏنل مفهوم سان لغوي طور نه ٿيون ٺهڪن، البت اصطلاحي معنى ۾، جيڪڏهن ”تَنَ“ بدران ”تَنِ“ وٺجي، ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته جن سڄڻن جِي تَنَ منجهه يا تَن اندر گھِرائي يا تانگهائي آهي، سي سڄڻ سفر تي هليا ويا آهن، هاڻي سندن وڇوڙو ماري ٿو.

• [b]تَسو[/b]: (سن. تَپَسسَ) گرمايش، سختي؛ رياضت، فاقو (گ). تسيو، سختي (ش). تسيو، بُک، ڏک، فاقو (ق). بکون (قاضي). بک، فاقو (ڏ). تسا: اُڃُون (رامڪلي) (ب). تَسَڻُ: پياس لڳڻ (س).
- آءٌ ڏورِيندِي اُنِ کي، ڏيئِي، تَنَ تَسو. (د-3، و-1)
سختي، فاقو، بُک، اُڃ يا تاءُ ڪيڏو به هجي، اهو وجود کي ڏئي، ڏکن کي ڏورڻو آهي، ڇاڪاڻ ته وڻجارا پنهنجي سفر تان ضرور ورڻا آهن، ان ڪري همت هارڻ بدران، هر قسم جي تڪليف سَهڻي آهي. ”تسو“ تڪليف جو اظهار آهي جيڪو تن کي ڏيڻو ٿو پوي.

• [b]پَچُ[/b]: کام ۽ جل (انتظار ۾) (ب). (مصدر پچڻ، امر واحد پچُ) کام، جل، سڙ انتظار ۾ اوسيئڙي واري ڪيفيت جيڪا بي تابي ۽ بي قراريءَ واري هوندي آهي (ڪ).
- پَڳهَه پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊِيَنِ جي. (د-1، ب-2)
”پچ“ جي ڪاشف صاحب تفصيلي اپٽار پيش ڪئي آهي جيڪا مطمئن ڪندڙ آهي. بيتابيءَ ۽ بي قراريءَ منجهان، پڳهه وٽ، انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ سڙڻ اهڙو درد آهي جنهن جو تدارڪ اُتي ئي، پڳهه پاسي، گهارڻ سان ڪري سگهجي ٿو. پڳهه ڇوڙي وڻجارا ويا آهن ۽ پڳهه وٽ ئي اهي موٽي اچڻا آهن، ان ڪري اتي ئي رهڻ بهتر آهي، يعني جنهن هنڌان فراق جو ڦَٽ مليو آهي، اتان ئي وصال جا پَل ملڻا آهن.

• [b]پُوريندا[/b]: تڪڙا هليا ويندا (ڏ).
- تون ويسَرِي وِک کڻين، هُو پُوريندا پرڏيـﮧ. (د-1، ب-3)
(تون ويسري وک کڻي، هُو پوريندءِ پرڏيهه.) (بلوچ)
o پوريندءِ: ٻيڙيون هاڪاري وينديئي (ب). (مصدر پرڻ = هلڻ، وڃڻ. پوريندءِ اسم حاليه) هليا ويندءِ، اسهي ويندا، ويندا هليا (ڪ).
”پوريندا“ ۽ ”پوريندءِ“ جو مصدرُ ساڳو آهي، جيڪو ”پوريندءِ“ جي سمجهاڻيءَ ڏيندي محمد حسين ڪاشف ”پُرڻ“ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته، ڊاڪٽر بلوچَ هڪڙو مصدر ”پُرَڻُ“ ڄاڻائي، ان جون معنائون ’پنڌ ڪرڻ، هلڻ، وڃڻ، ڪاهڻ، وڌڻ، اڳتي هلڻ‘ لکيون آهن(12)، ۽ ٻئي هنڌ، ٻيو مصدر ”پُورَڻُ“ (پُورِڻ) جي داخلا هيٺ ڄاڻائي، ان جي مختلف معنائن ۾ به ’پنڌ ڪرڻ، پنڌ پوڻ‘ ۽ ’هاڪارڻ‘ (ٻيڙو وغيره) لکيون آهن(13)! بهرحال، سامونڊين جو سفر تي نڪري هليو وڃڻ وڇوڙي جي عمل جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن ۾ درد ئي درد سمايل آهي، جيڪو ان ٽاڻي تائين برقرار رهندو جيستائين سامونڊي موٽي نه ٿا اچن.

• [b]پيرُ پَٽ نه لائڻ[/b]: [هڪدم ئي هليو وڃڻ]
- ڏيئي سِڙهُ سِيرَ ٿئا، پيرُ نه لايَئون پَٽِ. (د-2، و-3)
شايد ته هن اصطلاح جي سادگيءَ سبب، ان کي ڪنهن به لغت نويس يا لطيفي شارح واضح نه ڪيو آهي! ’ٿڏي تي ئي موٽي وڃڻ‘ يا ’اُتي جو اُتي سفر تي روانو ٿيڻ‘ هن اصطلاح جو مفهوم ڏي ٿو، جنهن ۾ وڇوڙي جو درد سمايل آهي.

• [b]جارُ[/b]: ساڙو، پچ، ڏجهه (گ). ساڙ، ڏجهه، ڏک (ش). سُور، جَلُ، آزار، جنجال (ب). جهوري، جهوراڻو، جنجال (ق). سور، رنج، پيڙا (قاضي). سور، ڏک، تڪليف (ڪ). ڏک، ساڙ، ڏنجهه (ڏ). جارَ: ساڙو، پَچُ، لَنوَ، عشق (س).
- ڪَري سامونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو! (د-1، ب-13)
سڀ لغت نويس هن لفظ ”جار“ جي معنائن تي متفق آهن. هيءُ لفظ هر لحاظ کان ڏک جي ڪيفيتن ۽ تڪليفن جي ترجماني ڪندڙ آهي.

• [b]جَنجهارِ (جنجار)[/b]: سخت گرمي، پچ، جهورِي، ڳڻتي، فڪر (گ). جنجال، ڳڻتي (ش). جنجار: جنجال ۾، ڏک ۾، جدائي واري فڪر ۾، جوکي ۾، ڏکيائي ۾ (ب). جنجال، ڏک، تڪليف (ق). (اصل لفظ آهي جنجال) پنهنجو پاڻ کي ڏک ۾ وڇوڙي واري فڪر ۾ (ڪ). جنجال، جهوري (قاضي). جنجال، ڏچو (ڏ).
- وجِهي جِيُ جَنجهارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهَرِي. (د-1، ب-1)
چوڻي آهي ته ڳڻتيءَ جهڙو ڪو ڳاراڻو ڪونهي. ڳاراڻو درد ڏيندڙ به آهي ته ان کي وڌائيندڙ به. جيڪي جيءَ ڳاراڻي ۾ هڪ ڀيرو ڦاٿا، پوءِ ڇوٽڪارو ڏاڍو ڏکيو بڻجي پوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڳاراڻو ۽ ڳڻتي اندر ئي اندر ۾ کائيندا رهندا آهن. وڻجارن جو هليو وڃڻ جيءُ ”جنجهار“ ۾ پوڻ برابر آهي.

• [b]چاڪَ[/b]: ڦَٽ، ڏک ۽ سُور چَهَڪ، چِير، زخمن جا گهاوَ (ب). ڦٽ، زخم، وڇوڙي جا گهاوَ (ڪ). زخم، چير (قاضي). ڦٽُ، چِيرُ (ڏ).
- سرتِيُون! سامونڊين جا، اَڄ پُڻِ چِڪِيمِ چاڪَ. (د-1، ب-9)
”چاڪ“ درد ئي ڏيندا آهن. هڪڙا جسماني چاڪ ٿين ۽ ٻيا ذهني. وڻجارن جي وڃڻ سان هڪ طرف ماڻهو اڪيلو ۽ بي واهو ٿئي ٿو، ته ٻئي طرف نفسياتي اثر پوڻ سببان ماڻهو فڪري ۽ ذهني طور پڻ متاثر ٿئي ٿو. وڇوڙي جا گهاءَ تن ۽ من، ٻنهي کي سَهڻا پون ٿا.

• [b]چِڪِيَمِ[/b]: آلا ۽ آزار وارا ٿيا (ب). چِڪَڻُ: سِنجَرڻ، سور ڪرڻ (س). منهنجا ڏکيا، مون کي سور ڪيائون (ڏ).
- سرتِيُون! سامونڊين جا، اَڄ پُڻِ چِڪِيمِ چاڪَ. (د-1، ب-9)
نحوِي جوڙجڪ طور ”چڪيم“ جو جوڙ ”چاڪ“ سان سونهندڙ هوندو آهي ۽ معنوي طور پڻ ڦٽَ سور ئي ڪندا آهن. ٻئي ـــــ چڪيم ۽ چاڪ ـــــ هڪ ٻئي سان لازم ملزوم آهن.

• [b]چِيّ [/b](چيئن): (پرا. چئا < سن. چِتا) چکيا. آگ، باهه جو مچ (گ). ڦاسيءَ (ش). کامڻ واري جاءِ. باهه جو مچ يا ڏاگهه جي چوٽي (ڪ). چيئن: ڏاگهه وارين ڪاٺين جو ڍڳ، ڏاگهه باهه جو مچ (ب). چکيا، ڏاگهه، باهه (قاضي). چِيَ: چکيا، باهه جو مچ. چِيئن: ٻه ڪاٺيون کوڙي انهن تي ماڻهوءَ کي ٽنگي هيٺان هلڪي باهه ٻاري ماڻهوءَ کي باهه جو تـؤ ڏئي سزا ڏيڻ جو هڪ قسم (ڏ).
- مون کي چاڙهي چِيّ، وئو وڻجارو اوهَرِي! (د-1، ب-8)
- وئو وڻجارو اُوهَرِي، مون کي چاڙهي چِيّ. (د-1، و-3)
لطيف سائين طرفان وڇوڙي جي هيءَ ڀيٽ تمام اوچي آهي. وڻجارو هليو وڃي ٿو، ڄڻ ”چِيّ“ (چيئن) تي چاڙهي، شعلن جي حوالي ڪري وڃي ٿو، جنهن ۾ پوءِ، سندس ورڻ تائين، سڙڻو ئي پوي ٿو. ”چِيّ“ ۾ درد سهڻ جي وڏي تڪليف سمايل آهي. شهواڻي صاحب جي معنى ڪجهه قدر اختلافي محسوس ٿئي ٿي، نه ته ٻيا شارح ۽ لغت نويس معنوي طور هڪ ٻئي سان متفق آهن.

 [b]چِيّ چاڙهڻ (اصطلاح)[/b]: ڦاهي يا سوري ڏيڻ، داغ يا ٽِڪو لائڻ (ق). جانور جي کل ۾ ويڙهي تپ يا بيماريءَ کي ختم ڪرڻ جو هڪ طريقو ڪوهستان واري علائقي ۾ مروج آهي (ڪل).
- سِٽون ’چِيَّ‘ جي داخلا منجھ ڄاڻايل. (د-1، ب-8) ۽ (د-1، و-3)
قليچ صاحب، هن هنڌ، شهواڻي صاحب جي ”چِيّ“ ۾ ڏَسيل معنى سان متفق آهي. هيءَ معنى پڻ تشبيهي طور پيڙا ڀرِي آهي، ڇاڪاڻ ته وڻجاري جي وڃڻ کي ڦاهيءَ چڙهڻ سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ”ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت“ ۾، البت، بلڪل الڳ سمجهاڻي ڏني وئي آهي، جيڪا سِٽ جي مفهوم سان ٺهڪندڙ نه ٿي لڳي.

• [b]ڇَڏي[/b]: ٽوڙي، منقطع ڪري (ب).
- وِيا اوهَرِي اوءِ، مون کي ڇڏي ماڳِهم. (د-1، ب-10)
”ڇڏڻ“ معنى ڌار ٿيڻ، منقطع ٿيڻ، الڳ ٿيڻ. سڄڻ جي ڇڏي وڃڻ سان فراقُ درد کي وڌائيندڙ آهي.

• [b]ڇوڙِئا[/b]: [مصدر ڇوڙڻ: ڪنهن ٻڌل شيءِ کي آجو ڪرڻ (ب). ڇوڙَڻَ: ڇڏڻ، آزاد ڪرڻ (س)].
- اُڀي تَڙ وَٽِ، پِريَنِ پَڳـﮧَ ڇوڙئا. (د-3، ب-4)
پڳهن جو ”ڇُڙڻ“ معنى راهون الڳ ٿيڻ، جنهن سان وڇوڙو ملي ٿو ۽ ماڻهو تڪليف ڀوڳي ٿو.

• [b]ڏُتَڙِ[/b]: اوتڙ، خراب حالت، ڏولائو (گ). خراب تَڙ تي يا ڏکئي تڙ تي (ش). سُتڙَ جو ضد، ڏکيو تڙ، ڏکيو گھاٽ (ب). ڏکئي تڙ تي، خراب تڙ/پاڻيءَ جي جڳهه تي (ڏ). ڏُتَڙُ: اوکو تڙ، خراب حالت وارو (س). اوتڙ، ڏولائو (قاضي).
- هِيَڙو ٻيڙِيَ جان، ڏُتَڙِ پي ڏِيـﮧ ٿئا! (د-1، ب-24)
”ڏتڙ“ ’ڏُ+تڙ‘ جو ميل آهي. ’ڏ-‘ اوکَ (اوکائيءَ)، تڪليف، اهنج، ڏکيائيءَ جي معنى ڏيندڙ اڳياڙي آهي. ڏتڙ جي ڪري پتڻ ڏکيو بڻجي ٿو پوي، جنهن ۾ وڻجاري جي وڃڻ سان ڏکوئيل هينئڙو پيو ٿو لڏي لمي ۽ ڪچو ڪچو ٿئي.

• [b]ڏَجُهه[/b]: ڏنڀ، سوز، جار، پچ (گ). ساڙ، غم، ڏک (ش). (ڏنڄُ = ڏنجهه) سُور، فراق (ب). ڏنڄُ = (ڏنجهه) = ڏک، سور، فراق ۽ ڦوڙائي جا سور (ڪ). ڏنڀ، سوز، ڏنجهه، ڏک، سور (قاضي). ساڙ، غم، ڏک (ڏ). ڏَجَّهڻُ: سڙڻ، پچڻ، جلڻ (س).
- سامونڊِيڪو ڏَجُهه، ماءِ! مارِيندُم ڪڏِهِم. (د-1، ب-14)
سامونڊين سان رشتا ناتا ڪي سولا ۽ سهنجا ناهن ٿيندا، ڇاڪاڻ ته سامونڊين جو ناتو وري سمنڊ سان هوندو آهي، جيڪو پنهنجي وسعت جيان وسيع وڇوڙو ٿيندو آهي ۽ تڪليفون برداشت ڪرائيندو آهي. ان ڪري، سامونڊيڪو ”ڏَجُهه“ ڪنهن نه ڪنهن ڀيري ضرور ماري وجهندو.

• [b]ڏُکَ[/b]: غم (ب). دک، درد (س). غم، سور (ڏ).
- ڏُکَ لاهِندَمِ ڏُنگَرَ، ووءِ! (د-3، و-2)

• [b]ڏُکڙا[/b]: [تصغير ۾ ڪتب آندل]
- ايندَمِ جان پيهِي، ته سڀ لاهيندَمِ ڏُکڙا. (د-1، ب-37)
- اُڏوهِيَ جِنءَ ڏُکُڙا، چڙهئا چوٽِيَ سِيَّ. (د-1، و-3)
”ڏک“ ۽ ”ڏکڙا“ ڪڏهن به سک جو ساهه کڻڻ ناهن ڏيندا ۽ سدائين درد وڌائيندا آهن. اهي ڏک وڻجارن جي اچڻ سان ئي لهي سگهن ٿا، ٻي ڪا انهن جي لهڻ جي واٽ ڪانهي، نه ته اڏوهيءَ وانگر کائيندا ويندا.

• [b]ڏُکَنِ[/b]: سُورنِ (گ). ڏک پيدا ڪن، سور ڪن (ڏ).
- ڏيندا مون ڏُکَنِ، وَهُ وجھندا ڄِندَڙو. (د-1، ب-32)
”ڏکنِ“ معنى ’ڏکن ۾‘. ڏکن ۾ ڦاٿل ماڻهو ان وقت تائين سک جو ساهه کڻي نه سگهندو آهي جيستائين ڏک ختم نه ٿا ٿين.

• [b]ڏَنڀَ[/b]: ساڙَ، وڇوڙي جي ڏک ۽ غم جا چٽڪا (ب). (ڏنڀ ڏسن: ڏنڀ ڏيئي ساڙن (ب).) داغ، عذاب (ڏ). ڏنڀن: مارجن، ڏنڀجن، تڪليف ۾ اچن (ڪل).
- اُڀِيُون ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُهه سِڙُه ڏيئي سِيرَ ٿئا. (د-1، ب-23)
وڻجاري کي ويندي ڏسڻُ ڄڻ ته ”ڏنڀ“ ڏسڻُ، جنهن سان تڪليف ۽ جدائي وڌي ٿي، ۽ خيريت سان وڻجاري جي ورڻ جِي، ان پل ئي انتظاري پيدا ٿي پوي ٿي.

• [b]ڏُورِ[/b]: ڏُوراهون، پري (ب). پَري، وِٿيرڪو (س). پري (ڏ).
- ڍولِئو وِئَڙو ڏُورِ، تي ٿِي سِيَ گذاريان. (د-1، ب-31)
- پُران، مانَ پُڄان؛ بندَرَ مون ڏورِ ٿئا. (د-3، ب-1)
”ڏور“ قريبَ جو ضد آهي. قربت واري جي ڏور وڃڻ سان، قرب جا ڏينهن کُٽي پوندا آهن ۽ پل پل جدائيءَ جي سور منجهان گذرڻو پوندو آهي.

• [b]ڏورِيندِي[/b]: ڳوليندي (ب).
- آءٌ ڏورِيندِي اُنِ کي، ڏيئِي، تَنَ تَسو. (د-3، و-1)
- آءٌ ڏورِيندِي اُنِ کي، رائي راتِ رهِي. (د-3، و-2)
ڳولا ان جي ئي ڪبي آهي جنهن سان حب هوندي آهي، نينهن جو ناتو هوندو آهي. ’ڏورڻ‘ سولو ناهي، ان لاءِ اوکو پنڌ ڪرڻو ۽ پيرن سان گڏ جيءَ کي به تڪليف ۾ وجهڻو پوندو آهي، تڏهن وڃي محب کي ماڻي سگهبو آهي. ان تڪليف جي شدت کي ڳولي لهڻ ۽ ملڻ جي اميد ئي گهٽائي سگهندي آهي.

• [b]ڏَهِي[/b]: مصدر ڏهڻ (سن. دَهَ) ساڙڻ، جلائڻ (گ). ساڙي، جلائي (ش). ساڙي، جلائي، لسي، مهي (ڏ).
- ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، ويئي ڏِيلُ ڏَهِي. (د-3، و-2)
بدن جي ”ڏَهڻ“ يعني سڙڻ جي تڪليف جِي ڪَٿ ڪرڻ سهنجي ناهي. هنڌ اهو سڙي، جت باهه ٻري. پر، هتي ته سڄو ئي جسم جلِي پيو آهي. جسم جي جلڻ جو درد اهو ماڻهو ئي ڄاڻي سگهندو جيڪو ان عمل منجهان گذريو هوندو.

• [b]ڏيٺِ[/b]: (سن. درشٽي = پڌرائي) پڌرو عيب، وِڏ، گھٽتائي (گ). ظاهر ظهور عيب (ش). اهڙو عيب جيڪو ڏسڻ ۾ اچي، ڏٺو وائٺو عيب، پڌرو عيب، گھٽتائي (ب). ملاقات (ڏ).
- ڪا مُنهِين ۾ ڏيٺِ، ناتَ سڄڻَ سٻاجھا گھڻو. (د-3، ب-5)
”ڏيٺ“ جي معنى تي، سواءِ ڏنگڙائي صاحب جي، شارحن ۽ لغت نويسن منجهه اتفاق آهي. ڏنگڙائي صاحب جي معنى سٽ جي مفهوم سان ميل ڪندي نه ٿي ڏسجي. ’عيب‘، ’وِڏ‘ يا ’گهٽتائي‘ احساس ڪمتري پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندي آهي، جنهن ڪري جيءَ اندر درد جي ڪيفيت کي پيدا ڪندي آهي.

• [b]ڊَٺو[/b]: هيٺ ڪِريو (ب). ڪريل (ڏ).
- ڊَٺو اڄُ اَڏئو، هِيَڙو ڪوٽَ بُرجَ جِنءَ. (د-1، ب-33)
”ڊٺو“ ڀڳل ٽٽل هجڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. وڻجاري جي وڃڻ سبب، هينئڙي جي ڊٺل هجڻ ۾، درد ۽ جدائيءَ جي ججهائي شامل آهي.

• [b]روءِ[/b]: هوءَ روئي (ب). روئي (ڏ).
- ڳِرِيو جُهلو روءِ، مٿي مُهري هَٿڙا. (د-1، ب-20)
• [b]روئي[/b]: [هوءَ روئڻ جو ڪم/عمل ڪري]
- وِجهئو وَرُ وَنجِهه کي، روئي وڻجارِي. (د-3، ب-17)
• [b]رُئان[/b]: [مان رئڻ جو ڪم/عمل ڪريان]
- رُئان، رهنِ نه سُپِرِين؛ آيَلِ! ڪريان ڪِيّ؟ (د-1، ب-8)
- سامونڊيَنِ جي سَڱ کي، رُئان راتو ڏِيهَه. (د-1، و-3)
- هَلڻ هارا سُپِرِين، رُئان تان نه رَهَنِ. (د-2، ب-3)
ٽنهي لفظن ـــــ روءِ، روئي ۽ رئان ــــــ جو مادو ساڳو آهي. روئڻ، پنهنجو هجي يا پرائو، ڏک جو عملِي اظهار هوندو آهي. جڏهن صبر ۽ سهپ من منجهه سمائجڻ کان نابري واري ويهندي آهي ته ماڻهو روئڻ لڳندو آهي. ڪن شديد ۽ اوچتين حالتن ۾ به، بي اختيار ڳوڙها وهڻ لڳندا آهن.

• [b]ساري[/b]: ياد ڪري، سنڀالي (ب).
- سامونڊِي ساري، مٿي تَڙَ گُذاريان. (د-1، ب-16)
- سامونڊِي ساري، ماءِ! مُهِجو جِندَڙو. (د-1، ب-17)
- مَرِي رَهندِيَسِ ماڳِهِم، سامونڊِي ساري. (د-2، و-1)
- وِندِيَسِ، ماءِ! مَرِي، ساري سامُنڊِيَنِ کي. (د-3، ب-11)
سار يا يادگيرو جدا ٿي ويل يا وڇڙي ويل سڄڻن جو ٿيندو آهي. اهو وڇوڙو عارضي به ٿي سگهي ٿو، ته مستقل به. پر، جهڙو به وڇوڙو هجي، درد ئي درد کنيون ايندو آهي. سڄڻَ جڏهن سار ۾ سمائبا آهن، ته ڏکوئي وجهندا آهن ۽ ماڻهو ارمان ۾ وٺجي ويندو آهي. ڪن حالتن ۾، وڇوڙي جي شديد سارَ دل تي سڌو اثر ڪندي آهي ۽ ماڻهوءَ کي ماري به وجهندي آهي.

• [b]سڄُ لهِي وڃڻ (اصطلاح): [/b]
- سارو ڏِيـﮧُ سمونڊ تي، لَهِي سِڄُ وِئونِ. (د-3، ب-2)
”سڄ/سج لهڻ“ روشنيءَ جي وڃڻ ۽ اوندهه جي اچڻ جي نشاني آهي. اها ڏينهن جي پوئين پهر کي به پڌرو ڪري ٿي، جنهن ۾ تشويش ۽ ڳڻتي سمايل آهي، جيڪا پڻ درد جو محرڪ بڻجي ٿي. ان ڪري ئي سفر لاءِ ڏينهن کي سوکو ۽ رات کي اوکو سمجهيو ويندو آهي.

• [b]سُڃا[/b]: ويران (ب). خالي، ويران، پالها (ڪ). ويران، ڀڙڀانگ (ڏ).
- بَندرَ بازارِيون، سُڃا سامونڊيَنِ ري. (د-1، ب-6)
[”جنهن نهايت ناهه ڪا، تنهن سُڃا سُڃ وڃن.“ (شاهه-سسئي) سڃا: سڃ کان، ڏک، تڪليف، اذيت، ويراني، اوجهڙ (ڪل)]
سڃائيءَ، ويرانيءَ ۽ پالهائپ جي حالت ۾ فطرت به خالي خالي لڳندي آهي، اها ڪيفيت سامونڊي بندر تي ته تهائين وڌي ويندي آهي، جتي اول ئي سمنڊ جي تنهائي پکيڙيل هوندي آهي. اها تنهائي ۽ سڃ جڏهن ماڻهوءَ جي اندر ۾ لهندي آهي ته درد ۽ ويڪلتا جي نوَن رخن کان آگاهه ڪندي آهي.

• [b]سفر[/b]: مسافري (ب). مسافري، ڏورڻ (ڏ).
- سيئِي جوڀَنَ ڏِيهَه، جڏِهِ سڄڻَ سفرِ هَلِئا. (د-1، ب-8)
سڄڻن جو سفر تي وڃڻ اداسيءَ کي اندر ۾ آڻي وَسائيندو آهي. خاص ڪري جوڀن جي ڏينهن ۾ جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. سفر ۾ مشڪلون ۽ ڪشالا هوندا آهن جيڪي زندگيءَ جي ڏکيائين کان آگاهي ڏيندا آهن. ان ڪري سفر ۾ درد جو استعارو پڻ لڪل آهي.

• [b]سُور[/b]: تڪليف، آزار (ڪ). تڪليف، درد، ايذاءُ، آزار، ڏک، اَهُکُ (ب). درد، دک، پيڙا (س). درد (قاضي). ڏک، غم (ڏ).
- سَرَتِنِ سُورَ پِرائيا، هاڻي هِنَ هنڌاءُ. (د-1، و-1)
- سَرتيون! سُورُ سندُنِ، مون ماريندو ڄِندَڙي. (د-2، ب-2)
- سُورُ تُهِجو سُپرِين! مون معذورِ کي ماري. (د-2، و-1)
- ڳَرَهِيان سُورُ سفر جو، هلِي پَهِجي اَرَٽِ. (د-2، و-3)
- مارِندَءِ، مارِي! پِرهَ سُورَ پِريَنِ جا. (د-3، ب-17)
- ساءُ نه آيان سُورَ جو، هاڻي ٿيون هَسو. (د-3، و-ا)
• [b]سُورَنِ[/b]: [جمع ۾ ڪتب آندل]
- ڏيئِي وَئَڙا ڏاهِ کي، سُورَنِ جو سَرَسو. (د-3، و-ا)
”سور“ سنئون سڌو تڪليف آهي. تڪليف، درد، ايذاءَ، ڏک، اهنج، پِيڙ، غم، آزارَ، سختي؛ سور سان ئي سلهاڙيل لفظ آهن. سورُ درد ئي درد آهي، جتي ۽ جنهن به روپ رنگ ۾ هجي. سمنڊ، سامونڊين ۽ سندن ونين جي سور جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي، جيڪو ”سر سامونڊيءَ“ ۾ آندل آهي.

• [b]سِيڪارا[/b]: (سن. شِيت ڪارَ) سڏڪا. ٿڌا ساهه (گ). شوڪارا، ٿڌا ساهه، سيسراٽ (ش). لڱن جا ڪانڊرَ، سِيانڊڙا، سِياٽڙا، سيسڙاٽ (ب). سُڏڪا، ڏسڪا (ق). شُوڪارا، ٿڌا ساهه، سُڏڪا (س). سڏڪا، شوڪارا (قاضي). ڪتڪتايون، سيڪس جو اڀرڻ (ڏ).
- اُڀِرَنِ سِيڪارا، پَسِيو وَرَ ٻينِ جا. (د-3، ب-3)
سڏڪا، ٿڌا ساهه يا شوڪارا درد جي اُڀار سان اڀرندا آهن. ”سيڪارن“ جو اڀرڻ/پيدا ٿيڻ ٻين جي خوشي ڏسڻ سان به لاڳاپيل آهي، جيتوڻيڪ ان جا ٻيا به ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.

• [b]فِراق[/b]: وڇوڙو، محبوبن کان جدائي (ب). ويڇو، جدائي (ق). محبت ۽ قربت جي وچ ۾ ويڇي پوڻ واري ڪيفيت (ڪ). ڏک (ڏ).
- مارينهون فِراقَ، پاڙيچِيُون! پِريَنِ جا. (د-1، ب-9)
”فراق“ ٻن وجودن جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوڙي، جدائيءَ ۽ وٿيءَ جو نانءُ آهي، جنهن جو ڪم ئي نهوڙڻ، نپوڙڻ ۽ مارڻ آهي. فراق اڪيلائيءَ کي خلقيندڙ آهي، جنهن ۾ دنيا جي رنگينين کي ڪو دخل ڪونهي. ڪِن حالتن ۾ فراق درد جو سبب آهي، ته ڪن حالتن ۾ دردُ فراق جو ڪارڻ آهي.

• [b]ڦوڙائي[/b]: وڇوڙي، فراق ڏئي (گ). جدائي يا فراق ڏئي (ش). فراق ڏيئي، وڇوڙو ڏيئي (ب). جدا ٿي وئي، فراق ۾ وجهي (ق). وڇوڙي جو درد، واڍوڙ، ڏرڻ، ڏک (ڪل). وڇوڙو ڏئي (ڏ). ڦوڙوائو: جدائي، وڇوڙو (قاضي).
- وَڃ مَ ڦوڙائي، ايڏي سفرِ، سُپِرِين! (د-1، ب-21)
”ڦوڙائو“ به فراق جو متبادل آهي، ان ڪري ان جو گهرو تعلق ساڳيءَ ريت درد سان آهي.

• [b]ڪارُون[/b]: فرياد، دانهون (ش). منٿون، نيزاريون، آزيون (ب). نيزاريون، زاريون، عرض، پڪارون (ق). سڏ، تنوارون، منٿون (ڪل). دانهون، پڪارون (س). ڪوششون، حيلا وسيلا (قاضي). دانهون، رڙيون (ڏ).
- ڪارُون تي ڪريان، تو دَرِ اُڀِي، ناکئا! (د-3، ب-1)
”ڪارون“ جي معنائن تي لطيفي شارح ۽ لغت نويس متفق آهن. ”ڪارون“ درد کان دوريءَ لاءِ، وڇوڙي جي وڍ کان بچڻ لاءِ؛ هر طرح جا ايلاز ۽ منٿون، آزيون ۽ نيزاريون، حيلا ۽ حجتون، دانهون ۽ ڪُوڪُون آهن.

• [b]ڪُٺِيَسِ[/b]: آءٌ ڪُٺي! (ندا وارو ٻول) (ب). ميس، مري ويس، سيريس، مئس، قتل ٿيس، آءٌ ڪسجي ويس (ڪل). مون کي ڪٺو، مون کي ماريو (ڪ).
- هاڻِ نه جِيان جيڏيون! آءٌ ڪُٺِيَسِ ڪوهياري. (د-2، و-1)
”ڪٺيَسِ“ ۾ ’-س‘ ضميري پڇاڙي آهي جيڪا ’مان‘ جو مفهوم ڏي ٿي. وڻجاري جي وڃڻ سان، پاڻ کي ڪٺل سمجهڻ سان درد جي انتها کي وڃي رَسجي ٿو. ڪٺل کي ڪنهن به ريت قرار ناهي ايندو. اهو قرار فقط سڄڻ جي موٽڻ ۽ ساڻس ملڻ سان لاڳاپيل آهي، ٻيءَ حالت ۾ ڦٿڪڻ ئي زندگيءَ جو مستقل روڳ بڻجي وڃي ٿو.

• [b]گُندَرُ[/b]: گوندر (ف. غم و درد) ڏک، فڪر (گ). غم (ش). ڏک، سور، غم، فراق (ب). گوندر: ڏک، غم، فڪر (ق). گوندر: غم، ڏک، وڇوڙي وارو غم (ڪ). غم (ڏ).
- گُندرُ مارِيندوءِ، ويچارِي! وِئَنِ جو. (د-1، ب-10)
- سامُونڊِيڪو سَڱُ، آهي گُندَرَ گاڏُئون. (د-1، ب-18)
- گُندَرَ مَٿاء ڄِندَڙِي، ورئا وَلِنِ جِيَّ. (د-1، و-3)
• [b]گُندَرين[/b]: ڏکن ۾، جهوريءَ ۾، غمن ۾ (شيخ).
- مان تَنُ مارِيائون، پاڻا وجِهي گُندَرين! (د-3، ب-16)
”گُندرُ/گُوندر“ ڏک ئي ڏک آهي. درد جي محرڪن منجهان گوندر کي ڪنهن به ريت ڪڍي نه سگهبو. سر سامونڊيءَ ۾، وڻجاري جو وڃڻ ۽ گوندر جو ورڻ هڪ ئي ڳالهه آهي.

• [b]ڳچ ڳَرِي پوڻ (اصطلاح)[/b]: وڏو غم ۽ اندوهه ٿيڻ (ب).
• [b]ڳَرِي[/b]: ڏکي، ڳڻتيءَ واري، ڊيڄاريندڙ. ڳرڻ: پگهرجڻ، پاڻي ٿيڻ، تمام ضعيف ٿيڻ، بي حال ٿيڻ (ب). ڳَرَڻُ: پگهرڻ، جُهرڻ (س). ڳري: ڳوري، سخت، ڳَلي، گهٽي (ڏ).
- اولِيُون پَسِي اُنِ جِيون، پئَڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي. (د-3، ب-11)
”ڳچ ڳري پوڻ“ ۾ درد جو اظهار آهي. بلوچ صاحب جي آندل معنائن ۾ ڏک پڌرو آهي، سنديلي صاحب جي ڏنل معنى مان به اندرُ جهرڻ جو مفهوم نڪري ٿو. البت ڏنگڙائي صاحب جي معنى سٽ سان ٺهڪندڙ نه ٿي لڳي.

• [b]گھٽِ[/b]: گھٽتائي (ب). ڪوتاهي، ڪَمي، عيب، ڪمبختي (ق). ڪوتاهي، ڪَمي (ڏ).
- ڪا مُنهِين ۾ گَهٽِ، نات سڄڻَ سٻاجھا گھڻو. (د-3، ب-4)
عام طور ڪهڙي به قسم جي گهٽتائيءَ جو هجڻ ڏک ڏيندڙ هوندو آهي، پر هتي، عيب نه به هجي، ته به گهٽتائي هجڻ جو درد لطيف سائين بيان ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته وڻجارو ڪنهن به طرح بندر کي ڇڏي سمنڊ ۾ وڃڻ گهري ٿو.

• [b]مارِندَءِ[/b]: توکي ماريندا (ب). ماريندَئي: توکي ماريندا (ڏ).
• [b]مارِي[/b]: اي مُئي! (گ). شڪاري، صياد، ماريل، مئي (ڏ).
- مارِندَءِ، مارِي! پِرهَ سُورَ پِريَنِ جا. (د-3، ب-17)
• [b]ماري[/b]: ختم ڪري (ڪ).
- مون کي ٿِي ماري، اُنِين سندِي ڳالَڙِي! (د-1، ب-16)
- سُورُ تُهِجو سُپِرِين! مون معذورِ کي ماري. (د-2، و-1)
• [b]مارِيائون[/b]: [مون کي ماريُنِ]
- مان تَنُ مارِيائون، پاڻا وجِهي گُندَرين. (د-3، ب-16)
• [b]مارِيندُم[/b]: مون کي ماريندا (ڪ).
- سامونڊِيڪو ڏَجُهه، ماءِ! مارِيندُم ڪڏِهِمِ! (د-1، ب-14)
• [b]مارِيندو[/b]: [ختم ڪندو، پُورو ڪندو]
- سَرتيون! سُورُ سندُنِ، مون ماريندو ڄِندَڙِي. (د-2، ب-2)
• [b]مارِيندوءِ[/b]: [توکي ماريندو]
- گُندرُ مارِيندوءِ، ويچارِي! وِئَنِ جو. (د-1، ب-10)
• [b]ماِرِينِهُون[/b]: اسان کي مارين ٿا (گ). اسان کي ماري ٿو (ش). اسان کي ماري ٿو (ڏ). مارِنهُون: اسان کي مارين ٿا، مارين ٿيون (ب).
- مارينهون فِراقَ، پاڙيچِيُون! پِريَنِ جا. (د-1، ب-9)
• [b]مَرِي[/b]: فوت ٿي، هستي وڃائي (ڏ).
- وِندِيَسِ، ماءِ! مَرِي، ساري سامُنڊِيَنِ کي. (د-3، ب-11)
مٿين نوَن ئي داخلائن جو مادو ”مَرۡ“ آهي، جنهن جو امر ”مَرُ“ ۽ مصدر ”مرڻ“ آهي. پڌرو آهي ته ان جو هر لحاظ کان لاڳاپو وڇوڙي جي درد سان آهي.

• [b]معذُورِ[/b]: ع. عذر واري، مسڪين. اٻلا، ضعيف (گ). عذر واري، عيبدار (ش). عاجز، لاچار، هيڻو، هيڻي، ضعيف، بي حال، عُذر واري، ناقص، عيبدار، ڪاڻ واري (ب). محتاج، ضعيف، مسڪين، نڌر، نماڻي (ق). عذر واري، جڏي، نه هلڻ جهڙي (ڪ). ويچاري، بيوس (قاضي). عذر واري، عيبدار، هيڻي (ڏ).
- سُورُ تُهِجو سُپريِن! مون معذورِ کي ماري. (د-2، و-1)
پاڻ کي ”معذور“ سڏڻُ؛ پنهنجي لاچاريءَ ۽ بيوسيءَ کي ظاهر ڪري ٿو، پاڻ ۾ ڪو ظاهري عيب نه هجي، ته به عيبدار بڻائي ٿو، بنا محتاجيءَ جي به محتاج ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته وڻجارو سمنڊ منهن ڪري نڪري ويو آهي، جنهن جي وڃڻ جو سُور هر دم پيو هانءَ ۾ هُري.

• [b]نِٻَرُ[/b]: نِٻَلُ، ضعيف (ش). اَڀرو، هِيڻو، ضعيف، ڪمزور (ب). ضعيف، بي زور (ق). نٻل، ڪمزور، هيڻو، بي طاقت (شيخ). نِٻَلُ: ڏٻرو، ڪمزور، ضعيف (س). نٻل، ڪمزور (قاضي). ڪمزور، هيڻو، نٻل (ڏ).
- جيڪُسِ نِٻَرُ نِيهُه سندومِ، جن مون اُڀي، هُنِ ٿيلِئو. (د-1، ب-22)
”نٻر/نٻل“ جي معنائن تي، لطيفي شارحن ۽ لغت نويسن جي وچ ۾ ڪو به اختلاف ڪونهي. ’ن-‘ هڪ اڳياڙي آهي جيڪا ’نه‘ جي معنى ڏي ٿي. ”نٻر/نٻل“ معنى ’ٻل/سگهه نه هجڻ، ضعيفي، هيڻائي‘. اها هيڻائي نينهن ۾ امڪاني طور ٿي پوي، ته هر طرح درد جو ڪارڻ بڻجي پوي ٿي، جيتوڻيڪ نينهن پَڪو ۽ پختو به ڪندو آهي، ته جَڳ جَهان سان جهيڙڻ جي سگهه به ڏيندو آهي.

• [b]نِهوڙي[/b]: مصدر نهوڙڻ = ناس ڪري ختم ڪرڻ (ڪ). نهوڙڻ: بنياد ناس ڪرڻ، نپوڙي نمائڻ، مارڻ، مشڪل ۾ وجهڻ (ب). نهوڙَڻ: مارڻ، ناس ڪرڻ (س). نهوڙيو: نابود ڪيو (قاضي). نهوڙيو: موهيو، نابُود ڪيو (ڏ).
• [b]نِهوڙي نئا[/b]: وڏي مشڪل ۾ وڌا، ماري وڌا (ب). ناس ڪري ڇڏيا، ختم ڪري ڇڏيا (ڪ).
- سانداري سمونڊَ جي، نِهوڙي نِئا! (د-1، ب-10)
’مشڪل يا مسئلي ۾ پوڻ‘ يا ’ناسُ ۽ نابود ٿيڻ‘ تڪليف/ڏک ۾ ڦاسڻ برابر آهي، جنهن جو انت موت تي به ٿي سگهي ٿو، جيڪو مستقل وڇوڙي جو روپ وٺي، تاحيات درد بڻجي پوندو آهي.

• [b]وَڃڻ[/b]: هليو وڃڻ، ضروري وڃڻ، لازمي طور وڃڻ، ڇڏي پري ٿيڻ (ب). روانو ٿيڻ (س).
- اڄُ پڻ وايون ڪَنِ، وڻجارا وڃَڻَ جِيون. (د-2، ب-1)
”وڃڻ“ پڻ وڇوڙو آهي، ان ڪري درد ۽ اهنج آهي. سڄڻن جون اهڙيون ’وڃڻ جون وايون‘ پڻ دُک جي دنيا ۾ ڌڪي ڇڏينديون آهن.

• [b]وِساري[/b]: (مصدر وسرڻ = وسري وڃڻ، دل تان لهي وڃڻ) = دل تان لاهي، ياد نه ڪري (ڪ). وسرڻ: ڀُلڻ، ياد لهي وڃڻ (س). وِسارڻ: يادگيري مان لاهي ويهڻ، يادگيري نه ڪرڻ (ب). وسارڻ: ياد نه ڪرڻ (ڏ).
- مون کي وِساري، شالَ مَ وڃَنِ اوهَرِي! (د-1، ب-35)
• [b]وِسران[/b]: [مان وسري وڃان]
- لاهيان جي نه چتاء، اَلا! اُنِ مَ وِسران! (د-2، ب-4)
- چِتاء جي نه چُرَنِ، اَلا! اُنِ مَ وِسَران! (د-2، ب-5)
• [b]وِسَرِئا[/b]: وسري ويا (ب).
- تو ڪِنءَ وِسَرِئا، ڍولئا! ڏِيـﮧَ اچڻ جا؟ (د-1، ب-28)
مٿين ٽنهي لفظن جو تعلق ’سار‘ سان آهي، جيڪا وڻجاري جي چِت تان ميساري درد جي ڪيفيت پيدا ڪئي وئي آهي. سڄڻ جڏهن وساري ويهندو آهي، ته دنيا بهشت باوجود دوزخ لڳندي آهي، هر خوشي غمي بڻجي پوندي آهي، ان ڪري ضروري آهي ته سڄڻ جي يادگيريءَ ۾ سمايل رهجي.

• [b]وَسو[/b]: هنجون هاريو (گ). پيون ڳوڙها ڳاڙيو (ش). وسڻ: مٿان پاڻيءَ جو ڪرڻ، مينهن جو وسڻ (ب).
- مُندائتي مِيـﮧَ جنءَ، ويرو تارِ وَسو. (د-3، و-1)
’ڳوڙها ڳاڙڻ‘ جي معنى ۾ ”وسو“ ڏک جي احساس ۾ وڪوڙي ڇڏي ٿو. مينهن وسندي، اکين جا ڳوڙها به، مينهن ۾ سمائجي ويندا آهن، ته درد ڳوڙهن جي صورت ۾ ڌرتيءَ منجهه سمائجي ويندو آهي.

• [b]ووءِ[/b]: هاءِ هاءِ واري درد جي دانهن (ب). دانهن (ڏ).
- ووءِ! آءٌ هَلندِي هوت ڏي. (د-2، و-1)
- ووءِ! هِي جو وَهُ مُهِجِي ڄِندَڙي. (د-3، و-1)
”ووءِ“ دانهن آهي، ۽ دانهن دردُ به آهي ته دردَ جو اظهار به. دانهن ۾ سمايل دکُ جڏهن ڌرتيءَ کان آسمان تائين پکڙجي ويندو آهي ته سڄي سنسار کي ڌوڏي ڇڏڻ جي سگهه رکندو آهي، پر جڏهن اها ئي دانهن من منجهه مُنجهي پوندي آهي ته وجود کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي آهي.

• [b]وَهِ[/b]: جوش ۾، پاڻيءَ جي وهڪري ۾ (ڏ). [وهُ: پاڻيءَ جو تکو وهڪرو، درياء جي سير وارو وڏو وهڪرو، وڏي سمنڊ جي لهرين ڇولين وارو رخ (ب). وهُ: تِکُ، وهڪرو (س).] وَهَه: پاڻيءَ جو وهڪرو، تک، درياءَ جي سِير (قاضي).
- ڏيندا ون ڏُکنِ، وَهِ وجھندا ڄِندَڙو! (د-1، ب-32)
”وهِ“ معنى ’وهُ ۾، وهڪري ۾، لهرن ۾‘. وهڪري ۾ ڦاسڻ معنى مشڪل ۾ پوڻ، جنهن ۾ جندڙي جوکي ۾ پئجي سگهي ٿي، ته جانِ به وڃي سگهي ٿي.

• [b]وَهُ: لاڙو[/b]، نينهن (ش). محبت، نينهن، ڪاڍو، دوستي، ڏک، حل (ق). وڃڻ، واهپو، وهنوار، لاڙو، نينهن جو ناتو (ب). چاڙهه، اُٿل (ڪ). نينهن، لاڙو، وهڪرو (ڏ).
- کارو تَنين کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي وئو! (د-1، ب-12)
- ويندِي آءٌ هوتَنِ وٽِ، مون وَهُ وڻجارن سين. (د-2، و-3)
- ووءِ! هِي جو وَهُ مُهِجِي ڄِندَڙِي. (د-3، و-1)
”وهُ“ جي معنى ’نينهن‘ ئي مناسب آهي. مرزا قليچ بيگ ان جي معنى ’ڏک‘ به لکي آهي، پر اها مٿين ٽنهي سٽن سان ٺهڪندڙ نه ٿي لڳي. نينهن ۾ درد ته ملندو آهي، پر نينهن لازوال خوشي ۽ سرمستي به عطا ڪندو آهي. نينهن ته زندگيءَ جي زندگي آهي. نينهُن پنهنجي جوهر ۾ ڏک ۽ درد کي تڙيندڙ ۽ هينئين کي ٺاريندڙ آهي.

• [b]وَهُ وري وڃڻ[/b] (اصطلاح): چاڙهه يا اٿل وري وڃڻ، چاڙهه جي لپيٽ ۾ اچي وڃڻ (ڪ). مٿان پاڻيءَ جو چاڙهه وري وڃڻ، پاڻيءَ جي چاڙهه ۾ ٻڏي وڃڻ (ڏ). وهُه وري ويو: سمنڊ مٿان وري ويو (ب).
- کارو تَنين کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي وئو! (د-1، ب-12)
اصطلاحي معنى جو اڀياس ڪبو، ته اهو ئي ”وهُ وري وڃڻ“ درد کي در تي آڻي بيهارڻ بدران به، گهر ۾ اچي وَسائي ٿو ۽ رودَن جو شڪار بڻائي، زندگي زهر ڪري ڇڏي ٿو.

• [b]وِئَـڙمِ[/b]: منهنجا هليا ويا (ڏ).
- جي وِئَڙَم اڄُ، سي ڪڏهِ ايندا مان ڳَري؟ (د-1، ب-14)
• [b]وِئَـڙو [/b]ج وِئَڙا: (مصدر وڃڻ = اسهڻ، هليو وڃڻ) = ويا جو اسم (ڪ). وئڙا: ويا (ب).
- ڍولِئو وِئَڙو ڏُورِ، تي ٿِي سِيَ گذاريان. (د-1، ب-31)
- تَڙَ نِهارِيان تي، مُهِجا بندَرِ وِئَڙا جي. (د-1، و-2)
ويَلن جون وايون، اکين کي اوجاڳن ۾ اڇلائي ڇڏينديون آهن. اوجاڳن ۾ اُلڪا هوندا آهن ۽ اُلڪن ۾ پيڙا. وڻجارو سمنڊ منجهه ويل آهي، ته ان جي ڳڻتي سُک سان رهڻ يا سمهڻ نه ڏيندي، ۽ پئي تڙپائيندي رهندي، جيستائين اهي موٽي نه ٿا اچن.

• [b]ويسَرِي[/b]: دير واري، غفلت واري، بي فڪري (ب). ويسر واري، غافل (ڏ). ويسرو وهڻ = غافل ٿي وڃڻ، سڀ ڪجهه وساري ڇڏڻ، ڪنهن ڳالهه جو الڪو يا الڪو نه رکڻ، سستي واري، بي فڪري، بنا اون جي (ڪ).
• [b]ويسَرِي وِک کڻڻ[/b] (اصطلاح): بي فڪري سان هلڻ، ڪنهن ڳالهه جي اون يا چنتا يا اوسيئڙو نه ڪرڻ (ڪ).
- تون ويسري وک کڻين، هُو پُورِيندا پرڏيـﮧ. (د-1، ب-3)
”ويسري وک“ سان وڇوڙي جي پيڙا پلئه پوي ٿي ۽ سامونڊي سفر تي روانا ٿي وڃن ٿا. پُٺتي؛ درد ۽ عذاب ئي رهجي وڃن ٿا جيڪي ڀوڳڻا پون ٿا.

• [b]ويڻَ[/b]: سخن، طعني، خبر (ش). ڳالهه. ڳالهاءُ، گفتو، ٻول، طعني وارو ڳالهاءُ، طعنو، مهڻو (ب). ڏوراپي يا طعني طور چيل اوکو يا ڏکيو لفظ (ڪ). سخن، ٻول؛ مهڻو، طعنو (س). مهڻو (قاضي). طعنو، مهڻو (ڏ).
- اوڙاهِ وئا نه ورِئا، آءٌ ته مارِي ويڻَ! (د-1، ب-13)
”ويڻ“ اهڙو ٻول يا گفتو آهي جيڪو هينئين کي چِيري وجهندو آهي ۽ مَن کي ڏاڍي تڪليف ڏيندو آهي.

• [b]هَلڻ[/b]: وڃڻ، روانو ٿيڻ (ب).
- لڳي اُتَرَ واءُ، ڍولِئو هلڻَ جِيون ڪَري. (د-3، ب-14)
ڏسو: وڃڻ.

[b]حوالا[/b]
( ) شيخ اياز، ”شاهه لطيف-هڪ مفڪر“، مضمون. سهيڙيندڙ: آفتاب ابڙو، ”شاهه لطيف: عظيم مفڪر“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو ٻيو، 2005ع، ص-86
(2) ج.ع منگهاڻي، ”شاهه لطيف جي ٻولي“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، ڇاپو پهريون، اپريل 2006ع، ص-29
(3) غفور ميمڻ، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جا فڪري رخ“، سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو پهريون، جنوري 2015ع، ص ص: 136 ۽ 137
(4) ساڳو. ص-134
(5) ”نئين جامع سنڌي لغات“، جلد ٻيو (ڇ-ڪ). سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، ڇاپو پهريون 2005ع، ص-970
(6) ساڳو. ص-886
(7) شير مهراڻي، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس“، سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو پهريون، ڊسمبر 2014ع، ص 86-87
(8) جي. ايم سيد، ”پيغام لطيف“، نئين سنڌ پبليڪيشن، ڪراچي، ڇاپو ٻيو، آڪٽوبر 1974ع، ص: 170-171
(9) هوتچند مولچند گربخشاڻي، ”شاهه جو رسالو“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو ڇهون، جنوري1996ع، ص: 218
(10) ”نئين جامع سنڌي لغات“، جلد پهريون (ا-چ). سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، ڇاپو پهريون 2004ع، ص-136.
(11) ساڳو. ص-1461.
(12) ”جامع سنڌي لغات“ جلد ٻيو (ڀ-چ)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ڇاپو پهريون 1981ع، ص-802
(13) ساڳو. ص-846

مددي ڪتاب

1. ابڙو، آفتاب، ”شاهه لطيف: عظيم مفڪر“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو ٻيو، 2005ع.
2. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”شاهه جو رسالو“، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد، سنڌ. ڇاپو پهريون، 1999ع.
3. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات“ (5-جلد)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1960ع-1988ع.
4. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”نئين جامع سنڌي لغات“ (3-جلد)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2004ع-2007ع.
5. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”روشني: شاهه جي ڪلام جي لغت“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ. ڇاپو نئون [ٻيو]، 2014ع.
6. بيگ، قليچ، مرزا، شمس العلماء، ”لغات لطيفي“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، سنڌ. ڇاپو ٽيون، 1994ع.
7. جوڻيجو، عبدالجبار (ڊاڪٽر)، ”لاڙ جي لغات“، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، ڇاپو پهريون، سيپٽمبر 1975ع.
8. حسين، فهميده، ڊاڪٽر، ”سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي. ڇاپو پهريون، ڊسمبر 2004ع.
9. ڏنگڙائي، انور، ”ڀٽائي ڊڪشنري“، انڊس ڪلچرل اينڊ لٽرري آرگنائيزيشن، لاڙڪاڻو، ڇاپو پهريون، نومبر 2014ع.
10. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر، ”تحقيق لغات سنڌي“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ. ڇاپو پنجون، 1980ع.
11. سيد، جي. ايم، ”پيغام لطيف“، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو ٻيو، آڪٽوبر 1974ع.
12. شاهواڻي، غلام محمد، ”شاهه جو رسالو“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. ڇاپو اڻڄاڻايل، 1993ع.
13. غفور ميمڻ، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جا فڪري رخ“، سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو پهريون، جنوري 2015ع.
14. قاضي، امداد علي امام علي، علامه، ”شاهه جو رسالو“، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي-حيدرآباد، پهريون ڇاپو، 1961ع.
15. ڪاشف، محمد حسين، ”شاهه جي رسالي جي سُڄاڻي“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ. ڇاپو پهريون، 2011ع.
16. گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ”شاهه جو رسالو“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. ڇاپو ڇهون، جنوري 1996ع.
17. منگهاڻي، ج.ع، ”شاهه لطيف جي ٻولي: تحقيقي جائزو“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي. ڇاپو پهريون، اپريل 2006ع.
18. نقوي، نجف علي شاهه ”ڪمتر“، سيد، ”ٻاروچي ٻولي“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو. ڇاپو پهريون، ڊسمبر 1984ع.[u][/u]