سونها ئي سورن ڪئي هيڪاندي هوت سين: ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
”درد“ ئي دنيا جي حقيقت آهي، عارفن ۽ عشاقن دنيا کي ”دارالمحن“ (امتحان جي جاءِ) ۽ ”دارالحزن“ (سور جي جاءِ) سڏيو آهي، سوره البلد ۾ خالق ڪائنات فرمايو آهي ته:
لقد خلق الانسان في ڪبد
(بيشڪ اسان انسان کي مشقت ۾ رهندڙ خلقيو آهي.)
ان جو هڪ مفهوم هيئن به وٺي سگهجي ٿو ته، ”سور“ انسان جو ازلي ابدي ساٿي آهي. حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته، ”دنيا ۾ جيترا درد مون کي ڏنا ويا آهن، اوترا ڪنهن ٻئي انسان کي ڪو نه ڏنا ويا آهن.“
ڪنهن فارسيءَ جي شاعر چيو آهي ته:
درین دنیا کسی بے غم بنا شد،
اگر باشد بنی آدم بنا شد۔
(دنيا ۾ درد کان وانجهيل ڪو به ڪونهي، ٻي مخلوق ڀلي مستثنيٰ هجي، مگر انسان سور جي ساٿ کان الڳ ٿي ئي نٿو سگهي.)
رابرٽ برٽن (Robert Burton) ته خوشيءَ کي بيوقوفي سڏي، غم کي ان تي ترجيح ڏني.
All my Joys to this are folly,
Nought so sweet as melancholy,
ڪيٽس (Keats) پڻ سور جي ساراهه ڪئي آهي.
Velld Melancholy has her sorran shrine,
Though seen of none save him whose strenuous tongue,
Can burst joy’s grape against his palate fine,
His soul shall tast, the sadness of her might,
And be among her cloudy trophics hung.
اسان جي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ڏکن تان سُکن کي گهوري ڇڏيو.
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري،
جنين جيءَ ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
(سر حسيني داستان 6)
**
سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان،
سکن جي سيد چئي، پکي نه پيياس،
جيڪس آئون هياس، گري گوندر ول جي
(سر حسيني داستان 11)
شاهه صاحب جي ڪلام ۾ سور، ڏک ۽ گوندر جو جابجا ذڪر ملي ٿو، مگر ان جو گهڻو وستار سسئي وارن سرن ۾ ئي سمايل آهي. مولانا رومي هڪ هنڌ چوي ٿو:
خوشزان باشد کہ سر دلبران،
گفتہ باشد در حدیث دیگران۔
(چڱو ته ائين آهي، جو پنهنجي محبوب جو مذڪور ٻين جي ڳالهه جي اوٽ وٺي ڪجي.)
شاهه صاحب به پنهنجي ڪيفيتن کي پنهنجي سورمين جي اوٽ ۾ خصوصي طور اظهاريو آهي. سور جو سرچشمو عشق آهي. عشق به تڏهن عرفان کي ٿو پهچي، جڏهن سورن جو سندرو ٿو ٻَڌي.
وندر جي وڃن، سي مر ٻڌن سندرا،
ٻيون ڪوه ٻڌن، ڇوڙي جي ڇڏينديون.
(سر سسئي آبري)
**
ڀيڙي ڀيڙي ٻنڌ، سورائتي! سندرو،
ڪيچ اڳاهون پنڌ، متان لڪن سين لڳي مرين!
سر حسيني شاهه صاحب جي درد ۽ سور جي فلسفي جي ڪنجي آهي, جنهن سان هن جي فڪري خزانن جا در کلي ٿا پون. هو گوندر کي وڏي وٿ ٿو ڀانئي.
ڪنهين ڪنهين ماڙهئين، گوندر وڏي وٿ،
ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو.
اهو گوندر سڀ ڪنهن لاءِ ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم نه ٿو رکي، پر ڪنهن ڪنهن لاءِ وڏي ملڪيت آهي, جنهن جو سنٽو ۽ سودو ڪرڻ ۾ دير نه ڪجي.
سو سُکن ساٽي ڏيان، سر پڻ ڏيان سٽ،
جي مون مِڙي مٽ، ته ورهه وهايان هيڪڙو.
جي نينهن جو نالو ڳنهن، سي سورن ساٿ نه ڇنن، ڇاڪاڻ ته پريت جا پير ۽ پنڌ ئي نرالا آهن، جن تي هلڻ لاءِ گوندر جو گڏ هئڻ لازم آهي.
نينهن مَ نالو ڳن، پريتڻي پير ٻيا،
سورن سان مَ ڇن، ورهه وهائج وترو.
ڀٽائي سور کي ساٿي ۽ حال ڀائي ٿو ڄاڻي، ان سان ئي اندر جي اور پيو اوري ۽ چوي ٿو ته:
سور مَ وڃيجا، سڄڻ جئن سانگ ويا،
پرين پُڄاڻا، آئون اوهان سين اوريان.
سورن ساڻس ڪڏهن به گهٽتائي ڪا نه ڪئي. انهن جو چاڙهه نار جيان تارو تار پيو هلي.
سورن سانگهارو، ڪڏهن تان ڪو نه ڪيو،
آيل اوڀارو، ٻائڙ ٻڌو ٻوڙُ وهي.
شاهه صاحب جو خيال آهي ته، سورَ سولو وجهه وٺي، مون تائين اچي پهتا آهن. اهو راز ڪنهن سان اوريان؟ اهي ڀل پيا منهنجي جان جسو جهورين.
سورن لڌو سجهه، پاڻهي پيهي آئيا،
ڪنهن کي ڏيان منجهه، مَر تان چڻڪن چت ۾.
ڀٽائي سورن کي وڏو ثمر ٿو سمجهي. هو ان اَملهه مال سان مالا مال آهي، جو ساهه ۾ وڏي سگهه ۽ ادارڪ توڙي احساس ۾ اتاهين آڻي ٿو. اهڙي خزاني جي گهڻائي لازمن سرهائي ٿي پيدا ڪري، جنهن ڪري عزيزن ۽ دوستن کي ان مان ڪجهه سوغات طور ڏيڻ ۽ فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ هيج مان مان چوي ٿو:
سور وراهيان سرتيون، جي وراهيا وڃن،
ٻيو ڪو نه ٻجهن، جن سندا تن سامهان.
**
مٺ مٺ سورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻا،
ڀريون ڪيو ڀاڻان، ويا وهائو نڪري.
ڀٽائي سور جي ساٿ سان ئي جيئڻ جو سهڻو سليقو ٿو سيکاري. هو سور کي سگهه ۾ ٿو بدلائي. هو درد کي ئي دوا ٿو ڄاڻي ۽ سور سان صبر جي سنگم جو پڻ شرط رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي جي امتزاج سان اها قوت ۽ اتساهه ٿو اظهار ۾ اچي، جنهن جي حاصلات هيئن ٿي ڏسجي:
ووءِ! ووءِ! ڪندي وت، مڇڻ ووءِ! وسارئين!
پاڻي هار مَ پڌرو، روءُ منجهان ئي رت،
صبر وڏو ست، سگها ميڙي سپرين.
شاهه صاحب سور کي مختلف استعارن ۽ تشبيهن سان تعبير ڪيو آهي، جن سان اسان ڀٽائي جي فڪر کي سمجهي سگهون ٿا. مگر هو سور کي هڪ هنڌ رهبر ۽ رهنما ٿو چوي. سور جي اها صورت نهايت ئي خوبصورت ۽ معتبر آهي، جا دنيا جي ڪنهن شاعر ورلي تراشي هوندي. گوندر ئي گس ڏيکاري ٿو، جنهن تي هلي پرينءَ کي پهچي، حقيقي مشاهدو ماڻجي ٿو. ڀٽائي اصل کان وصل جو اهم ذريعو درد کي ئي ڄاتو، جو ڪنهن هڪ يا ٻن استعارن ۾ سمائجي نه ٿو سگهي. هو کُليءَ دل سان اعتراف ڪري ٿو:
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو،
سونهائي سورن، ڪئي هيڪاندي هوت سين.
شاهه جي فڪر ۾ جا گهرائي آهي، سا پنهنجو مثال پاڻ آهي. ان سان گڏ هن جي ڳالهه ڪرڻ جو خوبصورت انداز پڻ سٽ تي ان جي امر ڇاپ جو اهڃاڻ آهي. مولانا روميءَ جو هي شعر لطيف سان ۽ ان جي گفتگو ۽ گفتار سان ٺهڪي ٿو.
گفتِ انسان پارهءَ انسان بود،
پارهءَ ازنان يقين که نان بود.
(انسان جي ڳالهه انسان جو ئي نمونو ٿئي ٿي. اها ڳالهه يقيني آهي ته مانيءَ جو ڳڀو ماني ئي چئبو.)
شاهه صاحب جي ان فڪري ۽ فني عرفان جو اعتراف شاعريءَ جي پارکن خوب ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف شاهه گيلاني عظيم شاعرن جي تقابلي کانپوءِ ڪهڙو نه خوبصورت رايو ڏنو آهي. سعديءَ جي هر فن موليٰ هجڻ، جاميءَ جي علميت، مير تقي مير جي نرم دلي، عرفيءَ جي گرمجوشي، فانيءَ جي موسيقي، حافظ ۽ نظيريءَ جي بيداغ لکڻي، عمر خيام جي گنڀير فلسفي، عطار ۽ سنائيءَ جي ريجهائيندڙ تصوف، روميءَ جي وحدت الوجود واري نظريي، اقبال جي عظمت، وارث شاهه ۽ فضل شاهه جي سوز ۽ خوشحال خان خٽڪ جي بيخوفي ۽ صاف دليءَ کي تسليم ٿو ڪجي، پر شاهه لطيف جو درد ئي پنهنجو آهي. سندس ڪو مَٽ ئي ڪونهي. هو نقل نه ٿي سگهڻ جوڳو آهي. هو گنڀير به آهي ته خوشدل به، طبعزاد به آهي ته هر فن مولا به، دلسوز به آهي ته خوشگوار ۽ غمگين به. مٺو به آهي ته ڪمزور ۽ طاقتور به، صوفي به آهي ته فيلسوف به آهي. ان گهڻ رخي شخصيت جي ڪري ئي شاهه صاحب سڀني قومن ۽ سڀني وقتن جي شاعرن جي ميڙ ۾ هڪ امتيازي مسند جو جائز حقدار آهي.