درد جو جمال ۽ شاهه وٽ ان جو تصور: ڊاڪٽر شير مهراڻي
حَزن هوت پنهونءَ جو، رُڳيا ئي راحت.
(شاهه)
هڪ پاسي جماليات مسرتن جا انبار آڻي ڏئي ٿي، ته ٻئي پاسي درد جا درياءَ به انسان کي سونهن ۽ جمال جي ڪري جهاڳڻا پون ٿا. سونهن بنيادي طور پنهنجو اثر ظاهر ڪندڙ عنصر آهي. اهو اثر ڪڏهن خوشي، چين، مڪون اطمينان ۽ راحتن جي عظيم جهان ۾ وٺي وڃي ٿو ته ڪڏهن غم ۽ ڏک، درد، اذيت ۽ پيڙا جي وادين ۾ گهمائي ٿو. درد پنهنجي پر ۾ خوشيءَ کان وڌيڪ جٽادار ۽ گهرو اثر ڇڏيندڙ آفاقي اشارو (Universal Temporal) آهي. جتي درد انساني حواسن تي اثر انداز ٿئي ٿو اتي ان جي اثر هيٺ ڪو هاڪاري نتيجو پڻ متوقع هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته درد جو جمال ۽ سونهن؛ خوشي جي جمال جو ضد هوندي ان کي معنيٰ بخشڻ جي سگهه رکي ٿو، ڇو ته شين جو اصل قدر انهن جي تضادن سبب ئي ٿيندو آهي.
“Anxiety proposed here as an aesthetic notion immediately touches on the place of negative pleasure that is of displeasure in aesthetic considerations. The idea of displeasure in the context of aesthetics appear to stem from the concept of aesthetic pleasure as its natural opposite also divulges its problematic experience”(1).
بيچيني به جمالياتي جهان پئدا ڪري ٿي، جنهن کي جمالياتي زبان ۾ درد ۽ غم سڏيو وڃي ٿو. فن جي دنيا ۾ ان بيچيني کي راحت جي ضد طور وڏي اهميت حاصل آهي.
چون ٿا ته شاعري جي شروعات ئي ڏک ۽ درد جي ڪري ٿي هئي. مشهور آهي ته حضرت آدم عليه السلام کي جڏهن جنت مان بي دخل ڪيو ويو هو، ته هن ڏک ۽ درد مان جن لفظن سان پنهنجي اندر جي احساسن، جذبن ۽ درد کي بيان ڪيو هو، اهو ئي شاعري جو پهريون نمونو آهي. ڪجهه ڏاهن ته سونهن جو پئمانو ئي اهو رکيو آهي، ته ”جيڪا شيءَ غم يا خوشي ڏئي، سا حسين آهي“.(2)
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو پنهنجي هڪ مضمون، ”سونهائي سورن ڪي هيڪاندي هوت سين“ ۾ لکي ٿو، ته درد ئي دنيا جي حقيقت آهي... ڪنهن فارسي شعر چيو آهي ته:
درين ديان کسي بي غم به نه شد،
اگر باشد بني آدم به نه شد.
يعني دنيا ۾ درد کان وانجهيل ڪو به ڪونهي، ٻي مخلوق ڀلي مستثنيٰ هجي مگر انسان، سور جي ساٿ کان الڳ ٿي ئي نٿو سگهي. (3)
انسان جي جمالياتي ارتقا جو مکيه وسيلو درد آهي، جنهن وسيلي هن لافاني تخليقون ۽ تعميري شيون ۽ فنپارا جوڙيا آهن. شاعري جو عظيم دبستان عشق جي درد جي بدولت آباد آهي ۽ اهو عشق جو ئي درد آهي، جنهن وسيلي انسان حسن ۽ سونهن جي اثر انداز ٿيندڙ سگهه مان محظوظ ۽ مخمور ٿئي ٿو. يعني درد راحت ڏيندڙ بڻجي وڃي ٿو، پر صرف اهو درد ئي راحت بخشي سگهي ٿو، جنهن ۾ جمالياتي ۽ عشقيه عنصر موجود هوندا، ڇاڪاڻ ته جمالياتي درد ئي اصل ۾ دردِ انساني آهي.
”جمالياتي غم دراصل غمِ انسانيت آهي ۽ ان ۾جذبو، محبت ۽ رحمت شامل هوندي آهي، انهيءَ ڪري ان ۾ دل جو ڪينو ۽ ڪدورت دور ٿي ويندو آهي.”(4)
جڏهن محبت جو درد شاعري جي نديءَ ۾ وهڻ لڳي ٿو، ته انتهائي نفيس ۽ وڻندڙ ٿي پوي ٿو. هونئن به عشق جو درد ئي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز رهيو آهي ۽ جيترو شاعر جي دل درد جي نفاست ۽ نزاڪت محسوس ڪندي سندس شاعري اوتري ئي پُر اثر ۽ معنى خيز هوندي.
“The great artist must have heart filled with pathos. Thus the sweetness of sorrows, the fire of grief and the intensified feeling of poignancy count as vital factors leading to the perfection of the art”(5).
عظيم فنڪارن جي دل درد سان ڀريل هوندي آهي، ان ڪري ئي هو درد جي راحت ۽ ڏکن جي باهه کي پنهنجي عظيم ادراڪ وسيلي فن ۾ پلٽين ٿا.
درد نه صرف انساني جذبن ۾ نفاست ڀريندڙ جبلت آهي، پر ان سان انسانيت لاءِ ڪرب، پيڙا ۽ پنهنجائپ جو احساس پڻ اُڀري ٿو، تنيجي طور هڪ درد وند، انسان جي ڪيفيت ۽ مشڪلاتون سمجهي ٿو، ۽ اهو احساس ئي اصل ۾ انسانيت جو پيڪر بڻجي ٿو. درد انسان جي جذباتي ڪيفيت جو نالو آهي، جيڪا انسان جي نفسيات تي تمام گهرو اثر ڇڏي ٿي. آن لائين اسٽيفورڊ انسائيڪلوپيڊيا آف فلاسافي درد جي تصور جي پيرائتي ۽ تُز تشريح ڪئي آهي.
“Pathos as a Concept Since suffering (Pathos) is a state opposed to the aesthetic state bringing pleasure, it is part of the emotional preposition of a human. The noun pathos drives from the verb pathein for suffer from emotions. But is also comprises positive meanings. Pathos is as part of rhetoric one of the three modes of persuasion in rhetoric along with ethos and logos. Pathos appeals to the audience’s emotions. Emotional appeal can be accomplished in a multitude of ways. In rhetoric pathos is the use of emotional appeals to alter the audience’s judgment. We can differentiate between the states of empathy, sympathy, and apathy. Apathy is a lack of emotion or concern. Sympathy is the understading the feelings of another person and participation in the emotional state. Empathy is an extreme extent of sympathy, in which a person feels the emotion of another person. As the oldest concepts of beauty in different cultures state, beauty is conjunct with pleasure, while the opposite is displeasure of pain”(6).
’پيٿس‘ يا درد ۽ غم هونئن ته خوشي ۽ راحت جو ضد ۽ فرد جو جذباتي هيجان آهي. اسم ’پٿس‘ فعل، ’پيٿين‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معني آهي، ڪنهن کي دلي صدمو رسڻ. جيڪو جذبن کي جهنجوڙي ٿو، ۽ ان جون ڪيتريون ئي ڏسائون آهن. ٿورڙن لفظن ۾ سونهن راحت آهي، جنهن جو ضد درد جي بيچيني چئبي.
درد صرف ان وقت مسرت انگيز ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان ۾ يا ته ڪنهن ٻئي جو درد شامل هجي، يا وري عشق ۽ محبت جو درد ئي راحت ڏئي ٿو. لڳ ڀڳ سڀني ڏاهن جو خيال آهي ته درد اها واحد انساني جبلت آهي، جيڪا مڪمل طور تخليقي آهي. درد جي نتيجي ۾ هڪ طرف انسان جي اندر ۾ نرم احساس ڦٽن ٿا، ته ٻئي پاسي درد انسان کي ڪنهن نه ڪنهن تخليقي سرگرمي طرف اتساهي ٿو، ڇاڪاڻ ته درد جي ڪيفيت ۾ انسان خاص طور فنڪار مڪمل طرح سانت ۽ سڪون ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ پوءِ هو بي چيني جي عالم ۾ جڏهن سوچي ٿو ۽ ڪا به شئي / فنپارو تخليق ڪري ٿو، ته اهو ڪمال جي درجي جو هجي ٿو.
”دنيا جي سمورن وڏن شاعرن، انساني جبلتن ۽ جذبي، خاص طرح سان درد جي ڪيفيت کي فنائتي نوع ۾ پيش ڪيو آهي، پر ڀٽائيءَ جو تخليقي تجربو نه رڳو ٻين کان ڌار ۽ مٿاهون آهي پر اهو معاشري جي وجداني سطحن تي، انساني درد جو ڪٿارسس آهي“(7).
درد اهو دائمي قدر آهي، جيڪو انسان جي تخليق ڪري ٿو. ارسطو جو خيال هو، ته ٽريجدي انسان کي سوچڻ ڏانهن وٺي اچي ٿي ۽ اها سوچ انسان جي باطن کي اجرو ڪري ڇڏي ٿي. جيستائين انسان درد جي ڪرب مان نٿو گذري، ان ۾ گدازي، نزاڪت ۽ نفاست جو عنصر نٿو ڦٽي سگهي، ۽ جڏهن انسان درد جي احساس هيٺ ان جي معني، مقصد ۽ اصل منصب کي سجهڻ لڳي ٿو، ته هو جذبن ۾ هڪ اهڙي احساس کي اُڀرندو محسوس ڪري ٿو، جنهن ۾ پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي لاءِ اُنسيت ۽ پنهنجائپ موجود هوندي آهي ۽ هن مان ڪيني ۽ بغض جهڙيون بُرايون نڪري دور ٿي وڃن ٿيون، نتيجي طور درد نجاست کان نجات ڏياريندڙ عنصر طور سامهون اچي ٿو.
ڀٽائي وٽ درد جو تصور موهيندڙ ۽ پرڪشش آهي. هن جي سموري شاعري ڪنهن اهڙي آفاقي درد جو اولڙو محسوس ٿئي ٿو، جيڪو ڪٿي به سندس ذاتي درد محسوس نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي داخليت جي درد کي جنهن اونهي ۽ ’سئوفٽ‘ انداز سان بيان ڪري ٿو، اهو نه رڳو وڻندڙ ٿي پوي بلڪه ان ۾ راحت جو هڪ عجيب جهان سموئجندي محسوس ٿئي ٿو. سندس عشقيه شاعري جيڪا ڪڏهن محبوب جي صورت، شبيهه، حُسن ۽ سونهن جي واکاڻ ۾ ويڙهجي وڃي ٿي، ته ڪڏهن ان ۾ نوري ۽ نوراني حُسن جي جلون جو ذڪر اچي ٿو. ڪڏهن ور جي وڇوڙي ۾ بيتاب سندس سورميون روڄ ۽ راڙو ڪن ٿيون، ته ڪڏهن انهن جي وقار لاءِ پُروقار ۽ دليراڻي انداز سان چون ٿيون.
ڀڳو آئون نه چوان؛ ماريو ته وسهان؛
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان؛
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پُٺ ۾.
(ڪيڏارو ــ 3:9)
**
ڀڳو آئون نه چوان؛ ماريو، ته وسهان؛
”ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سهان“
ڪيڏو انوکو انداز آهي درد جو! ڀٽائيءَ جي سورمي چوي ٿي، ’آءُ نه چاهينديس ته ڪو منهنجو ور جنگ جي ميدان مان جان بچائي ڀڄي اچي، جيڪڏهن هو جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويندو، ته آءُ خوش ٿينديس‘. سندس ور زخمي آهي، هو انهن زخمن کي ٽاڪوريندي راحت محسوس ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس ور کي مُنهن ۾ ڌڪ لڳا آهن، يعني هو سامهون وڙهيو آهي/ هو دلير آهي، بهادر آهي. ڀٽائي جي سورمي کي ور جي ڌڪن ۽ زخمي ٿيڻ جو ارمان ناهي بلڪه هن کي خوشي آهي، ته سندس ور بهادر آهي.
”ته پڻ لڄ مران، جي هئنس پٺ ۾“
يعني: جيڪڏهن سندس ور بزدل هجي ها ۽ جنگ جي ميدان مان ڀڄي اچي ها يا کيس پٺيءَ ۾ ڌڪ لڳل هجن ها، ته سندس ور مري يا بچي کيس ان جي پرواهه ناهي، پر هوءَ لڄ ۾ ئي مري وڃي ها، ڇاڪاڻ ته سندس سورمي ان خيال جي آهي ته:
”ڪچن ووڏا پاند، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا“
شاهه وٽ درد صرف ڪرب ۽ ڏک ڏيندڙ عنصر ناهي. هن وٽ درد هڪ جمال بخيشندڙ قدر آهي، ۽ ڀٽائي جا سڀ ڪردار خوشيءَ سان درد کي دل سان لڳائين ٿا، ڇاڪاڻ ته سندس ڪردار غريب طبقي سان واسطو رکن ٿا.
”سندس (شاهه جي) هيروئن نوري غريب مهاڻي آهي، سسئي اصل ۾ ته شهزادي آهي، پر اها هڪ ڌوٻيءَ جي پالنا هيٺ رهي آهي، سهڻي هڪ ڪنڀر جي ڌيءُ آهي ۽ مارئي هڪ عام ڳوٺاڻي جي نياڻي آهي. شاعر کين سندن ڪردار ۽ منجهن موجود ٻين ڳڻن سبب ڳايو آهي“ (8). نه صرف شاهه صاحب جون سورميون بلڪه سورما به باڪردار ۽ عظيم آهن، جن درد کي وٿ سمجهي قبول ڪيو آهي.
ڪاتي تکي مَ ٿئي، مَر مُنيائي هوءِ،
مانَ وَرمن توءِ، مون پريان جا هٿڙا.
(ڪلياڻ ــ 1:8)
ڪيڏو نه عجيب خيال آهي، شال ڪاتي تکي نه هجي! ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪاتي تکي هوندي، ته سِر جلدي وڍجي ويندو. جيئن ته ڀٽائيءَ جي ڪردار کي سِر جي وڍجڻ جو ارمان ناهي، پر هن جي خواهش آهي، ته ڪاتي تکي نه هجي، جيئن سندس سِر هوريان هوريان وڍجي، ۽ ڳچ دير تائين هو وڍيندڙ (جيڪو يقينن سندس محبوب آهي) جي هٿن جو لمس محسوس ڪري سگهي. درد جو اهڙو حسين تصور شاعري جي تاريخ ۾ ڪٿي به نٿو ملي.
حُر هلي آئيو، مانجهي مردانو؛
آهيان عاشق اڳ جو، پتنگ، پروانهو؛
مان راضي ٿئي، رسول رب جو، نبي تو نانو؛
هي سر سمانو، گهوٽ! مٿان ئي گهوريان.
(ڪيڏارو ــ 5:6)
ڪربلا جي ميدان ۾ حُر، يزيد جو سپهه سالار هو، پر هن جڏهن ڄاتو ته يزيد، امام حسين کي شهيد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، ته هو يزيدي سپاهه ڇڏي، امام حسين وٽ اچي ٿو ۽ چئي ٿو، ’مان پروانو آهيان ۽ آڳ جو عاشق آهيان. مان تنهنجي مٿان قربان ٿيڻ آيو آهيان. مان پنهنجو سِر ڏيندس بس! شال تنهنجو نانو (محمد صلي الله عليه وآله وسلم) راضي ٿي پوي‘. ڀٽائي اهڙي ڪردار جي چونڊ ڪئي آهي، جنهن کي پنهنجي سِر جي پرواهه ناهي. هو ڄاڻي ٿو، ته سندس سِر تن کان ڌار ڪيو ويندو، پر هن کي پنهنجو درد، درد محسوس ئي نه ٿو ٿئي. هو بس اهو ٿو گُهري، ته هو جنهن جي مٿان قربان ٿيڻ آيو آهي، اهو کائنس خوش ٿئي. درد جي جمال جو ڪيڏو نه انوکو رنگ آهي ڪيڏاري ۾!
ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهون گل جئن؛
چوڏهينءَ ماه چنڊ جئن، پڙ ۾ پاڳڙياس؛
ميڙي ۾ محمد جي، مَر مرڪي ماس؛
تنهن سورههَ کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿئي.
(ڪيڏارو ــ 5:9)
”سندس (امام حسين جا) ڏند رت لڳڻ ڪري ڏاڙهونءَ جي گل جهڙا ڳاڙها ٿي پيا آهن.... امام حسين جي دستار جنگ جي ميدان ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ مثل پئي چمڪي“ (9).
هو جنگ جي ميدان ۾ شهيد ٿي ويو. ڀٽائيءَ، امام حسين جي شهادت ۽ جنگ جي ميدان ۾ سندس اهڙي تصوير چٽي آهي ۽ چيو آهي، ته سندس ماءُ پنهنجي پٽ جي بهادريءَ تي فخر ڪندي. ”ميڙي ۾ محمد جي، مر مرڪي ماس“. يعني جنگ جو ميدان ۽ شهادت جيڪي ظاهري طور ڏک، الم ۽ درد جا منظر آهن. پر ڀٽائيءَ انهن کي ايڏي ته معنيٰ خيز انداز سان بيان ڪيو آهي، جو اهو درد فخر ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
ڀٽائي وٽ درد جو تصور، روڄ، راڙي ۽ دانهن ڪوڪن کان گهڻو اڳتي آهي. هن وٽ درد هڪ مرحلو آهي، جيڪو ڪُندن ٿيڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ڀٽائي پنهنجي ڪردارن جي لاءِ چوي ٿو، ’جيڪي محبوبن کي ياد ڪندا آهن، اهي نه ڪو روئندا آهن، نه ڪو ڪنهن کي ان ڳالهه جي ٻاٻور ئي ڏيندا آهن، هو پنهنجن ڦٽن تي ماڻهن کان لِڪي مرهم لڳائيندا آهن.‘ ’باهه ته گهڻن کي ساڙي ٿي، پر تون باهه کي ساڙ‘. ’هنن کي پنهنجي سِر جي زري برابر به پرواهه ناهي. هنن کي هوتن کانسواءِ حياتي کپي ئي ڪا نه ٿي‘. ’اي طبيب! تون پنهنجون دوائون ۽ دارون کڏ کوٽي پوري ڇڏ‘. ’هنن کي مصيبت مِٺي آهي‘. ’هو دوست جي هڪ ديدار کي سؤ ڀيرا سِر ڏيڻ کان مٿي ٿا سمجهن‘، ’اي طبيب! هنن کي دوا نه ڏي، ڇاڪاڻ ته جي هو چڱا ڀلا ٿي ويا، ته هنن وٽ سندن محبوب نه ايندو، هو محبوب جي ديدار لاءِ پاڻ کي بيماري ۾ ئي رکڻ ٿا چاهين‘.
آيل! اُن نه وسهان، هنجون جي هارين؛
آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين؛
سڄڻ جي سارين، سي نه ڪي روئن، نه چون ڪي.
(يمن ڪلياڻ ــ 1:11)
**
رهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وتاءَ؛
جن کي سور سرير ۾، گهٽ منجهاران گهاءَ؛
لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهين ٻَڌن پٽيون.
(يمن ڪلياڻ ــ 1:7)
**
پتنگن پهه ڪيو، مِڙيا مٿي مچ؛
پسي لهس نه لِچيا، سڙيا مٿي سچ؛
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
(يمن ڪلياڻ ــ 3:7)
**
اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم؛
سو سسسنئان اڳرو، سندو دوسان دم؛
هي هڏو ۽ چم، پڪ پريان جي نه پڙي.
(ڪلياڻ ــ 2:17)
**
اگهن مڙي اڄ، ڪيو سڏ صحت کي؛
ڏور، ڏُکندا! ڀڄ، مهريءَ منهن ڏيکاريو.
(يمن ڪياڻ ــ 2:14)
**
رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪنهين؛
لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، جانب ري جباب؛
سوئي سنڌيندم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب؛
سو ئي عين عذاب، سوئي راحت روح جي.
(ڪلياڻ ــ 3:4)
**
تن طبيب نه تون، سُڌ نه لهين سور جي؛
سانڍ پنهنجا ڊبڙا، کڏ کني ۾ ڀون؛
ڪا نه گهرجي مون، حياتي هوتن ري.
(يمن ڪلياڻ ــ 2:1)
**
ويڄ! مَ ٻڪي ڏي! الا چڱي م ٿيان!
سڄڻ مانَ اچي، ڪر لاهو ٿي ڪڏهين.
(يمن ڪلياڻ ــ 2:9)
**
پتنگ چائين پاڻ کي،س ته اچي آڳ اُجهاءِ!
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي بچاءِ!
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.
(يمن ڪلياڻ ــ 3:5)
**
سور جنين کي سريو، سري تن صحت؛
مِٺي مصيبت، آهي عاشقن کي.
(يمن ڪلياڻ ــ 2:8)
ڪيڏو نه دلگذار تصور آهي درد جي جمال جو! يعني ڀٽائيءَ جي ڪردارن کي پنهنجو مرض، بيماري ۽ درد؛ ڏک ۽ اهنج نه ٿو ٿئي بلڪه هو ان بيماري يا ”مصيبت کي مٺو“ سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ مرحلو آهي. جنهن کانپوءِ هو وصل جا تمنائي آهن، وصل به اهڙو!
جي قيام مِڙن، ڪر اوڏا سپرين؛
تهان پري سُڄن، واڌايون وصال جون.
(سهڻي ــ 9:5)
ڀٽائي وٽ درد جو تصور ۽ فلسفو مڪمل طور تخليقي ۽ معنيٰ خيز آهي. هو درد مان خوشيءَ جا خزانا ڳولي ٿو.
جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن؛
فڪر فرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن؛
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي.
(يمن ڪلياڻ ــ 5:14)
ڀٽائي پنهنجن ڪردارن جو ڀرجهل آهي، هو کين آسرا ۽ دلاسا ٿو ڏئي، سندن ڏک ۾ هو کين اڪيلو نه ٿو ڇڏي.
مَ ڪي روءُ، مَ رڙ ڪي، هنجون هڏ مَ هار؛
تون تان بند بدا ٿيو، ٻيڙيون نيئي ٻار؛
پهچندين پنوهار، سِگهي سنگهارن کي.
(مارئي ــ ابيات متفرقه ــ 11)
شاهه جو رسالو پنهنجي پَر ۾ درد جو هڪ اهڙو عميق درياه آهي، جنهن ۾ ڏک جا راڳ ’Songs of the grief‘ پنهنجي لئي ۽ تار سان وهندا نظر اچن ٿا. هو درد کي ڳائيندڙ اهڙو فنڪار آهي، جنهن درد کي دانهن مان ڪڍي هڪ مرحلي جو درجو ڏئي کيس دوام بخشي ڇڏيو آهي. هن وٽ درد، درد نه ٿو رهي، هو ان درد مان جمالياتي حظ ماڻي ٿو. ڀٽائي وٽ درد جي جماليات انتهائي انوکي نوع ۾ بيان ڪيل آهي. جنهن مان راحتن جون راهون نڪرن ٿيون. هن وٽ ڏک رهنمائي ڪندڙ عنصر آهي.
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو؛
سونهائي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
(حسيني ــ 6:2)
”شاهه صاحب سور کي مختلف استعارن ۽ تشبيهن سان تعبير ڪيو آهي، جن سان اسان ڀٽائي جي فڪر کي سمجهي سگهون ٿا، مگر هو سور کي هڪ هنڌ رهبر ۽ رهنما ٿو چوي. سور جي اها صورت نهايت ئي خوبصورت ۽ معبتر آهي، جا دنيا جي ڪنهن شاعر ورلي تراشي هوندي. گوندر ئي گس ڏيکاري ٿو، جنهن تي هلي پرينءَ کي پهچي حقيقي مشاهدو ماڻجي ٿو. ڀٽائيءَ اصل کان وصل جو اهم ذريعو درد کي ئي ڄاتو. (10)
شاهه سورن کي سمر جو نالو ڏنو آهي، يعني هو درد کي وڏي وٿ ٿو سمجهي.
اُلهي سڄ اَوير ڪِي، ڏٺاائين ڏونگر؛
سسئيءَ کي سيد چئي، سورن جو سمر؛
ڪٺل رکيو، ڪَرُ، ويچاريءَ وڻڪار تي.
(حسيني ــ 1:2)
هن بيت ۾ ڀٽائي ڪيڏي نه نرالي رنگ ۾ درد جو ذڪر ڪيو آهي.
مٿيان مٿي مَچُ، ٻريم ٻاروچن جو؛
مون کي طعنا تي ڏئين، جئن نه پروڙئين سچ؛
امڙ! اوري اچ، ته سِٽَ سُڻايَنءِ سور جي.
(حسيني ــ 2:2)
ڀٽائيءَ جي سورمي چوي ٿي؛ ’منهنجي اندر ۾ محبوب جي عشق جي باه ٿي ٻَري، اي ماءُ! مون کي تون طعنا ته ايئن ٿي ڏين، جو ڄڻ ته توکي سچ معلوم ئي ناهي، جي واقعي ئي توکي سچ جي خبر ناهي، ته اچ ته توکي سور جي سِٽَ سڻايان.
سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾؛
وسايم وڏ ڦڙا، مٿي ماڙين مينهن؛
وجهاڻيس وصال کي، ٿيس تهوارون تيئن؛
نير منهنجي نينهن، اُجاري اَڇو ڪيو.
(عمر مارئي ــ 11:3)
ڀٽائيءَ جي سورمي انهن ڏينهن کي سکر ۽ خوشحال ٿي سڏي، جيڪي هن قيد ۾ گذاريا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ سندس نيهن نکري نروار ٿيو هو.
”هر خوشيءَ ۾ غم لڪل آهي... توهان ڏٺو هوندو، ته درد، ڏک ۽ سور برداشت ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو وڌيڪ سگهارو ۽ تجربيڪار ٿي پوندو آهي. مهاڻا پنهنجي ٻار کي ننڍي هوندي واهه ۾ اُڇلائيندا آهن، ته گوتا کائي ترڻ سِکي. اها اذيت ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ کانپوءِ جيڪا شيءِ سِکبي، اها واقعي ڪُندن هوندي. شاهه لطيف به ائين اذيت پسندي کي ڪارائتو بڻايو آهي ۽ وٽس مثبت اذيت پسندي موجود آهي“ (11).
سورائتي سڏ، ڪري سڏ سورن کي،
سورن ڀڳس هڏ، سي پڻ سيڪي سور سين.
سورن، ڏکن جو پنهنجو مزو آهي. دردن جي پالنا ڪري سيني ۾ سور سانڍي پاڻ کي ڪندن بڻايو وڃي“ (12).
يا هن بيت ۾ ڏسو، ڀنڀور جيڪو سسئي جو پنهنجو شهر آهي، ان کان وڌيڪ کيس اها سڃ وڻي ٿي، جيڪا لتاڙيندي هوءَ هوت ڏانهن ٿي وڃي.
ڀنڀوران اُجاڙ، سرتيون! سکر ڀانئيان؛
مون سين تنهن پهاڙ، ڏکان هڏ نه ڏوريو.
(حسيني ــ 3:5)
ڀٽائيءَ وٽ درد جي جمال جو تصور هن بيت ۾ دنگ آهي، جنهن ۾ هو ڏک کي سک جي سونهن، حسن ۽ جمال ڪوٺي ٿو. درد کي خوشي جو جمال سڏڻ وارو تصور ۽ استعارو پڻ ڀٽائي کان اڳ شاعري جي تاريخ ۾ ملڻ محال آهي.
ڏک، سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري!
جنين جيءَ ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
(حسيني ــ 6:9)
يا
سُکن واري سَڌ، متان ڪا مونسين ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
”سور ۽ ڏک رهبر آهن. جهڙي طرح سائڪرين مٺاڻ جو جوهر آهي؛ اهڙي طرح ڏک ۽ سور محبت جو جوهر آهي ۽ منجهس انتهائي خوشي سمايل آهي. مقصد کي پهچڻ لاءِ ماڻهوءَ کي تڪليفن ۽ مشڪلاتن، ڏکن ۽ ڏاکڙن جو عادي ٿيڻو آهي. صحيح سلامت ۽ بنا تڪليف جي، مقصد کي پچهڻ ڪوڙي سَڌ آهي، اُتي صرف اندر جي اڌ وارا ڏونگر ڏوري پهچندا.“ (13)
ڀٽائيءَ درد کي مختلف نالن سان تعبير ڪيو آهي. جن ۾ ’درد، دقت، ڏک، ڏولائو، سور، تڪليف، حُزن، عذاب، گوندر‘ وغيره شامل آهن. ڀٽائيءَ وٽ درد جي جمال جون ڪجهه وڌيڪ ڏسائون واضح ڪرڻ لاءِ هتي درد سان برميچيل ڪجهه وڌيڪ بيت ڏجن ٿا.
درد نه لهي داروئين، زلف زور ڏنوم؛
ڪاڪل ڪال ڏٺوم، رُخساري تي روپ سين.
(سسئي آبري ــ 2:6)
**
جئن ڪا ڪاني ڪانهن، لسندي لاتيون ڪري؛
اچي پئي اوچتي، درد پريان جي دانهن؛
ويڃ! ڏنڀئين ڪُهه ٻانهن؟ سور هنئين کي سامهان.
(بروو سنڌي ــ 2:8)
**
اڄ پڻ انگيم انگ، هٿان حبيبن جي؛
جا پَر سونٽيءَ سنگ، سا پَر سورن سان ٿئي.
(بروو سنڌي ــ 2:8)
**
اڄ پڻ جڙيم جوڙ، دوست پيهي در آئيو؛
سُکن اچي ڏکن کي، محڪم ڏني موڙ؛
جا پر کَٽِيءَ کوڙ، سا پر سورن سان ٿئي.
(بروو سنڌي ــ 2:9)
**
ڪُنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهن هنيائون؛
موت نه ماريائون، ڏور ڏئي ويا ڏک جي.
(ڏهر ــ 1:11)
**
نه ڪو سنڌو سور جو، نه ڪو سنڌو سڪ؛
عدد ناه عشق، پُڄاڻي پاڻ لهي.
(سهڻي ــ 9:9)
**
ويهه مَ مُنڌ! ڀنڀور ۾، هاڙهي هڏ مَ هل؛
ڪوڙي ڪج مَ ڪڏهين، سچي ڳالهه مَ سل؛
جانب لاءِ مَ جل، سور وِسار مَ سسئي!
(سسئي آبري ــ 12:1)
**
هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي؛
آڏا، ڏونگر، لڪيون، سوريون سُڄن سيل؛
ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.
(سسئي آبري ــ 9:7)
جيئن ته شاهه جي رسالي جي ترتيب پڻ ڪجهه اهڙي ريت آهي، جو هر سُر جي هر داستان جي آخر ۾ وايون ڏنيون ويون آهن. درد جي جمال جي هن عنوان جي آخر ۾ پڻ هڪ اهڙي وائي ڏجي ٿي، جنهن کي جيڪڏهن ڀٽائيءَ وٽ درد جي جمال واري تصور جي ڀرپور نمائندگي ڪندڙ وائي سڏجي، تڏهن به غلط به ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ڀٽائي وٽ درد جي جمال واري تصور جو مرڪزي نڪتو اهو ئي آهي، ته هو درد کي سور يا تڪليف نه ٿو سمجهي، بلڪه هو درد کي راحت ڏيندڙ تخليقي عنصر ٿو سمجهي، جنهن سان سندس ڪردارن جي تعمير ٿي آهي. هن وائي ۾ پڻ شاهه صاحب فرمائي ٿو، ته کائنس درد يا سور جي تشريح يا تعريف نٿي ٿئي، بس ان کان وڌيڪ، ته سندس محبوب جو ڏک راحت ۽ سڪون ڏيندڙ آهي.
خوبي منجهه خفت، اي! دوست! دقت، آهي عبداللطيف کي.
مدح مون کان نه ٿئي، سندي سور صفت؛
هجي ڪريان هيج سين، مطالع محبت؛
حزن هوت پُنهون جو، رُڳيا ئي راحت؛
پريان جي پستان جو، فاقو ئي فرحت.
(معذوري)
[b]حوالا [/b]
1. Aesthetics of Anxity, Ruth Ronen, Satate University of New Year York, 2009, page:3.
2. فلسفہ ِحُسن، ڈاکٹر نصیر احمد ناصر، فیروز اینڈ سننز ،لاہور، 1990، صحفہ 31.
3. سونهائي سورن ڪي هيڪا هوت سين، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڪلاچي تحقيقي جنرل، جلد ــ 8، شمارو ــ 1، ايڊيٽر: پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ص 50.
4. فلسفہِ حسن، ڈاکٹر نصیر احمد ناصر، فیروز سنزز ، لاہور 1990، صفحہ 73.
5. Social content in Shah Jo Risalo, Translated by Anwer Pirzado,Shah Abdul Latif University Chair, University of Karachi, p 140.
6. http://plato.stardfrod.edu/pathos.
7. ماہوار امرتا، شاهه لطيف نمبر، ايڊيٽر: فقير محمد ڍول، شاهه جي شاعري ۾ پيڙا، تاج بلوچ، ص 156.
8. شاه لطيف شاعري اور فکر، ڈاکٹر در شهوار سيد، ترجمه: ڈاکٹر ابراهيم خليل، شاه عبداللطيف بھٹائي چيئر، کراچي يونيورسٹي، 1994ع، ص65.
9. شاهه جو رسالو، مؤلف: غلام محمد شاهواڻي، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، ص674.
10. سونهائي سورن ڪي هيڪا هوت سين، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڪلاچي تحقيقي جنرل، جلد ــ 8، شمارو ــ 1، ايڊيٽر: پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ص 53.
11. شاهه لطيف جي شاعريءَ جا تحقيقي رخ، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، ڪلاچي تحقيقي جنرل، جلد ــ 8، شمارو ــ 1، ايڊيٽر: پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،ص 60، 61.
12. ساڳيو
13. پيغامِ لطيف، جي ايم سيد، سيد اڪيڊمي سن، ڇاپو ــ 4، 2005ع، ص134.