لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال

لطيفيات جي موضوع تي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل درد جي جمال بابت مختلف سنڌي ۽ اردو مقالن ۽ مضمونن جي مجموعي جي ترتيب ۽ تدوين نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر فياض لطيف جي محنت جو ثمر آھي. ڪتاب ۾ 26 سنڌي ۽ 6 اردو مقالا شامل ڪيا ويا آھن. اڪبر لغاري لکي ٿو:
”ڊاڪٽر فياض لطيف نوجوان محقق ۽ سُچيت نقاد آهي. هُن شيخ اياز جي جمالياتي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سندس اهو تحقيقي ڪم پنهنجي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي، پر هُن وٽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان پنهنجي بصيرت ۽ هڪ پنهنجو نقطه نظر آهي. هُن لطيف جي مختلف فني ۽ فڪري نقطن تي جديد تحقيق ۽ تنقيد جي روشنيءَ ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي، پر درد جي موضوع تي مختلف عالمن جي ترتيب ڏنل مقالن/ مضمونن (جنهن ۾ هن جو پنهنجو هڪ مقالو به آهي) تي محيط سندس هي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال“ پڻ انتهائي قيمتي ۽ ڪارائتو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 1523
  • 373
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض لطيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾  درد جو جمال

سسئيءَ جي سور ڪهاڻي ــ شاهه لطيف جي زباني: ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ ليلا جي ليلائڻ، سهڻي جي سڪ ۽ سوز، مومل جي محبت ۽ مارئي جي مَارُن لاءِ اُڪير کي ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ ڳايو آهي. شاهه صاحب هر سورمي لاءِ هڪ سُر مخصوص ڪيو آهي، پر سسئي جي ڏکن ۽ ڏاکڙن کان شاهه صاحب ايڏو ته متاثر هو، جو هن لاءِ شاهه صاحب پنج سُر سِرجيا آهن.
شاهه صاحب رسالي جي سُرن: ’آبري، ديسي، معذوري، ڪوهياري ۽ حسينيءَ‘ ۾ سسئيءَ کي ڳايو آهي. سسئيءَ جو قصو بيان ته ٻين به ڪيو آهي، پر شاهه صاحب حقيقت ۾ هي ڪردار تعمير ڪيو آهي، جنهن جي مڪمل تصوير ۽ تقدير اها آهي ته:
سرجي تان سور، سامائي ته سک ويا،
اهي ٻئي پور، نماڻيءَ نصيب ٿيا. (1)
سسئي کي پنهنجي پنهونءَ لاءِ ايڏي ته محبت آهي، جو هوءَ پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ ڏاگهن، ڏيرن ۽ ڏونگرن جي ڏکن کي سُک ٿي سمجهي:
ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽنهي ڏنم ڏک،
سي سڀ ڀانيم سُک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي.
سسئي هيڏين تڪليفن سهڻ جي باوجود ڀانئي ٿي ته، اهو منهنجي قسمت ۾ لکيل هو، نه ته ڪير مون وانگر پنهونءَ جي پويان جبل جهاڳي ها ۽ تڪليفون برداشت ڪري ها:
ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏکن آئون ڏَڌي،
پڇان پير پنهونءَ جو، وجهان وک وڌي،
لکئي آئون لڌي، نات پٽن ڪير پنڌ ڪري.
اُٺن جي عادت آهي ته، هميشه پلاڻيندي دانهون ڪندا آهن ۽ اهي رڙيون ايڏيون ته زورائتيون هونديون آهن، جو پري تائين ٻُڌي سگهبيون آهن، ليڪن جڏهن پنهون کي کڻڻ لاءِ اُٺن کي پلاڻيائون ته، اُٺن آواز ئي نه ڪيو، نه ته شايد سسئي سجاڳ ٿي وڃي ها، ان ڪري ئي ته سسئي ڀانيو ته، اُٺ به سندس دشمن آهن.
اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي،
پلائيندي پاڻ ۾ ڪڇيو ڪين ڪُٺن،
ڪا جا مام مُٺن، هن پڻ هئي هن سين.
سسئي پنهنجي سرتين کي صلاح ڏئي ٿي ته: دلبر هميشه ديسي ڪجن، پرديسي پرين تي ڪو ڀروسو نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو اوچتو لَڏيو، اڪيلو ڇڏيو، پنهنجي ديس ٿا وڃن:
ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين،
لڏيو لاڏوڻا ڪيو، پنهنجي ديس وڃن،
پڄاڻا پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
سسئي کي اندر ۾ عشق جي اهڙي اُساٽ هئي، جو پنهنجي پنهل لاءِ ڏونگر ڏوريائين. تڏهن ته مُئيءَ جا سفر صاب پيا ۽ پنهونءَ جي پيراندي نصيب ٿيس:
برهه بڻايس بر، نات سُکي ڪير سَڌون ڪري،
گهڻو ڏوريائين ڏک سين، ڏيرن لاءِ ڏونگر،
وري آيس ور، سفر مُئي جا صاب پيا.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سسئيءَ جي ترجماني اهڙي طريقي سان ڪئي آهي، جو ائين محسوس ٿئي ٿو ته، ڄڻ شاهه صاحب سسئيءَ سان گڏ هو ۽ ڏيرن جي ڏِنگائين، جبل جي ڏکين ۽ ڏنگين واٽن کي ڏٺائين ٿي:
اڏ تراڇا، آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا،
وٺي ور واٽ ٿيا، بر چڙهي باڪا،
ڦَٽيا پير فقير جا، چڙهندي چڙهاڪا،
هُين اندر جيڪا، ويا پُڄائي پنهنجي.
شاهه صاحب هڪ عظيم انسان، شاعر، مفڪر، معلم، دوست، خير خواهه ۽ اهل دل آهي. هن جي حساس دل، اَٻوجهه، ڪمزور، ساده دل ۽ بي وس انسان لاءِ تڙپندي هئي. سسئي انهي ئي سوچ جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن کي شاهه صاحب دڳ لائڻ لاءِ نصيحتون به ڪري ٿو ته، ڪڏهن کيس لفظن ۾ به مخاطب ٿئي ٿو. اندازِ بيان ۽ لفظن جو موزون استعمال ٻُڌڻ وٽان آهي:
ڪيئن اڙايئي پاند، پلئه پرڏيهين سين،
مَتيون موڙيئي سسئي، ڪيئي ڪوهيارو ڪانڌ،
رئي ڀانيئي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو (2).
سسئي ڏونگر جي ڏاڍاين کي ڏاڍي ڏکاري انداز ۾ بيان ٿي ڪري ۽ پنهنجي تقدير ۾ اهي پٿر جو پنڌ لکيل ٿي سمجهي:
ڏونگر تون ڏاڍو، ڏاڍايون ڪرين،
مون تن اندر تئين وهين، جئن وڻ وڍي واڍو،
اي ڪرم جو ڪاڍو، نات پٿر ڪير پنڌ ڪري.
سسئي پنهنجي پنهل لاءِ جبل جهاڳيا، ان ڪري کيس ڏاڍيون تڪيلفون سَهڻيون پيون. جبل سان مخاطب ٿيندي شڪايتون ٿي ڪري ته، ’مون فراق جي ڦَٽيل جا پير پِٿون ڪيا، تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ رحم نه ٿيو، منهنجو پرين ملي ته، کيس واڪو ڪري سڀ ڪجهه ٻڌايانس:
ڏونگر ڏوراپو، پهريون چونديس پرينءَ کي،
پهڻ پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو،
رحم نه پيئي روح ۾، قدر منهنجو ڪو،
واڪو ڪنديس وو! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.
زماني جو اهو دستور آهي ته، ڏکويلن کي دلاسا ڏبا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن جو محبوب جدا ٿي ويو آهي ته، ان کي تسلي ڏبي آهي، پر هت قصو ئي ٻيو آهي.
ڏونگر! ڏکوين کي دلاسا ڏجن،
آهڻو پڇجي تن کي، جن وٽان هوت وڃن،
تون ڪيئن سندا تن، پهڻ پير ڏکوئين.
شاهه صاحب هڪ اهڙيءَ سسئيءَ جو نقشو چٽيو آهي، جنهن جي ڳلن تان ڳوڙها پيا وهن ۽ غم ۾ گهايل ۽ ڏکايل آهي، پوءِ به هو پٻ جي پهڻ کي ذرا ذرا ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ڪري:
ڏونگر! ڏکوين کي ڳل نه سڪا ڳوڙها،
هو جي پهڻ پٻ جا، سي ڀڄي ٿيا ڀورا،
شاهه صاحب جي شاعري جو ڪمال ته ڏسو! ڪيئن نه سسئيءَ جي ڏکن جي نمائندگي ڪئي اٿس:
ٻئي ويٺا روئن، ڏکي، ڏونگر پاڻ ۾،
ڪنهن کي ڪِين چون، منجهن جو پريتڻو.
شاهه لطيف سنڌي سماج جي ڪمزور، نٻل ۽ لاچار عورت ۽ سنڌ جي غريب ۽ پورهيت، ڏتڙيل، دٻايل ۽ هيسايل طبقي کي ڪهڙي ريت پيش ڪيو آهي: سسئي چوي ٿي ته:
اَدر نِدر اَڀري، اَسونهين آئون،
اها ساڳي عورت جيڪا اَڀري آهي، ڪمزور آهي، نٻل آهي، نڌڻڪي ۽ بنا سهاري آهي، اها مجبور پورهيت طبقي جي عورت چئي ٿي:
تپي ڪندين ڪوهه، ڏونگر ڏکوين کي،
تون جي پهڻ پٻ جا، ته لگ منهنجا لوهه،
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، اَمر مون سين ائين ڪيو(3).
سسئيءَ جي سمهڻ سان ئي سڄو مسئلو پيدا ٿيو. سسئيءَ کي سيڄ تي پنهل جو انتظار ڪندي نڀاڳي ننڊ اچي نهوڙيو. هوءَ مستقبل کان بي خبر هئي، ڀلا کيس ڪهڙي ڪَرَ ته اها گهڙيءَ جي غفلت ڪهڙو ڪُهرام برپا ڪندي. هونئن ته سڪ ۽ انتظار جي ڪيفيت ۾، سمهڻ جو تصور ئي ڪري نٿو سگهجي، انهيءَ گهڙيءَ ۾ پنهل کي سندس ڀائر مدهوشيءَ جي حالت ۾ کنڀي کڻي ويا:
سڪي جان سُتياس، تان سڪ سمهڻ نه ڏي،
جاڳي ستيس جن لئه، سي آيا تان نه اٿياس،
ڀينر آءٌ ڀُلياس. نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي (4).
سسئيءَ جي نصيب ۾ رڳو ڏک ئي ڏک هئا، سُکن سان ته سندس واسطو ئي نه پيو:
سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان،
سُکن جي سيد چئي، پُکي نه پياس،
جيڪس آءٌ هياس، گُري گوندر ول جي.
سسئي، پنهل لاءِ سڄو روهه رُلي، پوءِ به پنهنجي محبوب سان شڪايت نه ٿي ڪري ۽ نه وري ڪٿي محبوب کي مياري ڪيو اٿس:
وَر ۾ ڪونهي ورُ، ڏيرن ورُ وڏو ڪيو،
نهارينديس نڪري، بوتن ڪارڻ بر،
آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين.
پنهونءَ جي پيچ سسئيءَ لاءِ ڀنڀور ۾ ويهڻ وِهه ڪري ڇڏيو آهي. سندس سيني ۾ برهه جو ڪانُ لڳل آهي ۽ هاڻي هوءَ وتي ٿي بَرن ۾ پنهونءَ لاءِ پڇائون ڪندي. هوءَ پنهنجي وس ۾ ناهي کيس پنهونءَ جو پلاند گهرجي، جنهن کي پڪڙي هوءَ لَڪن مان لنگهي وڃي. هوءَ سندس سلام لاءِ بيٺي سِڪي ۽ کيس پنهونءَ جي سرهاڻ، رڻ ۽ پهاڙن مان پئي اچئي، هوءَ پنهنجي اَڀاڳ تي روئي پئي“ (5). سسئي جي عجيب حالت آهي، روئي به پئي ۽ پنهنجو پاڻ کي چوي به پئي، ته روئڻ سان ڪو منهنجو ورُ ٿورو ئي موٽي ايندو؟
روئي ڪندين ڪوه؟ هاڻي ڪو هوت وري،
جيڏيون! جيڏوئي ڪيو، ساڻس سيڻ ستوه،
ڊوهي اُٿيان ڊوهه، متان ڪا مون سين ڪري.
سسئي ويچاريءَ ڏاڍا ڏک ڏٺا، جبل جهاڳيائين، پير پِٿون ڪيائين، پنهونءَ سان ملڻ لاءِ سندس دل ڏاڍي ماندي هئي، شايد ان ڪري ئي مرڻ کان پوءِ وڃي پنهون جي پيراندي نصيب ٿيس:
سسئي جي سري سان ڪيچ ڌڻي ڪانڌي،
پسڻ ڪارڻ پرين جي، منڌ هئي ماندي،
لڪن تان لطيف چئي، آرياڻي آندي،
پنهون پيراندي، نماڻي نصيب ٿي.

[b]حوالا[/b]

1. عبدالجبار، جوڻيجو، ڊاڪٽر، ’سسئي: شاهه جي زبان ۽ بيان ۾ لطيفي لات‘، (مرتب) ممتاز مرزا، شاهه عبداللطيف، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه، 1992ع، ص 45.
2. ايضا، ص 50.
3. تنوير عباسي، ڊاڪٽر، ’شاهه لطيف جي شاعري‘، روشني پبليڪيشنن، ڪنڊيارو، 1995ع، ص276.
4. بشير احمد شاد، ڊاڪٽر، ’عرفان لطيف‘، مهراڻ اڪيڊمي، ڪراچي، سال 1993ع، ص 63 ۽ 64.
5. ڪلياڻ بولچند آڏواڻي، ’شاهه جو رسالو‘، ڪاٺياواڙ اسٽور، ڪراچي، 1996ع، ص 181.