’سُر سامونڊي‘ ۾ درد جون ڪيفيتون: نصرالله ناصر
دنيا جي سڀني آفاقي شاعرن جي شاعريءَ ۾ منظرنگاريءَ يا عڪسبنديءَ جو عنصر ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ملي ٿو، پر شاهه وٽ اهو انداز ايڏو ته وڻندڙ ۽ انوکو آهي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته، شاهه سڀني شاعرن کي گهڻو پوئتي ڇڏي ويو آهي.
شاهه سائين ’سُر سامونڊيءَ‘ ۾ لفظن جي رنگن سان انساني حسرتن، احساسن، ارمانن، امنگن، ڏکن، ڏاکڙن، پيڙائن، بک، بدحالي توڙي سکن، خوشين ۽ خوبصورت جذبن وارين ڪيفيتن کي ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ چِٽيو آهي. شاهه سائين جڏهن مٿيون ڪيفيتون پنهنجن بيتن ۾ بيان ڪري ٿو، ته ڄڻ اهو سڄو وايو منڊل، اهي سڀ نظارا پنهنجي پوري جوڀن سان اسان جي اکين آڏو اچيو نروار ٿين. تنوير عباسي ان بابت لکي ٿو: ”شاهه لطيف جون اهي لفظن ۾ تصويرون اهڙيون ته جامع آهن، جو ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ جيئريون جاڳينديون آهن ۽ آڏو بيٺيون آهن ۽ اجهو هاڻي ڳالهائڻ شروع ڪيائون. شاهه لطيف وٽ عڪس چٽا ۽ صاف آهن. هو جنهن به نظاري جو ذڪر ٿو ڪري ته رڳو لفظ ناهن، پر اهو نظارو اکين آڏو ٿو اچي بيهي.“ (1)
جڏهن ڪا خوبصورت ناري ڦوهه جوانيءَ ۽ جوڀن ۾ ٿي پير پائي ۽ پنهنجي من جي رومال تي محبوب سان وصال ماڻڻ جي اميد جو ڀرت ٿي ڀري، پر سندس ڪانڌ سفر تي اُسهڻ مهل جڏهن پڳهه ٿو ڇوڙي ۽ ان خوبصورت ونيءَ کي وڇوڙي جهڙو ناسور ٿو ڏي، پوءِ اها وني پنهنجي وڻجاري کي سفر تي اُسهڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ۾ روئي ٿي، کيس رهي پوڻ ڪاڻ ليلائي ٿي، پر وڻجارو پنهنجي ونيءَ کي ’چيئن‘ جهڙي عذاب ڀيڙو ڪري، کارو کيڙڻ لاءِ اُسهي ٿو، پوءِ ان ونيءَ جا احساس ڇا هوندا.....؟ هونئن ته انسان جي احساسن جي سمنڊ کي لفظن جي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ ڏاڍو اوکو آهي، پر شاهه صاحب شاهه ڪاريگريءَ سان انهن احساسن کي پنهنجي ڀرپور معنيٰ سان هيئن بيان ڪيو آهي.
سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
روئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن،
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.
ڀٽائي صاحب سر سامونڊيءَ ۾ اوسيئڙي جي ڪيفيت کي جنهن لازوال انداز ۾ پنهنجي بيتن ۾ پيش ڪيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هڪ هڪ سِٽ پڙهي ڏسو، جيڪڏهن اوهان جي من جون اکيون احساس جي نور کان وانجهيون نه هونديون ته، توهان کي وڻجاريون پنهنجي ڪانڌن لاءِ سمنڊ ڪناري تي ورلاپ ڪندي نظر اينديون.
ويچاري وڻجاري پنهنجي ڪانڌ جي اوسيئڙي ۾ آهي، اکيون آليون اٿس، اکيون ڇنڀڻ کانسواءِ لاڳيتو در ڏانهن ٿي ڏسي ۽ دل ۾ سوچي ٿي ته، ’وڻجارو ڄاڻ آيو‘، پر هو ته اچڻ جو نالو ئي ڪو نه ٿو وٺي ۽ پوءِ نيٺ ڳوڙهن جو سيلاب سندس پنبيڻ جا بند ڀڃي ٿو وجهي ۽ هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئي ٿي پئي ۽ پنهنجي ڪانڌ لاءِ سلامتي ۽ ترت موٽڻ جون دعا ٿي گهُري . شاهه ان ونيءَ جي درد جي سڄي وارتا جو عڪس ۽ احساس پنهنجي هن بيت ۾ هن ريت چِٽيو آهي:
جن لئه نيڻ جهڄن، تن پرڏيهه پوريو،
آيل! ساريو ان کي، اوڇنگارون اچن،
کاري کيڙائن، واحد واري آڻيين.
شاهه لطيف وٽ لفظن جو سمنڊ آهي. هر احساس لاءِ الڳ لفظن جو استعمال اهو ثابت ٿو ڪري ته، شاهه ٻولي جو وڏو ڄاڻو ۽ عالم هو. تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”شاهه لطيف جي شاعري ڪتابن جي مطالعي بدران فطرت جي مشاهدي مان ڦٽي نڪتي آهي، ان ڪري ئي سندس شاعري عڪسن سان ڀري پئي آهي. هن پنهنجي چوڌاري وهندڙ دنيا کي چڱيءَ طرح ڏٺو وائٺو آهي. ان کي پوريءَ ريت محسوس ڪيو ۽ ان کي بيان ڪرڻ ۽ احساس کي ٻيهر تخليق ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو وسيع ڀنڊار جمع ڪيو اٿس، ڇو ته هر جذبي يا احساس لاءِ هن وٽ هڪ ڌار لفظ آهي ۽ فقط اهو ئي لفظ ان جذبي ۽ احساس کي ظاهر ڪري سگهندو آهي.“ (2)
اسان کي تنوير عباسيءَ جي انهيءَ ڳالهه سان سهمت ٿيڻو پوندو ته، احساسن کي ٻيهر تخليق ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو وسيع ڀنڊار هجڻ لازمي آهي. شاهه صاحب ساڍا ٽي سو سال اڳ جيڪي عڪس چِٽيا، اُهي اڄ به اسان جي نظرن آڏو پنهنجي پوري نواڻ سان جيئن جو تيئن بيٺا آهن.
هڪ وڻجاري جو ڪانڌ سفر تي اُسهي ويو آهي. گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن، گهر ۾ جيڪا اٽي جي لپ هئي، سا به پوري ٿي چُڪي آهي. وني ويچاري اُڌار جي آڌار تي گذران ڪري رهي آهي، پر اها وني جڏهن ٻين نارين جي ڪانڌن کي پَسي ٿي، تڏهن ان جي اندر جي ڪيفيت ڇا هوندي، اهڙي موقعي تي شاهه جو هي بيت پڙهو.
اسان اڌارا آڻي، آونگ چاڙهيا،
منهن ڏيئي مون آيا، سمهان سيارا.
اڀرن سيڪارا، پسيو ٻين جا.
شاهه صاحب سيلائي به هو، تنهنڪري سندس گهري مشاهدي کان سمنڊ جو عميق به اوجهل ناهي رهي سگهيو. هن عظيم شاعر سامونڊي زندگيءَ جا مختلف روپ پنهنجي شاعريءَ ۾ تصويرن جيئان ويهي چِٽيا آهن. شاهه سامونڊين جي حياتي ۽ اندر جي اڌمن کي پنهنجن بيتن جي زينت بڻايو آهي. ايستائين جو سياري جي مند ۾ پهچي ڪانڌ کان وڇوڙي جي ايامن ۾ ٻين جي ورن کي ڏسي ڪنهن نو ورنيءَ جا سيڪارا به شاهه جي مشاهدي کان بچي ناهن سگهيا. اندر جي اُڇل کي بيان ڪندي چوي ٿو:
”اُڀرن سيڪارا، پَسيو ور ٻين جا.“
ڪڏهن ڪڏهن انسان جي اندر ۾ وڇوڙو اهڙا ته وڍ وجهي ڇڏيندو آهي، جو سڄي دنيا ۽ بندر بازاريون سڀ سُڃ لڳنديون آهن، محفلون متل هوندي به، دل جي دنيا ۾ هيڪلائيءَ جو ماتم متل هوندو آهي. هڪڙي ناريءَ جي اهڙن احساسن، جذبن ۽ وڇوڙي جي دردن کي شاهه لفظن جي روپ ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي.
ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ ٿئا،
بندر بازاريون، سُڃا سامونڊين ريءَ.
مجموعي طرح تي شاهه صاحب ’سُر سامونڊيءَ‘ ۾، انهن وڻجارن جي ونين جي دردن، غمن، اوسيئڙن ۽ انتظارن جي ڪيفيتن ۽ احساسن کي چِٽيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو آهي، جيڪي پنهنجن وڻجارن جي سامونڊي سفر تي اُسهڻ کان وٺي واپس ورڻ تائين ’چيئن تي چڙهڻ‘ واري دردن ۽ اذيتن مان گذرن ۽ انهن کي ڀوڳن ٿيون ۽ ورن جي وِماس ۾، ’الا ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان‘ جي تصوير بنجي وينديون آهن. جڏهن سندن ڪانڌ وڃڻ جون وايون ڪندا آهن ته، اهي ونجهن کي ور وجهي کين رهي پوڻ جون التجائون ٿيون ڪن، پر جن پڳهه ڇوڙي پنهنجا ٻيڙا سمنڊ ۾ لاٿا آهن سي ڪنهن پَر ڪين ٿا ٽِڪن.
الوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجهه کي،
رهه اڄوڪي راتري، لالڻ مون لائي،
وڃ مَ ڦوڙائي، ايڏي سفر سپرين.
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
هلڻ هارا سپرين، رئان تان نه رهن،
آئون جهليندي ڪيترو، آيل سامونڊي،
پڳهه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾.
شاهه جي شاعري ان ڳالهه جي شاهد آهي ته، عورت هميشه کان ڀوڳيندڙ رهي آهي. عورت ڪڏهن مارئيءَ جي روپ ۾ وطن کان ڏور قُرف ڪڙن ۾ قيد ڪئي وئي آهي ته، ڪڏهن وري سسئيءَ جي روپ ۾ ان عورت جهر جهنگن، توڏا تڙ ٻنگن جهڙا دل کي جهير ڏيندڙ ۽ اذيت ناڪ سفر ڪيا آهن. ان ساڳيءَ عورت ڪڏهن مومل جي روپ ۾ وڇوڙي جا وڍ سَٺا آهن ته، ڪڏهن وري سهڻيءَ جي روپ ۾ سماج جي مدي خارج ريتن ۾ جڪڙجي روز جيئڻ ۽ مرڻ وارين ڪيفيتن جا عذاب سُٺا آهن، ڪڏهن وري ويچاري ان ساڳي عورت بندر تي خالي هڙ ڪڇ ۾ کڻي، نيڻن جي نهار سمنڊ ڏانهن وڇائي اوسيئڙي جو عذاب ڀوڳيو آهي. انهن سڀني قسمن جي ڀوڳنائن کي جڏهن شاهه بيان ڪري ٿو، تڏهن ڄڻ ته پڙهندڙ ساڳيو عذاب محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ۽ اها يقينن شاهه جي سماجي نفسيات جي سُڌ ۽ پرک جي نشاني آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته، شاهه نفسيات جو پڻ وڏو ڄاڻو هو، تڏهن ئي ته انساني نفسيات جي انهن عڪسن کي ايڏي اثرائتي ۽ خوبصورت انداز سان اظهاري سگهيو آهي.
تصوير ڪشي صرف نظرن تائين محدود ناهي، بلڪه اهو سڄُو وايو منڊل جڏهن اسان جي ذهن جي اسڪرين تي تري اچي ته اهو ئي شاعراڻي فن جو ڪمال چئبو. عڪسبنديءَ سان نفسيات جو گهرو واسطو آهي. منهنجي ان موقف کي ’ويليڪ‘ ۽ ’وارن‘ جا هي جملا وڌيڪ تقويت بخشن ۽ اثرائتي نموني سان واضح ڪن ٿا ته: ”عڪسيت جو موضوع، نفسيات توڙي ادبي اڀياس ٻنهي سان واسطو رکي ٿو. نفسيات ۾ عڪس جي معنيٰ آهي، گذريل احساسن ۽ محسوسات کي وري پيدا ڪرڻ. هروڀرو رڳو نظر جي احساس کي نه، عڪسيت رڳو نظر سان واسطو نه ٿي رکي. نفسيات جي ماهرن ۽ فيلسوفن ان کي گهڻن ئي درجن ۾ ورهايو آهي. رڳو ذائقي جا ۽ سنگهڻ جا عڪس ناهن، پر ٿڌي، گرم ۽ دٻاءُ جي حس جا عڪس پڻ آهن. ساڪت عڪسن ۽ چرندڙ عڪسن ۾ به اهم تفاوت آهي.“ (3)
شاهه ’سُر سامونڊيءَ‘ ۾ گهڻ طرفي عڪسن سان گڏوگڏ اهڙا چرندڙ پُرندڙ عڪس چٽيا آهن، جن مان درد جو جمال جهلڪي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن انسان جي اندر اهو احساس پيدا ٿيندو آهي ته، جيڪي اسان جي من ۾ رهيا پيا آهن، الائي اسان به انهن کي ياد آهيون يا نه ..؟
اهڙن احساسن جو اظهار هڪ وني ڪندي چوي ٿي ته، ’الا شل مان ان کان نه وسران، جنهن کي سدائين ياد ڪندي آهيان، جيڪو منهنجي من ۾ واسو ڪري ويٺل آهي.
لاهيان جي نه چِتان، الا ان مَ وِسران،
مَڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جن سين.
جڏهن به اُتر واءُ لڳو آهي، تڏهن عاشقن جي اندر ۾ اداسيءَ جا پاڇولا لهي پوندا آهن ۽ هڪ اڻ ڏٺو سور سندن سيني ۾ چُڀڻ لڳندو آهي، اهو سور ۽ پور گھڻو ڪري کين ماضيءَ جو ڏنل هوندو آهي. فراق جي سور کي جڏهن اتر جي ٿڌڙي هير لڳندي آهي، تڏهن ان پل ان ناريءَ جا احساس ڇا هوندا، جنهن جو هينئون پرينءَ اُڪنڊيو هوندو آهي. ان موقعي جي مناسبت سان هي بيت ڏسو:
لڳي اتر هير، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
ننگر کڻي ناکئا، ٿئا سڻاوا سير،
هينئڙي نت اُڪير، کاري کيڙائن جي.
جڏهن سَر لوهيڙا ڳڀجندا ۽ ڪُسر نِسرجندا آهن، تڏهن اُتر پنهنجي مستيءَ ۾ ايندو آهي، ۽ هجر جي سودائي ماڻهوءَ جي من ۾ وصال جو احساس سمنڊ جي ڇولين جيئان ڪَرُ کڻي جاڳي پوندو آهي. اتر جي ٿڌڙي هير گُهلي آهي، شاهه سائين سمنڊ ڪناري تي ور جي اچڻ جي اوسيئڙيءَ ۾ ويٺل ناريءَ جي احساسن ۽ داخلي دردن ۽ اُڌمن جي چِٽسالي هن طرح ڪري ٿو:
سو لوهيڙا ڳڀئا، ڪُسر نسريا،
تو ڪيئن وسرئا، ڍولئا ڏينهن اچڻ جا.
سڀ اميدون تڏهن ئي ٿيون اگهجن، جڏهن سڄڻ اڱڻ اچي ٿو، ۽ سڀ پچارون پرينءَ جي پَسڻ سان پوريون ٿين ٿيون. جڏهن ڏک سک ونڊڻ وارو وڻجارو ڏينهن پڄاڻان واپس گهر تڙ موٽي ٿو، تڏهن انتظار ۾ ويٺل سندس ونيءَ جا سمورا ٿڪ لهي وڃن ٿا.
هي سڄڻ اُهيئي، جي مون ڪوڏ نهارئا،
ايندم جان پيهي، ته سڀ لاهيندا ڏکڙا.
آفاقي شاعر پنهنجي دؤر جا ترجمان هوندا آهن. سندن ڏاهپ جا نڪتا فڪري طور شاعريءَ واري صنف ۾ پوئيل هوندا آهن. هو سماج ڏانهن جوابده هوندا آهن. هر شاعر مختلف فلسفن، فڪرن، معاملن، مونجهارن، لاڙن، رجحانن ۽ ڪيفيتن کي پنهنجي پنهنجي اظهار ذريعي بيان ڪندو آهي. شاعرن جي زندگيءَ جا اَڻانگا ۽ تکا تجربا، گهرا ۽ اونها مشاهدا ئي سندن سوچن جو اهڃاڻ هوندا آهن. اهي سڌي يا اڻ سڌي طرح داخلي ۽ خارجي اثرن هيٺ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا آهن. عشق ۾ انتظار ۽ اوسيئڙي جون گهڙيون ڏاڍيون اوکيون هونديون آهن. دنيا جي سڀني وڏن ۽ عظيم شاعرن اوسيئڙي، انتظار ۽ درد جي داخلي ڪيفيتن کي ڀرپور نموني اظهاريو آهي.
ڪوڪ دلان متان رب سُڻي، درد مندان ديان آهيَن هو،
سينا ميرا دردين ڀريا، اندر ڀڙڪن باهين هو،
آتش نال يارانه لاڪي، باهو ڦِر اوه سڙن ڪه ناهين هو.
(سلطان باهو)
جن اڀاڳن جي مقدر ۾ وصال لکيل ناهي هوندو، سي سڄي زندگي سمنڊ جي لهرن جيئان بي چين هوندا آهن، پوءِ هو انتظار ڪندا آهن، سِگهو وصال لاءِ واجهائيندا آهن، ۽ هنن لاءِ ساعتون صديون بڻجي پونديون آهن.
تنين سال ٿيام، جنين ساعت نه سهان.
انتظار ۾ جاٽون ڏيڻ، ڏيئا موهڻ، باسون باسڻ، اکا ڏيڻ، سُکائون ڪرڻ ۽ ڪانگ اُڏائڻ انهن جي عادت بڻجي ويندي آهي. ننڍي کنڊ جي ذري گهٽ سمورن اساسي شاعرن اهڙين روايتن ۽ رسمن جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي، بابا بُلا شاهه پرين جي تانگهه ۾ ڪانگ اُڏائيندي چوي ٿو ته:
تانگهه ماهي دي جليان، نت ڪاگ اڏاوان کليان،
ڪوڏي دمڙي پلي نه پائي، پار ونجهن نون مين سدهرائي،
نال ملاحان دي نهين آشنائي، جهيڙان ڪران وللهيان.
هندي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اهم شاعر ڀڳت ڪبير به اوسيئڙي ۽ انتظار جي درد کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اثرائتي نموني بيان ڪيو آهي.
سجن بڇڙڻ اڪ دن ڀئي، مين جانون برس پچاس،
ڀولي پوڇون پنڊتان، دن مين ڪتني ماس.
(ڪبير)
فارسي شاعرن مولانا رومي، فريدالدين عطار، شيخ سعدي ۽ حافظ شيرازيءَ پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ اوسيئڙي جي عذاب ۽ دردن جي بيچين ڪندڙ ڪيفيتن جو پنهنجي شاعريءَ ۾ عڪس چِٽيو آهي خاص ڪري حافظ شيرازي لفظن ۾ درد جي احساسن جو روح ڦوڪي، انهن ۾ جان وجهي ڇڏي آهي.
گرد باهيه فتنا، دو جهان رابهم زند،
ما و چراغ چشم، و ره انتظار دوست.
(حافظ شيرازي)
(جڏهن فتني جو طوفان اُٿي، ٻنهي جهانن کي پاڻ ۾ ٽڪرائي ڇڏيندو، زمين ۽ آسمان ريزه ريزه ٿي ويندو، تڏهن به اسان جي اکين جا اُهيئي ٻرندڙ ڏيئا هوندا، اها ئي يار جي انتظار جي واٽ هوندي ۽ اسين انتظار ۾ بيٺا هونداسي.)
بابا فريد ڪانگ کي سڄي تن بدن کائي وڃڻ لاءِ ته چوي ٿو، پر کيس ٻن نيڻن کائڻ جي کيس اجازت نه ٿو ڏي، ڇو ته انهن اهي پرينءَ کي پَسڻ ۽ ساڻس ملڻ لاءِ آتا آهن.
کانگا سب تن کھائيو، چن چن کھائيو ماس،
دو نينا مت کھائيو، جنہين پيا ملن کي آس.
مطلب ته شاهه صاحب وانگر سڀني شاعرن انتظار ۽ اوسيئڙي جي ڪيفيتن ۽ درد جي احساسن جو پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهار ڪيو آهي، پر شاهه لطيف، جنهن انداز سان درد ۽ سور جي اُپٽار ڪري ٿو، اها لاجواب ۽ مثالي آهي. شاهه پنهنجن سڀني سُرن ۾ درد جي ڪيفيتن ۽ اوسيئڙي جي اذيتن جو چڱو عڪس ۽ احساس پيش ڪيو آهي، پر خاص ڪري ’سُر مومل راڻي، سُر سسئي، سُر رپ، سُر سهڻي ۽ سُر سامونڊيءَ‘ ۾ دردن ۽ سورن جو اثرائتو اظهار ملي ٿو. جيئن:
شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون،
موٽ مران ٿي منڌرا، راڻا ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا.
(شاهه)
شاهه جو هر سُر، سور سان سلهاڙيل ۽ سٿيل آهي، پر ’سُر رپ، سُر سسئي ۽ سُر سامونڊيءَ‘ ۾، سورن ۽ پورن جو وکر سوايو ملي ٿو، جيڪي تخليقي احساس توڙي فڪري حوالي سان موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.
جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون،
آيل! ڍولئي ساڻ، هوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان.
آيل ڍولئي ساڻ، اچي ته جهيڙيان،
لائي ڏينهن گهڻا، مون سين ڪي ٿورڙا.
[b]مددي ڪتاب
[/b]1. عباسي تنوير، شاهه لطيف جي شاعري، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو، 1995ع، ص 153.
2. ساڳيو ص 153.
3. ساڳيو ص 150.
4. شاهواڻي غلام محمد، شاهه جو رسالو، سنڌيڪا 1993ع.
5. شيخ ٻانهون خان، شاهه جو رسالو، شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2001ع
6. آڏواڻي ڪلياڻ، شاهه جو رسالو، ڪاٺياواڙ اسٽور، ڪراچي، 1999ع.
7. گربخشاڻي ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو، روشني پبلڪيشن، ڪنڊيارو.