لطيف وٽ ڏک جو تصور: رسول بخش پليجو
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ري. (شاه)
**
سؤ سکن ڏيئي، ورهه وهايم هڪڙو. (شاه)
**
سؤ سکن ڏيئي، ساٽو ڪجي سور جو. (شاه)
**
مڌ پيتو، مسرور ٿياسي،
ڏک سک، سڀ کان ڏور ٿياسي. (شيخ اياز)
يا جيئن شيليءَ چيو آهي:
We look before and after,
And pine for what not,
Our sincerest laughter with same pain is fraught,
Our sweetest songs are those which tell about saddest thought.
(اسين پويان (ماضي ۾) ۽ اڳيان (مستقبل ۾) ڏسون ٿا ۽ جيڪي ناهي تنهن کي ڳوليون ٿا. اسان جي بي اختيار ۽ قدرتي کل ۾ به ڪو نه ڪو درد سمايل آهي. اسان جا سڀ کان مٺڙا ۽ پيارا گيت ۽ نغما اهي هوندا آهن، جيڪي سڀ کان غمگين سوچن جو داستان ٻڌائيندا آهن.)
مُڙس ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڦاسي جو انتظار پيو ڪري، زال بُکي، بيوس ۽ اڌ اگهاڙي جڳ جي طعنن ۽ مِهڻن جي وچ ۾ زندگيءَ جو زهر ڦڙو ڦڙو ڪري پئي پيئي. ولر ابهم ٻچن جو، قرض، مرض، وڇوڙا، ڪيسن جا خرچ، اپيلون، وڪيل وڙا، پوليس، قيد ۾ ملاقاتون، بي عزتيون، ذلتون، ٻنهي مان ڏک ڪنهن جو وڏو زال جو يا مڙس جو؟
هڪڙي ڀاءُ کي اوچتو ئي اوچتو گُردن ٽوڙ بخار ٿي پيو. اڃان ٻه ڏينهن ئي ڪو نه گذريا ته، مڙس ڦٿڪي ڦٿڪي پورو ٿي ويو. پٺيان سندس سڄو عيال، ٻي غريب ڀاءُ جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. وڌيڪ همدردي ڪنهن سان ڪجي؟ مئل ڀاءُ سان يا جيئري سان؟ پاڻيءَ جي واري تان جهيڙو ٿي پيو، هِن هُن کي ڪهاڙي هنئي. هڪڙو ٿڏي تي مري ويو، ٻيو ڦاسي گهاٽ پهچي ويو، ٻنهي مان ڏک ڪنهن جو وڌيڪ؟
ٻن ڇوڪرين ساڳئي محبوب سان محبت ڪئي. هن هڪڙي کي ڇڏي ٻيءَ سان شادي ڪئي. چئن ڏينهن جو چشڪو پورو ٿي ويو. هاڻي مڙس جو اهو چاهه ڪونهي ۽ پاڻ به سندس بدليل رخ ڏسي، روئي رڙي هاڻي منجهانئس نااميد ۽ کَٽي ٿي پئي آهي. هاڻي سس سهري ۽ نڻانن جا طعنا مِهڻا سهيو، مارون کايو، مڙيئي حياتيءَ جو گهنگهر پئي گهاري. ٻيءَ جي شادي ٻئي ماڻهوءَ سان ٿي، پر دل ۾ اهو ئي اڳيون محبوب ان ئي رنگ ۾ پيو وسيس ۽ نت نئين ورونهن ۾ ورتي پيئي آهي.
نئين سج نئون، ورهه ويڙهيچن جو! (شاه)
[b]ٻنهي مان ڏک ڪنهن جوڳرو؟
[/b] ساڳي ڳالهه ۾ ڏک به ڇوٽڪارو به ڪير چوي ته ڏک وڌيڪ يا ڇوٽڪارو وڌيڪ؟ ماءُ جو پُٽُ سوريءَ تي ٽنگيو اذيت پيو ڪاٽي، اطلاع مليس ته مري ويو. ماءُ سندس سور کان ڇُٽڻ تي ڇوٽڪارو محسوس ڪري يا مرڻ تي ماتم؟ هن جهان ۾ اڃان ڪي ساهميون، توراڙا ۽ ماپا ٺهيا ئي ڪونهن، جو جن سان انسان جي ڏکن ۽ سورن جو وزن ۽ قد بت ڪڇي سگهجي. ساڳي تڪليف، ساڳيو سور، هڪڙن لاءِ معمولي ڳالهه، ٻين لاءِ ناقابل برداشت.
ڏکن سکن جو دارو مدار حقيقتن سان گڏوگڏ ڏک سک محسوس ڪندڙ ماڻهوءَ تي، سندس ماضي ۽ حال تي، سندس جذباتي روين ۽ لاڙن ۽ احساس ۽ سمجهه جي جهل پل کان آزاد ڪيچار ڳالهين تي آهي. انهن ۾ هر وقت هر لحظي بجليءَ جي تيزيءَ سان تبديلي ايندي رهي ٿي، جنهن ڪري ساڳي جاءِ تي ويٺل ماڻهو انهي ساڳي پل ۾، ”گهڙي ماسو، گهڙي تولو“:
ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن... (شاه)
ساڳي ڳالهه، ساڳيو ماڻهو، ڪڏهن روح جي راحت ڪڏهن عين عذاب.
سا ئي راحت روح جي، سو ئي عين عذاب... (شاه)
ڏک سک جا حساب ڪتاب ڪري سگهڻ وارو قاضي، اڃان ماءُ جي پيٽان ڄائو ئي ڪونهي. هيءَ اها منزل آهي، جتي فرشتن جا پَرَ به جلن ٿا.
انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگي رنگ بڻايا. (سچل)
ڏک سک جي ماپ تور ڪرڻ جي ڪوشش ڄڻ کوهه ۾ پيل، مَنڊي ماڪوڙيءَ جو اُڀ ڪَڇڻ آهي!
ڪنز قدوري قافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ،
ته منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، پئي ڪڇي اُڀ.
(قاضي قادن)
باقي ماڻهو پنهنجي من جي مرضيءَ مطابق ماپا تورا ٺاهي، اندازا پيو ڪندو ۽ ڌُڪا پيو هڻندو، تنهن کي ڪير روڪيندو؟ ۽ تنهن ۾ اربعا خطا به ڪهڙي ٿيندي؟ هر ڪو پنهنجي دل جو بادشاهه آهي. ماڻهوءَ جي پسند يا ترجيح جو ڪو به مقرر ٿيل معيار ڪونهي. جيڪا راءِ کي وَڻي، سا راڻي. زندهه يا گذري ويل ماڻهن بابت به هر ڪنهن جي پنهنجي پنهنجي راءِ. هر ڪو پاڻ سان پنهنجون ساهميون ۽ گز کنيو پيو هلي، جنهن کي جيڪي پسند اچي. جيئڻ توڙي مرڻ جي به ڪا هڪڙي ادا ته ڪانهي!
خوبي همين کرشمه و ناز خرام نيت،
بيار شيو هاست بنارا که نام نيت.
(محبوب جون ادائون، محبت جون ادائون بي حساب آهن، رڳو هلڻ جي لوڏ ۽ ناز ادا ته ڪونهي. ڪيئي اهڙيون ادائون آهن، جن تي اڃا ڪو نالو ئي ڪو نه رکيو ويو آهي.)
ڏک سکن جي سونهن:
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو!
(لطيف)
**
”عرفي! دل آباد بيک جو نه خرد عشق،
من هم دل ويران، بدو عالم نه فروشم!“
(عرفي)
(عرفي! عشق ڪنهن آباد ۽ خوشحال دل کي هڪڙي جَوَ جي داڻي عيوض به ڪين وٺندو! خوشيءَ ڀريل دل کي وٺي ڇا ڪبو؟ ان جي قيمت ئي ڪهڙي؟ آءٌ به پنهنجي ويران ۽ تباهه دل ٻن جهانن عيوض به نه ڏيندس!)
ولولائي ۽ واويلائي ادب، هڪ طرفئي ۽ وڌاءَ کان ڪم وٺي، انساني دل جي سمورن رنگ برنگي جذبن کي فقط ڏکن تائين محدود رکي ٿو ۽ ڏک جو رد عمل فقط مايوسي ڏيکاري ٿو. مايوسيءَ کي وري هڪ نسبتي، جزوي ۽ عارضي جذبي بدران قطعي، دائمي ۽ آخري جذبو ڪري پيش ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت اهو دائمي ڏک ۽ مايوسيءَ جو پرچار ڪري، انسانن سان همدرديءَ جي آڙ ۾، کين ڏکن ۽ مايوسين سان ويڙهه جي ۽ ڏک ۽ مايوسيون ڏيندڙ ماڻهن ۽ قوتن سان مقابلي جي خواهش ۽ سگهه کان محروم ڪري ڇڏي ٿو. اهڙيءَ ريت اهو دوستيءَ جي روپ ۾ ماڻهن سان دشمني ڪري ٿو ۽ انهن يزيدي قوتن جي خدمت ۽ دلالي ڪري ٿو، جيڪي چاهين ٿيون ته، ماڻهو هڪڙي معمولي چوٽ کائڻ شرط ئي ڏکن ۽ مايوسين ۾ اهڙا وٺجي وڃن، جو وري يا عمر ڪنڌ مٿي کڻي، دشمن جي مُنهن ۾ نهارڻ جو سوچي به نه سگهن.
اهو ڏک جي مسئلي کي فقط ميڪ ميڪ ڪرڻ تائين محدود رکي ٿو. انساني ڏک جي بنيادي عالمي تاريخي ڪارڻن بابت، ان جي عالمي تاريخي نوعيت ۽ ان جي بنيادي علاج بابت، ڏک ڏيندڙ قوتن ۽ ڏک جو علاج ڪندڙ قوتن بابت، نه رڳو هو پاڻ چپن کي چونو لايو ويٺو آهي ۽ ٻِڙڪ به ٻاهر نٿو ڪڍي، پر ٻين کي به نڙيءَ تي گهٽو ڏيو ويٺو آهي ته، انهن ڳالهين بابت اکر به ڪڍيو اَٿو ته، اوهان کي نعريباز ۽ پروپيگنڊا باز اديب ٺهرائي، ادب جي ملڪ مان ڏيهه نيڪالي ڏيئي ڇڏينداسين.
اهو ڏک سک جي توازن کي نظر انداز ڪري، ڏک ۽ مايوسيءَ کي مطلق (Absolute) ۽ قطعي، آخري ۽ دائمي ٺهرائي، ان کي سندس پس منظر، اڳ پٺ کان الڳ ڪري، ان بابت خيالي ۽ بي بنياد تصور کڙا ڪري، ان کي هڪڙو ڀوت بنائي، انساني ڏک جي حقيقي ۽ تخليقي ترجماني ڪرڻ بدران ان کي بگاڙي، غلط ۽ گمراهه ڪندڙ نموني ۽ بيهودي ۽ واهيات انداز ۾ پيش ڪري، ان کي خوار ڪري ٿو.
ڏک جي ڀوت جهڙن خيالي ۽ هٿرادو تصورن جي آڙ ۾، اهو انسانن جي حقيقي ڏک جي صحيح ۽ ڀرپور اظهار جو رستو روڪي ٿو. اهڙيءَ ريت هو پنهنجن سامراجي آقائن جي خدمت ڪري ٿو، جيڪي دنيا جي اربين ڏکويل ماڻهن جي حقيقي ڏک کان ڊڄن ٿا. کين خبر آهي ته جيڪڏهن اهو سمنڊن جهڙو اٿاهه ڏک گڏ ٿيو، ان کي سندس صحيح ڪارڻن ۽ صحيح علاجن سميت، صحيح نموني سمجهيو ۽ پروڙيو ويو ته، اهو دنيا ۾ اهڙو انقلابي طوفان بنجي اٿندو، جنهن جي سَٽَ هماليه جبل به سهي ڪو نه سگهندو.
اهو ادب، جنهن بيهودي نموني ۾ هٿرادو ڏک جو واهيات اظهار ڪري ٿو، تنهن جي ڪري ماڻهو ڏک بابت ڳالهه پڙهڻ لاءِ تيار نه ٿا ٿين، بلڪ جيڪي پڙهندڙ هنن جي پروپيگنڊائي طوفان جي اثر هيٺ اچي، هن ادب کي ئي ادب سمجهن ٿا، سي سموري ادب کي ههڙو هوائي، بيهودو ۽ بورُ ڪندڙ سمجهي، ڪنهن به حقيقت پسند ادب ڏانهن منهن ڪري به نٿا نهارين ۽ وڃيو جادوئي، اسراري، جاسوسي ۽ نام نهاد تاريخي ڪهاڻين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسن. اهڙيءَ ريت اهو ادب، ان تڙ ڪرڻ واري اهڙي تاڙو وانگر آهي، جيڪو شڪار کي هڪليو وڃيو، شڪاريءَ جي بندوق جي سامهون بيهاريندو آهي! هي ادب ماڻهن کي حقيقي ادب کان ڊوڙايو، ڀڄايو، وڃيو آفيمي ادب جي حوالي ڪري.
اها ڳالهه هر ڪو ڄاڻي ٿو ته، ماڻهن جي وڏي ۾ وڏي گهڻائي اڄ سوڌي هميشه محرومين، مصيبتن، مونجهارن ۽ عذابن جو شڪار پئي رهي آهي. اڪثر حالتن ۾ وٽن ڇوٽڪاري جو ڪو به رستو ڪونهي. منجهانئن گھڻا اڪثر ماٺ مٺيءَ ۾، يا ڪجهه مقابلي کان پوءِ، ان ڳالهه کي پنهنجي تقدير ۽ لکئي جو ليک سمجهي، برداشت ڪن ٿا ۽ زندگيءَ جو زهر ڦڙو ڦڙو ڪري پي، چُڻي چُڻي، حياتيءَ جي قيد جا ڏينهن پورا ڪن ٿا. سندن اندر هر دم روئندو، سڙندو، پچندو ۽ ٻرندو رهي ٿو. ڪي ته ڏک وچان پاڳل ٿيو پون ۽ جيئري ئي مُئن سان گڏ ٿيو وڃن.
ڏک، پيڙائون، مايوسيون ۽ موت زندگيءَ جون ازلي ۽ ابدي حقيقتون آهن. اهي اڄوڪي انسان جي زندگيءَ ۾ به موجود آهن، پر ڇا زندگيءَ ۽ انسان جي دل ۾ فقط ڏک ۽ پيڙائون ئي آهن؟ ڇا انهن ڏکن ۽ پيڙائن جي ڪري ماڻهو فقط دل ۾ رجهن پچن ٿا، رڳو مايوس ئي ٿين ٿا، رڳو ماتم ئي ڪن ٿا ۽ ذهني، جذباتي ۽ روحاني طرح رڳو مرن ۽ ختم ئي ٿين ٿا؟... نه ماڻهن جي زندگيءَ ۾ رڳو ڏک، ناڪاميون ۽ مايوسيون ۽ موت جون تمنائون ڪونهن. زندگيءَ ۾، بدترين دورن ۽ حالتن ۾ به، ڪي سک، ڪي ڪاميابيون ۽ ڪي زندهه رهڻ جون آسون هجن ٿيون.
انساني زندگي به ابتڙن جو ميلاپ آهي. ان ۾ ڏک ۽ سک ٻئي آهن. ٻئي هڪ ٻئي جي ابتڙ به آهن، ته لازم ملزوم به آهن. اهي زندگيءَ جون اهڙيون هڪ ٻئي سان لاڳاپو رکندڙ ۽ هڪ ٻئي تي دارو مدار رکندڙ ابتڻون آهن، جهڙا ڏينهن ۽ رات، ڄم ۽ موت ۽ سردي ۽ گرمي. نه سک بنا ڏک جو تصور ڪري سگهجي ٿو، نه ڏک بنا سک جو. ٻنهي جو هڪ ٻئي تي دارو مدار آهي ۽ هڪ ٻئي ۾ سمايل آهن. جيئن ٿڪ بنا آرام جو، اوجاڳي بنا ننڊ جو، رات بنا ڏينهن جو ۽ سرءُ بنا بهار جو احساس ٿي نٿو سگهي، تيئن جنهن کي ڏکن جي خبر ڪانهي، تنهن کي سکن جو ڪهڙو احساس، ڪهڙو قدر ٿي سگهي ٿو؟
اُڃ نه هوندي ته، شربت به ڪو نه وڻندو. ڍاول ماڻهو، ست رڇي طعامن ڏانهن به اک کڻي ڪو نه نهاريندو. جنهن جي حرم ۾ هزارين سهڻيون زالون فالتو ويٺيون هونديون، ان کي ڪهڙي خبر ته پرديسي محبوب سان اوچتي ملاقات ڇا ٿيندي آهي؟
در حقيقت خوشيءَ جو ڪافي دارو مدار ڏک تي آهي. سچو سک پيدا ئي ڏک مان ٿئي ٿو. ماءُ ڏک ڏسي ٻار ڄڻي ٿي، تڏهن ان کي ٻار ايڏي خوشي ڏئي ٿو. محبوب جي هڪڙي جهلڪ ان عاشق لاءِ خوشيءَ جو خزانو آهي، جنهن ان لاءِ ڪانگ اڏايا ۽ فالون پاتيون آهن، تارا ڳڻيا ۽ راڄن جون غلاميون ڪيون آهن.
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏک ريءَ.
(لطيف)
رڳو لٺ ٻَڌي سُکن پٺيان ڪاهجي پئبو ته، اهي سک ڦري وڏي ۾ وڏا ڏک ۽ مصيبتون ٿي پوندا. ماڻهو بک نه ڪاٽي ۽ سڄو ڏينهن ويٺو کائڻ جون لستون وٺي، جاڳي نه، رڳو ستو پيو هجي ته، جيڪر سندس ڪهڙو حال ٿئي؟ ڏک ئي سکن جي راهه ڏيکارين ٿا ۽ انهن کي پيدا ڪن ٿا.
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو. (شاهه)
ڪي ڪي ڏک ته اهڙا به آهن، جو ماڻهو هزارين سک انهن تان قربان ڪري ڇڏي. ماءُ کي ته ڀلا چئجي ته تون هروڀرو پاڻ کي اوجاڳا نه ڏي، ڇڏ ته ٻار ڀلي پيو رڙيون ڪري، صبح جو آرام سان اٿي خبر وٺجانس! جي عاشق کي چئجي ته ’ميان! ڇو ٿو اجايو آزار ۾ پئين! ڇڏ ته پرائي ڌيءَ ڀلي پرڻجي وڃي. تون آرام سان گهر ۾ ويهي آرام ڪر!‘، ته جيڪر ڪهڙو جواب ڏئي؟ ڪڏهن ماڻهو سؤ سُکَ عيوض ۾ ڏيئي، زندگيءَ جي بازار مان هڪڙو وڏو ڏک به خريد ڪندو آهي، چاهي اهو ذاتي هجي يا طبقاتي ۽ قومي يا عام انساني.
سؤ سکن ڏيئي. ورهه وهايم هيڪڙو. (شاهه)
ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. ڏک ۽ درد ئي علاج پيدا ڪندا آهن، طبيب ۽ ڊاڪٽر تيار ڪندا آهن. ڏک ئي نه هجي ته علاج ڇا جو؟
جان جان ناهه ضرور، تان تان طبيب ناهه ڪو. (شاهه)
**
جو سو سَرئو سور، ته ڪر ويڄ ور پيو. (شاهه)
(جيسين ضرورت ڪانهي، تيسين طبيب ڪونهي. سور حاصل ٿيو معنيٰ ڄڻ ان جو علاج ڪرڻ وارو ويڄ يا طبيب هٿ اچي ويو!)
چوندا آهن ته، ”خوشيءَ جهڙي خوراڪ ڪانهي، ڏک ۽ ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي.“ ٻين پهاڪن ۽ چوڻيون وانگر هي پهاڪو به فقط جزوي طرح صحيح آهي. هن ۾ به ٻين وانگر هڪ طرفائيءَ ۽ واڌ کان ڪم ورتو ويو آهي. خوشي برابر ماڻهوءَ کي طاقت ڏئي ٿي ۽ ڏک ڪمزور ڪري ٿو، پر هر وقت نه، ۽ سدائين لاءِ نه، محرومي ۽ ڏک ڪجهه عرصي کان پوءِ محروم ۽ ڏکويل ماڻهن، قومن ۽ طبقن ۾ ڪيترين ڪمزورين سان گڏ سهپ، جفاڪشيءَ، دور انديشيءَ، بي خوفيءَ ۽ قربانيءَ جون قوتون به پيدا ڪري ٿو. سکين ماڻهن، طبقن ۽ قومن کان اهي ڳالهيون آهستي آهستي ڪري نيٺ موڪلايو وڃن. ان ڪري نيٺ ڪنهن ڏينهن محروم ۽ ڏکيا ماڻهو، قومون ۽ طبقا سکين کان زور ٿيو وڃن، سندن ڏک سکن ۾ بدلجيو وڃن.
[b]ڏک تخليق ڪندڙ ۽ اَڏيندڙ به آهي!
[/b] ڏک رڳو ڊاهيندڙ ۽ ناس ڪندڙ نه، پر ڪيترين حالتن ۾ اڏيندڙ ۽ تخليق ڪندڙ به آهي. هر عظيم ۽ پياري شيءِ ۽ ڳالهه مسئلن ۽ مونجهارن، ڏکن ۽ پيڙائن سان مقابلي ۽ ويڙهه مان پيدا ٿي آهي. ڏک انسانيت جا گهڻا اعليٰ ترين گڻ پيدا ڪن ٿا. انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ويجهي ۾ ويجها ناتا، گڏيل ڏک، گڏيل پيڙائون پيدا ڪن ٿيون. ماڻهوءَ جي آزمائش سکن ۾ نه، ڏکن ۾ ٿئي ٿي. ڏک ۽ پيڙائون ئي انسانن کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بنائين ٿا. دنيا جا پياري ۾ پيارا، اَملهه ۾ اَملهه ماڻهو، ڏکن ۽ پيڙائن جي اوڙاهن جهاڳن وارا ماڻهو ٿيا آهن. الجزائر، ويٽنام، روس، چين، فلسطين جي آزاديءَ جي پروانن ۾، زمان، مڪان ۽ مرتبي جي هر فرق جي باوجود، هڪ ڳالهه ساڳي آهي، ته انهن سمورن سکن سان سڱ ڇني، ڏکن سان پاند اڙايو هو ۽ انهن سان مقابلو ڪيو هو.
سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان،
جُيڪس آءُ هياس، ڪا گُري گوندر ول جي. (شاهه)
ڏک جو رد عمل رڳو مايوسي ڪانهي. ڏک ڪاوڙ ۽ بدلي ۾ جدوجهد ۽ ويڙهه جا جذبا، سورهيائي ۽ قربانيءَ جا جذبا به پيدا ڪري ٿو. خود مايوسي به ڪو قطعي، آخري، تبديل نه ٿيندڙ ۽ دائمي احساس ڪونهي. مايوسي ڪجهه وقت کان پوءِ بدلجي اميد به ٿي سگهي ٿي. اها ڦري ڪاوڙ ۽ مقابلي جو جذبو به ٿي سگهي ٿو. احساس ۽ سمجهه جي سفر ۾، مايوسي هڪ قدرتي منزل آهي، پر اها آخري منزل ڪانهي. ماڻهن، طبقن ۽ قومن جي زندگيءَ ۾ مايوسين جون ڪي ئي ٻاٽ اونداهيون راتيون اچن ٿيون ۽ اميدن جي سڀاڳن صبحن کي جنم ڏيئي گم ٿيو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن اهي راتيون سڀ کان اونداهيون ان وقت نظر اينديون آهن، جڏهن پرهه جي ڦٽڻ ۾ باقي ڪي گهڙيون هونديون آهن...!
انسان جي انفرادي توڙي گڏيل زندگيءَ جو سفر لاهين چاڙهين ۽ ورن وڪڙن جي باوجود، بنيادي طرح، ڏکن ۽ مايوسين کان سوڀن ۽ خوشين ڏانهن سفر آهي. ڄمڻ مهل ماءُ جي اذيت ڀريل دانهن ۽ ٻار جي رڙين کان ماءُ جي ڪڇ ۾ ٻار جي معصوم ٽهڪڙن ۽ ماءُ جي چهري تي مُرڪن جي ست رنگي انڊلٺن ٽڙي پوڻ تائين جو سفر، غلام، انقلابي اسپارٽئڪس جي دليرانه بغاوت ۽ ان جي حيوانيت سان ڪچلئي وڃڻ کان وٺي، آمريڪا ۾ غلام دارن جي بغاوت جي ڪچلئي وڃڻ ۽ غلامن جي آزاد ٿيڻ جو سفر، بنو هاشم جي مڪي مان نيڪالي ۽ سندن قريش سرمايه دارن طرفان حُقي پاڻي بند ٿيڻ کان وٺي، مڪي جي فتح تائين جو سفر. روس ۾ 1905ع جي انقلاب جي ڪچلئي وڃڻ کان عظيم آڪٽوبر انقلاب جي شاندار ڪاميابيءَ تائين جو سفر. شانگهائيءَ ۾ چيانگ ڪائي شيڪ طرفان 1927ع ۾ دغا سان انقلابين جي قتلام ڪرائڻ کان 1949ع ۾ چيني انقلاب جي ڌرتي ڌوڏيندڙ فتح تائين جو سفر، ويٽنام ۾ 1933ع جي پورهيت بغاوت جي ڪچلئي وڃڻ کان پوءِ ڊين بين ڦو جي عظيم فتح ۽ 1975ع واري سڄي ملڪ جي آزاديءَ جي جنگ ۾ زبردست سوڀ تائين جو سفر وغيره ڏکن ۽ مايوسين کان سوڀن ۽ خوشين ڏانهن عالمي تاريخي سفر جي راهه ۾ جيڪي لکين حد نشان آهن، انهن مان ڪي ٿورا حد نشانِ اهي آهن.
تاريخ جي هن ڏاڪي تائين، ماڻهن جي وڏي اڪثريت جي دنيا، ڏکن جي دنيا آهي. ان ڪري دنيا ۾ سڀ کان وڏو انساني رشتو سک جو نه، ڏک جو آهي. اڄ تائين ڏک ئي انساني سماجي زندگيءَ بابت ڄاڻ ۽ سمجهه جو وڏي ۾ وڏو وسيلو بنيو آهي، جنهن سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ڏک نه ڏٺو آهي، تنهن کي ڏکويل ماڻهن جي هن دنيا جي ڪهڙي خبر پئجي سگهندي. روشن خيالي، ترقي پسندي ۽ انقلابيت معنيٰ ماڻهن جي اڪثريت لاءِ ڏکن جي دنيا بدلائي سکن جي دنيا بنائڻ. جن ڏکن جي دنيا جو عذاب ئي برداشت نه ڪيو هوندو، سو ان کي بدلائڻ جي ڪهڙي ضرورت محسوس ڪري سگهندو، ۽ ان تبديليءَ جو ڪهڙو قدر ڄاڻندو؟ اهڙو ماڻهو ڀلا روشن خيال، ترقي پسند ۽ انقلابي ڇا جي لاءِ ٿيندو؟ ۽ جي ڪنهن سبب ۽ ڪنهن وقت وقتي طرح ٿي به پوي، ته به هميشه لاءِ ڇو ٿئي؟ ڪو به فائدو نه ڏسي ۽ ڏٺو وائٺو نقصان سمجهي به، ڇو سدائين ترقي پسند ۽ انقلابي رهي؟
مطلب اهو ناهي ته جنهن گهڻي ۾ گهڻا ڏک ڏٺا، سو پاڻمرادو وڏي ۾ وڏو انقلابي ٿيندو يا جنهن ذري جيترو به سک ڏٺو، سو روشن خيال ۽ انقلابي ٿيندو ئي ڪو نه، حد کان وڌيڪ ڏک تيز باهه وانگر آهي، جيڪي سامهون ايندس، تن کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو. ان ڪري ٻي هر ڳالهه وانگر، ڏک به فقط هڪ حد تائين فائديمند آهن ۽ سو به تڏهن، جڏهن سندس ڪوڙاڻ ڀڃڻ لاءِ ساڻس ڪي گهڻيون نه، ته ٿورڙيون سنهيون ٿلهيون خوشيون به شامل هجن، يعني ڪجهه ڏک ته ڪجهه سک. خوشيءَ جي ملاوٽ کان بلڪل خالي بنهه حد کان وڌيڪ ڏک نقصانڪار ٿيندو، حد ڪيتري هجي؟ اهو هر ماڻهوءَ جي جسماني، ذهني، روحاني قوت ۽ سهپ تي مدار رکي ٿو، ۽ خوشيءَ جي معنيٰ ڇا؟ ٻين لکين قسمن جي خوشين کان سواءِ، پيارن پيارن ماڻهن سان روبرو يا ڪتابن ۾ ملاقات به خوشي آهي. ماڻهن جي سچي ۽ باشعور عزت به خوشي آهي. ضمير جو اطمينان به خوشي آهي. بري کي سيکت ملڻ جو تصور به خوشي آهي. سڀان جي ڪاميابي جي پڪ به خوشي آهي ۽ ڏک؟ اهو به ماڻهوءَ ماڻهوءَ تي ۽ ماحول تي مدار رکي ٿو. ٻين هزارين لکين ڳالهين کانسواءِ ڪنهن ناول ۾ ڏکويل مظلوم ماڻهوءَ جي ڳالهه پڙهڻ به ڏک آهي. هزارين سال اڳ جي ڏکويلن جي ڳالهه ٻڌڻ به ڏک آهي. سموري انسان ذات جي سمورين پيڙائن جو تصور به ڏک آهي ۽ انهن سڀني ڏکن جو هڪدم ڪو نه ڪو تدارڪ ڪري سگهڻ سڀني کان وڏو ڏک آهي.
ماڻهوءَ جي ڏکن ۽ خوشين ۾، خاص ڪري ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ کانسواءِ هن دؤر تائين جو انسان، انسان دوستيءَ جو گس لهي سگهي ئي نه ٿو. سوين سال اڳ لطيف انساني زندگي ۾ ڏک جي احساس ۽ شعور جي ۽ ٻين جي سورن ۾ شريڪ ٿيڻ جي اهميت جو ذڪر هيئن ڪيو آهي:
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو...
**
پسو پرائن، سورن آڏو سسئي...
**
ساجن مليس سور، سک نه ميڙيس سپرين.
**
سکن مون سين ڪين ڪيو، سورن لڌيم سارون...
**
سو سکن ڏيئي، ورهه وهايم هڪڙو...
**
ٻڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو...
ظاهر آهي ته هي شعر، شاعراڻي وڌاءُ کان خالي ناهن، پر انهن ۾ اها بنيادي عظيم عالمي تاريخي سچائي سمايل آهي، ته انسانيت جي زبردست اڪثريت جو ساٿ ڏکن جو ساٿ آهي، جيڪو ماڻهو انسانيت جي زبردست اڪثريت جو ساٿ ڏکن کان به وڌيڪ نوان ڏک سودي ٿو، اهو دنيا جو وڏي ۾ وڏو سودي جو ڪاروبار آهي. گوتم ۽ عيسيٰ ۽ انهن کان گهڻو اڳ کان وٺي اڄ تائين ڪيترائي ماڻهو اهو ئي ڪاروبار ڪندا، جڳ جرڪائيندا ۽ جڳ جڳ جيئندا رهيا آهن. سڄي جهان جي انهن ڏکن جي زهر کي چڪائي، هو ان مان اعليٰ انسان دوست سرت ۽ سمجهه جون روشنيون، تعليمي عمل جون ماکيون، مصريون، خوشي جون خوراڪون ۽ عزت ۽ شان جون سرهاڻيون بنائيندا رهيا آهن.
قاتل ڪمائي ڪري، وه ماکي جي ڪن،
وٽان ويهي تن، پيج ڪي پياليون.
سکن عيوض سور سورڻ وارا اهي سوداگر ئي هن ڌرتيءَ جي سوين صدين جو بهترين فصل آهن. اهي سرواڻ انهيءَ وکر جا سونهارا ساٿ ڀري، برن، ٿرن، جبلن ۽ جهنگلن ۾ روشنيون ۽ سرهاڻيون پکيڙين ٿا ۽ بُرن ڀنڀورن کي اُجاري لوڪ جي دلين تان هور ۽ خوف لاهي، ڏکين کي ڏک وهارين ٿا.
بَرُ مڙيو ئي بوءِ، ڇپر ڇاٽيون مُڪيون...
**
ڪيائين سرهين، واساڻين وڻڪار...
**
اچي آريءَ ڄام جو، وڻ وڻ منجهان واس...
**
برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو....
حد اندر ڏکن سان گڏ حد اندر ڪي نه ڪي سنها ٿلها، وڏا ننڍا سک ۽ سهولتون به ماڻهوءَ جي شخصيت ۾ انقلابي واڌاري لاءِ فائديمند آهن، پر جيئن ته اڄ تائين جي انسان جي زندگيءَ ۾ ڏک گهڻا، سک ٿورا، ڏک بنيادي ۽ سک ثانوي آهن، ان ڪري زندگيءَ جي صحيح سُرت ۽ سمجهه عام طرح فقط ان کي پوندي، جنهن وٽ ڏکن ۾ سکن جو صحيح توازن هوندو. يعني جنهن وٽ ڏک جو احساس ۽ شعور وڌيڪ ۽ عام سک جي حاصلات ان جي ڀيٽ ۾ ٿوري هوندي. جنهن وٽ ڏک ٿورا ۽ سک گهڻا هوندا، ان جي زندگي بابت ڪرت ۽ سمجهه ۽ ان ڏانهن رويو عام طرح صحيح نه ٿي سگهندو.
لطيف سائين چوي ٿو ته، هوند بوجو آهي. بوجي وارو ماڻهو بنا بوجي واري ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ هلڻ ڏکيو ٿيندو. هوند وارا ڳورا آهن، وڏيون منزلون ڪري نه سگهندا، اڻ هوند واررا هلڪا يا (لطيف جي ٻوليءَ ۾) هورا آهن. ڳرن ۽ هورن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هوند واريون، بوجي واريون ڳوريون پانڌياڻيون سنبرندي ڳوٺ رهجي وينديون ۽ اڻ هوند واريون هلڪيون يا هوريون تيسين وڃي هاڙي جي هُن پار پهچنديون.
هورين هاڙهو لنگهيو، ڳوريون پاسي ڳوٺ!
ڪيچ تنين کي ڪوٺ، ”ڪين“ جنين جي ڪڇ ۾.
**
ڪهي جا ”ڪين“ کڻي، پرينءَ پهتي سا،
هوت پري هوندئا ، اوڏو آ اڻ هوند کي.
**
هوند جنين سين هوءِ، هوت نه هوندو تن سين،
نڪا هت نه هت، ڳوري سندي ڳالهه،
ڪين پهتي مال، حال پهتي هوت کي.
ظاهر آهي ته هي ڳالهيون قطعي ۽ تنگ معنيٰ ۾ اکر به اکر صحيح نه ٿيون ٿي سگهن پر اهي بنيادي، نسبتي ۽ وسيع معنيٰ ۾ بلڪل صحيح آهن.
چوندا آهن ته ”ڍو جهلي هڪڙو واڻيو ٻيو مينهن!“. رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو اثر تمام وڏي ڳالهه آهي. چوڻي آهي ته: ”سڳا سي جن جا پکا اوڏڙا“. لطيف به چيو آهي:
گڏ جت گذران هو، جڙ لڳي تنهن جاءِ.
ماڻهوءَ جهڙي ماحول ۾ رهي ٿو، جهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏجي گذران، اٿ ويهه، واقفيت ۽ دوستي ڪري ٿو، انهن جا خيال، چڱائي برائي جا ماپا ۽ معيار، پسند ۽ ناپسند، امنگون ۽ آدرش، شعوري ۽ لاشعوري طرح سندن لونءَ لهرن ۾ سمجائجي وڃن ٿا ۽ سندن قلب ۾ روح کي اڻ لکين زنجيرن ۾ جڪڙيو ڇڏين!
من، اکيون، تن تت، جتي جنب جيڏين.
مڙس ۽ نامڙس، رجعت پرست ۽ ترقي پسند وغيره ماڻهن جي وچ ۾ فرق جي بنيادي ڪارڻن مان هڪڙو بنيادي ڪارڻ رهڻي ڪهڻي جو فرق ۽ تضاد به آهي. ڪو ماڻهو عوام سان پيار ۽ سندس خدمت ڪرڻ جون ڪيڏيون به ڳالهيون پڙهي، ٻُڌي ۽ ڪري، پر جي سندس رهڻي ڪهڻي سراسر عوام جي ابتڙ هوندي، خواهش ۽ نيت کڻي ڪهڙي به سٺي هوندي ته به عام طرح، هو عوام دوستي ۽ عوام جي خدمت جي ڳالهين تي مضبوطي ۽ ثابت قدميءَ سان توڙ تائين هرگز قائم رهي نه سگهندو. ان ڪري ڪهڻيءَ سان گڏ رهڻيءَ جي پڻ بنيادي اهميت آهي. شاهه تڏهن هيئن چيو آهي:
تنهن ڪهڻيءَ ڪبو ڪوه؟ جي رهڻي نه رهيو سپرين.
جي رهڻي سپرين کي رهائڻ جي لائق نه هوندي ته، سکڻي وات جي ڪهڻي کيس ڪهڙو پاڻ ڏانهن ڇڪي پاڻ وٽ رهائي سگهندي؟. هي جي هيترا ماڻهو زندگي جي وڏي عرصي تائين بي مثال جاکوڙن، قربانين ۽ سورهيائين جي باوجود توڙ تائين سچا، عوام دوست ۽ انقلابي نٿا رهي سگهن ۽ هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ٺَڪاڻ جي مرض ۾ ورتل ٻڪري وانگر ٺڪاءُ ڏيو پورا ٿيو وڃن يا آهستي آهستي پوئتي هٽي ختم ٿيو وڃن سو ڇو؟ يا ته ماڻهوءَ تي اصلوڪي غلط رهڻي ڪهڻي جي ناناڻڪي نک جي اوچتي ڇڪ پوندي آهي يا هو آهستي آهستي پنهنجي اصلوڪي صحيح رهڻي ڪهڻي بدلائي دشمن طبقن جي غلط رهڻي ڪهڻي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو آهي.
جڏهن اسين انقلابي ماڻهو، عوام دشمن جي طرفان، سندن پنهنجي ناجائز مفادن خاطر، عوام واسطي مقرر ڪيل ۽ مٿين گمراهيءَ ۽ زبردستيءَ وسيلي مڙهيل رهڻي ڪهڻي، معيارِ زندگي ۽ فيشن جي ڪسوٽين کي رد ڪري، پنهنجي عظيم مقصدن جي روشني ۾، پنهنجي حقيقي ضرورتن، سکن ۽ آسائشن جي شين ۽ ڳالهين لاءِ ڪوشش ڪنداسين ته، اسين ڏسنداسين ته اسين زندگي جي هڪڙي زبردست جنجال ۽ پيڙا مان ڇٽا آهيون. هڪڙي گولپ ۽ غلامي مان آزاد ٿيا آهيون. ڄڻ هڪڙو ڳٽ اسان جي ڳچي مان نڪتو.
اسين گهٽ پورهئي سان گهڻيون وڌيڪ بهتر ۽ ڪارائتو ۽ دل گهريون شيون ۽ ڳالهيون حاصل ڪري سگهنداسين. اسان کي پاڳلن وانگر اجائي هڻ هڻان ۽ ڇتي وٺ وٺان ڪا نه ڪرڻي پوندي ۽ اسان کي سک ۽ آرام، وندر ۽ ورونهن ۽ پنهنجي بهتري واسطي سوچ ويچار لاءِ ڪجهه وقت به بچي پوندو. ”هڪ سمجهو ۽ باشعور انقلابي مزدور ۽ مارو ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي اختيار ڪرڻ سان ڄڻ ڪنهن اسم اعظم جي ڦڻي سان اسين ڪتن جي گِير کان ڀڄندڙ، ڊنل، هراسيل ۽ هوش خطا ٿيل، ڏڪندڙ سهي مان ڦري شينهن جا ٻچا ٿي پونداسين. ان رهڻي ڪهڻي ۾ ڪو اهڙو عجب اسرار سمايل ٿئي ٿو، جو ماڻهوءَ جي ڪايا پلٽيون وڃي.“
ڪوڪٽ آهي ڪو، پسي پنهوارن ۾!
ان باري ۾ لطيف سائين اسان جي صاف ۽ روشن رهبري ڪري ٿو. چوي ٿو ته، هر ڳالهه ۾ چالو نظام جي غلط شين، ڳالهين، ڪسوٽين ۽ معيارن جي، نه رڳو مخالفت ڪريو، پر ان جي جاءِ تي، انهن جي عين ابتڙ صحيح شيون ۽ ڳالهيون ۽ ڪسوٽيون ۽ معيار قائم ۽ رائج ڪريو. اهي ڏسڻ ۾ ڀل ڪيڏيون ننڍڙيون، خسيس، ڪنهن جي نظر ۾ نه ايندڙ ڪنيون، ڪوجهيون ۽ اونڌيون ابتيون هجن، انهن تي شرمسار هرگز نه ٿيو، انهن بابت معذرت به نه ڪريو. انهن جو حقيقي ۽ اڻ لکو قدر ۽ قيمت سڃاڻو، سمجهو، مشهور ڪريو، ساراهيو، ڳايو ۽ وڄايو!
اک الٽي ڌار، ونءُ، ابتو عام کان،
جي لهوارو لوڪ وهي، تون اونچو وهه اوڀار.
ههڙن هنڌن تي لوڪ جي معنيٰ آهي، غلط نظام جي غلط ڪسوٽين ۽ معيارن جي انڌي پوڄا ڪندڙ گمراهه ماڻهو. عوام دشمن جي نظر ۾ جيڪي آهي، سو نام نهاد قيمتي شيون، سون، رپيو ۽ انهن جا مالڪ! اهي ئي ساراهه جا، پيروي جا، دوستي جا ۽ عزت ۽ احترام جا لائق آهن. اوهين انهن شين ۽ سندن مالڪن کي رد ڪري ڇڏيو.
”پنهنجن سان کائو، پنهنجن جهڙو کائو، انهن جهڙو پهريو، انهن وٽ ويهو، انهن جي ها کي جيءُ سمجهو، دشمن جي آڌر ڀاءُ کي ٿوڪاري ڇڏيو. محلن ۽ ماڙين کي گندو ۽ غليظ سمجهو ۽ انهن ۾ ويهڻ جي غلاظت، پکن ۾ اچي ڌوئي صاف ڪريو. پنهنجي ملڪيت نه هجڻ تي شرم نه، فخر ڪريو. ملڪيت جا نه، مڙس جا پٽ ٿيو. شين جا پوڄاري نه، پر ماڻهن جا پٽ ٿيو، پوءِ نيٺ ڪنهن منزل تي اوهين سڄي ملير جا مالڪ ٿي ويندا ۽ هيءُ دنيا اوهان جي قدمن ۾ سر جهڪائيندي“
ننگا آهيون نکڻا، اسين مارو لوڪ...
**
مارن ري نه مچ! سيهو ڀانئج سون کي...
[b]دوستي ڪنهن سان ڪجي؟
[/b]
جن ڪراين ڪچ جا، ور ساهيڙيون سي...
**
ڪراين ڪروڙ جا، چوڙا ڪورا جن،
سو مَرڪ ماروئڙن، جئان لوڪ لڄ ٿئي.
**
ڪارا ڪراين ۾، سون اسان کي سوءِ،
وَرَ جيڏين سين جُوءِ، فاقو فرحت ڀانئيان،
**
جنين سندي ٻوڏ ۾، ڀتيون ڀتين جيءُ،
تَنَ! تنين سان پيءُ، اوڏا اڏي پکڙا.
[b]کاڌا ڪنهن سان کائجن؟
[/b]
ور اباڻن سين اڃ، کوءِ شربت تنهنجو سومرا.
**
کوءِ طعام تنين جا، ور سا ڏونرن ڏئي!
باعزت ۽ باوقار رهڻي ڪهڻي ڪهڙي چئجي؟
ٿوري قوت قرارئا، رهن سٻر سٿ،
کٿي ۾ کيهه ڀُڪليا، ڀوڻن اهڙيءَ ڀت،
پنهوارڪي پت، پيهي پڇ ملير ۾.
(ٿورو کائن ٿا، گهڻن ڪپڙن بدران هڪڙيءَ کٿيءَ ۾ ويڙهيل آهن ۽ جسمن تي مٽي لڳل اٿن، بدن ۾ گهڻي طاقت ۽ دل ۾ قرار اٿن ۽ سڀني کان پڇي ڏس ته، سڄي ملير ۾ پت ۽ شان ڪيڏو اٿن!)
انسان جا وڏي ۾ وڏا مسئلا ۽ مقصد اهي آهن، جيڪي رڳو ڪنهن اڪيلي ماڻهو يا گهر جي نفعي نقصان جا ناهن. نڪي ڪي ڪنهن اڪيلي ماڻهو يا گهر جي ڊگهي عرصي جي ڪوشش سان حل يا حاصل ٿي سگهن ٿا، پر اهي اهي آهن، جيڪي گهڻن جا گڏيل آهن ۽ گڏيل ڪوششن سان ئي حل ٿي سگهن ٿا، انهن سان گڏ بلڪ اڪثر انهن مان ئي ڦٽي نڪتل ٻيا انفرادي ننڍڙا روز مره جا مسئلا ۽ مقصد به آهن، جيڪي هڪڙي ماڻهو يا هڪڙي گهر جي فوري يا ٿوري وقت جي ڪوشش سان فوري يا جلد حل ڪرڻ جا آهن.
توئي دين تعليم بابت ڇا چيو هو. ”هي تعليم تو وٽ قوم ۽ وطن جي امانت آهي. ان کي ڪرسي ماڻڻ لاءِ نه، پر قوم ۽ وطن جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻڻي آهي.“
جيڪڏهن ڪو ماڻهو واقعي تمام گهڻو چاهي ۽ تمام گهڻيءَ ۽ لڳاتار ڪوشش ڪري ته، زندگيءَ جي گهري مشاهدي ۽ وسيع ۽ اونهي مطالعي وسيلي جيڪي رڪاوٽون دور ڪري ماڻهپي جي واٽ تي قائم رهي تمام گهڻو اڳتي وڌي سگهي ٿو.
مثال طور عام طرح برابر مشهور ماڻهن جو اولاد ٻوٽو ڪو نه ٻاريندو آهي، پر ان جي ابتڙ خاص مثال به آهي، موتي لعل نهرو پاڻ به سرمائيندار سياستدان هو، پُٽَس جواهر لعل نهرو کائنس وڌيڪ مشهور ٿيو ۽ پوٽس اندرا به گهٽ ڪانهي. ڪِمَ اِل سنگ جو ڏاڏو ۽ پيءُ، پاڻ ته مشهور وطن دوست ۽ انقلابي هئا، پر سندس پٽ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هوچي منهه جي خاندان جي سڄي خبر آهي، ناديا جي مڙس جو سڄو گهر ساڳئي رنگ ۾ رڱيل هو. ساڳئي طرح ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جن جي زندگيءَ ۾ ظاهري طور ڪو وڏو ڏک يا محرومي ڪا نه هئي. مارڪس، اينجلس، لينن ۽ چواين لائي ڏکين بکين گهرن جو اولاد ڪو نه هئا. اهي ذاتي ڏک جو نه، پر زندگيءَ جي وسيع مشاهدي ۽ مطالعي جي واٽ وٺي، پنهنجي اعليٰ آدرشن ۽ تاريخ ساز ڪارنامن جي منزل تي رسيا، ٻي طرف بي انداز ماڻهن جي زندگي ڏکن سان ٽمٽارُ آهي، پر هو پنهنجي ڌر جي پاسي نه، دشمن جو پاسو جهلائي زندگي گذارين ٿا. رهڻي ڪهڻي جي معاملي ۾ به ڪي ئي خاص حالتون آهن. اينجلس هڪڙي ڪارخانيدار جي ڀائيوار جو پُٽُ هو ۽ پڻس پاران ان ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو ۽ تونگرن جي زندگي گذارڻ تي مجبور هو، پر اها فضول ۽ واهيات زواليت ڏانهن ويندڙ زندگي کيس دوستن کان، پنهنجي عظيم آدرشي منزلن کان دور ڪري نه سگهي. هو فقط ڪنهن حد تائين جسماني طور ان ماحول ۾ رهندي، ذهني، روحاني ۽ عملي طور پنهنجي دل گُهرئي دنيا ۾ رهندو هو.
وهي منجهين وڳ، کٿوريءَ ڏار چري،
ماءُ منهنجي ڪرهي، پڌر پڳ مَ لڳ،
جڳ سين جهڙو جڳ، هيئين سين هُت چري.
سفيد پوش مارڪس سان هڪ نوابزادي شادي ڪئي ۽ توڙ نباهيو ۽ تونگر اينجلس وري پنهنجي اڻ پڙهيل نوڪرياڻيءَ سان شادي ڪئي ۽ توڙ نباهيو. ان جي مرڻ کان پوءِ وري ان جي اهڙي ئي اڻ پڙهيل ڀيڻ سان شادي ڪيائين! اهڙيءَ ريت هنن دنيا کي ڏيکاريو ته، سرمائيدار نظام جا زنجير هنن کي ذهني طرح جڪڙي نٿي سگهيا.
نَوَ نيئر، ڏهه ڏانوڻيون، پندرهه پئد پياس،
بگهاڙيون بغلن ۾، لکين لوهه لڳاس،
جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هڪڙي
(شاهه)
سوچون هميشه ساڳيون نٿيون رهي سگهن ۽ نه رهڻ گهرجن. انهن ۾ هر وقت واڌارو ۽ سڌارو ايندو رهڻ گهرجي. پوئتي موٽ، واڌاري جو اهڙو لازمي جُزو آهي، جهڙيون لاهيون چاڙهيون ۽ ور وڪڙ، سوچون رڳو اڳتي نه، پوئتي هٽنديون. صحيح ايمان، انڌي عقيدي تي نه، پر شڪ، گمان ۽ مخالفن سان ڪامياب مقابلن جي ٿنڀن تي ئي قائم ۽ دائم رهي سگهندو آهي، پر شڪن ۽ پوئتي موٽڻ جا به قسم هوندا آهن. هڪڙا شڪ ان لاءِ هوندا آهن ته، صحيح حقيقت جي صحيح صحيح خبر پوي ته، جيئن ان صحيح تي اٽل يقين سان عمل ڪجي. ساڳيءَ طرح ڪي پوئتي موٽون به ان لاءِ هونديون آهن ته، ٿڪ ڀڃي، ساهيون کڻي، قوتون گڏ ڪري، بهتر تياري ڪري، اڳئين کان به وڌيڪ ڇوههُ ۽ قوت سان واڌارو، نئين سر جاري رکجي، پر ڪي شڪ رڳو سچ جي عائد ڪيل فرضن مان جان ڇڏائڻ لاءِ بهانا هوندا آهن ۽ ”رڍ اڳئين مرڻي، بد پيئي بگهاڙتي“ وانگر هوندا آهن. ساڳي طرح ڪي موٽون به دائمي ثابت ٿينديون آهن. ڪي ماڻهو ٿورو پوئتي هٽي، وري گهڻو اڳتي وڌندا آهن، ڪي ماڻهو ٿورو اڳتي وڌي وري پوئتي موٽي ايندا آهن.
جيڪڏهن ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو بنيادي مقصد صحيح ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جو فيصلو اٽل آهي ته، پوءِ شڪ خراب نه ڀلي ۽ اڻ ٽر شيءِ آهي. انڌي عقيدت، نه رڳو بي معنيٰ پر نقصانڪار آهي. ان ڪري مون سالن جا سال ٻيو ڇڏي، رڳو مخالف ماڻهن جي مڪاني خواهه بين الاقوامي ويرين جون لکڻيون پڙهيون هونديون ۽ اڄ تائين وچ وچ ۾ ائين ڪندو اچان. آءٌ سندن هر دليل، هر ثبوت تي بلڪل کُلئي دماغ ۽ صاف دل سان ڳوڙهو ويچار ڪندو رهيو آهيان ۽ توڙ تائين ڪندو رهندس. تڏهن ئي آءٌ موجوده سوچ، مقصدن ۽ آدرشن تي ٿوري گهڻي پئسي ٽڪي جيتري مضبوطيءَ سان قائم رهي سگهيو آهيان، پر ان سان گڏ ٻيو بنيادي سبب اهو به هو، جو پنهنجي زندگيءَ جي هر پل جي تجربي ۽ سوچ جي ڪري منهنجو پنهنجي ويڙهه واسين سان وفاداريءَ ۽ انهن جي ويرين خلاف ويڙهه جو وچن اٽل هو. منهنجي سدائين اها ئي ڪوشش رهي آهي ته، حالتون ڪهڙيون به هجن، چاڙهه هجي يا چاهي لاٿ، چاهي سڪار هجي، چاهي ڏڪار، اهو وچن ڪنهن به صورت ۾ وسارڻو ناهي.
زندگيءَ جي ابتڙ واٽن مان صحيح واٽ ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ هر قسم جي حالتن جي باوجود انهن تي ثابت قدم رهي، اڳتي وڌندو رهڻ، توڙ نباهڻ، زندگي جو سڀ کان مُکيه ۽ بنيادي سوال آهي. زندگيءَ لاءِ چونڊيل واٽ ڪهڙي به صحيح ۽ عاليشان هجي، پر جي ان تي ثابت قدميءَ سان قائم نه رهبو، اڳتي نه وڌبو، واٽ ۾ ئي گهه ڪري ويهي رهبو يا گوهي ڏيئي پوئتي ڀڄي اچبو، ته به ماڻهو منزل تي ڪين رسندو. لطيف صحيح راهه ڳولي لهڻ، سمجهڻ، ان تي ثابت قدميءَ سان هر حال ۾ توڙ تائين وڌندي رهڻ تي، سڀ کان وڌيڪ زور ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته، صحيح راهه سڃاڻڻ کان پوءِ، سواءِ اڳتي وڌڻ جي ٻي ڪنهن حُجَت حيلي جي گنجائش ئي ڪانهي. صحيح راهه لڌي معنيٰ ان تي اڳتي هلڻ شروع_
جنين ڏٺي جوءِ، تنين ڪڇيو ڪين ڪي...
***
ڄاڻي سڃاڻي، وهان ڪيئن ماٺ ڪري...
’هوءِ هلن، آءٌ ويهان، ته ڪا ائين جڳاءِ؟‘ پوءِ ڪنهن به صورت ۾ ڪنڌ ڪڍڻو يا موڙڻو ڪونهي.
ڪين ڪڍبو ڪنڌ، منجهان سڱ سيد چئي.
**
هلندي حبيبن ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪنڌ...
ڪهڙيون به تڪليفون اچن ورچي ڀڄڻو ڪونهي، ثابت قدم رهڻو آهي.
ڪيئن هلي ڪيئن هٿ کڻي، ڪيئن رڙهي ڪيئن روءِ“
**
ڪندي پنڌ پهاڙ ڏي، ٿيڙم روح رڙيون!
**
موٽي مران مَ ماءُ، موٽڻ کان اڳي مران!
**
سوريءَ جي سزا وار، ڏيهاڻي چنگ چڙهين،
جيم ورچي ڇڏيئن، سڪڻ جي پچار...
هر هر منٿ يا سڏوسڏ جوانتظار به ڪرڻو ڪونهي. سمجهو مڙس لاءِ هڪڙو اکر ڪافي آهي.
اکر ڇٽي هيڪڙي، ٻهون جي نه ٻجهن،
ڪوهه ڪبو کي تن، جي سڄي سڻاءِ ڳالهڙي؟
اڪثر اها منزل به ايندي آهي، جڏهن سموريون ڪوششون في الحال ناڪام ٿي وينديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته جيڪو ڪجهه ڪيو ويو، سو اجايو هو. ان مان اصل ڪجهه ورڻو سرڻو ڪو نه هو؟ لطيف چوي ٿو ته. صحيح ڳالهه سان وفاداري توڙي تائين قائم رهڻ گهرجي، ڀلي اها ختم ٿي وڃي، ڀلي ان جو نالو نشان به ظاهري طرح ختم ٿي وڃي، ته به مڙس اهو جو ان وفاداريءَ تي قائم رهي. ان کي ڪڏهن، ڪهڙين به حالتن ۾ پٺ نه ڏي ۽ ان کان لا دعوا نه ٿئي.
سر سڪي سال ٿيا، هنج هريو ئي پير،
ڪنگ ويچارو ڪير، جو رسي انهيءَ رمز کي.
ٻئي طرف غلط واٽ تي انسان جيتري محنت، ايمانداريءَ، همت ۽ ٿابت قدميءَ سان وڌندو ۽ جيترو تيز هلندو، جيترو ”ڪامياب“ ٿيندو، اوترو ئي صحيح مقصدن ۽ منزلن کان پري ٿيندو ويندو.
”باشعور ۽ باضمير ماڻهن لاءِ ذهن، ضمير ۽ روح جا رشتا رت جي رشتن کان به وڌيڪ اهم آهن. اولاد، مائٽ ۽ عزيز قريب نهايت پيارا آهن، پر جن سان ذهن، ضمير ۽ روح جا رشتا هوندا آهن، انهن لاءِ پيار سان گڏ لازمي طرح عزت به هوندي آهي. انهن تي فخر به هوندو آهي. اها ڳالهه رت جي رشتن ۾ هر حالت ۾ لازمي ناهي.“
ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪيين،
مڇڻ ٿئين پئاءِ، وڳ واٽ ئي نه لهين!
**
ڪسر ڇڏ ڪنواٽ! وکون وجهه وڌنديون،
سئين سپرين جي، ونگي ڀانءِ مَ واٽ،
ڇڏي جهوري ڏي جهاٽ، ته هوندي رات هُت مڙون!
پنهنجا روحاني ۽ ذهني وڏا، جن تان پنهنجي جسماني وڏن جون سو پشتون قربان ٿيون، تن جي ڳالهه ته خير پري رهي، پر پنهنجا جسماني وڏا به گهٽ ڪو نه هئا. غريب ۽ بي سمجهه هئا، پر خدا پناهه ڏي، زماني ساز ۽ ڀاڙيا ڪو نه هئا. پنهنجي وقت سمجهه ۽ ماحول آهر قنڌار مڙس هئا. ڪڏهن به مهل تي ڪنڌ هيٺ ڪري، گهر جي ڪُنڊ ۾ ڪونه لڪا، سدائين هڪل سان هڪل ڏنائون. پاڻ کي به مڙسن جي اڳين صفن ۾ بيهڻو آهي، پوين ۾، نه رڳو نالو ڪرڻو ڪونهي، ٽيهن نسن جو زور لڳائڻو آهي. ٽياڪڙ ٿيڻو ڪونهي، توڙ ڪرڻو آهي.
اهڙين ڳالهين ۾ ميار جو گهاءُ مڙسن لاءِ تلوار جي گهاءُ کان به وڌيڪ ڏکيو آهي، پاڻ کي اهڙين ڳالهين ۾ ڪڏهن به هرگز هرگز مياري ڪرڻو ناهي. خود روزمره جي ڪم ڪار ۾ به شڪايت جو جائز سبب ڏيڻو ڪونهي. شڪايت مڙس لاءِ بانٺو آهي. ڀلا ۽ بڻياتا تازي وهٽ پاڻ کي بانٺا ڪو نه هڻائيندا آهن، رڳو اشاري سان منزلون ماڻيندا آهن:
لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙين ڏيئي ڳِڌوم،
اڱڻ سونهن ٿيوم، ملهه مهانگو مَ چئو!
**
لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙين ڏيئي ڪاهه...
ڪٿ نه ڪندو ڪاءِ، جي پلاڻيو، ته پرينءَ مِڙي!
[b]کاري کيڙائو
[/b] سنڌي ماڻهن جي باري ۾ عام طرح مشهور آهي، ته سنڌي ماڻهو گهر جا گلو آهن. گهر کان شل نه ٻه ٽي ميل پري ٿين، ڄڻ پرديس ۾ هليا ويا. جيڪڏهن ڪا نوڪري پري ملي پوي، ته به ڪونه وٺندا ۽ ان کي اسين ماڻهو چئون وطن جي حب، پر سنڌي قوم ۾ صدين کان وٺي هڪڙو اهڙو گروهه پئي رهيو آهي، جنهن سنڌ جي مٿان هن بدناميءَ جي ٽڪي کي نه رڳو لاٿو آهي، پر هنن دنيا جي ٻين قومن جي مقابلي ۾، پنهنجو پاڻ کي زبردست نموني موکيو آهي. ماڻهن جو اهو گروهه جنهن کي اسين سنڌي چئون ٿا، جيڪي واپاري هئا ۽ اڃا تائين آهن، توهان اڄ دنيا جي ڪنهن به علائقي، ڪنهن به ملڪ، ڪنهن به کنڊ ۾ وڃو، آفريڪا، آمريڪا، چاپان، يورپ جتي به وڃو، شهر جي اندر ڪي نه ڪي دڪان يا گهر سنڌي واپارين جا هوندا، جيڪي پاڻ ۾ سنڌي پيا ڳالهائيندا، بحث پيا ڪندا، پري کان پڌرا، ماڻهو سمجهي ويندو ته هي سنڌي آهن.
لطيف سائينءَ جي زماني ۾ اهو گروهه پنهنجي عروج تي هو. ٻيڙين ۾ چڙهي پري پري جي علائقن ۾ ويندا هئا، واپار ڪندا هئا، روس کان وٺي آفريڪا تائين مهينن جا مهينا، سالن جا سال سفر ڪندا هئا ۽ جڏهن موٽندا هئا ته، پاڻ سان دولت جا انبار ۽ ٻيو وڻج کڻي ايندا هئا. حيدرآباد، شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جهڙا شهر سرسبز ۽ آباد هئا. سنڌ ۾ پئسو ايندو هو، ماڻهن کي ڌنڌا روزگار گذر جا وسيلا ملندا هئا. لطيف سائين غير معمولي ماڻهن جو عاشق هوندو هو. لطيف سائينءَ کي اهڙن ماڻهن سان محبت هوندي هئي، جي سنڌ جي رواجي هلت چلت جي اُبتڙ ڪنهن خاص ڳالهه ۾ مشهور هوندا هئا، تنهن ڪري لطيف سائين ان گروهه جي ماڻهن کي تمام زبردست خراج ڏنو آهي.
ان سر جو نالو آهي، ’سُر سامونڊي‘. هن ۾ سنڌ جي وڻجارن ۽ واپارين جو داستان بيان ڪيل آهي. ان داستان جا هيرا اهي ماڻهو آهن، جيڪي هزارين ڪوهه سمنڊن ۾ سفر ڪندا هئا ۽ ٻيڙن ۾ چڙهي هلندا هئا. انهن جو ذڪر ٻئي طرح آهي. لطيف ڪِريلن، ڪمزورن، محرومن جو، ڏتڙيلن ۽ ڏکويلن جو ساٿي هو، تنهن ڪري ان ڪاروبار ۾ جيڪا ڏکويل ڌر هئي، انهن کي ڳايو ۽ انهن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن جي اندر جي اُڌمن، اُمنگن ۽ محرومين جو داستان بيان ڪيو آهي. هن سُر ۾ وڻجارن جون وَنيون، جيڪي هو پٺيان ڇڏي ويندا هئا، تن جي دردن جو داستان سمايل آهي. وڻجارا توڙي جو واپسيءَ تي ناڻي سان سٿجي ايندا هئا، پر اهو عرصو جيڪو سندن وَنين جو محرومين ۾ گذرندو هو، هنن سان جيڪا حالت ٿيندي هئي، تنهن جي دردناڪ ڪٿا، لطيف ”سُر سامونڊي“ ۾ بيان ڪئي آهي ۽ اهو سُر دنيا جي اعليٰ شعري ادب جي بابن ۾، هڪڙو مخصوص ۽ اعليٰ درجي جو باب آهي. عورت جي وڇوڙي ۽ محروميءَ جي داستانن ۾ هن جو ذڪر خصوصيت سان ٿيڻ کپي. اهي ماڻهو اعليٰ کان اعليٰ ۽ تمام وڏي درجي جا هئا. معمولي سودا به ڪندا هئا، پر هيرن، جواهرن ۽ موتين جا به سودا ڪندا هئا. ايئن لڳندو هو ته، سنڌي واپاري ۽ وڻجارا، دنيا مان لُٽ ۽ ڦر ڪري اچن ٿا، ڄڻ وڏا وڏا حملي آور ويندا هئا ۽ ملڪن کي ماري ڦُري ايندا هئا. جيئن محمود غزنوي، سلطان چنگيز، هلاڪو وغيره، تيئن سنڌي واپارين لاءِ به مشهور هو، پر فرق اهو هو ته، هي سنڌي واپاري سخت ڪشالا ڪري، عقل، ڏاهپ ۽ سمجهه سان، سِرن جا خطرا کڻي، چالاڪيءَ ۽ اٽڪل سان سڄي دنيا مان مال ميڙي کڻي ايندا هئا، جنهن لاءِ لطيف چيو آهي:
کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائون،
موتي جي مهراڻ جا، تن جا طامائو،
سامونڊي سائو، لنڪا لُوپي آئيا.
ٻئي پاسي پٺيان صورتحال هيءَ هئي ته، سندن محبوب وڻجاريون گهرن ۾ ويٺيون هونديون هيون ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي اک لڳي وئي يا ڪنهن جي ڪنهن وڻجاري سان محبت ٿي وئي هوندي هئي ته، هوءَ چوندي هئي:
ٻيڙي جي ڀڻن، نينهن نه ڪجي ان سين،
اُڀيون ڏنڀ ڏسن، جي سڙهه ڏيئي سير ٿيا.
انهن وڻجارين جي صورتحال هيءَ هوندي هئي ته، جڏهن وڻجارا موٽندا هئا ته، پئسن ۽ دولت جي لالچ ۾، اڃا گهر ايندا ئي ڪو نه هئا، ته وري وڃڻ جون وايون ڪندا هئا. رهندا تمام ٿورو وقت هئا. وڻجاريون سمجهنديون هيون ته، خدا ڪري هنن جو هيءُ سودو نه هجي، هتي ڪو هٽ ٻٽ کوليو ويٺا هجن. ايتري ڪمائي ۽ ڌنڌو نه کپي، موتي، هيرا ۽ جواهر نه کپن، هي گهر هجن ها ته بهتر هو.
لاهيندا ئي ڪن، ڳالهيون هلڻ سنديون،
ڏيندا مون ڏکن، وهه وجهندا جندڙو!
خاص ڪري اهي جيڪي ٻيڙياتا اُتر ۾ هلندا هئا. اُتر جي هوا لڳندي هئي ته، اهي ٻيڙا نڪرندا هئا. هنن جو واپار خاص ڪري آفريڪا، آسٽريليا، هندستان جي ڪنارن سان هوندو هو. اُتر جي هوا انهن جون ٻيڙيون ڌڪڻ ۾ مدد ڪندي هئي.
آئي اُتر مند، هينئين اُڊڪو نه لهي،
وٽين لاڄو بند، ٻيهر مکين ٻيڙيون.
هوا لڳندي هئي، ته اُتر جي لاڄو بند وٽي، ٻيڙين جي تياري ڪندا هئا. هڪڙي وڻجاري پنهنجي ٻيءَ ساٿياڻيءَ سان پنهنجي وڻجاري جا سور سليندي کيس چوي ٿي:
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
هلڻ هارا سُپرين، روئان تان نه رهن،
آئون جهليندي ڪيترو؟ آيل! سامونڊين،
پڳهه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾.
بدقسمتي اها هوندي هئي، جو ڪڏهن ايئن به هوندو ته، جيڪي ڪنواريون تازيون پرڻيل هونديون هيون، انهن ڪنوارين تازين محبوبائن کي به ڇڏي، هو هليا ويندا هئا، پوءِ هو ڀائينديون هيون ته اسان شادي ته ڪئي، پر هنن ماڻهن جي پويان پنهنجي جواني تباهه ڪري ڇڏيسين. هيءُ ئي ته ڏينهن آهن کِلڻ جا، کائڻ جا، جوڀن ماڻڻ جا، هنن ڏينهن تي هي سمونڊن ۾ هليا ويندا ته، اهڙي شاديءَ جو فائدو ڪهڙو؟
وڃيئي وسري شال، جو تو سودو سکيو،
اڃا آئين ڪال، پڻ ٿو سفر سنبهين!
**
سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا،
روئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪي؟
مون کي چاڙهي چِيئن، ويو وڻجارو اُهري.
اهڙي وڻجاري سان شادي ڪرڻ نه ڪرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو؟
وڻجاريءَ ڪانڌاءُ! مون ور ويٺي گهاريو،
لڳي اُتر واءُ، ڍوليو هلڻ جون ڪري.
**
جي تون وڻجارو ڪانڌ، ته مون هڏم لائون لڌيون،
پرڏيهه مٿي سانگ، اٺئي پهر جنهن ڪيو.
اهي شادي ۽ محبوب هوندي، ورهه ۽ وڇوڙي جا داستان، هنن جي لاءِ عذاب هوندا هئا. هنن کي پرواهه ئي ڪا نه هوندي هئي، هو ته پيا هلندا هئا، پيا ويندا هئا، پوءِ دانهن ڏبي ڪنهن کي؟
وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پلئين،
آيو ٻارهين ماهه، پڻ ٿو سفر سنبهي.
پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو هو ته، هو روانا ٿيندا هئا ته، هنن کي وڃڻ ئي ڪو نه ڏينديون هيون، زبردستي جهازن تي چڙهي وينديون هيون، جهازن جي منين ۾ هٿ وجهي بيهنديون هيون.
الوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجهه کي،
رهه اڄوڪي راتڙي، لالڻ! مون لئي،
وڃ مَ ڦوڙائي، ايڏي سفر سپرين.
**
سر لوهيڙا وڀيا، ڪُسر نسريا،
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.
ڪُسر معنيٰ ڪوڙو سَرُ، جيڪي دير سان نسرندا آهن، اهي به نسري ويا آهن ۽ پرين تون ڪٿي آهين، توکي ڇو اچڻ جا ڏينهن وسري ويا آهن!
تڙين تنوارين، ماءِ! سامونڊي آيا،
مون کي جيارين، وايون وڻجارن جون.
سمنڊ جي ڪناري تي وڃي هر ڪا ڏسندي هئي ته، هي سڙهه ڪهڙيءَ ٻيڙي جو آهي؟ اسان واريءَ ٻيڙيءَ جو آهي يا ڪنهن ولايتي عربن يا هندستانين جو آهي، پر هي عادي ۽ ماهر هئڻ ڪري سُڃاڻي وٺنديون هيون.
سِڙهه سُڃاڻيو چوءِ، ماءِ! سامونڊي آيا،
مان منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾.
پري کان ئي جيڪي هنن جي جهازن جون جهنڊيون هونديون هيون. سي اورتي ايندي ڏسنديون هيون، ۽ آهستي آهستي، انهن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون.
وائنٽيون ٿيون وڙڪن، اڃا سڙهه نه پڌرا،
سي ئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آيا.
ڪن ونين جا ور ايندا هئا، ته اهي سرهيون ٿينديون هيون، پر جن جا مڙس ڪو نه موٽندا هئا، اهي درد ۾ پچنديون ۽ پَڄرنديون هيون:
اوڙاهه ويا، نه وريا، آئون تنهن ماري ويڻ،
ڪري سامونڊي سيڻ، جُسي جار پرائيو.
سُر سامونڊي حُسن، محبت، وڇوڙي ۽ ميلاپ جو هڪ بي مثال باب آهي. ان ۾ لطيف انساني محبت جا ڪي بهترين ۽ بي مثال منظر پيش ڪيا آهن.
آئون جن آساري، مٿي تڙ گذاريان،
مون کي وساري، شال نه وڃن اوهري.
ائين قدم قدم ۽ چپي چپي تي مختلف منظر آهن. هن سُر ۾ لطيف درد ۽ وڇوڙو پيش ڪيو آهي. سسئي ۽ مارئي سميت هر سُر ۾ پنهنجي ڪيفيت آهي، پر هن سُر ۾ صرف رومانس جا رنگ، درد ۽ وڇوڙي جا ورلاپ آهن. سمنڊ، ناکئا، ٻيڙيون، حسين عورتون، سمنڊ جي ڪنارن تي انتظار ڪندڙ لڄون، اُتر جي مُند، ڏياريءَ جا منظر، عورتن جا انتظار، ناکئن جون مجبوريون، محبت هٿان مجبور عورتن جا سور، سڀ هن سُر ۾ موجود ملن ٿا.