شاهه لطيف جي ڪلام ۾ درد جون ڪيفيتون: ڊاڪٽر غلام علي الانا
سڀني صوفي درويشن، ساڌن ۽ سنتن، پنهنجي ڪلام ۾ عاشقن ۽ طالبن جي انهن ۽ اهڙين ٻين سڀني نفسياتي ڪيفيتن ۽ جبلتن جو اظهار، عورت جي روپ ۾، ۽ عورت جي زباني ڪرايو آهي. سنڌو ماٿري توڙي ننڍي کنڊ جي سڀني رومانوي شاعرن، عورت کي طلب جي رُوپ ۾ پيش ڪري، اُن کان انهن ۽ ٻين اهڙين درد جي ڪيفيتن جو اظهار ڪرايو آهي.
دنيا جو هڪ وڏو لطيف شناس، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاهه جي رسالي جي پنهنجي طرفان مرتب ڪيل ڇاپي جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته: ”عاشق کي پرينءَ جا گوندر ۽ غم، ولين جيان وڪوڙي ٿا وڃن، ۽ هو دنيا ۾ هرڻ يا هماءُ وانگي سرگردان آهي. سندس درد واري دانهن ڪوئل جي ڪُوڪ، چتونءَ جي چانگهار ۽ ڪونج جي ڪُرڪي جهڙي آهي. عشق وسيهر نانگ آهي، نينهن، سيچاڻي، سينهن جيئن ڪڏهن به ڍاپڻ جو نه آهي. معشوق، آسمان مثل عاشق کان دور آهي. سندس ”تِر ۽ تروکڙيون“ تارن جهڙيون آهن، ۽ سندس اکيون ”الماس“ يا ”انبوريءَ“ جهڙيون، گجگوڙ جو آواز، ”منڊل“ ۽ ”مرڌنگ“ جهڙو آهي. انڊلٺ جا رنگ ”چُنيءَ“ جي چٽن جهڙا آهن. خوفناڪ جبل ۽ ٽڪر، هيبت جا هاٿي آهن. مرشد ڪامل ”باز“ يا ”هماءُ“ جهڙو اعليٰ ۽ همت وارو آهي، جو هن ڌرتيءَ کان مٿي پرواز ڪري ٿو، پر ٺوڳي گُروُ، هڪ ”ڳِجهه“ وانگر آهي، جا ڍونڍ تي عاشق آهي. سچو سالڪ ”هنج“ آهي، جو ڪِني دُٻي مان مڇيون ماري ٿو. اهرا انيڪ مثال شاهه جي رسالي مان ملندا.“
(ب) شاهه لطيف، عورت جي درد جي نفسياتي ڪيفيتن کي، سسئي، سهڻيءَ، مومل، مارئي، ليلا، ڪونروءَ، نوريءَ، سورٺ، وڻجاري جي ونيءَ ۽ پنهنجن ٻين نسواني ڪردارن جي ويس ۾ نمايان ڪيو آهي. لطيف سائين عورت جي پچڻ، پڄرڻ، کامڻ، کجڻ، لَڇڻ پچڻ، تڙپڻ ۽ رنج والم جي انيڪ ڪيفيتن کي پنهنجي ڪلام ۾ بيان ڪيو آهي. بهتر ٿيندو ته، انسان ذات جي مٿي ڄاڻايل درد جي ڪيفيتن جو، لطيف سائينءَ جي ڪلام جي حوالي سان مطالعو ڪجي:
[b]1. محبوب جي وصل لاءِ واجهائڻ جو درد:
[/b]هن ڪيفيت کي بيان ڪندي لطيف سائينءَ تمام گهڻو ڪلام چيو آهي. مثال طور هڪ بيت ۾ فرمائي ٿو ته:
اوڇڻ گهرجي آجڪو، پکو نه پيتم،
دوست پڄاڻا دم، جا رهي سا رَنَ ٿئي.
يعني: مون کي رڳو اوڇڻ ۽ اجهو نه ٿو گهرجي؛ مون کي ته منهنجو پيارو پريتم گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيڪا به عورت هڪ پل به پنهنجي پرينءَ کان ڌار گذاريندي، سماج ۾ اُن عورت جو مقام هڪ بيواهه ۽ رن زال جهڙو هوندو آهي.
لطيف سائينءَ، پنهنجي ڪلام ۾ عورت کي پيار جي هڪ مجسمي طور پيش ڪيو آهي. پنهنجي پرينءَ جون ڳالهيون ۽ پچارون ڪرڻ، لطيف سائينءَ جي سُورمين جو وَڙُ آهي. پنهنجي رُٺل پرينءَ کي پرچائڻ اُن جو اخلاقي فرض آهي. مومل کان راڻو رُسي ٿو وڃي. ليلا کان چنيسر ناراض ٿي ٿو وڃي ۽ کيس پنهنجي محل مان نڪري وڃڻ جو حڪم ٿو ڏي؛ پنهونءَ کي سندس ڀائر، سسئيءَ جي گهري ننڊ ۾ سمهي پوڻ کان پوءِ، رات وچ ۾ کڻي ٿا وڃن. پوءِ سسئي جاڳي ٿي ته، ڏسي ٿي ته چوڌاري سڃ ئي سڃ لڳي پيئي آهي. پنهنجيءَ غفلت سبب پنهنجو پاڻ کي نندي ٿي. پوءِ پنهونءَ جي جدائيءَ ۾ سندس حالت اهڙي ٿئي ٿي، جو هوءَ پنهونءَ جي قافلي جي پٺيان ڪاهي پوي ٿي. سسئيءَ جي انهيءَ درد جي ڪيفيت کي لطيف سائين هن طرح بيان ڪيو آهي:
پنهونءَ سين پريت جو، ڪر جو پيچ پيوم،
ڀنڀي هن ڀنڀور ۾، رهڻ وهه ٿيوم،
متيون موٽڻ سنديون، ڪاڪيون ڪيمَ ڏيوم،
سرتيون ساهه سندوم، ٿيو حوالي هوت جي.
(سُر ديسي)
[b]2. محبوب جي جدائي ۽ ان جي انتظار واري ڪيفيت جو درد:
[/b]هن ڪيفيت جي حوالي سان پڻ لطيف سائين جو تمام گهڻو ڪلام چيل آهي. مثال طور:
اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
(سُر برووو سنڏي-1)
ساڳئي مضمون جي باري ۾ پنهنجي هڪ ٻئي بيت ۾ ڀٽائي فرمائي ٿو:
جي مون گهر اچين سُپرين، هوڏ ڇڏيان هيڏي،
ڳالهيون ڳُجهه اندر جون، تن گهريون تو ڏي،
جي وِهين گڏ گوڏي، ته دور سُڻايئين دل جا.
(سُر بروو سنڌي)
راڻي جي انتظار ۽ اوسئيڙي ۾، مومل جي واتان انتظار ۽ اوسيئڙي واري درد جي ڪيفيت جو اظهار هن طرح ڪرايو اٿس:
ڏيا تيل ڦُليل جا، ٻاريم تائين ٻانگ،
ڍوليو ڍٽ رهائيو، ڪنهن سٽاڻي سانگ،
چانگي چڙهي آءُ تون، لال ورائي لانگهه،
ڪوڙين ڀتين ڪانگ، اُڏايام اچيج تون.
(سُر مومل راڻو)
يا وري ساڳئي سُر ۾، ساڳيءَ ڪيفيت جو اظهار هن طرح فرمايو اٿس:
اُڀي اُڀاري، نکٽ سڀ نئين ويا،
هڪ مَيو ٻيو منڌرو، رات سڄي ساريام،
ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سُورج شاخون ڪڍيون.
(سُر مومل راڻو)
[b]3۔ پڇتاءُ واري ڪيفيت جو درد:
[/b]لطيف سائينءَ پنهنجين سورمين جي انهن ۽ اهڙين ٻين ڪيفيتن جي درد جي پنهنجي ڪلام ۾ اثرائتي نقش نگاري ڪئي آهي. مثال طور پڇتاءَ واريءَ ڪيفيت جو اظهار هن ريت پيش ڪيو اٿس:
جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون،
آيل ڍولئي ساڻ، ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان.
ساڳئيءَ ڪيفيت کي ”سُر ڏهر“ ۾ وري هن طرح بيان ڪيو اٿس.
مَ ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،
ڪونهي ڪميڻيءَ جو، بگر تو بلو،
تنهنجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان.
ساڳيءَ ڪيفيت کي، سرليلا چنيسر ۾ وري هن طرح بيان ڪيو اٿس. فرمائي ٿو ته:
ڍولا! ڍيل ۾ مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان،
سڪ تنهنجي سُپرين، ڀيري وڌيس ڀون،
مون ور تون ئي تون، تو ور وَهون ڪيتريون.
يا سُر سامونڊيءَ ۾ ساڳيءَ ڪيفيت جو ذڪر هن طرح ڪيو اٿس، فرمائي ٿو ته:
جي تون وڻجارو ڪانڌ، ته مون هڏ نه لائون لڌيون،
پَرَ ڏيهه مٿي سانگ، اَٺَ ئي پهر جنهن ڪيو.
’سُرسامونڊي‘، ’سُر مومل راڻو‘، ’سُرمارئي‘، ’سُريلا چنيسر‘، ’سُرسُهڻيءَ‘ ۽ ’سُر سسئي آبريءَ‘ ۾ جذباتي انداز ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو اٿس. مثال طور ”سُرسامونڊيءَ“ ۾ فرمائي ٿو:
اوڙاهه ويا نه وريا، آءٌ تنهن ماري ويڻ،
ڪري سامونڊي سيڻ، جُسي جاڙ پرايو.
ساڳئي سُر ۾ هڪ ٻئي بيت ۾ فرمائي ٿو ته:
ڍوليو وئڙو ڏور، تان ٿي سيءُ گذاريان،
مادر مون مَ چور، نا ته پڌر پوندي پرينءَ ري.
يا وري هيئن به فرمائي ٿو:
تن جني جي تانگ، سي سڄڻ سفر هليا،
لئج لال لطيف چئي، ڪڏهن ايندا ڪانگ،
ڪنهن سٽاڻي سانگ، پرين گهڻيئي ڪيا.
[b]4۔ تڙپ، سڪ، سوز ۽ گداز جو درد:
[/b]رومانوي شاعريءَ جي خاص خوبي محبوب جي وڇوڙي ۾ تڙپڻ، لُڇڻ ڦٽڪڻ هوندي آهي. هن ڪيفيت جو بيان لطيف سائينءَ گهڻو ئي ڪيو آهي. مثال طور ”سُر سامونديءَ“ جي هڪ بيت ۾ فرمايو اٿس:
چتان جي نه چُرن، الله اُن مَ وسران،
مڙهيو منجهاران، جيءُ منهنجو جن سين.
ساڳئي موضوع جي باري ۾ ”سر رپ“ ۾ فرمايو اٿس ته:
سڄڻ سنڀريام، پييم ڪَرَ ڪپار ۾،
جهڙي تهڙي حال سين، پرين نه وسريام،
هريا هٿ ٿيام، نيڻنئون نير وهي.
يا وري لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ واريءَ ڪيفيت جي باري ۾، پنهنجن جذبن جو اظهار هن طرح به ڪيو اٿس:
کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تئونس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
سمنڊ مُنهن ڪريان، ته سُرڪيائي نه ٿئي.
(سُر سُهڻي)
اڃا به اڳتي ”سُر رپ“ ۾ ساڳئي موضوع جي باري ۾ فرمايو اٿس ته:
اُڀريم انگور، ستي سُپرين جا،
کايو کايو سور، لڇيو لوچيو اٿيان.
يا وري ساڳئي سُر ۾ هڪ ٻئي بيت ۾ فرمايو اٿس ته:
جهوريءَ جهڄڻ جهانءِ، مون جنهين جي نه لهي،
آيل ايئن مَ ڀانءِ، ته ڪا آءٌ جيئندي اُن ري.
ساڳيءَ ڪيفيت جو اظهار ”سُر سامونڊيءَ“ ۾ هن طرح ڪيو اٿس. فرمائي ٿو ته:
اُلوڙڻ نه ڏي، ور وڌائين ونجهه کي،
رهُه اڄوڪي راتڙي، لالن مون لئي،
وڃ مَ ڦوڙائي، ايڏي سفر سپرين.
”سُر حسينيءَ“ ۾، سسئيءَ جي سورن ۽ پنهونءَ جي جدائي ۾، سسئيءَ جي تڙپڻ واري ڪيفيت جي درد جي عڪاسي لطيف سائينءَ هن طرح ڪئي آهي. فرمائي ٿو:
پاڙي ناهي پروڙ، ته رات رنجائي گذري،
ٻانڀڻ ٻروچن جي، گهائي وڌيس گهُور،
هڪ سسئي ٻيا سُور، ويا پٽيندا پاڻ ۾.
يا وري ساڳيءَ ڪيفيت جي باري ۾ ”سُر سهڻيءَ“ ۾ هن طرح اظهار ڪيو اٿس. فرمائي ٿو:
سڪ تنهنجي سپرين، ڪپي ۽ ڪوري،
سگهان نه چوري، ڏاڍو نير نينهن جو.
[b]5۔ آزي ۽ نيازيءَ واري ڪيفيت جو درد:
[/b]هن ڪيفيت کي ڀٽائي گهوٽ پنهنجي ڪلام جي تمثيلي سُرن ۾ گهڻي قدر بيان ڪيو آهي. مثال طور: ”سُر ليلا چنيسر“ ۾، چنيسر پنهنجيءَ ”پٽ راڻيءَ“ ليلا کي جڏهن پنهنجي محل مان ڪڍي ٿو ڇڏي ته، پوءِ هوءَ پنهنجي سَر جي سائينءَ کي پرچائڻ لاءِ ميڙ منٿون، آزيون نيازيون ٿي ڪري. سندس آزي نيازيءَ واريءَ ڪيفيت کي شاهه لطيف هن طرح پيش ڪيو آهي:
ڍوليا ڍيل مَ مون، ڪانڌ ڪميڻي آهيان،
سڪ تنهنجيءَ سپرين، ڀيري وڌيس ڀون،
مون ور تون ئي تون، تو ور وهون ڪيتريون.
ساڳئي سُر ۾ لطيف سائين ليلا کي سمجهائيندي چوي ٿو ته:
جي ليلائي نه لهين، تان پڻ ليلائيج،
آسر ۾ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻا.
ساڳيءَ ڪيفيت کي ”سُر بروو سنڌيءَ“ ۾ هن طرح پيش ڪيو اٿس. فرمائي ٿو ته:
اچين جي هيڪار، مون ساريندي سپرين،
پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇائبان وار،
ساڄن سڀ ڄمار، هوند گولي ٿي گذاريان.
[b]6۔ محبوب سان وصل لاءِ آسن ۽ اميدن جو درد:
[/b]پياري واري پنڌ ۾، پريمين جي وچ ۾ وصل واريءَ ڪيفيت نهايت ئي اهم هوندي آهي، ۽ پنهنجي محبوب سان وصل لاءِ پيار ڪندڙ هميشه بيتاب رهندو آهي. لطيف سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجن سورمين جي طرفان محبوب سان ملڻ يعني محبوب سان وصل جي باري ۾ جذبات ۽ احساسات جو اظهار نهايت ئي دل گداز انداز ۾ ڪيو آهي. مثال طور وسڪاري جي موسم ۾، مينهن جي وسڻ مهل پرينءَ جو پنهنجي پريتم جي پاسي ۾ سُرهي سيج تي ستل هجڻ واريءَ ڪيفيت يعني ملڻ جي آس ۽ اميد پوري ٿيڻ، ۽ محبوب سان وصل واريءَ ڪيفيت، ۽ وڇوڙي جي ڪنهن به صورت ۾ امڪان نه هجڻ واريءَ آس، اميد ۽ تمنا کي لطيف سائينءَ جنهن انداز ۽ حُسن بيانيءَ سان بيان ڪيو آهي، اُن اندازِ بيان ۾ لطيف سائينءَ ڪمال ڪيو آهي. مثال طور سُر سارنگ ۾ فرمائي ٿو ته:
اڱڻ تازي، ٻهر ڪُنڊيون، پکا پٽ سونهن،
سُرهي سيج، پاسي پرين، مُر پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين، شال هوُنِ برابر ڏينهڙا.
لطيف سائين هڪ باڪمال رومانوي شاعر هو. هن اعليٰ معيار واري رومانوي شاعري به ڪئي آهي. سندس ڪلام ۾ هن عظيم شاعر، صنف نازڪ جي پيار واري جذبي واريءَ ڪيفيت کي پنهنجي رسالي جي ڌار ڌار سُرن ۾ بيان ڪيو آهي. اُنهن سُرن ۾، هن پنهنجن سورمين طرفان، پيار جي ڌار ڌار ڪيفيتن ۽ جبلتن جي نقش نگاري ڪئي آهي. مثال طور سُر ليلا چنيسر، سُر مومل راڻو، سُر سهڻي، سُر مارئي، سُر ڪاموڏ ۽ ٻين سُرن ۾ ڪمال فنڪاريءَ سان عورت جي دردن ۽ سورن جي ڪٿا بيان ڪئي آهي. ’سُر ليلا چنيسر‘ ۾ پنهنجيءَ سُورميءَ ليلا جي واتان، پنهنجي محبوب سان وصل لاءِ، هن طرح اظهار ڪيو اٿس. فرمائي ٿو ته:
ڍول مَ کڻي ٻانهڙي، پرهه مَ کڻي پانڌ،
آءٌ پنهنجو ڪانڌ، لوڪان لڪي رائيا.
يا هڪ ٻي سُر ۾، ساڳيءَ ڪيفيت واري مضمون کي بيان ڪندي، لطيف سائين فرمائي ٿو:
اکين ۾ ٿي ويهه ته، آءٌ واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آءٌ نه ڏسان ڪي ٻيو.
يا وري سُر سارنگ ۾، انهيءَ ساڳيءَ ڪيفيت جو اظهار هن طرح ڪيو اٿس. اهو بيت مثال طور اڳ ۾ به مٿي ڏنو ويو آهي:
اڱڻ تازي، ٻهر ڪنڊيون، پکا پٽ سوُنهن،
سُرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پرين، شال هُونِ برابر ڏينهڙا.
لطيف سائين طالب جي همٿ افزائي ڪندي چوي ٿو ته، طالب کي هميشه پنهنجي مطلوب سان ملڻ جي آس ۽ اميد رکڻ کپي. اُن لاءِ هن سُر ليلا چنيسر، سُر مومل راڻي، سُر سهڻيءَ، سُر مارئي ۽ ٻين سُرن ۾ سالڪ کي پنهنجي محبوب سان وصل جي سلسلي ۾ نااميد نه ٿيڻ واريون ڳالهيون ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ ڀٽائي گهوٽ سالڪ کي تلقين ٿو ڪري ۽ سُر ليلا چنيسر ۾ فرمائي ٿو ته:
جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج،
آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
[b]7. پيار ڪرڻ کان پوءِ ان پيار کي نباهڻ واري ڪيفيت جو درد:
[/b]پيار ڪرڻ کان پوءِ اُن پيار کي نباهڻ ئي سڀ کان وڏي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته پيار کي نباهڻ ۾ ڪوتاهي يا لاپرواهي ڪرڻ سان، پيار واري جذبي جي جاري رهڻ ۾ وڏو خطرو هوندو آهي. پيار واري جذبي کي نباهڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ طالب کي، لطيف سائينءَ اوڀالا ۽ ميهڻا ڏنا آهن ۽ مٿس ميارون به ڪيون آهن. لطيف سائينءَ ”سُر سامونديءَ“ کان سواءِ ٻين ڪيترن سُرن ۾، پنهنجن ڪردارن کي هن سلسلي ۾ خبردار ڪيو آهي. مثال طور ”سُر سامونڊيءَ“ ۾ سامونڊيءَ جي ونيءَ کي ميار ڏيندي لطيف سائين فرمائي ٿو ته، تون صرف ”سڌڙي“ آهين. پنهنجي پرينءَ جي خير خوبيءَ سان، ڏورانهن ڏيهه جي سفر تان واپس ورڻ لاءِ تون ”جل پوڄا“ نٿي ڪرين، درياءَ يا سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ”اکا نه ٿي وجهين“، ”ڏيئا نه ٿي موهين“! تُنهنجن انهن ڪوتاهين جي باوجود تون پنهنجي پرينءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڌون ويٺين ڪرين. لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
جا جر جاٽون نه ڏي، ڏيئا نه موهي،
سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون.
ڀٽائي گهوٽ، ڏورانهين ڏيهه جي سفر تي ويندڙ سامونڊيءَ جي پيار ۾ پابند هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ اهڙيءَ ناريءَ کي ميار ڏيئي چوي ٿو ته، چُپ چاپ ۽ بي اوني ٿي ويهي رهڻ سان، تون پنهنجي پرينءَ کي پائڻ جي سَڌَ ڪيئن ٿي ڪري سگهين؟ توکي ته پنهنجي پرينءَ جي خيريت سان واپس ورڻ لاءِ بيقرار ٿي، سکائون پاکائون ڪرڻ گهرجن؛ سمنڊ جي ڪناري تي وڃي سڄڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي.
حاصل مطلب ته شاهه لطيف پنهنجي سموري شاعريءَ ۾، انسان جي نفسياتي ڪيفيتن ۽ سندس داخلي دردن ۽ سورن جي اهڙي اثرائتي عڪاسي ڪئي آهي، جو ان کي پَسي، ماڻهو خود دردن ۽ سورن جو ذائقو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. بلاشبه لطيف دردن جي ترجماني ڪندڙ باڪمال شاعر آهي.
[b] مددي ڪتاب
[/b]1. عباسي، تنوير، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعري“، شاهه عبداللطيف لٽرري سوسائٽي، ڪراچي، 1976ع، ص: 65.
2. علامه آءِ آءِ قاضي، 1993ع، ص: 55 ۽ 56.
3. گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ڊاڪٽر، ”شاهه جو رسالو“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، ص: 57.