شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڏکن ڏانهن رويو: منير چانڊيو
اهڙيءَ طرح هن سُکن جي ڀيٽ ۾ ڏکن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. ڏکن جو هر ماڻهوءَ سان گهر واسطو آهي. ماڻهو ڄمندو ئي ڏکن ۾ آهي. جڏهن ڪو ٻار ڄمندو آهي ته، اهو به ڄمندي ئي روئندو ايندو آهي. مطلب ته جيڪو به ماڻهو دنيا ۾ آهي، اهو ٿورا ڪي گهڻا ڏک ضرور ڏسي ٿو ۽ هيٺيئن طبقي جا ماڻهو ته سڄي ڄمار مختلف قسمن جي سڀ طرفي ڏکن ۾ ورتل آهن. هو مٿئين طبقي جي به ظلمن جو شڪار ٿين ٿا ته، مختلف سماجي ۽ معاشي مسئلن جي ڪري به هر وقت ڏکن ۾ گهيريل آهن. هنن جي هر گهڙي ڏکن ۾ گذري ٿي. اهڙن ماڻهن کي زندگين ۾ سالن کان پوءِ ئي مس ڪا ٻه پل خوشي نصيب ٿئي ٿي. سندن سڄي زندگي رڳو پيٽ گذر وارو گاڏو گهليندي گذري ٿي. هو ڪنهن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ علاج نه ڪرائي سگهڻ ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري خودڪشي ڪرڻ، بکن ۾ پاهه ٿي فاقا ڪٽڻ ۽ هاڻي ته غربت ۽ مفلسيءَ جي ڪري پنهنجا ٻچا وڪڻڻ واري انتهائي اذيتناڪ ڏکن ۾ ڦاٽا پيا آهن. جڏهن ته سماجي حوالي کان هو مختلف فرسوده ۽ جاهلاڻين روايتن، رسمن، وهمن ۽ وسوسن جي روڳ ۾ ورتل آهن. هو ڪارو ڪاريءَ ۽ وڏيرا شاهيءَ کان ويندي هر قسم جي جاهلاڻين رسمن جي ڪري به ڏکن جي ستين آسمان تي پهتل آهن.
لطيف سائينءَ جو اهڙن غريب، مظلوم ۽ ڏکن جي ماريل ماڻهن سان سڌو تعلق هو، جن کي سڀ طرفي سورن سانڍي ۽ پالي وڏو ڪيو آهي، جن کي سُکن جي سُتي ئي پيل نه آهي، ڄڻ ته اهي ڏکن جي ئي ول آهن. هنن جون زندگيون ڪڙهندڙ پاڻيءَ جي ديڳ ۾ رجهندي گذرن ٿيون، جن کي اندر ۾ اٿاهه ڏک آهن. لطيف سائين ڪنهن مٿين، امير ۽ خوشحال طبقي جي پاسي ٿيڻ بجاءِ غريب، مسڪين، بي پهچ، ڏکن ۽ تڪليفن ۾ پيڙيل ماڻهن جي پاسي ٿي بيٺو؛ ۽ ساڻن پنهنجو سمورو ناتو جوڙي ڇڏيائين؛ ۽ کين ڏکن سان مقابلو ڪرڻ جي روش اختيار ڪرڻ جو فڪر ڏنائين. هن نه ٿي چاهيو ته، ماڻهو ڏکن جي روڳ ۾ وڪوڙجي هر پل انهن کي پيا ڀوڳندا رهن ۽ اهي روڳ ۽ ڀوڳنائون سندن زندگي عذاب بڻائي ڇڏين. لطيف سائين هڪ ماهر فزيشن ۽ سرجن جيئن سندن ڏکن، تڪليفن، اهنجن ۽ ايذائن جو علاج ڪيو ۽ کين مايوسيءَ ۽ نااميديءَ جي سمنڊ مان ڪڍي، اتساهه ۽ اُميد جي ’مائونٽ ايوريسٽ‘ جي چوٽيءَ تي آڻي بيهاريو. شاهه لطيف جو وڏو پارکو، سنڌ جو ناليوارو نقاد ۽ عالم رسول بخش پليجو لکي ٿو:
”سڄي سنڌ ۾ لطيف فقط هڪڙو آهي ۽ رهندو، ڇو ته هو ولي هجڻ کان قطع نظر، هڪ نرالو ۽ پيارو انسان هو. هن انسانن جي روح ۾ جهاتي پائي، انسانن جا دک، درد، سندن جذبا ۽ احساس ڏٺا هئا... هن کي پنهنجي وطن جي چپي چپي سان ۽ سندس هر مرد، ٻار ۽ عورت سان، هر مظلوم سان، هر ڏکويل، هر خوبصورت ۽ پياري شيءِ سان والهانه محبت آهي... شاهه جي شاعري در حقيقت هتي جي عام ماڻهن جي زندگيءَ جو هڪ درد انگيز ۽ من موهيندڙ داستان آهي“ (1).
سنڌ جو ناليوارو فڪري استاد، لطيف سائينءَ جو پارکو، محقق ۽ نقاد محمد ابراهيم جويو لکي ٿو: ”شاهه، سچل ۽ سامي پنهنجي سماج جا حساس ۽ سڄاڻ شاعر هئا. هنن کي سماج جي دک ۽ ان جي امنگ جي خبر هئي. هنن ان جي اُمنگ جي ترجماني ڪئي ۽ ان جي دک جو علاج تجويز ڪيو“ (2). لطيف جو ان قسم جي ماڻهن سان ڪهڙو ۽ ڪيترو تعلق آهي، ان لاءِ پليجو صاحب هيٺين بيت جي تشريح ڪندي چئي ٿو:
جوڳيئڙا جهان ۾، هئا منجهه حمام،
آراما آرڳ ٿيا، اوڏا نه آرام،
ڪيائون قيام، آءٌ نه جيئندي ان ري.
”’آءٌ نه جيئندي ان ري‘ واري ان وراڻيءَ ۾ جيڪا آدرشتا آهي، جنهن سان بار بار هانءَ تي ڌڪ لڳي ٿو، جنهن سان لطيف پنهنجي من جي ڪيفيت ٻڌائي ٿو ته، انهن ماڻهن کانسواءِ آءٌ جِي نٿو سگهان... جيڪي ’جوڳيئڙا جهان ۾، هئا منجهه حمام‘ انهن وانگر ايئن زندگيءَ ۾ رهجي جيئن ديڳ تتل پاڻيءَ جي رجهي“ (3).
لطيف سائين انهن ماڻهن سان شعوري طرح پنهنجو ناتو جوڙي ڇڏيو هو، ڇو ته هن کي سندن سموري زندگيءَ جي چڱيءَ ريت خبر هئي. لطيف سائين انهن ماڻهن جي ڏکن مان کين اتساهه ڏيارو. شاهه لطيف جو مڃيل پارکو، سنڌي ٻوليءَ ۽ لوڪ ادب جو عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيٺين بيت جي تشريح ڪندي چئي ٿو:
”سُور جنين کي سريو، سري تن صحت،
مٺي مصيبت، آهي عاشقن کي.
يعني، جن کي سور ٿيو، صحت به انهن کي ئي ملي. سورن سان، تڪليفن سان سڀ ڪا شيءِ ملندي آهي... ايئن درد مان ئي زندگيءَ جي راهه نڪري ٿي، پنڌ به سولو ۽ سڌو ٿي پوي ٿو“ (4).
ڏکن ۽ تڪليفن ۾ ورتل ماڻهن جي زندگين ۾ جيڪي آزمائيشون اچن ٿيون، تن کي شاهه لطيف آسان بڻائي ڇڏي ٿو. هو پنهنجي ڪمال فن ۽ فڪر جي ڪاريگريءَ سان سوريءَ، ڪاتيءَ، زهر، قاتل، نانگن، بلائن، جبلن ۽ پهاڙن، دريائن ۽ سمنڊن جي دهشت ۽ هيبت ختم ٿو ڪري ڇڏي. هو مختلف تمثيلن ذريعي انسان کي ڏکن وارين حالتن کي مُنهن ڏيڻ سيکاري ٿو ۽ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ دوران مري کپي وڃڻ ۾ به اٿاهه رومانويت ۽ اتساهه پيدا ڪري ٿو. هو چئي ٿو ته هڪ ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ جيڪي به ڏک، تڪليفون ۽ اذيتون ملن، تن کي زندگيءَ جو حصو سمجهي، نهايت بهادريءَ سان منهن ڏيڻ گهرجي. انهن ڏکن جي هيبت ۾ اچي ڀاڙيو ٿي، منهن نه موڙڻ گهرجي. وڏين کان وڏين ۽ ڏکين کان ڏکين حالتن کي به منهن ڏيڻ گهرجي ۽ انهن کي منهن ڏيڻ دوران، جي ماڻهو ڦاهي به چڙهي وڃي ته، اها هڪ زبردست ڳالهه آهي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو حق ۽ سچ تي قائم آهي ۽ ان سبب جي ڪري کيس جان جي قرباني به ڏيڻي پئجي وڃي ته، اها هڪ فخر ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو حق ۽ سچ تي بيٺل آهي ۽ سموريءَ (ڏکن) کان مُنهن موڙي ٿو ته، اهو عيب آهي. لطيف سائين چئي ٿو:
سوري آهي سينگار، اصل عاشقن جو،
مُڙڻ، موٽڻ مِهڻو، ٿيا نظاري نروار،
ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.
(سُر ڪلياڻ. د _ 2، ب _ 3، آڏوڻي ڪلياڻ)
يا:
عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،
توڻي چڪن چاڪ، ته به آهه نه سلن عام کي.
(سُر ڪلياڻ، د _ 2، 13، آڏواڻي ڪلياڻ)
جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ کي حق ۽ سچ، پنهنجي وطن ۽ ماڻهن ۽ انسان دوست مقصد سان عشق آهي، ته پوءِ اهو عاشق ڪوڙي زهر ۽ قاتل کي ڏسي به خوش ٿيندو. جيڪڏهن ان کي پنهنجي مقصد سان سچو عشق آهي ته، پوءِ جي هن جا زخم ڪڙهندا ۽ پچندا به، ته هو انهن جو ڪنهن سان ذڪر نه ڪندو ۽ انهن ڏکن کي ڪا به اهميت نه ڏيندو. جيئن وقت جي وڏن مفڪرن، سائنسدانن، سورمن، انقلابي اڳواڻن ۽ عظيم انسانن، سُقراط، عيسيٰ، منصور، ابن رشد، دودي سومري، جادم جکري، مخدوم بلاول، دولهه درياهه خان، هوشو، ڀڳت سنگهه ۽ ٻيا دنيا جي ٻين عظيم انسانن، سوريءَ تي چڙهڻ، سنگسار ٿيڻ ۽ زهر جو وٽو پيئڻ قبول ڪيو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي انسان سوز اذيتون برداشت ڪيون، پر پنهنجي حق ۽ سچ سان عشق واري ڳالهه تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي سنڌ جو ناليوارو ليکڪ انعام شيخ لکي ٿو ته: ”هتي اها ڳالهه واضح هجڻ گهرجي ته، هي جيڪي ’چاڪ چڪن ٿا‘ پر پوءِ به، ’آهه عام سان نه ٿي سلجي‘، تنهن جو مقصد اهو نه آهي ته، هي سور ڪو ذاتي سور آهن، يا شرم جو باعث آهن، تنهن ڪري انهن کي ظاهر نٿو ڪجي يا شاهه جو آدرشي سورمو جيڪو سندس ڪلام جي فلسفي جي نمائندگي ڪري ٿو، سو ٻُڌائيندي گهٻرائي ٿو يا ڪو منجهس ايتري اخلاقي يا روحاني جرئت ڪونهي، ڪڏهن به نه، لطيف جو سورهيه ته انهن معمولي آزمائشن مان بنا مٿو منهن پٽڻ ۽ رنج روڳ ڪرڻ جي گذري ٿو“ (5).
اهڙن ئي املهه انسانن لاءِ لطيف سائين چئي ٿو:
رهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽاءَ،
جن کي سور سرير ۾، گهٽ منجهاران گهاءَ،
لڪائي لوڪاءَ، پاڻهين ٻڌن پٽيون.
(سُريمن ڪلياڻ، د _ 1، ب _ 7، آڏواڻي ڪلياڻ)
تن ماڻهن وٽ رات رهي اچجي، تن ماڻهن سان ڪچهريون ۽ ملاقاتون ڪري اچجن، جن جي جسم ۾ سور ۽ اندر ۾ گهاءَ آهن، جيڪي عام ماڻهن کان سور لڪائي، پنهنجي زخمن جون پاڻ ئي پٽيون ٿا ڪن، جيڪي بردبار آهن، جيڪي پنهنجا سور ماڻهن کي ڏيکاري، کانئن ڪا همدردي حاصل نٿا ڪن، پنهنجي زخمن جي نمائش نٿا ڪن، پر کين سڄي لوڪ کان لڪائي، چپ چپات ۾ ئي پنهنجن زخمن جون پاڻ ئي پٽيون ٿا ڪري ڇڏين. لطيف سائين وڌيڪ چئي ٿو:
آيل! آنءُ مَ وسهان، هنجون جي هارين،
آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين،
سڄڻ سي سارين، نه ڪي روئن نه چون ڪي.
(سُريمن ڪلياڻ د_1، ب _ 11، آڏواڻي ڪلياڻ)
’جيڪي ماڻهو پنهنجن اکين ۾ ڳوڙها آڻي دنيا کي ٿا ڏيکارين، اهڙن روئڻن، پٽيندڙن، ڪمزور ۽ ماتم ڪندڙ ماڻهن تي مان ويساهه نٿو ڪري سگهان. منهنجا آئيڊيل ته اهي ماڻهو آهن، مان ته اعتبار انهن ماڻهن تي ڪندس، جيڪي نه روئندا ۽ نه پٽڪو ڪندا‘.
”لطيف چئي ٿو ته ڇا به ٿي پئي، ڪجهه به ٿي پئي ڪهڙي به قيامت ڪڙڪي پئي، اکين ۾ ڳوڙها آڻي زماني کي ڏيکارڻ، ڏک جي سر بازار نمائش ڪرڻ، درد جي نمائش ڪرڻ وڏو عيب آهي. لطيف وٽ درد جي هيبت ۾ اچڻ، درد جي زير ٿيڻ، ڏک جو شڪار ٿيڻ به عيب آهي. لطيف ڏک سان مقابلو ڪرڻ جي روش رکي ٿو... لطيف وٽ پاڻ تي ترس کائڻ کان وڏو ڪو ٻيو عيب نه آهي. هو عشق جي راهه ۾ ڏکن، اهنجن، ناڪامين ۽ دردن کي وڏو درجو ڏئي ٿو“(6).
لطيف سائينءَ جو ڏکن ڏانهن جيڪو رويو آهي، اهو وڏو اتساهڪ آهي. سنڌي ادب جو ناليوارو محقق ۽ نقاد قربان بگٽي لکي ٿو: ”لطيف جو ڪلام انسان کي باهمت بڻائي ٿو ۽ پنهنجي نظريي لاءِ قرباني ڏيڻ جي تلقين ڪري ٿو. لطيف جو ڪلام انسان کي ڪونڌر بڻائي ٿو ۽ مختلف پهاڙن کي به ڀڃي رتيون ڪيو ڇڏي“(7).
اسان جي سنڌي سماج ۾ لطيف جا بيت ۽ انهن جون سِٽون پهاڪن، چوڻين، تمثيلن، اصطلاحن ۽ نصيحتن طور به استعمال ڪيا ويندا آهن. ڪنهن ماڻهوءَ تي جيڪڏهن ڪو ڏکيو وقت ايندو آهي ته، کيس ’ڏک سکن جي سونهن‘ جي اصطلاح سان همٿائيندا آهن. اهڙيءَ طرح کيس لطيف سائينءَ جي شاعريءَ جي فڪر ذريعي اتساهه ۽ همت جي پهاڙن جي بلندين تي پهچايو ويندو آهي، ڇو ته لطيف سائينءَ ڏکن کي سُکن جي سونهن سمجهي ٿو. هو سُکن کي ڏکن تان گهوري ڇڏي ٿو. هو سمجهي ٿو ته، ڏکن جي ڪري ئي ماڻهوءَ کي منزل ۽ ماڳ ملي ٿو. هو چئي ٿو:
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ريءَ،
جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
(سُر حسيني، د_6، ب _ 9، آڏواڻي ڪلياڻ)
ان حوالي سان ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جو مقالو لکندڙ، لطيف سائينءَ جي پارکو ۽ ناليواري محقق ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي: ”شاهه صاحب ڏک سهڻ کان سواءِ ۽ درد جي اذيت برداشت ڪرڻ کان سواءِ حاصل ٿيندڙ سُکن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ هو سُکن جو اصل حُسن انهن ڏکن کي قرار ڏئي ٿو، جيڪي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سَٺا ويا آهن“ (8).
هيڏانهن اسان جي سماج جا ڪيترائي ماڻهو اهو ڪم ڪرڻ چاهيندا آهن، جنهن ۾ ڪا به تڪليف نه هجي يا هو اهڙي نوڪريءَ جي گھُر ڪندا آهن، جنهن ۾ تمام گهٽ ڪم ڪرڻو پوين، ڇو ته کين جائز ڪم ڪرڻ وقت به تڪليف محسوس ٿئي ٿي. هُو چاهيندا آهن ته کين اهڙي نوڪري ملي، جنهن مان کين پگهار ته ملي، پر ڪو ڪم نه ڪرڻو پوي. اهڙن ماڻهن جي لطيف سائين نندا ڪئي آهي. لطيف سائين جو سُکن ڏانهن رويو ڏسو:
ڀنڀور جن سکن، مون کي ساٿان کاريو،
هاڻي ساڻ ڏکن، تان ڪي ڏونگر ڏوريان.
(سُر حُسيني، د _3، ب _ 2، آڏواڻي ڪلياڻ)
فقط سُکن ۾ ويهي ماڻهو نڪمو ٿي وڃي ٿو. هڏ حرام ٿي وڃن ٿا، ڪنهن نه ڪم جو رهجي وڃي ٿو، ساٿ کان ڪٽجي وڃي ٿو، پر ڏکن ذريعي وري ساٿ سان سلهاڙجي وڃي ٿو، ۽ ڏونگر به پار ڪري وڃي ٿو. جديد سنڌي شاعريءَ جي اعليٰ ۽ باڪمال شاعر شيخ اياز جو چوڻ آهي:
”شاهه سائينءَ جا سمورا ڪردار تلوار جي چهنب تي نچندي نظر اچن ٿا. هر ڪو پنهنجي صليب ڪلهي تي کنيو پيو هلي. جيڪو قول يا عمل هنن پنهنجي تقدير جي واٽ تان هٽائڻ چاهي ٿو، ان کي هو ڪبيرو گناهه سمجهن ٿا“(9). لطيف سائين چئي ٿو:
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو،
سونهائي سورن، ڪي هيڪاندي هوت سين.
(سُر حُسيني، د_6، ب_2، آڏواني ڪلياڻ)
ڏک ۽ تڪليفون ئي پرينءَ جو رستو ڏيکاري سونهون بڻائين ٿا، دنيا ۾ هلڻ جي سمجهڻ ڏين ٿا. شاهه لطيف جو پارکو آغا سليم، ڏکن بابت مختلف فلسفين جي فڪر جو ذڪر ڪندي، لکي ٿو ته:
”ارسطو ڏاڍي فلسفياڻي ڳالهه ڪئي ۽ چيو آهي ته ماڻهو جڏهن الميا ڊرامي ۾، ڏک جا منظر ڏسندو آهي ته، ماڻهوءَ جي ڪيٿارسس ٿيندي آهي. يعني هن جا همدردي ۽ رحم جا جذبا ڌوپجي اُجرا ٿي ويندا آهن. شاهه لطيف ڀٽائي به اها ڳالهه ڪئي آهي ۽ اهو ئي هن جو فلسفو آهي ته، سور، غم، ڏک، ايذاءُ ماڻهوءَ جي اندر کي ڌوئي اُجرو ڪري ٿو.“ (10)
ان ڪري ئي هو سوين سک ڏئي، هڪ ڏک وٺڻ جو سودو ڪري ٿو، ڇو ته اهو هڪ ڏک ئي پرينءَ جو پير ڏيکاريندڙ آهي. هو چئي ٿو:
سؤ سُکن ڏيئي، ورهه وهايم هيڪڙو،
مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو.
لطيف شناسيءَ جي حوالي کان هڪ اهم ڪتاب، ”پيغامِ لطيف“ جو خالق ۽ سنڌ جو برک عالم سائين جي ايم سيد چئي ٿو: ”سور ۽ ڏک رهبر آهن. جهڙيءَ طرح سائڪرين مٺاڻ جو جوهر آهي، اهڙيءَ طرح ڏک ۽ سور محبت جوهر آهن ۽ منجهس انتهائي خوشي سمايل آهي. مقصد کي پهچڻ لاءِ ماڻهوءَ کي تڪليفن ۽ مشڪلاتن، ڏکن ۽ ڏاکڙن جو عادي ٿيڻو آهي. صحيح سلامت، بنا تڪليف جي، مقصد کي پهچڻ ڪوڙي سَڌ آهي. اتي صرف اندر جي اڌ وارا ئي ڏونگر ڏوري پهچندا“(11). لطيف سائين چئي ٿو ته، رڳو ايترو ئي ڪافي نه آهي، پر:
مَر مٿا ڏيئي، پنهونءَ ڪارڻ پٻ ۾،
سرتيون سڀيئي، واکاڻينئي ويٺيون.
(سُر حُسيني، د_ 9، ب _9، آڏواڻي ڪلياڻ)
”جڏهن ماڻهو اهڙا رويا اختيار ڪري ٿو ۽ زندگيءَ ۾ بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ جي ان مقام کي رَسي ٿو ته، پوءِ پوءِ سچ پچ به منزلون پاڻ اچي پيش پون ٿيون“(12).
جيڪي انسان پنهنجي عظيم مقصد جي حاصلات واري ان سفر ۾ پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏين ٿا ته، نه فقط انهن کي پنهنجو همعصر دؤر، پر ان کان پوءِ به ايندڙ ڪيتريون ئي صديون ۽ زمانا واکاڻين ٿا ۽ انهن سان محبت ڪن ٿا. اڄ سسئي، سهڻي، مومل، دودي، جکري ۽ منصور کان ويندي سقراط ۽ ٻين دنيا جي ڪيترن ئي سائنسدانن، فلسفين، ڏاهن، عظيم انقلابي اڳواڻن ۽ انسان جي ڀلي لاءِ جاکوڙيندڙ انسانن سان ماڻهو ان ڪري محبت ڪن ٿا ته، هو ڪنهن به رسمي ڏکن جي هيبت ۾ اچي، پنهنجي مقصد تان نه هٽيا ۽ ان ڪري ئي کين خلوص ۽ پيار سان ياد ڪيو وڃي ٿو. لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏکن ڏانهن اهڙا ئي اتساهڪ ۽ آدرشي رويا تخليق ڪيا آهن. جيڪي ڏکن جي ماريل ۽ مظلوم ماڻهن کي ڏکن جي هيبت ۾ وڃڻ نٿا ڏين، ڏکن جي ڪرب جي روڳ ۾ مبتلا نه ٿا ڪن، پر انهن کي زندگيءَ جو حصو سمجهي، ان مان سِکي ۽ اتساهه وٺي انهن جو مقابلو ڪن ٿا ۽ پنهنجيءَ منزل ڏانهن سفر جاري رکن ٿا. اهڙن ئي روين رکندڙ انسانن جو رڳو هڪ ننڍڙو حصو جيڪڏهن اسان جي سماج ۾ پيدا ٿي پوي ته، يقينن هن سماج ۾ ڪو به ڪم ۽ ڪي به وڏا انقلاب ڏکيا نه رهن. ماڻهن جي ذهني، نفسياتي، جسماني، سماجي، معاشي ۽ هر طرفي پسماندگي ۽ غلامي ختم ٿي وڃي.
[b]نتيجا:
[/b] * شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڏکن ڏانهن رويو، انهن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ وارو آهي.
* لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ ڏک ڏانهن رويو، اُتساهه وٺڻ ۽ منزل تي پڄائن وارو آهي.
* لطيف سائين جا آئيڊيل، ڏکن سان مقابلو ڪندڙ ۽ انهن جي دهشت ۾ نه ايندڙ انسان آهن.
* لطيف سائين چئي ٿو ته ڏک زندگيءَ جي راهه سولي ۽ سِڌي ڪن ٿا.
* لطيف سائين جا ڪردار مسلسل ڳولا ۽ جدوجهد ڪرڻ وارو جذبو رکن ٿا.
* لطيف سائين سکن جي ڀيٽ ۾ ڏکن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو.
* لطيف سائين ڏکن سان مقابلو ڪرڻ جي روش رکي ٿو.
* لطيف سائين ڏک جي هيبت ۾ اچڻ کي عيب سمجهي ٿو.
* لطيف سائين ڏکن جي نمائش ڪرڻ کي عيب سمجهي ٿو.
[b]حوالا[/b]
1. پليجو رسول بخش، انڌا اونڌا ويڄ، سنڌي ادب ۾ تنقيد، حصو پهريون: شيخ اياز، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1998، ص: 251 _ 249.
2. جويو محمد ابراهيم، شاهه سچل سامي، سنڌي ادب ۾ تنقيد، حصو ٻيو: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2007، ص 60.
3. پليجو، رسول بخش، ”لطيف جي شاعريءَ جا فڪري سرچشما“، ٽماهي جرنل فريڊم، شمارو پهريون، جلد 1، سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي، حيدرآباد، فيبروري اپريل 2007ع. ص38
4. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”سُور ته سنيهو آهي...“ اگهيا سٽ سندا، مرتب: ڊاڪٽر نور افروز خواجه، شاهه لطيف ريسرچ سيل. سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 2007ع، ص: 208.
5. شيخ انعام، ”شاهه لطيف جي ڪلام جو فلسفو“، سنڌي ادب ۾ تنقيد حصو ٻيو: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2007، ص : 255.
6. چانڊيو جامي، ادب، سياست ۽ سنڌي سماج، مرتب: منير چانڊيو، سينٽر فار پيس اينڊ سول ۽ سوسائٽي. حيدرآباد، 2008، ص : 78 _77.
7. بگٽي قربان، شاهه لطيف جي شاعري ته تنقيدي اڀياس، سنڌي ادب ۾ تنقيد حصو ٻيو، ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعريءَ، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2007، ص : 158.
8. فهميده حسين، ڊاڪٽر: شاهه لطيف ڪا فلسفه غم، شاهه ۽ سنڌ، سهيڙيندڙ، ڊاڪٽر فهميده حسين، شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 1998ع. ص : 194.
9. شيخ اياز، سنڌ جو فيلسوف شاهه لطيف، سنڌي ادب ۾ تنقيد حصو ٻيو: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري، مرتب: جامي چانڊيو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2007، ص : 199.
10. آغا سليم ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سور ۽ سختين جو فلسفو“ _ ”اگهيا سٽ سندا“ مرتب: ڊاڪٽر نور افروز خواجه شاهه لطيف ريسرچ سيل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، 2007ع، ص : 91.
11. . سيد جي ايم، پيغام لطيف، ڇاپو چوٿون، جي ايم سيد اڪيڊمي سن، ضلع دادو، 2005ع: 134.
12. چانڊيو جامي، ادب، سياست ۽ سنڌي سماج، مرتب: منير چانڊيو، سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي، حيدرآباد، 2008، ص 9.