لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال

لطيفيات جي موضوع تي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سمايل درد جي جمال بابت مختلف سنڌي ۽ اردو مقالن ۽ مضمونن جي مجموعي جي ترتيب ۽ تدوين نامياري محقق ۽ شاعر ڊاڪٽر فياض لطيف جي محنت جو ثمر آھي. ڪتاب ۾ 26 سنڌي ۽ 6 اردو مقالا شامل ڪيا ويا آھن. اڪبر لغاري لکي ٿو:
”ڊاڪٽر فياض لطيف نوجوان محقق ۽ سُچيت نقاد آهي. هُن شيخ اياز جي جمالياتي شاعريءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سندس اهو تحقيقي ڪم پنهنجي حوالي سان وڏي اهميت جو حامل آهي، پر هُن وٽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان پنهنجي بصيرت ۽ هڪ پنهنجو نقطه نظر آهي. هُن لطيف جي مختلف فني ۽ فڪري نقطن تي جديد تحقيق ۽ تنقيد جي روشنيءَ ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي، پر درد جي موضوع تي مختلف عالمن جي ترتيب ڏنل مقالن/ مضمونن (جنهن ۾ هن جو پنهنجو هڪ مقالو به آهي) تي محيط سندس هي ڪتاب، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو جمال“ پڻ انتهائي قيمتي ۽ ڪارائتو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 1523
  • 373
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • فياض لطيف
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾  درد جو جمال

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد هڪ گھڻ رخو اڀياس: ڊاڪٽر احسان دانش

[b]درد جي حقيقت
[/b]درد جي حقيقت انسان جي زندگيءَ جي حقيقت آهي. انسان جي حياتيءَ جا پل ۽ پهر الڳ الڳ جذبن جي جولان ۾ گذرن ٿا، پر هو جيڪي گھڙيون غم ۽ اندوهه جي ڪيفيت ۾ گذاري ٿو، سي ڏاڍيون ڳوريون هجن ٿيون. درد ڪڏهن ماڻهوءَ کي ٽوڙي وجھي ٿو ته ڪڏهن سگھ ڏئي ٿو، ان جا کوڙ روپ ۽ رنگ آهن. فارسي زبان جي شاعر لايق شير علي جو شعر آهي ته:
زندگی پیرهنِ افسرده‌ ست
دربِهش گر بکنی، باز درَد.
(زندگي غم جو چولو آهي، جيڪڏهن تون ان کي رفو ڪندين ته وري ڦاٽي پوندو.)
درد ماڻهوءَ جي جيون سان جڙيل هڪ اهڙو احساس ۽ ڪيفيت آهي، جنهن کان سواءِ زندگي جي حسناڪين جو تصور به ڏاڍو ڌنڌلو محسوس ٿيندو. جيڪڏهن انسان درد کي پنهنجي طاقت بڻائي ٿو ته، اهو کيس رچائي پچائي ريٽو ڪري ڇڏي ٿو. غم رڳو دل جو روڳ نه آهي، پر ان ۾ مٺي مٺي راحت به آهي. ڪي ٿورا ماڻهو درد جي حسناڪين جو شعور رکندا آهن. درد ۽ الم جي حقيقت جو صحيح ادراڪ گوتم جي فلسفي مان پئجي سگھي ٿو. جنهن پنهنجي فڪر جو تت هڪ ئي جملي ۾ اوتي چيو، ”سروم دکم دکم“. هي حياتي دک کان سواءِ ڪجھ به ناهي ۽ دک ئي ازلي سچ آهي. ”گوتم جي آڏو ڏک جي معنى ڏک کان سواءِ ٻي به آهي. جيئن محرومي، مايوسي، ناڪامي وغيره. هن جي آڏو زندگي مسلسل ڏک ۽ مايوسي آهي..... ڏک جو بنيادي سبب خواهش آهي. خواهش لاءِ هن ’ترشنا‘ لفظ استعمال ڪيو آهي، جنهن جي معنى ’اڃ‘ آهي. ترشنا جو سچ وري اَوديا آهي. اَوديا جي ڪري ترشنا پيدا ٿيندي آهي. اوديا جي معنى اڻ ڄاڻائي نه آهي، پر ڪنهن به معاملي جي اڻ پوري ۽ هڪ طرفي ڄاڻ آهي..... ترشنا کي ختم ڪرڻ يا اهڙي حالت ۾ اچڻ جو ماڻهوءَ جي دل ۾ ترشنا پيدا نه ٿئي، ان کي گوتم نرواڻ سڏيو آهي.... گوتم جڏهن خواهش کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري تڏهن هو ائين نه ٿو چئي ته ماڻهو خواهش ڪرڻ ئي ڇڏي ڏي.... گوتم کي ان ڳالهه جو احساس هيو ته خواهش زندگي آهي. خواهش ڪجي پر خواهش کي ترشنا ٿيڻ نه ڏجي، ڇوته اڃ لاهڻ لاءِ ماڻهو مجبور هوندو آهي ۽ خواهش کي مجبوري بڻائڻ نه گھرجي.“ (1)
دنيا جي سمورن ڏاهن ۽ ڏاتيارن غم جي حقيقت کي ڦولي درد جي فلسفي بابت پنهنجا خيالَ پيش ڪيا آهن. عرب مفڪرن دنيا کي دارالمحن (امتحان جي جاءِ) ۽ دارالحُزن (ڏک جي جاءِ) سڏيو آهي. ظاهر ٿيو ته درد هڪ دائمي حقيقت آهي، جنهن کان ڪو زنده انسان بچي نه ٿو سگھي. تڏهن ئي ته مرزا غالب چيو هو ته:
قید ِحیات و بندِ غم اصل میں دونوں ایک ہیں
موت سے پہلے آدمی غم سے نجات پاے کیوں .
درد جي حقيقت ڪنهن دکي دل کان معلوم ڪجي، ڇوته دک جي ڪيفيت محسوس ڪرڻ جي شيءِ آهي. درد جو نه ڪو رنگ آهي، نه شڪل. اهو اهڙو احساس آهي، جنهن کي ڪو ڏکايل ۽ گھايل ئي محسوس ڪري سگھي ٿو. بقول شاهه سائين:
سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، گھايَلَ ڪيئن گھارِينِ (سُر يمن ڪلياڻ، د 1)
مير تقي مير به ڪجھ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي آهي:
پہنچے ہر اک نہ درد کو میرے
وہ ہی جانے جو ایسا حال رکھے
ڊاڪٽر اسد جمال پلي سور جي سائنس سمجھائيندي لکي ٿو ته، ”عام طرح سورُ ــ تڪليف يا بيماريءَ کي چئجي ٿو، پر در حقيقت ’سور‘ جسم ۾ موجود تڪليف جو اطلاع ڏئي ٿو ۽ وقت سر ان جي تدارڪ جو تاڪيد ٿو ڪري. ڪئنسر (Neo-Plasma) جا ڳوڙها (Tumours) يا ڦٽ (wounds) انڪري ئي خطرناڪ آهن، جو اهي شروع ۾ سور نه ڪندا آهن ۽ نظرانداز ڪبا رهبا آهن ۽ تمام دير سان ڏُکندا آهن..... سور اضافي طبعي، تحفظ وارو عمل آهي، جيڪو انساني خواهش جي وس ۾ نه آهي.... البته سور سعادت آهي جو انسان کي پنهنجي معالج وٽ وقت سر پهچائي ٿو.“ (2) هاڻي جڏهن سور سعادت بڻجي ٿو ته ان کان ڊڄڻ ۽ ڪنبڻ ڇاجو؟ جيڪي ماڻهو سور جي حقيقت کان آگاهه آهن، سي سورن کي سدا سڏيندا رهن ٿا. ڀٽائي کي به سور جي ماهيت جو اندازو آهي، تڏهن ئي ته چوي ٿو ته:

پرين جي پاڻ ڏنا، سي سُتي سُک نه ڏين،
جي ماڙهن کي مارين، تن سورن کي سڏ ڪريان. (سُر آبري، د )

انسان جي زندگيءَ ۾ ڏکُ اڻٽيهين رات جي آسمان وانگر آهي. گھرو، ڪارو ۽ وشال ۽ خوشي جرڪندڙ تارن جيان آهي، ٿوري ٿوري ۽ ڪٿي ڪٿي. ”غم اهو کوهه آهي، جنهن جي اندران اوهان جي آواز جو پڙاڏو اچي ٿو ۽ هيءَ اها جاءِ آهي جنهن ۾ اوهان جا لڙڪ ڪرن ٿا.“ (3) لبنان جي ڏاهي خليل جبران لکيو آهي ته ”درد هڪ املهه تحفو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي نه ملندو آهي. مان پنهنجي غم تي فخر ڪريان ٿو. جڏهن منهنجو غم پيدا ٿيو ته مان گھڻي احتياط ۽ وڏي محنت سان سندس پرورش ڪئي.“ (4)
”درد اها واحد انساني جبلت آهي جيڪا مڪمل طور تخليقي آهي. درد جي نتيجي ۾ هڪ طرف انسان جي اندر ۾ نرم احساس ڦٽن ٿا، ته ٻي پاسي درد انسان کي ڪنهن نه ڪنهن تخليقي سرگرمي طرف اتساهي ٿو. ڇاڪاڻ ته درد جي ڪيفيت ۾ انسان خاص طور فنڪار مڪمل طرح سانت ۽ سڪون ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ پوءِ هو بي چيني جي عالم ۾ جڏهن سوچي ٿو ۽ ڪا به شيءِ/ فنپارو تخليق ڪري ٿو ته اهو ڪمال جي درجي جو هجي ٿو.“ (5) درد شاعريءَ جو بنيادي موضوع آهي، درد جون کوڙ صورتون آهن. دنيا جي سڄي شاعري انسان جي خارجي ۽ داخلي دک جي ڪٿا آهي. شيلي چيو هو ته ”Our sweetest songs are those that tell of sadest thought” شاهه جي شاعري به درد جي ڪيفيت سان ٽمٽار آهي ۽ منجھس غم جون سوين صورتون نظر اچن ٿيون. تخليق خود هڪ درد جو عمل آهي، جيڪو ماڻهو پاڻ ڀوڳي ٿو، سو ٻي جي پيڙا کي به محسوس ڪري ٿو. ائين جيسيتائين ڪو شاعر درد جي جبلت کي گھرائي سان محسوس نه ٿو ڪري ۽ غم جي ماهيت جي پروڙ نه ٿو رکي تيسيتائين ان کي پنهنجي باطن ۾ جذب نه ٿو ڪري سگھي. لطيف پنهنجي ڪردارن جي پيڙا جو پورو احساس رکي ٿو. هو سسئيءَ جي سورن کي پنهنجي سرير ۾ محسوس ڪري ٿو. هن کي مارئي جي درد ۽ اذيت جو اندازو آهي. هو سهڻيءَ جي دک کان واقف آهي. اسان ڀٽائي کي سندس رسالي ۾ موجود ڪنهن به ڪردار جي دک کان ڌار نه ٿا ڪري سگھون. جن ماڻهن کي درد جي حقيقت جو شعور حاصل ٿي وڃي ٿو، سي ان جي گھرائيءَ ۾ ايترو ته اونهو لهي وڃن ٿا، جو سور جو سچ بيان ڪرڻ کان به قاصر رهن ٿا. شاهه به درد جي درياهه جو اهڙو ئي غواص آهي، تڏهن ئي ته هن سُر معذوري جي هڪ وائي ۾ چيو آهي ته:
مَدَحَ مون کان نه ٿِئي، سَندي سُورَ صِفَتَ ...... الخ (سُر معذوري، د 1)
شاهه لطيف جي سڄي شاعريءَ تي درد بادلن جيان ڇانئيل آهي. هر سُر ۾ غم جون جدا جدا صورتون آهن. هر بيت ۾ درد جون الڳ الڳ جهتون آهن. سوز ۽ سور جي ڪا هڪ معنى ناهي، غم ڪنهن هڪ لباس ۾ ملبوس نه آهي، پر اهو گھڻ رخو ۽ گھرو آهي.

[b]شاهه جي شاعريءَ ۾ درد جا لفظي روپ:
[/b]شاهه سائين جي ڪلام ۾ درد جا ڪيئي لفظي روپ ملن ٿا. مشهور آهي ته، ’گل کي ڀلي ڪهڙي به نالي سان سڏجي پر ان جي خوشبو ۾ ڪو به فرق نه ايندو‘. ساڳي طرح لطيف سائين به دک کي الڳ الڳ نالن ۾ پيش ڪيو آهي، پر هر جاءِ تي ان لفظ جي رقت ۽ ملال کي محسوس ڪري سگھجي ٿو. شاهه جي رسالي ۾ ان اذيت ۽ الم کي ’ڏک، درد، گوندر، غم، سور، پور، سوز، مصيبت، حُزن، پيڙا، رنج، اهنج، آزار، ڏولائو، کام، لڇ‘ وغيره جي لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. سور جا اهي سمورا روپ هر سُر جي نسبت پنهنجو ڌار احساس ۽ ڪيفيت رکن ٿا. شاهه جي ڪلام مان درد جي اهڙن لفظي روپن جي هڪ جھلڪ ملاحظه ڪريو:

ڏک
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ (سُر ڪلياڻ، د 2)
**
سُکين ٿِيُ مَ سَنَرِي، پَسِي ڏُکَ مَ ڏَرُ (سُر آبري، د 1)
درد
ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو (سُر ڪلياڻ، د 3)
**
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا (سُر ڪلياڻ، د 1)
گوندر
سامُونڊِيَڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون (سُر سامونڊي، د 1)
غم
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيو قَلبَ قَرارُ؛
وَھِلو وِچائِين وِيو، ڪَري غَمُ گُذارُ؛
نِظارو نِروارُ، پِي پَسايو پانھِنجو. (سُر سارنگ، 1)
سور
سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، گھايَلَ ڪيئن گھارِينِ (سُر يمن ڪلياڻ، د1)
**
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ (سُر سهڻي، د 9)
پور
سُورَنِ سانڍيـياسِ، پُورَنِ پالِي آهِيان (سُر حسيني، د 10)
سوز
ڪَنُ ٿِيُ، ڪيچِيُنِ ڪُڇِيو، ڪُڇُ مَ، ٿا ڪُڇَنِ؛
اِشارَتُون اُنِ جون، سُڪُوتان سُڄَنِ؛
وَٽان ويـهِي تَنِ، سُڻُ ته سوزُ پرائِيين. (سُر آبري، د 11)
مصيبت
مِٺِي مصيبت، آهي عاشقنِ کي. (سُر يمن ڪلياڻ د 8)
حُزن
حُزنُ ھوتَ پُنھونءَ جو، رُڳيا ئِي راحَتَ (سُر معذور، د 1)
پيڙا
حبيبَ ئي هڻِي ويا، پِيڙا جا پَچار (سُر ڪلياڻ د 4)
رنج
اگھي اَگھائي، رَنجُ پِريان کي رسيو (سُر ڪلياڻ، د 2)
اهنج
جي تون سڪڻ سکيو، ته ڪافيءَ پئه مَ ڪَهنجهه،
سُپيريان جي سورَ جو، ماڙهن ڏجي نه منجھ،
اندر ايءُ اهنجُ، سانڍج سُکائون ڪري. (سُر ڪلياڻ، د 2)
آزار
اُٿياري اٿي وِيا، مَنجھان مُون آزارَ (سُر ڪلياڻ د 3)
**
ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، آهي ۾ آزارَ (سُر سهڻي، ابيات متفرقه)
ڏولائو
لاھِئين مَٿان لوڪَ، ڏولائي جا ڏِينھَڙا. (سُر سارنگ، د 3)
**
نِمي کَمِي نهار تون، ڏَمَرُ ڏولائو (سُر يمن ڪلياڻ، د 8)
کامَ / کامڻ
پُڇُ پَتنگنِ کي، سندِيُون کامَڻَ خَبَرُون (سُر يمن ڪلياڻ، د 3)
**
کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان (سُر کاهوڙي، د 2)
لُڇ / لڇڻ
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ (سُر ڪلياڻ، د 3)
**
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ (سُر يمن ڪلياڻ د 1)

درد جون اهي ساريون لفظي صورتون شاهه لطيف جي ڪلام ۾ موجود دک جي داستان کي پڌرو ڪن ٿيون. اهنج جي ڪوٺاريءَ ۾ پيل اهي سڀئي اکر، پور ۽ سور جي سڳي ۾ پويل اهي سارا لفظ، پيڙا جي پاتال ۾ موجود اهي شبد ۽ ڏک جي ڏونگرن هيٺان دٻل اهي سموريون سٽون شاهه جي شاعريءَ جي ان راز کي پڌرو ڪن ٿيون جنهن وسيلي ان رقعت جي حقيقت کي سمجھي سگھجي ٿو، جيڪا ڀٽائي جي ڪلام تي حاوي نظر اچي ٿي. لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ موجود درد ۽ اندوهه جي مٽيءَ مان ڳوهيل اهي احساس، اهي غم ۽ گوندر جون ڪيفيتون، اها سوز جي ساز جي صدا جنهن ۾ رنج ۽ حُزن آهي، ملال جي اها مٺي مصيبت، اهي آزار جا انواع، اهي ڏولائن جا ڏينهن، کامڻ، لڇڻ ۽ پچڻ جون پچارون ڪلياڻ کان بلاول تائين ڦهليل نظر اچن ٿيون.

[b]شاهه جي سورمين وٽ درد جا انواع:
[/b]شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جا اڪثر ڪردار ڪنهن نه ڪنهن ريت سورن جو سفر ڪن ٿا. ڏکن ۽ ڏولاون سان منهان مُنهن ٿين ٿا ۽ ڀوڳنا جا ڀاوَ ماڻين ٿا. ٿر جا مسڪين مارو آگم جي آسري پٿرايل اکين سان غم جي صورت بڻيل آهن. سامونڊي وڻجارا اڻانگي سامونڊي سفر لاءِ سدا تيار آهن. اهو خوف، خطرن ۽ تڪليفن جو سفر آهن، جنهن ۾ سِر جون سَٽون آهن. مورڙي کي هر لمحي پنهنجي ڀائرن جي وڇوڙي جو سور ستائي ٿو ۽ مڇ سان مقابل ٿيڻ ۽ کيس ماري مات ڪرڻ جو ويچار رهي ٿو. ڪيڏاري جا جوڌا ته ميدانِ رزم ۾ سِرن جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ هن سُر ۾ سور جون سهسين صورتون موجود آهن. کاهوڙي ۽ رامڪلي جا جوڳي ۽ سنياسي دک جي عجيب ڪيفيتن ۾ مبتلا آهن. ڪي ڏٿ لاءِ ڏوريندي بک ۽ ڏک وارو پاهڻي پنڌ ڪندي، گنجي ڏونگر ڏانهن گام پيا ڌرين ته، ڪي وري ويراڳ جي راهه وٺيو، لاهوت جا لنگھ لتاڙيو چارئي پهر چُورِ آهن، پر خاص طور شاهه جي سورمين جِي ته سورن سان سنگت محسوس ٿئي ٿي. شاهه جي شاعريءَ ۾ موجود سڀني سورمين وٽ درد جا الڳ الڳ انواع آهن. سسئي کي سرجندي ئي سور مليا ۽ سامائي ته سک ويس. سهڻيءَ جي من جو قرار ميهار درياهه جي ٻي ڪنڌي هيو، ان دوريءَ جو درد هن جي هيانوَ ۾ پئي هُرندو رهيو. راڻي جي وڇوڙي کان اڳ مومل جي اکين ۾ مجاز جا الماس هيا ۽ راڻي جي ويراڳ کان پوءِ سندس نيڻن ۾ اداسي آکيرا ڪري اچي ويٺي، ان انتظار ۾ غم ۽ ياس جون عجيب ڪيفيتون موجود آهن. ليلا جو مڻي وارو موهه سندس زندگيءَ جو اهڙو ڏوهه بڻجي ويو، جنهن کيس ڏهاڳ جو اهڙو ته داغ ڏنو، جو سندس وجود مان غم جا ڏار ڦٽي پيا. مارئي مسڪين اباڻن ڪکن جي آس ۾ عمر جي ڪوٽ ۾ آهون ۽ دانهون ڪندي رهي. نوري نماڻي پنهنجا عيب ڏسي سدا ان خوف جو شڪار رهي ته متان راجا سندس ظاهري حال ڏسي مُنهن مَٽي وڃي. اهو رنج هر وقت سندس وجود سان ويڙهيل رهيو. سورٺ جو سهاڳ تند جي موهه ۾ موهجي ڪنڌ تي ڪٽارو ڦيرائڻ تي راضي هيو، ان ڪري سورمي جي سرير ۾ درد واهوندو ڪري ويهي رهيو هيو. ائين ئي سُر سامونڊي ۾ وڻجارن جون ونيون جيڪي شاهه جون اجتماعي سورميون آهن، سي هر پل انتظار جي چکيا تي چڙهيل نظر اچن ٿيون، ڏکَ سندن ڏاج آهن ۽ سندن غم بي بيان آهي.
محمد حسين ڪاشف لکيو آهي ته، ”لطيف پنهنجي ڪردارن جي تشخص ۾ هڪ اهڙي قسم جي قوت پيدا ڪري ٿو، جنهن ۾ هو ڪٿي به اٻهرا نظر نه ٿا اچن. هنن جو وجود پنهنجي گوندر ۽ ورهه کي هڪ اهڙي مقام تي رکي ٿو، جو هنن جو پيمانو ڪٿي به ڇُلڪندي نظر نه ٿو اچي، پر ان جي بدران هنن جي قوتِ غم و الم قاري ۽ سامع کي جھٻو ڏيو جھُڪايو وجھي ۽ هن جو روح رڙيون ڪريو اُٿي. اهو لطيف جو پنهنجو اسلوب ۽ انداز جو ڪمال آهي، جنهن جو دنيا جي ادب ۾ مثال مشڪل ملندو.“ (6)
شاهه جي رسالي ۾ جيڪا سورمي سراپا سور محسوس ٿئي ٿي سا سسئي آهي. ڊاڪٽر بشير احمد شاد لکيو آهي ته، ”سسئي ۽ سورن جو ته ازل جو انگ رهيو آهي. ويچاري ڄائي ته کيس ندوري سمجھي درياهه جي لهرن ۾ لوڙهيو ويو. وري جڏهن کَٽيءَ جي گھر ۾ نپجي جوان ٿي ته عشق جي اوکين آزمائشن جي نذر ٿي وئي. فقط چُٽڪي جا چار ڏينهن، جيڪي پنهل جي پيار جا کيس نصيب ٿيا، اهي ئي سندس سموري زندگي جو سرمايو هئا. نماڻي نڌر جا ته نصيب ئي اهڙا هئا.“ (7) پنهون کانئس پري ٿي دردن جا ڌڻ ڏئي ويو هو. ان سوز جو سبب هيا سندس ڏير. جيڪي رين انڌيري سندس وَرُ وٺي ويا هئا. جنهن بعد هن جو پنهونءَ جي ڳولا وارو سفر شروع ٿيو. ڏاگھا ۽ ڏونگر سندس مياري هيا. پر هن ان درد ۽ پٿرن جي پنڌ کي لِکئي جو ليک ٿي ڀانئيو.
ڏاگَھنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَـرَنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي؛
پُڇان پيرُ پُنھونءَ جو، وِجھان وِکَ وَڌِي؛
لِکِئي آئُون لَڌِي، ناتَ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌُ ڪَري. (سُر ديسي، د 1)
ڀٽائيءَ جي هيءَ سورمي جڏهن درد کي پنهنجو نصيب سمجھي ويٺي ته، سندس من ۾ عجيب وسوسن به واسو ڪيو. هوءَ سوچڻ لڳي ته مان ڀنڀور ۾ پنهنجي پرينءَ سان گڏ جيڪا سُکي ۽ بي فڪر زندگي گذاري رهي هيس، اصل ۾ ان بي پرواهيءَ جي ڪري ئي مونکي ڏکن جا ڏونگر ڏورڻا پيا آهن. هن ڏکيءَ جڏهن پاهڻي پنڌ شروع ڪيو ته، هر قدم تي مصيبتن سان منهن مقابل ٿيڻو پيس. ڏکي ۽ ڏونگر پاڻ ۾ گڏجي اهڙا ته پار ڪڍيا جو اهو ڏسي مرون به حيران ٿي ويا. سسئيءَ جي آهه زاري ۽ روڄ راڙو جاري رهيو، سندس ڳلن تان ڳوڙها ڳڙندا رهيا، گوندر جي گھوڙن سندس وجود کي بي حال ڪري ڇڏيو هو. هن ڪڏهن جھنگ ۽ جبل جو پنڌ نه ڪيو هو، هن ان سفر مان گھڻو ڪجھ سکيو ـــ کيس محسوس ٿيو ته ماڻهن ۾ ماڻهپو ناهي رهيو ۽ هر پاسي انڌوڪار آهي. هن ڄاڻي ورتو ته پنهونءَ سان پريت سورن جو سفر آهي. هن معصوم کي محبت جو اهڙو ته ڪان لڳو هو، جو اندر ۾ ذرا ذرا ٿي وئي هئي. هن کي سوز جي اهڙي ته سَٽَ آئي هئي، جو نه جِي پئي سگھي، نه مري پئي سگھي.
ڀَنڀورَجَنِ سُکَنِ، مُون کي ساٿان کارِيو؛
هاڻي ساڻُ ڏُکَنِ، تان ڪِي ڏُونگَـرَ ڏورِيان. (سُر حسيني، د 3)
**
ڪي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکِيءَ ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
سُڻِي سا تَنوار، مِرُون پِيا مامري. (سُر ڪوهياري، د 2)
**
ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي، ڳَلِ نه سُڪا ڳوڙها؛
هُو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، سي ڀَڄِي ٿِيا ڀورا؛
گُوندَرَ جا گھوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪَيو!
**
ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نه ڏِٺو ڪڏهين؛
مَهرَ نه هئِي ماڙُهين، هو سَڀُ هندُوڪارُ؛
جَتُ ڪيائِين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون! (سُر آبري، د 2)
**
ٻِلَرِ لَڳو ٻاڻُ، پَسو! جوءِ جَرا ٿِئي؛
سا مُنڌَ مَري نه جِئي، پيئِي پَڇاڙي پاڻُ؛
سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙِي سَيَّدُ چئي. (سُر آبري، د 7)

شاهه سائين غمن جي گھايل سسئي لاءِ چوي ٿو ته، سُکَ سندس پُکي ۾ ئي نه پيا هئا. هن رڳو سور سانڍيا ۽ پور پاليا هئا. هن پاڻ کي گوندر ول جي گري پئي ڀانئيو. هن کي ڪاتيءَ نه ڪٺو هو، پر جھوري ۽ جھڄڻ سندس اندر اڌو اڌ ڪيو هيو. هوءَ ان درد ۾ فنا ٿي چڪي هئي، جنهن کيس جيئڻ ئي نه پئي ڏنو. پنهل جي تلاش ۾ هن ڌرتيءَ تان ڪيئي سج اُلهندي ڏٺا هئا. سندس پهڻ سان پالو پيو هيو ۽ هن سورن سان ناتو ڳنڍيو هيو، تنهن ڪري هن درد کي ئي دوا بڻائي ڇڏيو هيو. جيڪو انسان ڄمي ٿو سو دنيا مان درد پرائي ٿو، تنهن ڪري سسئي چوي ٿي ته، هر ڪنهن وٽ مٺ مٺ سورن جي ضرور آهي، پر مون وٽ دردن جا وٿاڻا آهن. مان اهي غمن جون ڀريون کنئيون پئي هلان، پر ڪو خريدار نه ٿو ملي. سسئي ان درد جي سفر تان ان وقت تائين واپس موٽڻ نه ٿي چاهي، جيسيتائين سندس ’منزل‘ سندس پرين حاصل نه ٿئي. هن جو چوڻ هيو ته مان خالي هٿين موٽي اچان ۽ لاحاصل مري وڃان، ان کان بهتر آهي ته موٽڻ کان اڳي ئي مونکي موت اچي وڃي. هن کي يقين هيو ته اهو لڇڻ ۽ لوچڻ هن کي سندس منزل تائين ضرور رَسائيندو.
سُورَنِ سانڍيـياسِ، پُورَنِ پالِي آهِيان؛
سُکَنِ جي، سَيَّدُ چئي، پُکي نه پِيياس؛
جيڪسِ آئُون هُياسِ، گُرِي گُوندَرَ وَلِ جي. (سُر حسيني، د 10)
**
ڪاتِيءَ تان نه ڪَنهِين، مَنُ وِجُھلَڻَ وَڍِيو؛
ماريَسِ سُورَ تَنهين، جو نه جِئاري، جيڏِيُون! (سُر حسيني، د 9)
**
ويٺي مُون وِيو، لَڙِي سِڄُ لَڪَنِ تان؛
آئُون ڏُورِيندي ڪيترو، پَهَڻن پيرُ پِيو؟
سُورَنِ ساڻُ سِهو، اَچي ٿِـيُمِ، جيڏِيُون! (سُر حسيني، د 1)
**
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سڀڪنهِين، مُون وٽِ وَٿاڻانِ؛
ڀَرِيُون ڪَيو ڀُڻانِ، وَيا وِهائُو نِڪري. (سُر حسيني، د 6)
**
موٽِي مَران مَ ماءِ! مَوٽَڻَ کان اَڳي مَران!
لُڇِي لالنَ لاءِ، شالَ پَونديَسِ پيرَ تي! (سُر آبري، د 4)

سسئيءَ جي پيڙا پربتن کان به ڳري هئي. شاهه جي ڪلام ۾ ان پيڙا جو پڙاڏو ڀرين پنجن سُرن ۾ پيو گونجي. سسئيءَ جي داستان وارا اهي پنج ئي سُر لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود درد جا اهڙا دستاويز آهن، جن کي پڙهي غم جي حقيقت کي ساڃاهي سگھجي ٿو.
شاهه لطيف جي رسالي جي داستانن مان سهڻي ميهار هڪ غير معمولي داستان آهي، جنهن ۾ هڪ انوکو درد ساهه کڻي ٿو. ميهار سان ملاقات سهڻي جي مجبوري آهي، پر ان ملڻ پويان تڪليفن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي. ”سهڻيءَ جون تڪليفون، ڌڪا، الڪا، اڊڪا، ڊپ، ڇڪ، تانگھ ۽ هر هڪ جذبي جي ڌار ڌار پيڙا شاهه وٽ ساريل آهي. هو ڄاڻي ٿو ته سياري ۾ درياهه جا انداز اور هوندا آهن، ان ڪري ئي هو سهڻيءَ جي پيڙا کي وڌيڪ اهميت ٿو ڏئي ۽ قدر ٿو ڪري ته، ’سانوڻ جي مند ۾ ته سڀ ڪو ئي درياهه ۾ گھڙندو آهي، پر سهڻي ته سياري ۾ وڌيڪ سرهي ٿيو، ان ۾ گھڙڻ جا سانباها ڪري ٿي.“ (8) هن جي سيني ۾ ساهڙ جي سڪ آهي، تنهن ڪري هوءَ محفوظ تڙ جي سوچ بنان تار درياهه ۾ گھڙي پوي ٿي. هن جي من ۾ سڄڻ جا پور پلن ٿا ۽ ڪُنن ۾ گھرڻ بعد سندس اندر کي وهم وهلور ڪري وجھن ٿا، پر وري به هن کي حوصلو ڏين ٿا، سُپرين جا سور، ان ڪري کيس درياهه پار ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿي لڳي.
گھيڙان ڪَري نه گُھورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نه لَهي؛
جَنهِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ؛
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهَمَنِ ڪِي وَهلُورَ؛
جَنهِنکي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنهِنکي نَدِي ناهِ نِگاهَ (سُر سهڻي، د 3)

شاهه سائين جي هن سورميءَ جو درد سندس ٻين سورمين کان مختلف هيو. ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته، ”سماجي طرح سهڻي، شاهه صاحب جي ٻين سڀني سورمين کان وڌيڪ ڏکويل ۽ پيڙهيل ڪردار آهي. هن جون تڪليفون ۽ مصيبتون به ٻين کان مختلف آهن، ڇاڪاڻ جو اهي پنهنجا سور ٻين سان سلي ٿي سگهيون، ماءُ پيءُ، ساهيڙيون، سرتيون اندر اورڻ لاءِ موجود هئن، پر هيءَ ويچاري ته ’سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري‘ واري حال ۾ هئي. هن جو عشق ڇاڪاڻ جو پنهنجي مڙس بجاءَ ٻئي مرد سان هو، ان ڪري کيس پاڙي وارن جي پچارن، ساهرن جي سهمن، مڙس جي مهڻن کي منهن ڏيڻو ٿي پيو:
ڏم ڏيهاڻي ڏي، سندا ميهر مهڻا،
جھليم ٿي جهوليءَ ۾، پلئه پايو سي،
مرجان چاليهه چي، سڱا سپرين جي.“ (9)

ڀٽائيءَ جي سورمي مومل، راڻي جي رسامي بعد جڏهن ڪاڪ محل ۾ اداسيءَ جون راتيون ڪاٽڻ لڳي ته، ساجن جو سور سندس سرير سان اهڙو ته چُهٽي پيو جو وڃڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. هن سڄڻ جي صحبت لاءِ سڪندي نيڻن مان نير هاري اکيون سُڪائي ڇڏيون هيون. مينڌري هن کي اهڙيءَ ته سوز جي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو هو، جو هر وقت هن پاڻ کي بي حال پئي ڀانئيون.
سوڍا! سُورَ سُڪائِـيُون، اَکِـيُون آبُ نه ڪَنِّ؛
راڻي جِيءَ رِهاڻِ کي، وِرُوڻِـيُون وَڃَنِّ؛
سي ڪِئَن، مينڌِرا! مَچَنِّ؟ جي تو سُورِيءَ چاڙِهيُون. (سُر مومل راڻو، د 6)

ڀٽائي جي لفظن ۾ راڻي جي وڇوڙي ۽ ويراڳ کان پوءِ مومل جو حال رحم جوڳو بڻجي وڃي ٿو. هن لاءِ راڻي کانسواءِ دنيا جو هر سُک حرام بڻجي وڃي ٿو. بس هر وقت راڻو راڻو ڪندي ٿي رهي ۽ سندس انتظار جو ڪو انت نظر نٿو اچي. راڻي سان گهاريل هڪ هڪ گھڙي سورن جو سامان اٿس. اهي پلنگ، هنڌ وهاڻا جن تي راڻي سان رهاڻيون ڪيون هئائين، اڪيلائيءَ ۾ کائڻ ٿا اچنس. اهي باغ باغيچا جيڪي اڳي بهار جو مزو ڏيندا هئس، سي ڪوماڻيل ٿا نظر اچنس ۽ احساس ٿو ٿئيس ته راڻو ناهي ته ڪجھ به ناهي:
رئان ٿي راڻا! هنڌ نهاريو حجرا،
پيئي کهه کٽن تي، ٿيا پلنگ پُراڻا،
ڌُريائي ڌوڙ ٿئا، ور ري وهاڻا،
جــايــون،گل، جبات، وڻ تو ريءَ ڪوماڻا،
مينــڌرا! مــاڻـا، تـــوريءَ ڪـنـديـس ڪــن سـيـن. (10) (سُر مومل راڻو، د 7)

لطيف سائين مومل جي موهه ۽ سڪ کي پنهنجن کوڙ بيتن ۾ بيان ڪيو آهي. هوءَ پنهنجي رٺل محبوب کي وڏي اڪير مان پرچائڻ چاهي ٿي. سندس جانيءَ جيءَ ۾ جايون جوڙي ورتيون آهن، تنهن ڪري هوءَ کانئس پلُ به پري رهڻ نه ٿي گھري. هوءَ چاهي ٿي ته سندس پرين ڪي اهڙا نينهن جا نيزا هڻي، جو سندس من جي مصيبت ۽ دل جو درد دور ٿي وڃي.
اَڱَڻِ آءُ اُڪَنڍِيـين، پرچِي پِيارا!
پَلَڪَ پَراهُون نه سَهَنءِ، جِيءَ جا جِيارا!
نِينهان نيزارا، سَڃِ، ته مانَ سُورُ لَهي. (سُر مومل راڻو، د 6)

لاکيڻي لطيف جي سُر ’ليلا چنيسر‘ ۾ راجا جي رسامي کان پوءِ پڇتاءَ جو غم گونجي ٿو. ليلا جي لالچ هن کي فراق ۽ ڦوڙائي جي درد کان آشنا ڪيو. سهاڳ جو سودو سندس زندگيءَ جو روڳ بڻجي ويو. هوءَ ان حادثي کان پوءِ پڇتاءَ جا هٿ مهٽيندي رهي ۽ ياد ڪندي رهي اهي سکيا ڏينهن، جڏهن محلن جي مالڪياڻي هئي ۽ هندورن ۾ پئي لڏندي هئي. پوءِ سندس من ۾ لالچ جو سلو الائي ڪيئن نسري پيو. مڻئي جي محبت ۽ هار جي هٿ ڇهاءَ هن کي پنهنجي ڀتار کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ سندس محبوب جيڪو سدائين کيس پيار آڇيندو هو، سو مٿس ڏمرجي پيو. هوءَ سهاڳڻ مان ڏهاڳڻ بڻجي پئي ۽ درد جا ڪنڊا اچي سندس پاند ۾ پيا.
وڏيرِي هُياسِ، ميڙو مُون گَھرِ سَرَتِيين؛
هَٿَ ڇُهَڻَ هارَ جي، ڪَڙِي ڪانڌَ ٿِياسِ؛
ڍولي ڍيلِياسِ، آيُمِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
**
هُيَسِ هِندورَنِ ۾، پِييَمِ ڪانَه پَرُوڙَ؛
مَڻِئي سنَدي مامِري، ڪوجھي وِڌَيَسِ ڪُوڙَ؛
سامُهان ٿِـيَمِ سُورَ، وِيو وِلُٽي وَلَهو! (سُر ليلا چنيسر، د 2)

شاهه سائين هن سُر ۾ ٻڌائڻ چاهيو آهي ته، ڪڏهن ڪڏهن هڪ لمحي جي خطا عمر ڀر لاءِ سزا ۽ سور بڻجي ويندي آهي. ڀٽائي هن سُر ۾ ليلا جي پڇتاءَ جو وڏو وستار ڪيو آهي ۽ کيس ان غم ۽ گوندر جو علاج ٻڌائيندي چيو آهي ته، پنهنجي پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ ليلائيندي رهه، جي ليلائڻ سان به نه ملئي ته وڌيڪ ليلائج، ڇوته تنهنجي دک جو علاج ڪارون ۽ پڪارون ئي آهن.
مارئيءَ جو درد شاهه جي ٻين سورمين کان بلڪل ڌار آهي، ڇوته هن جو غم پنهنجي ڌرتي ۽ مارن سان جُڙيل آهي. هوءَ عمر جي ڪوٽ ۾ باندي آهي، جتي هن جي هر گھڙي هڪ اذيت ۽ عذاب ۾ گذري ٿي. هوءَ عمر جا آڇيل اڇا ڪپڙا قبول نه ٿي ڪري، هوءَ محلين ماندي آهي. هوءَ پاڻ کي دک جي درياهه ۾ غرق ٿيل ٿي ڀانئين. ويٺي ويٺي سندس من ۾ ويڙهيچن جا چاڪ چڪي پون ٿا ۽ سور سندس اندر ۾ اوطاق ڪري ويهي ٿا رهن. کيس مارن جي فراق ماري رکيو آهي. هاڻي اهو درد ۽ ڦوڙائو سندس هڏ ڪپي رهيو آهي.
اَڄُ پڻ چِڪِيَم چاڪَ، وَنهِيَن ويِڙيچَنِ جا؛
سُورَنِ اچِي سُومِرا! اَندَرِ ڪي اوطاقَ؛
مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنهِنجا ڪَپِيا. (سُر مارئي، ابيات متفرقه)

شاهه سائين پنهنجي هن سورميءَ کي وطن دوستيءَ جو استعارو ڪري پيش ڪيو آهي. هن جي سورن کي ساڻيهه سان ڳنڍي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان محبت جو سنيهو ڏنو آهي. هن جي ساهه ۽ سرير ۾ مارن جي ياد جو سلو سدا سائو آهي. هن جي چت ۾ سدائين رڳو اهي ئي چُرن ۽ چڻڪن ٿا. انهن مارن پنهنجا ڪک ڇڏي ملير جي ڪا ٻي ڪُنڊ وسائي آهي، تنهن ڪري مارئي جي من ۾ غمَ، گوندر ۽ وسوسا اچي ويهي رهيا آهن. هاڻي هوءَ پيرن فقيرن کي ياد ڪندي مارن سان ملڻ جون دعائون ٿي ڪري.
چُرن، چڻڪن چِتَ ۾، سدا منجھ سرير،
لڏي ڪنهن لوءِ ويا، مارو منجھ ملير،
ويٺي پوڄيان پير، مانَ مِلَنِمِ ڪڏهين. (سُر مارئي، د 8)

لطيف جي نماڻي سورمي نوري جي نياز ۾ به هڪ غم ۽ اداسيءَ جي ڪيفيت آهي. هن جي من ۾ هر پل طرحين طرحين وسوسا ۽ وهم اچي ويهن ٿا. هڪ پاسي وقت جو سلطان آهي ته ٻئي پاسي هڪ ميري مهاڻي، تنهن ڪري نوري جي اندر جي اڻ تڻ ۽ اداسيءَ واري ڪيفيت بلڪل فطري آهي. هوءَ ان اڄاتل درد کان خوفزده آهي. هن ڄام تماچيءَ جي پٽ راڻي ٿيڻ جي خوشي ته ماڻي ورتي آهي، پر هوءَ پوءِ به ڏهاڳ کان ڏري ٿي، ڇو ته هن کان پنهنجي اصليت نه ٿي وسري. کيس پتو آهي ته هوءَ غريب گندري آهي.
تون تَماچِي تَڙَ ڌَڻِي ، آءٌ مُهاڻِي مَي؛
مُون کي ڏُهاڳُ مَ ڏي، آءٌ جا نالي سُيَسِ تُنهنجي. (سُر ڪاموڏ، د1)

شاهه لطيف جي ستين سورمي سورٺ به هڪ نرالي مصيبت ۽ رنج کي شدت سان محسوس ڪري ٿي. ٻيجل جي صدا جنهن ۾ سورٺ ور جي سر جي دان جو سوال آهي، سو سورميءَ کي اندران ئي اندران جھوري وجھي ٿو. هوءَ پنهنجي جيءَ ۾ جھير محسوس ڪري ٿي. درد سندس وجود کي اڏوهيءَ وانگر کائيندو ٿو وڃي. جڏهن بي رحم سازندي گرنار جي گل (راءِ ڏياچ) کي ڇني ورتو ته، سورٺ غم جي کوري ۾ وڃي ڪري کيس چکيا تي چاڙهيو ويو. ٻيجل جي ساز اهڙو ته ڪيس ڪيو، جو سورٺ جهڙيون ٻيون به ڪيئي راڻيون ڳلن تان ڳوڙها ڳاڙي روئڻ ۽ پٽڻ لڳيون. چارڻ پنهنجي چال ۾ ڪامياب ويو ۽ راجا جو سِرُ ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو. سندس پويان رهجي ويا رڳو دک جا ورلاپ.
گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَڻِ ٿِـيُون پِٽِينِ؛
سَهسين سورَٺِ جَهِڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ؛
چوٽا چارَڻَ هَٿَ ۾، سِرُ سِينگاريو ڏِينِ؛
ناريُون ناڏَ ڪَرِينِ: "راڄا راتِ رَمَگيو!" (سُر سورٺ، د 4)

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ انهن ستن سورمين کان علاوه ڪي ٻيون سورميون به آهن، جن جو سڌو سنئون ڪنهن نيم ڪلاسيڪل يا رومانوي داستان سان واسطو ته نه آهي، پر انهن جي اهميت کان به انڪار نه ڪري سگھبو. شاهه جي اهڙين اجتماعي سورمين ۾ سُر سامونڊي ۾ موجود وڻجارن جي ونين جي وڏي اهميت آهي. انهن سورمين جي نسواني نفسيات ۽ ڪرب کي لطيف شاندار نموني پيش ڪيو آهي. جڏهن سندن ورَ وڇوڙي جو داغ ڏئي سامونڊي ٻيڙن تي ڏکي ۽ ڏورانهين سفر تي روانا ٿين ٿا ته، انهن نماڻين جي اندر ۾ دک جي آڳ ٻري پوي ٿي. وڻجارن جي موٽڻ تائين اها آتش سندن اندر جلائي رک ڪري ڇڏي ٿي. هو روز آس جي ٽياس تي ٽنگجن ٿيون ۽ هر اُلهندڙ سج کين هڪ نئين سور جو سنيهو ڏئي وڃي ٿو. ور جي اوسيئڙي ۾ ونيءَ جي جندڙي تي جڏهن دکَ ولين جيان وري وڃن ٿا ته کيس پل ۽ پهر لمحن ۾ نه، پر جُڳن ۾ ڪٽجندي محسوس ٿين ٿا. گذرندڙ وقت سندس اندر ۾ وڍ وجھندو رهي ٿو. هن کي پنهنجي پرين جي موٽڻ جو اوسيئڙو آهي، پر اهي موٽڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. کيس لڳي ٿو ته هاڻي اهو وڇوڙي جو غم کيس ماري وجھندو. هن کي لڳي ٿو ته سامونڊين سان سڱ جوڙڻ گوندرن سان گڏجڻ برابر آهن، ڇوته وڻجارو بي پرواهه ٿي کيس درد ۽ انتظار جي سوريءَ تي چاڙهي ويو آهي.
وائي
گُوندَرَ مٿان جِندڙِي، وَريا وَليُن جِيئَن.... الخ
**
وِيا اوهِرِي اوءِ، مُونکي ڇڏي ماڳَهِين؛
جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽيو ڪوءِ!
گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچارِي! وِيَنِ جو.
**
سامُونڊِيَڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون؛
انگنِ چاڙهي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوهِرِي! (سُر سامونڊي د 1)

لطيف سائين سُر سامونڊيءَ ۾ پنهنجي اجتماعي سورمين جي درد جي داستان کي احساس جي گھرائي سان محسوس ڪيو ۽ پل جي ميلاپ ۽ وڇوڙي جي ان ڪهاڻي ۾ ڪربَ جون سوين صورتون اوتيون آهن. حقيقت ۾ شاهه جي هن سُر ۾ ٻه سمنڊ ڇُلندي نظر اچن ٿا. هڪڙي سمنڊ ۾ وڻجارا پنهنجا ٻيڙا لاهين ٿا ته، ٻيو سمنڊ سندن ونين جي اندر ۾ پيو ڇُلي، جنهن ۾ به درد جا غوراب پيا هلن. وڻجاري جي وني جيڪا پنهنجي ور جي واپسي جي آس ۾ ڪنارن تي نظرون ڄمائي ويٺي رهي ٿي، جڏهن انهن ڪنارن تي وڻجارن جا ٻيڙا اچي لڳن ٿا ته سندس من ٻهڪي پوي ٿو، پر ٻئي پل وري هوءَ اداس ٿي وڃي ٿي، ڇو ته سندس ورُ ٻيڙي مان لهندي ئي واپسيءَ جون ڳالهيون پيو ڪري. اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي سندس من مان سور جي سٽ ٿي اڀري. اهي ڏياريءَ جا ڏينهن هيا، جڏهن سامونڊين سڙهه سنڀالڻ شروع ڪيا هئا. اهو ڏسي وڻجاري جي وني ونجھ سان چنبڙي زار و قطار روئڻ لڳي هئي ۽ کيس محسوس ٿيو هو ته صبح ٿيندي ئي پرينءَ جي وڇوڙي جو سور کيس ماري وجھندو.
لاهِيندا ئي ڪَنِ، ڳالھيُون هَلَڻَ سَندِيُون؛
ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَهَ وِجھندا جِندڙو! (سُر سامونڊي د 1)
**
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊيُنِ سِڙهَ سَنباهِيا؛
وِجھيو وَرُ ونجَھ کي، روئي وَڻجارِي؛
مارِيندَءِ مارِي! پِرِهَ سُورَ پِريُنِ جا. (سُر سامونڊي، د 3)

اهي پرينءَ جا سور ۽ پور وڻجاريءَ کي پل به ويهڻ ڪونه ٿا ڏين. هڪ پل جي ملاقات پڄاڻان وري ان اڻانگي سفر جا سانباها ونيءَ جي من کي ملول ڪري وجھن ٿا. ”وڻجاريءَ کي انهيءَ اڻانگي جوءِ جو اڊڪو ۽ اونو رهي ٿو، جتي ڪُنن جا ڪڙڪا ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ويرن جا ورَ آهن. فراق ۽ ڦوڙائي جي ڦيٽ اندر ۾ چهڪ وجھي ٿي. ’چڪيا ڦٽ فراق جا، اندر ۾ الا‘، واري ڪار رهي ٿي. هن جي جھليندي روئندي وڻجاري ويهڻ جي نه واري. هوءَ نير وهائيندي، سڏڪا ڀريندي، آهون ڪندي ڏسندي رهي ٿي ۽ اُڇل کائي ونجھ کي ٻانهن جا وَرَ وجھي ڪري پوي ٿي، پر سندس ڪابه حجت نه ٿي هلي.“ (11) وڻجاريءَ جو من اداسيءَ جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهجي ٿو وڃي ۽ مٿس درد جي اهڙي ڪيفيت ڇانئجي وڃي ٿي، جيڪا بيان کان ٻاهر آهي.

[b]شاهه جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون:
[/b]جيڪڏهن ڪا شاعري رڳو پنهنجي دؤر جو روزنامچو هجي ۽ انسان جي داخلي ڪيفيت کان خالي هجي ته اهڙي قسم جي شاعريءَ کي اعلى درجي جو ڪلام ڪونه ڪوٺبو. شاهه لطيف جي رسالي ۾ اسان کي هون ته جدا جدا انساني ڪيفيتون ملنديون بلڪه منجھس ڪيفيتن جو هڪ سمنڊ آهي، جنهن جون موجون ڪڏهن اتاهيون اُٿن ٿيون ته، ڪڏهن انهن لهرن ۾ لاٿ آهي، پر خاص طور سندس شاعري درد جي مختلف ڪيفيتن سان ٽمٽار آهي. درد جون اهڙيون ڪيفيتون هونءَ ته سندس سڄي ڪلام ۾ موجود آهن، پر خاص طور ’سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سُر سامونڊي، سُر آبري، سُر حسيني، سُر ڪوهياري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر رِپَ، سُر کاهوڙي، سُر پورب ۽ سُر ڏهر‘ ۾ سور جون کوڙ ڪيفيتون ملنديون.
انسان سڄي حياتي الڳ الڳ ڪيفيتن ۾ تَرندو رهي ٿو. عام طور لفظ ’ڪيفيت‘ کي ڪيف سرور لطف ۽ مزي جي معنى ۾ ورتو وڃي ٿو، پر خوشيءَ جي لمحن کان علاوه ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو درد ۽ تڪليف ۾ به هڪ سرور محسوس ڪندو آهي. ڪيفيت لاءِ انگريزيءَ ۾ Mood, Emotion, State of mind’‘ ۽ ٻيا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن. ڪيفيت اصل ۾ احساس مان جنم وٺندي آهي ۽ احساس وري لفظ حسَ (Sense) مان ورتل آهي. ٻين لفظن ۾ حِسُن وسيلي ڪيل محسوسات جو نالو احساس آهي. يعني احساس هڪ حسي تجربو آهي، جيڪو جدا جدا حالتن ۾ خوشگوار يا ناخشگوار ٿي سگھي ٿو. اهڙي طرح احساسن مان وري جذبا جنم وٺندا آهن. نفسياتي وصف مطابق جذبو ان مستقل احساس جو نالو آهي، جيڪو ڪنهن فرد جي اندر موجود هوندو آهي، پر ان جو اظهار ڪنهن خاص وقت تي ٿيندو آهي. ادب ۽ فن جي دنيا ۾ جذبو تخليقي عمل ۾ اتساهه جو باعث ٿئي ٿو. اهڙي طرح مختلف انساني جذبن مان وري ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون. ڪيفيت بنيادي طور نفسيات جو اصطلاح آهي. ماڻهو زندگيءَ جا پل ۽ پهر جدا جدا ڪيفيتن مان گذرندي گھاري ٿو. ٻين لفظن ۾ انسان جي اندر ۾ جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي يا داخلي ۽ خارجي معاملن ۽ مسئلن سبب جيڪي جذبا جنم وٺن ٿا، حقيقت ۾ انهن جذبن جي جولان جو نالو ئي ڪيفيت آهي. ڏک، خوشي، وڇوڙو، انتظار، اميد، نا اميدي، خوف وغيره ماڻهوءَ جي دل جي دنيا توڙي ذهني سڪون توڙي اضطراب سان تعلق رکندڙ الڳ الڳ ڪيفيتون آهن.
”لطيف، سنڌ جي ماڻهن جي سڀني نفسياتي ڪيفيتن جا عڪس، پنهنجي رسالي جي هر سُر ۾ چٽيا آهن. اهي سڀ ڪيفيتون مشرقي سماج جي قدرن جون علامتون ۽ اهڃاڻ آهن؛ اهي سڀ ڪيفيتون زندگيءَ جي فلسفي جون ڳالهيون آهن. ان جا ڌار ڌار نقطا آهن، جيڪي شاهه لطيف سنڌي معاشري جي عڪاسي ڪندي بيان ڪيا آهن.“ (12) انساني ڪيفيتن مان ڏک هڪ انوکي ڪيفيت آهي، جنهن جا وري کوڙ روپ ۽ شيڊ آهن. درد هڪ ڪيفيت به آ، هڪ جذبو به آ ته هڪ جبلت به آ. شاهه لطيف جي رسالي جي الڳ الڳ سُرن ۾ اها ڪيفيت اڀري اچي ٿي. ڀٽائي جو ڪلام پڙهڻ سان اسان کي درد جون سوين صورتون نظر اينديون. ڪٿي غم جي اها ڪيفيت انسان کي دل شڪستو ۽ ڪمزور ڪندي نظر ايندي، ته ڪٿي سور ئي سگھ محسوس ٿيندو ۽ منجھانئس نرالي لذت ۽ ساءُ ايندو. ڪٿي اها ڪيفيت فنا جي واديءَ تائين پهچائيندي معلوم ٿيندي ته ڪٿي وري ان ۾ زندگيءَ جي رمق اوتيل هوندي. ائين ئي ڀٽائي وٽ ڪڏهن دک دلاسو بڻجي اچي ٿو ته، ڪڏهن رڃ جي رفاقت جو احساس ڏياري ٿو. ڪڏهن مايوسيءَ جي کاهيءَ ۾ ڪيرائي ٿو ته، ڪڏهن محبوب تائين پهچڻ جو رستو ڏيکاري ٿو. دک جون اهي ۽ اهڙيون انيڪ انوکيون ڪيفيتون شاهه جي رسالي جي لڳ ڀڳ هر سُر ۾ نظر اينديون.
’سُر ڪلياڻ‘ شاهه جي رسالي جو پهريون سُر آهي ۽ انهيءَ سُر کان ڀٽائي وٽ پيڙا جي پچار شروع ٿئي ٿي. ان پيڙا جي ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي، جنهن جو سبب محبوب هجي! جڏهن پرين اندر ۾ آزار اٿاري ويو هجي ته طبيبن جون ڳالهيون ڪيئن وڻنديون؟ عاشق نفسياتي طور اهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته سندس علاج ڪنهن ٻي وٽان ٿئي هن کي پڪ آهي ته سندس درد جو دارون ان حبيب جي هٿ ۾ آهي، جيڪو ٻاجھ جي ٻُڪي ڏئي ته غم پرڙا ڪري اڏي وڃي.
اُٿياري اٿي وِيا، مَنجھان مُون آزارَ؛
حبيبَ ئي هڻِي ويا، پِيڙا جا پَچار؛
طَبيبن تَنوارَ، هَڏِ نه وڻي هاڻِ مون. (سُر ڪلياڻ، د 3)

وائي
ٿيندو تَنَ طبيبُ، دارُون منهنجي دَردَ جو؛
ٻُڪِي ڏيندُم ٻاجَھه جِي، اَچِي شالَ عجيبُ..... الخ (سُر ڪلياڻ، د 3)

فارسي جي هڪ شاعر موالي توني جو هڪ شعر به ڪجھ اهڙي ئي معنى ڏيندڙ آهي.

دردِ ما از تُست، چون جوییم درمان از طبیب؟
چند داری خویش را دور از محبّان ای حبیب؟
(اسان جو درد تو سان آهي، اسان طبيب کان ڪيئن علاج وٺون؟ اي حبيب! ڪيسيتائين پاڻ کي محبن کان پري رکندين؟)
درد هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن جو انسان جي نفسيات سان اٽوٽ رشتو آهي. لطيف سائين ان سُٻنڌ کي مختلف طريقن سان ظاهر ڪيو آهي. مثلاً هڪ رنجور انسان جڏهن پيڙا جي پاتال تائين پهچي وڃي ۽ پوءِ به ڪنهن دوا درمل واپرائڻ کان نابري واري ويهي، ته ان کي خالص نفسياتي معاملو چئبو، پر ڀٽائي ان نفسياتي معاملي کي عشق جي تعلق سان جوڙي ان مان هڪ نئين معنى ڪڍي ٿو. لطيف سائين سُر يمن ڪلياڻ ۾ فرمائي ٿو ته هڪ اهڙو انسان جيڪو پنهنجي پرينءَ کي ساريندي بيماري جي بستري ڀيڙو ٿيو آهي، تنهن کي سندس درد جو دارون سندس حبيب کان سواءِ ڪو ٻيو نظر نه ٿو اچي. هن کي پتو آهي ته سندس من ۾ آزار جون عجيب ڪيفيتون آهن. رنج جي ان هر ڪيفيت کي سندس محبوب چڱي پَرِ ڄاڻي ٿو ۽ سندس ئي امر سان ڦڪيون فرحت ڏئي سگھن ٿيون.

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دَردَ جي دَوا؛
جانِبَ! منهنجي جِيءَ ۾ آزَرَ جا اَنواع؛
صاحبَ! ڏي شِفا، ميان! مريضنِ کي.
**
تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛
تون ڏِئين، تون لاهِئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛
تڏهين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمرُ ڪريو اُنِ کي. (سُر يمن ڪلياڻ، د 1)

لطيف سائين پنهنجي رسالي جي مختلف سُرن ۾ ويڄ ۽ طبيب جو ذڪر ڪيو آهي. سُر بروو سنڌي جي هڪ بيت ۾ ڀٽائي سوز جي هڪ عجيب ڪيفيت بيان ڪئي آهي ۽ ان ڪيفيت کي سمجھائڻ لاءِ هن ڪانهن جي ڪانيءَ جو مثال ڏنو آهي. فرمائي ٿو ته جيئن ڪانهن جي ڪاني ڪپجڻ سان سوز ڀريون صدائون ڪندي آهي، تئين ئي محبوب جي جدائي مونکان درد ڀري دانهن ڪڍي ڇڏي آهي. طبيب اجايو منهنجي ٻانهن ڏنڀي علاج ڪرڻ ٿو چاهي، حقيقت اها آهي ته منهنجي وجود ۾ پرينءَ جا سور سمايل آهن، جن جو علاج عام معالج وٽ آهي ئي ڪونه.

جِئَن ڪا ڪانِي ڪانھَن، لُسَندي لاتِيون ڪَري؛
اَچِي پَئي اوچتِي، دَرِدَ پِريان جِي دانھَن؛
ويڄَ! ڏَنڀِئين ڪُہُ ٻانهَن؟ سُورَهِنئين کي سامُهان. (سُر بروو سنڌي، د 1)

مسلسل مايوسيءَ جي ڪيفيت مان گذرڻ بعد، جڏهن ڪنهن انسان کي اميد جو ڪو ڪرڻو نظر ايندو آهي ته سندس من مهڪڻ لڳندو آهي. عشق جي آزار ۾ مبتلا ماڻهوءَ لاءِ اهو اميد جو ڪرڻو سندس محبوب هوندو آهي، جنهن جي هڪ جھلڪ صدين جا سور وساري ڇڏيندي آهي. شاهه سائين اهڙن اگھن ۽ بيمارن جن پرينءَ جي جھلڪ پسي آهي، جي ڪيفيت کي چٽيندي چيو آهي ته، انهن سڀني گڏجي صحت کي سڏيو آهي. هاڻي هو ڏکن کي سندن ڏيل کان ڏور ڀڄڻ لاءِ چون ٿا، ڇوته مِهر ڀريي محبوب کين منهن ڏيکاريو آهي.

اَگَھن مِڙِي اَڄُ، ڪيو سَڏُ صِحَتَ کي؛
ڏُور، ڏُکندا! ڀَڄُ، مِهريءَ مُنهن ڏيکاريو. (سُر يمن ڪلياڻ، د 2)

لطيف سائين هڪ دکي دل انسان جي نفسيات جي ساڃاهه پئي رکي. هن کي پتو هيو ته جڏهن ڪنهن عاشق جون رڳون رباب بڻجي وڄڻ لڳنديون آهن ۽ لڇڻ تڙپڻ باوجود جانب ڪو جواب نه ڏيندو آهي ته سندس من ۾ اها ئي تمنا جاڳندي آهي ته، جنهن سندس جيءُ جلائي ڪباب ڪري ڇڏيو آهي ۽ اندر جو روڳ بڻجي ويو آهي، اهو ئي سندس روح کي راحت ڏئي سگھي ٿو.

رَڳُون ٿيون ربابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنهِين؛
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانِبُ ري جَبابُ؛
سوئِي سَنڌِيندُم سُپِرِين، ڪَيسِ جنهن ڪَبابُ؛
سو ئِي عينُ عَذابُ، سو ئِي راحَتَ رُوحَ جي. (سُر ڪلياڻ، د 3)

لاکيڻو لطيف عشق ۾ قربانيءَ جو قائل آهي ۽ جيڪڏهن قرباني جان جي ڏيڻي پوي ته اهو هر ڪنهن جو ڪم هر گز ناهي. ڀٽائي چوي ٿو ته نينهن وارن کي سيخن تي پنهنجو ماس پچائڻو پوندو آهي. عام ماڻهو ان درد جي ڪيفيت جو اندازو به نه ٿو ڪري سگھيِ، پر لطيف سائين فرمائي ٿو ته ”ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ“.

پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو؛
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جئن وَڄاءِ؛
سِيخن ماهُ پَچاءِ، جي نالو ڳِيڙُءِ نِينهنَ جو. (سُر ڪلياڻ، د 2)

شاهه سائين وٽ ڏک جون نراليون ڪيفيتون آهن. سُر يمن ڪلياڻ جي هڪ بيت ۾ صوفين جو هڪ گڻ ٻڌائيندي فرمائي ٿو ته جڏهن کين ڪو دانُ ڏنو وڃي ٿو ته کين ڏک رسي ٿو ۽ جڏهن کين ڪجھ نه ٿو ملي ته هو خوش ٿين ٿا. صوفي جي ڪيفيت عام انساني ڪيفيت کان بنهه مختلف ۽ منفرد آهي. عام ماڻهو ڪجھ ملڻ تي راضي ٿيندو آهي ۽ نه ملڻ تي رنج، پر سچو صوفي ان جي ابتڙ آهي. ڀٽائي چوي ٿو ته سچي صوفي جي سڃاڻپ ئي اها آهي ته هن کي دنياوي شين جي ڪا لوڀ نه هوندي آهي، تنهن ڪري هو پاڻ سان ڪجھ به ساڻ نه کڻندو آهي.

ڏِني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضي ٿيا؛
صوفِي تي ٿيا، جئن ڪِينَ کنيائون پاڻ سين. (سُر يمن ڪلياڻ، د 5)

ڏک جا به عجيب رنگ ۽ ڪيفيتون آهن. انهن ڪيفيتن کي لطيف پنهنجي لطيف ڪلام ۾ سچ ته ڏاڍي لطافت سان بيان ڪيو آهي. سُر سامونڊي جي هيٺين وائي ڏسو جنهن ۾ ڀٽائي وڻجاري جي ونيءَ جي من جي ڪيفيتن جي لهرن کي احساس جي تند سان جوڙي سندس اندر جي اڌمن جي ڪيڏي نه حسين عڪاسي ڪئي آهي.
وائي
آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟ منهنجو نِينهُن اَپليو نه رهي.
ويو وَڻِجارو اوهِرِي، مونکي چاڙهي چِيئَن؛
سامُونڊين جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينهن؛
اُڏوهِيءَ جئَن ڏُکَڙا، چَڙهيا چوٽيءَ سِيئَن؛
گُوندَرَ مٿان جِندڙِي، وَريا وَليُن جِيئَن؛
مادَر! پائي مُنڊِيُون، وڃان هادِيءَ سِيئَن. (سُر سامونڊي، د 1)
سچ ته ڀٽائيءَ جي اها وائي ماڻهوءَ کي ڪيفيتن جي سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏي ٿي. حقيقت اها آهي ته شاهه سائين هڪ پرڻيل عورت جي اندر جي غمناڪ ڪيفيتن کي جنهن نموني بيان ڪيو آهي، سي نسواني ڪيفيتون صحيح معنى ۾ ڪا ورهه جي ماريل عورت ئي بيان ڪري سگھي ٿي، پر اهو لطيف جي ڪلام جو ڪمال آهي، جو هن ان دک ۽ پيڙا کي عورت جي فطري احساسن سان ملائي فراق ۽ ڦوڙائي جي ڪيفيتن جو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي. وڻجاري جي وني پنهنجي آيل کان پڇي ٿي ته، آخر مان ڇا ڪريان، جو مونکي پنهنجي ڀتار جي انتظار تڙپائي وڌو آهي؟ منهنجي اندر ۾ لڇ پڇ آهي، ڇوته منهنجي من ۾ چاهه جو سمنڊ ڇلي رهيو آهي. وڻجارو مونکي انتظار جي چکيا تي چاڙهي ڏاڍو ڏور هليو ويو آهي، سندس سڱ کي ساري منهنجي نيڻن جا بند ڀڄي پيا آهن ۽ ڏکَ مونکي اڏوهيءَ وانگر اندران ئي اندران کائيندا چوٽيءَ تائين چڙهي ويا آهن، غم ۽ گوندر منهنجي مٿان ولين جيان وري ويا آهن. مان هٿ ادب جا ٻڌي وڏي عاجزيءَ سان پنهنجي پرينءَ جي پار وڃڻ چاهيان ٿي.
شاهه سائين وڻجاري جي ونيءَ جي ڏک جي احساس ۽ ڪيفيت کي اڏوهيءَ سان تشبيهه ڏئي ٿو، جيڪا ڳجھي نموني اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي. هن کي ڏکن جي اڏوهيءَ چوٽيءَ تائين چَٽي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح مٿين وائي ۾ گوندر جو وجود تي ولين وانگر ويڙهجڻ وارو تصور ۽ احساس به درد جي هڪ جدا ڪيفيت کي اجاگر ڪري ٿو.
شاهه لطيف جا سسئي جي داستان وارا پنج ئي سُرَ، سسئيءَ جي انيڪ ڪيفيتن سان ڀرپور آهن. ڪڏهن هوءَ وڏي حوصلي ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندي رهي ٿي ته ڪڏهن ٿڪجي هارائجي ويهي ٿي رهي، ڪڏهن رجائيت ۽ اميد جو دامن هٿان نه ٿي ڇڏي ته ڪڏهن وري سندس وجود کي قنوطيت ۽ مايوسي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ٿي وڃي، ڪڏهن راهه ڀٽڪڻ جي ڳڻتي اٿس ته ڪڏهن هر راهه منزل جيان ٿي لڳيس، ڪڏهن پريشاني ۽ خوف کيس نهوڙي ٿو وجھي ته ڪڏهن وري مٿس بي خوفي ۽ بهادريءَ جي اهڙي ڪيفيت حاوي ٿئي ٿي، جو پهاڙن کي به پرزا ڪرڻ آسان ٿو محسوس ٿئيس. مطلب ته سسئي هر لمحي ڪيفيتن جي درياهه ۾ ٻُڏي ۽ اُپڙي ٿي. اهي سموريون ڪيفيتون ڏک جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهن.
لطيف سائين وٽ درد جا ڌار ڌار روپ ۽ رنگ آهن. سسئي جي زباني فرمائي ٿو ته منهنجو پنهل مونکي ڀنڀور ۾ ڇڏي اڪيلو ئي ڪيچ ڏانهن روانو ٿي ويو. هو منهنجي سڳيءَ ۾ سور پوئي ويو آهي. اي موت هڪ گھڙي ترس ته مان پنهنجي پرينءَ سان ملي وٺان. هاڻي سور جي سڳيءَ ۾ ساهه پوئڻ واري ڪيفيت کي ڪهڙو نالو ڏجي! درد سان ساهه جي اهڙي رشتي جوڙڻ جي ڳالهه سچ ته ڏاڍي نرالي آهي، ان رنج ۽ ملال ۾ موت جو خوف ناهي. سسئي چوي ٿي ته قضا ڀلي اچي، پر هيڪر پرينءَ سان هيڪاندي ٿيان.

هيڪاندِيءَ هوئِي، اُٿِي راتِ رَوان ٿيا؛
ساہُ سَڳي ۾ سُورَ جي، پُنهون وِيو پوئِي؛
رَہُ، قَضا! دَمُ ڪوئِي، ته هيڪرَ هيڪاندِي ٿِيان. (سُر آبري، د 8)

ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ سسئيءَ جي سور جون سهسين صورتون ۽ ڪيفيتون پَسايون آهن. سسئيءَ وٽ اڪيلي سر اڳتي وڌڻ جو حوصلو آهي. هن کي آڏن ٽيڏن ڏونگرن، لڪين ۽ سورين جي ڪا پرواهه ناهي، ڇوته هن پنهنجي ذهن تي پرينءَ جي سور جي ڪيفيت کي حاوي ڪري ڇڏيو آهي. دردَ هن جا ساٿي بڻجي ويا آهن. ان ڪري هوءَ ڏورڻ ۾ ڪو ڏک محسوس نه ٿي ڪري.

هيڪِليائِي هيلَ، پورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي؛
آڏا ڏُونگَـرَ لَڪِيون، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَ؛
ته ڪَرَ ٻيلِي آهنِ ٻيلَ، جي سُور پِرِيان جا ساڻُ مُون. (سُر آبري، د 9)

شاهه سائين پنهنجي ڪيميا جهڙي ڪلام ۾ سسئي جي من ۾ هر گھڙي مٽجندڙ ڪيفيتن کي ڪمال حُسن سان قلم بند ڪيو آهي. هن جي من ۾ جيڪا اڻ تڻ آهي، جيڪي خدشا ۽ گمان آهن، جيڪي اميدون ۽ آسرا آهن، جيڪي رنج ۽ الم آهن، ڀٽائي انهن جي اهڙي صورت گري ڪئي آهي، جنهن جو جواب ناهي. لطيف سائين چوي ٿو ته سسئي کي هر گھڙي پنهنجي محبوب جو الڪو ۽ انتظار آهي، رات جابلو جانور ڏسي محسوس ڪيائين ته ڄڻ اوٺي آيا آهن. پرينءَ جي پريت ۽ سڪ هن کي سياڻو ڪيو آهي. ان وڇوڙي جي وَڍَ کان اڳ سسئي صفا اٻوجھ هئي، پر سور جي ڪيفيت مان گذرڻ بعد هوءَ سياڻي بڻجي وئي.

راتِ ڏِٺائِين روجَھ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آئِيا؛
پِرِيَتَڻي پِرِيُنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَھ؛
ھُئِي گَھڻو اَٻوجَھ، سُورَنِ سُنھائِي سَسُئِي. (سُر ديسي، د 5)

ڏکَ عام طور ماڻهوءَ کي ڀڃي ڀوري وجھندا آهن، انسان ڪمزور ۽ مايوس ٿي ويندو آهي، پر لطيف انهن مان اتساهه وٺي ٿو. اها بلڪل انوکي ڪيفيت آهي. سسئيءَ کي ڏک ۽ گوندر ئي گس ڏيکارين ٿا. مان سمجھان ٿو ڏکن مان رستو ڪڍڻ ۽ سورن کي سونهون سمجھڻ واري اها ڪيفيت خاص ’لطيفي ڪيفيت‘ آهي.
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِرِيُنِ جو؛
سُونهائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سين. (سُر حسيني، د 6)

شاهه سائين سسئي جي سورن جي سفر ۾ هر ساعت سندس مٽجندڙ ڪيفيتن کي بيان ڪيو آهي. هڪڙو وقت اچي ٿو جڏهن سسئي پاهڻي پنڌ ۾ پنهنجا پير ڦٽي وجھي ٿي، پر تنهن هوندي به هوءَ ٽڪر ٽاڪيندي ۽ لَڪ لتاڙيندي رهي ٿي. رڃ جي مسافت ۾ هوءَ پنهنجا هار سينگار وڃائي ويهي ٿي، پر جڏهن هوءَ ساجن سان سلهاڙجي ٿي ته سندس من جي ڪيفيت عجيب ٿي وڃي ٿي. هوءَ چوي ٿي ته اهي سور ئي آهن، جن جي سبب مان پنهنجي ساجن سان ملي سگھي آهيان، ورنه سک ماڻي مان هن تائين ڪڏهن به رسي نه سگھان ها.

رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِيو چڙهي؛
لانچي لَڪ، لَطِيفُ چئي، هلي ڏانهن حُضُورَ؛
رَهيا سَڀِ رُڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ جا سالُورَ؛
ساڄَنُ ميڙيُسِ سُورَ، سُکَ نه ميڙيُسِ سُپِرِين. (سُر آبري، د 7)

ڀٽائي جي سسئيءَ وارن هنن سُرن ۾ سورميءَ جون نراليون نفسياتي ڪيفيتون ظاهر ٿين ٿيون. ڪٿي هوءَ پنهنجي وجود کي جنڊُ ڪري ڏک پئي ڏري ته ڪٿي چوي ٿي ته اي ڏونگر تون تپي ڏکوئين جو ڇا بگاڙي سگھندين؟ تون پٻ جو پهڻ آهين، پر منهنجا لڱ به لوهه جهڙا آهن. مان ان ڏک جو ڏوهه ڪنهن تي به نه ٿي ڌريان، ڇوته اَمر مون سان ائين ڪيو آهي. هڪ پاسي ايڏو حوصلو جو هوءَ لڱن کي لوهه بڻائي پهاڙي پنڌ ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته، ٻئي پاسي سندس من ۾ هڪ ٻي ڪيفيت جنم وٺي ٿي ۽ لطيف ان ڪيفيت کي پيش ڪندي فرمائي ٿو ته ڏُکي (سسئي) ۽ ڏونگر ٻئي پاڻ ۾ ويٺا روئن پيا. منجھن اهڙو ته پريت جو ناتو جڙي ويو آهي، جو هو ڪنهن ٻي سان سورَ ڪونه ٿا سلن. سسئي جي اندر جون اهي ڪيفيتون هر پل تبديل ٿينديون رهن ٿيون. چوي ٿي ته سکَ ۾ کوڙ ساٿي ملي وڃن ٿا، پر ڏک دائمي دوست آهي، جيڪو رُڃ ۽ اڃ جي پنڌ ۾ ڏونگر سان ڏيٺ ٿو ڪرائي، اهو منهنجي پرينءَ جو رنج ئي آهي، جيڪو هن سفر ۾ منهنجو رهنما آهي.

وائي
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري.... الخ (سُر حسيني، د 4)
**
تَپِي ڪَندين ڪوهُ؟ ڏُونگَـرَ! ڏُکويُنِ کي؛
تُون جي پَهَڻَ پَٻَ جا، ته لِڱَ مُنهِنجا لوهُ؛
ڪَنهنجو ڪونهي ڏوهُ، اَمُرَ مُون سين اِئن ڪَيو.
**
ٻَئِي ويٺا رُوَنِ، ڏُکِي ڏُونگَـرَ پاڻَ ۾؛
ڪنهنکي ڪِين چَوَنِ، مَنجِھنِ جو پِرِيتَڻو.
**
ٻَـڙِيَ! ته ٻيلِي گَھڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ؛
رَفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَـرَ ڪاري ڏُکُ؛
آرِيءَ جو اَهُکُ، مُون رَهَنُما راه ٿِيو. (سُر ڪوهياري، د 2)

پهڻن واري پنڌ ۾ ڏکي جو روئڻ ۽ رنج جي اها رهمنائي بيشڪ درد جون الڳ الڳ ڪيفيتون آهن. سسئي دک جي طويل مسافت ڪئي، جنهن کي شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ واهه جو اڀاريو آهي. ”درد فراق جي ماريل سونهن وندي سسئي جڏهن وَرَ لاءِ ورلاپ، آهون ۽ دانهون ڪري ٿي ته ڏونگر به ڏکارا ٿي پون ٿا. سڄي ڪيفيت ۽ احساس کي هن مهان شاعر (لطيف) جنهن انداز سان بيان ڪيو آهي، اهو الميه ادب جو هڪ عظيم باب آهي، جنهن ۾ شاعر جي اظهاري قوت ۾ هڪ قسم جي غم انگيز، رقت جو اٿاهه جذبو سمايل آهي، جنهن جي شدت ۾ ڀرپور تاثير سمايل آهي، جيڪو پڙهندڙ کي ان منظر کان ٻئي پاسي هٽڻ جو موقعو ئي نه ٿو ڏئي ۽ ان جي جيءَ کي جھوري وجھي ٿو.“ (13) سُر معذوري جي داستان ستين ۾ هڪ ٻئي پٺيان نوَ بيت اهڙا آهن، جيڪي ”آئون نه گڏي پرينءَ کي“ واري پد جي ورجاءَ سان شروع ٿين ٿا. ان غم ۽ حسرت ڀريل لفظن پٺيان سسئيءَ جي دک جون انوکيون ڪيفيتون موجود آهن.

آئون نه گڏي پرينءَ کي، ٿورا ڏينهن ٿئا
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، سهسين سڄ ويا
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سڄ
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، پويون ٿيو پساهه
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، عمر تان ويئي
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، جوڀن ويو جاڙ
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، هي پڻ ڏينهن ويو
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، آيو عزرائيل
**
آئون نه گڏي پرينءَ کي، مٿان آيو موت

مٿين سٽن ۾ وڇوڙي جي غم جي ڪيفيت چُرندي محسوس ٿئي ٿي. پهريان سسئيءَ تي اها ڪيفيت ٿورن ڏينهن تائين ڇانئيل آهي، پوءِ سوين سج الهي وڃن ٿا، پوءِ الهندڙ سج کي ڏوراپو آهي، جنهن بعد سسئي محبوب سان ملاقات جي حسرت اندر ۾ سانڍيو پويان پساهه پئي کڻي، کيس لڳي ٿو ته سندس عمر ان انتظار ۾ ڳري وئي آهي، سندس جوڀن اجايو هليو ويو آهي، هر ڏينهن گذرندو ٿو وڃي تان جو عزرائيل موت جو پروانو کڻي اچي مٿان ٿو بيهيس. پرينءَ سان نه ملي سگھڻ جي حسرت پٺيان غم ۽ اندوهه جون اهي ساريون ڪيفيتون سچ ته لطيفي فڪر جو هڪ الڳ باب آهن. پر سسئي وارن سارن سُرن ۾ موجود درد جي سمورين ڪيفيتن جو نقطهءِ عروج ڀٽائي پنهنجي هن بيت ۾ پيش ڪيو آهي:

پيهي جان پاڻَ ۾، ڪَيَمِ رُوحَ رِهاڻِ؛
ته نَڪو ڏُونگَـرُ ڏيہَ ۾، نَڪا ڪَيچِيُنِ ڪاڻِ؛
پُنهون ٿِـيَسِ پاڻَ، سَسُئِي تان سُورَ هئا. (سُر آبري، د 5)

هونءَ ته شاهه لطيف جو سمورو ڪلام ڏک جي ڪيفيت سان ڀريو پيو آهي، پر سندس رسالي ۾ هڪ سُر اهڙو به آهي، جنهن جو عنوان ئي جهڙوڪر ڏکُ آهي. اهو سُر آهي ”رِپَ“. محمد حسين ڪاشف لکيو آهي ته، ”سُر ’رپ‘ شاهه جي ڪلام جو اهو سُر آهي، جيڪو رسالي جي مِڙن ئي سُرن جي غم جي جذبن ۽ ڪيفيتن کي پاڻ ۾ سمائي ٿو، يا ائين چئجي ته هي سُر سندس فڪرِ غم جو اهو شاهڪار آهي، جنهن ۾ ڪئين رنگ سمايا پيا آهن. لطيف هن سُر جي شروعات جن لفظن سان ڪئي آهي. اهي ايڏو ته وسيع ۽ وقيع آهن، جن جي اورڻ سان ئي من وياڪل ٿي پوي ٿو. ان ڪري هن جو نالو ئي ”رپ“ رکيو ويو. رپ لفظ جي معنى آهي: ڳرو، انتهائي وزندار، جنهن کي چورڻ مشڪل هجي.“ (14) سُر رپ جي پهرين داستان جي پهرين بيت ۾ لفظ ”گوندر“ استعمال ٿيل آهي. يعني هن سُر جو اڀار ئي دُک جي صدا سان ٿئي ٿو. ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي لکيو آهي، ”شاهه صاحب رپ جي پهرين بيت ۾ ئي گوندر هڪ وسيع معنى وارو لفظ استعمال ڪيو آهي، جو درد و غم، رنج و محن جو انتهائي درجو ظاهر ڪري ٿو. شاهه جي شارحن لفظ رپ جي معنى آفت ڏسي آهي. يعني غم جي آفت. گوندر، غم جي انتهائي درجي کي ظاهر ڪري ٿو.“ (15) دک جي اها انتها درجي واري ڪيفيت رپ جي الڳ الڳ بيتن مان جھاتيون پائي ٿي.
شاهه لطيف وٽ ڏک جي واٽ هڪ حسين راهه آهي، جنهن تي گوندر ۾ غرق ٿيل ماڻهو وڏي اطمينان سان هلن ٿا. شاهه وٽ هڪ پاسي گوندر ۾ غرق ٿيڻ واري اها ڪيفيت آهي ته، ٻي پاسي ڦوڙائي ۽ فراق جا ڪُرندڙ زخم. ائين ئي ڪڏهن وري سندس من ۾ سور سلن وانگر ڦٽي ٿا پون.

گُوندَرَ ڪَيو غَرَقُ، ماءُ! مُنھِنجو ڄِندُڙو؛
ڏُکويُنِ مَرَڪُ، مَٿي سَڳـرَ پَنڌڙَو.
**
گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙِيَمِ سَڄَڻين؛
مادَرِ! مارِياسِ، ڦوڙائي پِرِينءَ جي.
**
اُٺي جِئَن مورَنِ، اوڀَرَ وَلَھارَنِ ۾؛
سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُه ڦوڙائو سَڄَڻين. (سُر رپ، د 1)

هونءَ ته درد جون اهي ساريون ڪيفيتون ڏاڍيون نراليون آهن، پر سُر رپ جي هڪ بيت ۾ شاهه سائين دک جي سدا دکندڙ احساس ۽ ڪيفيت کي ڀڳل هڏ سان تشبيهه ڏئي، جيڪا حسناڪي بخشي آهي، تنهن جو جواب ناهي.

چيتارِيان چُڻِڪَنِ، وِسارِيان نه وِسِري؛
ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي ھَڏَ جِئَن. (سُر رپ، د 1)

ڪمال ته ڏسو، لطيف سائين چوي ٿو ته، مان پنهنجي پرين کي جيئن جيئن ياد ڪريان ٿو ته هو منهنجي من ۾ اچي وسي ٿو ۽ ائين ئي ڪڏهن نه ٿو وسري، ڇوته منهنجو اندر ڏکن سان ڀريل آهي ۽ مونکي پنهنجو سڄڻ ائين ئي ياد آهي جيئن ڪنهن ڀڳل هڏ واري کي هر ساعت سور ياد هوندو آهي. اندر جي سور جي ڪيفيت کي ڀڳل هڏ واري سور سان اڀارڻ سچ ته سور جي احساس کي وڌائي ڇڏي ٿو. شاهه جي سُر ڏهر ۾ به ڏک جي ڪجھ اهڙي ئي ڪيفيت آهي.

ڪُنڍِي ڪَلِيُنِ وِچَ ۾، جَڏهِن هَنيائُون؛
موتِ نه ماريائُون، ڏورِ ڏئي وِيا ڏُکَ جِي. (سُر ڏهر، د 1)

ڀٽائي، درد کي ڪلين ۾ لڳل ڪُنڍيءَ وانگر محسوس ڪري ٿو. ڪلين ۾ لڳل ڪنڍي، دک جي هڪ اهڙي احساس کي اڀاري ٿي، جنهن ۾ مسلسل دکڻ جي ڪيفيت موجود آهي. هن بيت ۾ ڀٽائي ڏک جي احساس کي اڀارڻ لاءِ گھري مشاهدي کان ڪم ورتو آهي. عام طور پاڻيءَ ۾ مڇي ڦاسائڻ لاءِ ڪڍي هنئين ويندي آهي ۽ جڏهن ڪا مڇي ڪنڍيءَ ۾ ڦاسندي آهي ته درد کان لڇڻ ۽ ڦتڪڻ شروع ڪندي آهي، جنهن کان پوءِ شڪاري ڏور کي ڇڪي کيس پاڻيءَ کان ٻاهر ڪڍندو آهي. مڇي ٻاهر نڪرندي ئي تڙپي تڙپي مري ويندي آهي. جيڪڏهن کيس ٻاهر نه ڪڍيو وڃي ۽ اها ڏور پاڻيءَ جي اندر ئي هجي ته مڇيءَ کي ڪليءَ ۾ لڳل ان ڪنڍيءَ جو سور مسلسل ستائيندو رهندو. لطيف جي خيال جي نزاڪت ته ڏسو جو هو اهڙي مڇيءَ جي سور جي ڪيفيت کي به محسوس ڪري ٿو. سچ ته اهڙي سور کي احساس جي گھراين ۾ پيهي ئي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
شاهه سائين جي سڄي رسالي ۾ ڏک جا هزارين روپ ۽ ڪيفيتون ڏسڻ ۾ اينديون. هن وٽ ڏک ڪٿي خود اذيتي (Masochistic) جي مفهوم ۽ ڪيفيت ۾ به نظر اچي ٿو. جيئن سندس کاهوڙي ڪردار آهن، اهي سدائين پنهنجي جيءَ کي جوش ڏين ٿا. هو ڪنهن جھوريءَ کان جھڄڻ وارا نه آهن، ان ڪري هو ان دک جي بٺيءَ ۾ پچي ڪندن ٿين ٿا. هو پنهنجي وجود کي خاڪ ڪري ڇڏين ٿا ۽ دک جي حقيقت کي سمجھڻ ۽ ان ڪيفيت جي لذت ماڻڻ بعد اها منزل ۽ ماڳ ماڻين ٿا، جنهن لاءِ هو سڄي حياتي جستجو ڪن ٿا. ائين ئي پورب ۾ پرينءَ جو پاٻوهه ڏکُ ڏور ڪري ٿو.

تان وَنئُن ويـھِي آءُ، اڱَڻ کاھوڙِيُنِ جي؛
جوشَ ڏِنائُون جِيءَ کي، لِڪائي لوڪاءُ؛
ڏوٿِيُنِ ڪنھن ڏُکاءُ، سُمھِي سُک نه ماڻِيو.
**
کاهوڙِيُنِ کَــڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَـڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيہُ لَڌائُون ڇَپَرين. (سُر کاهوڙي، د 1)
**
تَن اَکِيُنِ اُتان سُکَ، کِلندي کَڻَنِ جي؛
پِرِيُنِ پاٻوهَڻَ سان، ڏُورِ ڪَيا سَڀِ ڏُکَ؛
ماڙُهنِ ليکي بُکَ، سامِي سُورَ سَنَا ڪيا. (سُر پورب، د 2)

دک ۽ درد جون اهي ساريون ڪيفيتون، اهنج ۽ عذاب جا اهي سڀئي احساس شاهه لطيف جي ڪلام جي رڳ ۽ ريش ۾ موجود آهن. ڀٽائي پنهنجي سون جهڙن لفظن جي ٻڙن سان درد جي عجب ڪيفيتن کي پنهنجي سڄي رسالي ۾ ڪمال هنرمنديءَ سان جَڙيو آهي.

[b]شاهه جي شاعريءَ ۾ درد جي سونهن:
[/b]سونهن جنهن لاءِ حسن، جمال ۽ خوبصورتيءَ جا لفظ به استعمال ٿيندا آهن، ان جا انيڪ قسم آهن. سونهن جڏهن جماليات بڻجي ٿي ته حسن جو فلسفو سمجھائي ٿي، پر سونهن جو هڪ سچ درد به آهي. درد جنهن ۾ پنهنجي لذت ۽ لطف آهي. سور، جنهن ۾ پنهنجو ساءُ، سرور ۽ سونهن آهي. درد جي سونهن جو احساس ڀٽائي جي ڪردارن مان معلوم ڪجي جيڪي دک کي دوا سمجھن ٿا. سور کي سونهون ڄاڻين ٿا، درد کي دڳ ۽ رنج کي رهنما بڻائين ٿا. هن کان اڳ اسان درد جي ڪيفيت جي ڳالهه ڪندي ان لطف ۽ ڪيف جو ذڪر ڪري آيا آهيون، جنهن ۾ هڪ الڳ آنند آهي.
“The history of art and philosophy is impossible without pathos. For the creation of great art, it is essentially necessary that the artist should have compassionate heart. And if the artist is also an intellectual and a thinker, then his pain has to be doubled. An artist and a thinker is an enlightened and sensitive person. His art and ideology reflect his heart filled with pathos. A great artist must have a heart filled with pathos. Thus the sweetness of sorrows, the fire of grief and the intensified feelings of poignancy count as vital factors leading to the perfection of art.” (16)
جڏهن هڪ ڏاهي ۽ حساس فنڪار جي من ۾ ڏک گھر ڪري ويهي ٿو ته، منجھس هڪ تخليقي جوهر پيدا ٿئي ٿو ۽ هو درد جي آڳ مان سونهن جا جلووا پسائي ٿو. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ به اسان کي درد جي سونهن مان سوين رنگ اڀرندي نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر شير مهراڻي لکيو آهي ته، ”ڀٽائي وٽ درد جو تصور موهيندڙ ۽ پرڪشش آهي. هن جي سموري شاعري ڪنهن اهڙي آفاقي درد جو اولڙو محسوس ٿئي ٿو، جيڪو ڪٿي به سندس ذاتي درد محسوس نه ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي داخليت جي درد کي جنهن اونهي ۽ ”سئوفٽ“ انداز سان بيان ڪري ٿو اهو نه رڳو وڻندڙ ٿي پوي ٿو بلڪه ان ۾ راحت جو هڪ عجيب جهان سموئجندي محسوس ٿئي ٿو.“ (17)

ڏُکَ سُکَنِ جي سُونهَن، گھورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري!
جنِين جِيءَ وِرُونهَن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري. (سُر حسيني، د 6)

لطيف سائين جڏهن درد کي پنهنجي انفرادي احساس کان مٿي کڻي هڪ اجتماعي ۽ آفاقي جذبي ۾ تبديل ڪري ٿو، تڏهن ئي ڏکن ۾ اها سونهن پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ لطيف کي اهڙا سُک ئي نه ٿا گھرجن، جيڪي ڏکن کان سواءِ حاصل ٿين. سسئيءَ کي ته ڏکن جي عيوض سڄڻ ملي ٿو، پر لطيف مٿين بيت کي هڪ وسيع ۽ گھري علامت ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن تحت سڄڻ رڳو هڪ فرد نه، پر هڪ ماڳ ۽ منزل بڻجي وڃي ٿو. اهڙي منزل جنهن جي هر ڪنهن کي طلب آهي.

پتنگن پَھُ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَّ؛
پَسِي لَهسَ نه لِچيا، سَڙيا مَٿي سَچَّ؛
سندا ڳِچين ڳَچَّ، ويچارن وڃائِيا. (يمن ڪلياڻ)3:7

اهو آفاقي درد سچ مان ڦٽي ٿو ۽ سچ جي پنهنجي هڪ سونهن آهي. لطيف سائين پتنگن جي اذيت کي خوشي ۾ تبديل ڪري ٿو، جيڪي مچ تي مڙي، آڳ جي لهس کان لڇن نه ٿا ۽ خوشي خوشي ڳچين جا ڳچ وڃائي ويهن ٿا. اهو خود فنائيءَ جو جذبو درد جي سونهن جي سمجھاڻي ڏئي ٿو.

پتنگ چائِين پاڻَ کي، ته اَچي آڳِ اُجھاءِ!
پَچَڻَ گھڻا پَچائِيا، تون پَچَڻَ کي پَچاءِ!
واقُف ٿِي وِساءِ، آڳِ نه ڏِجي عامَ کي. (يمن ڪلياڻ)3:5

هتي درد جي ان حقيقت ۽ حسن کي سمجھڻ جي ڳالهه آهي، جنهن طرف شاهه اشارو ڪيو آهي. ”پچڻ کي پچائڻ“ اصل ۾ اهو دک جو ادراڪ آهي، جيڪو جڏهن حاصل ٿي وڃي ٿو ته من ۾ هڪ مٺي مسرت محسوس ٿئي ٿي. درد ۾ مسرت جو احساس خود درد جي سونهن جو ادراڪ بخشي ٿو. ڀٽائي چوي ٿو ته درد جي کوري ۾ پچڻ کان پوءِ ئي غم جي حقيقت ۽ حسن جي آگاهي ملي ٿي. ان ڳالهه کي هر ڪو نه ٿو سمجھي سگھي، ان ڪري لطيف چيو ته ”آڳ نه ڏجي عام کي.“
لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ درد جي جمال جا ڪيئي پاسا ڏيکاري ٿو. هڪ طرف ويڄ آهي جيڪو مريض کي علاج ڏيڻ لاءِ آتو آهي، ٻئي پاسي اهو لڱو آهي جيڪو چڱو ٿيڻ چاهي ئي نه ٿو. اها اهڙي خود اذيتي (Masochistic) آهي جنهن ۾ هڪ لذت آهي، ان درد ۾ هڪ سرور ۽ سونهن آهي. مريض کي درد ان ڪري سٺو ٿو لڳي جو ان پٺيان هڪ اميد آهي. سڄڻ سان ملڻ جي اميد، جيڪو سندس لڱائيءَ جو حال ٻڌي عيادت لاءِ اچي سگھي ٿو.

ويڄَ! مَ ٻُڪِي ڏي! اَلا چَڱِي مَ ٿِيان!
سَڄَڻُ مانَ اَچي، ڪَرَ لاهُو ٿِي ڪَڏِهِين. (يمن ڪلياڻ) 2:9

مريض جو اهو امڪان صحيح ثابت ٿيو ۽ آس پوري ٿي، سندس اگھائي اگھي وئي ۽ اهو درد ۽ رنج ئي پرينءَ سان ملڻ جو سبب بڻيو. هو جڏهن سور جي سوريءَ تي چڙهيو تڏهن هن سان اها وصل جي چڱائي ٿي. شاهه سائين چوي ٿو ته جن سور کي سيني سان لاتو، تن کي ئي صحت ملي. سور کي سيني لائڻ درد جي حسن جي آشنائيءَ ڏانهن اشارو آهي. اڳتي هلي ڀٽائي ڳالهه کي سڌو ڪري فرمائي ٿو ته عاشقن کي مصيبت مٺي لڳندي آهي.

اگھي اَگھائي، رَنجُ پِريان کي رسيو؛
چَکيَمِ چڱائِي، سورانگھي سُورِيءَ تان. (سُر ڪلياڻ، د 2)
**
سُورُ جنين کي سَريو، سَرِي تن صحتَ؛
مِٺِي مصيبت، آهي عاشقنِ کي. (سُر يمن ڪلياڻ، د 8)

اها مٺي مصيبت ڪلياڻ کان ڪوهياري تائين ڦهليل آهي. سسئيءَ کي پنهونءَ جي پرتوي ۾ رڳو راحت ٿي محسوس ٿئي، هوءَ پرينءَ سان ملڻ جي آس ۾ ڏٺ ڏينهن کي به راحت ٿي سمجھي ۽ آري ڄام جي تلاش ۾ مليل هر مصيبت کيس مٺي ٿي لڳي. پرينءَ ڪارڻ درد ۽ پيڙا سان اهڙو پيار يقيناً سور جي سونهن جو استعارو آهي.

پَرۡتَوو پُنهونءَ جو، رُڳيائِي راحَتَ؛
ڀانـئِيان ڏِينهُن ڀَوارئون، ساڄَنَ لاءِ صِحَتَ؛
مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي آرِي ڄامَ جِي. (سُر ڪوهياري، د 4)

لطيف سائين جو هر ڪردار سور مان سرور ماڻي ٿو. ڇوته ڀٽائي خود دک جي لذت کان آشنا آهي. هن جي سورمي سسئي کي تڪليفن ۾ اهڙو ته مزو اچي ويو هو جو کيس سکن جي سڌ ئي ڪانه هئي. هن سور جي سونهن کي من ۾ اوتيو هو، درد جي شدت هن جو اندر اڌو اڌ ڪري ڇڏيو هو پر پوءِ به هن کي ڏونگرن وارو ڏکيو پنڌ قبول هيو. هن وڏي واڪ چيو ته ان سفر جو هم سفر اهو ئي ٿي سگھي ٿو، جيڪو درد جي حسن جِي حقيقت کي سمجھندو هجي. سسئي کي ڏاگھن، ڏيرن ۽ ڏونگرن برابر ڏک ڏنا هئا، پر هوت خاطر هن انهن ڏکن کي به سُکَ پئي ڀانئيو. شاهه سائين پنهنجي هن سورمي جي معرفت اهو سمجھائڻ چاهيو آهي ته محبوب جي محبت من ۾ آهي ته ڏُکَ ماڻهوءَ لاءِ ڏِک (سينگار) بڻجي وڃن ٿا. سسئي پرين جي سونهن جو اٿاهه ساگر پَسي، جڏهن منجھانئس هڪڙي سُرڪ پيتي ته سڪ ۽ سوز ۾ مبتلا ٿي وئي، هوءَ سدائين ان سڪ ۽ سونهن جي ساگر ۾ غرق رهي، پر پوءِ به هن جي اڃ ۽ اساٽ ڪڏهن پوري ئي نه ٿي.

سکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون. (سُر سسئي آبري، د 4)
**
ڏاگَھنِ، ڏيرَنِ، ڏُونگَـرَنِ، ٽِنھِي ڏِنَمِ ڏُکَ؛
سي سَڀِ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي. (سُر ديسي، د 1)
**
وِجُھ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻِ لِکَ لَکائِيين؛
ڏُکُ تِنين کي ڏِکَ، حُبُّ جنِين کي هوتَ جو. (سُر حسيني، د 10)
**
پَسِي جھاجھ جَمال جِي، جنِين پِيتِي پِڪَ؛
اَپَرِ اَڳانجھو ٿيو، سُورُ اُنِين کي سِڪَ؛
هڏِ نه ڀَڳِيَنِ هڪَ، سَدا سائِـرَ سِيرَ ۾. (سُر آبري، د 1)

ڀٽائي جي سسئي جو سور سان اهڙو ته اَٽٽ رشتو آهي، جو هوءَ ان کان سواءِ زندگي گذارڻ پسند نه ٿي ڪري. هن کي سورن مان اهڙو ساءُ اچي ويو آهي، جو هوءَ هڪ ويل به ان کان بغير ويهڻ نه ٿي چاهي، هوءَ درد مان تنگ نه ٿي آهي، بلڪه ان مان مزو ٿي وٺي ۽ غم سان مخاطب ٿي چوي ٿي، تون تيسيتائين مون وٽان نه وڃجانءِ جيسيتائين مان هوت سان هيڪاندي نه ٿيان. غم مان ساءُ وٺڻ درد جي سونهن کي اُڀارڻ جو احساس ڏياري ٿو.

سور مَ مٽج ساءُ، آئون نه وڪني آهيان،
وڃج مَ ويل ڪنهين، ورهه! مون وٽاءُ،
تون پڻ تڏهن جاءُ، جڏهن ٿيان هيڪاندي هوت سين. (سُر حسيني، د 6)

لطيف وٽ ڏک جي جيڪا اهميت آهي ۽ هو جيترو درد جي حسن جو شعور رکي ٿو، ان جو اندازو سندس هن بيت مان به لڳائي سگھجي ٿو:

سوء سُکَنِ ڏيئي، ورهه وهايم هيڪڙو،
مونکي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرينءَ جو. (سُر حسيني، د 6)

ڏک ڀٽائيءَ کي ايڏو عزيز آهي، جو هو سو سکن جي بدلي هڪڙو ڏک خريدڻ لاءِ تيار آهي، اها ڳالهه نه رڳو درد جي افاديت جو شعور بخشي ٿي، پر غم جي سونهن کي به ظاهر ڪري ٿي. اهڙو غم جيڪو سکن جي بدلي حاصل ڪجي ٿو، سو ان ڪري به سهڻو هجي ٿو، جو ان دک جي دامن کي پڪڙي منزل ۽ ماڳ تائين رسائي ممڪن ٿئي ٿي.
شاهه لطيف درد جي سونهن کي بيان ڪندي اڪثر عام ماڻهن جي تجربن کان مختلف ڳالهه ڪري ٿو. جيڪو سور ماڻهن کي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ٿو، تنهن کي سندس جوڳي صحت سمجھن ٿا.

جا جياري جوڳيين، سا ماڙهن مصيبت،
سامين سورُ صحت، جي پوربيا پروڙيين. (سُر رامڪلي، د 4)

شاهه سائين جوڳين ۽ سنياسين معرفت غم جي سونهن جي جھلڪ پسائي آهي. هن جا ڪيئي اهڙا بيت آهن، جن ۾ سور مان ساءَ وٺڻ ۽ غم جي جمال مان لطف ماڻڻ جي ڳالهه آهي:

تان ڪي وٽن آءُ، جان آهين اوطاقن ۾،
ويو تن نه وسري، لاهوتيڪو لاءُ،
فنا ۽ فراق جو، سامين چکيو ساءُ،
وٽان تو وينداءُ، ڪاپڙي ڪابول ڏي. (سُر رامڪلي 8)
**
جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته ٿيءُ گروءَ جي گسِ،
ڏُکَ پاڻ کي ڏس، سامي وڏي سِڪ سين. (سُر رامڪلي، د 4)

ڀٽائي فرمائي ٿو ته انهن وٽ اچ جيڪي لاهوتين وارو نفي جو فلسفو سمجھائين ٿا. هو فنا ۽ فراق جي درد مان مزو ماڻيندا آهن. ڀٽائي سُر رامڪلي ۾ جوڳي کي هڪ ڪامل انسان جي حيثيت ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن جو هڪ رهبر به آهي، پر سندس حقيقي رهنما ڏُکَ آهن. جيڪڏهن ڪو جوڳي درد مان لذت ماڻڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي ته ان کي جوڳي نه چئبو، لطيف سائين انهيءَ ڪري ته چوي ٿو ته ”ڏُکَ پاڻ کي ڏس، سامي وڏي سِڪ سين.“
جوڳي شاهه جي شاعريءَ جا غير معمولي ڪردار آهن. اهڙي طرح لطيف سائين جي شاعريءَ ۾ مارئي به هڪ غير معمولي ۽ آئيڊيل ڪردار آهي، جنهن وسيلي ڀٽائي قيد جي اذيت کي سُک ۾ تبديل ڪيو آهي. هڪ بانديءَ جو قيد ۾ سُک محسوس ڪرڻ درد جي جمال کي ظاهر ڪري ٿو. مارئي انهن ڏينهن کي سهڻا ڏينهن سمجھي ٿي، جيڪي هن بند ۾ گھاريا آهن. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ هن پنهنجي نيڻن مان مينهن وانگر لڙڪ وهايا آهن ۽ وصل جي آس ۾ هوءَ ڇيهون ڇيهون به ٿي وئي آهي، پر هوءَ چوي ٿي ته ان قيد بند ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل هجڻ سان منهنجو نينهن اجري پيو آهي.

سَکَرِ سيئي ڏِينهَن، جي مُون گھارِيا بَندَ ۾؛
وَسايَمِ وَڏَ ڦُڙا، مَٿي ماڙِيُنِ مِينهَن؛
واجھاڻِـيَس وِصالَ کي، ٿِـيَس تَهِوارُون تِيئَن؛
نِيَرُ مُنهِنجي نِينهَن، اُجاري اَڇو ڪَيو. (سُر مارئي، د )

شاهه جي شاعريءَ ۾ درد ۽ عشق جو لاڳاپو:
عشق هڪ اهڙي انساني ڪيفيت آهي، جنهن جي لفظن ۾ تشريح نه ٿي ڪري سگھجي. اهو هڪ اهڙو مرحلو آهي، جنهن مان گذرڻ بعد به سندس وستار ڪرڻ ڏکيو آهي. ان ڪري عشق جي رمز کي سمجھڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي. انهيءَ ڪري مولانا جلال الدين رومي فرمايو هو ته:

در نگجد عشق در گفت و شنيد،
عشق دريائيست قعرش با هديد.

(عشق گفتگو ۾ سمائجي نه ٿو سگھي، ڇوته اهو هڪ اهڙو سمنڊ آهي، جنهن جو تَرو ڪنهن لڌو ئي ناهي.)
درد جو حقيقي سرچشمو عشق آهي. اهو عشق ئي ڪهڙو جنهن ۾ درد نه هجي، يعني درد کان سواءِ عشق جو تصور ئي ڌنڌلو آهي. تنهن ڪري عشق ۽ درد کي ’حرف مڙوئي هيڪ‘ سمجھڻ کپي. رومي چوي ٿو ته:
ای عشق پیشِ هر کسی نام و لقب داری بسی،
من دوش نامِ دیگرت کردم که دردِ بی‌دوا.

(اي عشق! سڀني جي اڳيان تنهنجا ڪيترائي نالا ۽ لقب آهن؛ مان ڪلهه رات تنهنجو هڪ ٻيو نالو ”دردِ بي دوا“ رکيو آهي.)
”عشق جو تير بي پير آهي، هن جو درد بي درد آهي، جيئن عطار فرمائي ٿو ته:

قدسياں را عشق هست و درد نسبت،
درد را جز آدمي در خور نيست.
(فرشتن کي به عشق آهي، ليڪن درد نه آهي ۽ اهو درد انسان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي لائق نه آهي.)“ (18)
عشق انسان جي اندر ۾ انيڪ پيڙائن جا ڄار وڇائي ڇڏي ٿو ۽ ماڻهوءَ جي جذبن ۽ خيالن ۾ هلچل مچائي ڇڏي ٿو. ”عشقُ خيالن ۽ جذبن جي شدت سان ڀرپو هوندو آهي، جنهن کان سواءِ تخليقي عمل رڳو سطحي ۽ بي جان رهندو آهي يا فقط ”صلاحيتن جو اظهار“ رهجي ويندو آهي. عشق هڪ اهڙي ذهني توانائي ۽ روحاني بي تابيءَ جو مظهر آهي، جيڪو جذبن ۾ باهه ٻاري ڇڏيندو آهي. خيالن ۾ بلندي ۽ تخيل ۾ تيزي پيدا ڪندو آهي. جيڪو هر سٺي تخليق ۾ اهڙي ريت روان دوان رهندو آهي، جيئن رڳن ۾ خون گردش ڪندو آهي، ۽ خون جي گردش ئي زندگي آهي ۽ ان جو بيهي رهڻ موت آهي. تخليقڪار جو عمل جذبي جي انهيءَ شدت سان عبارت آهي.“ (19) جذبي جي ان شدت ۾ درد جي آميزش ٻارڻ جو ڪردار ادا ڪندي آهي. جڏهن انسان درد جي بٺيءَ ۾ ٻري ٿو ته زندگيءَ جو حقيقي شعور ۽ آگهي حاصل ڪري ٿو. ”شاعري جو عظيم دبستان عشق جي درد جي بدولت آباد آهي. ۽ اهو عشق جو ئي درد آهي، جنهن وسيلي انسان حسن ۽ سونهن جي اثر انداز ٿيندڙ سگهه مان محضوض ۽ مخمور ٿئي ٿو. يعني درد راحت ڏيندڙ بڻجي وڃي ٿو، پر صرف اهو درد ئي راحت بخشي سگهي ٿو، جنهن ۾ جمالياتي ۽ عشقيه عنصر موجود هوندا.“ (20)
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عشق جي راهه تي هلندي درد کي ڳلي لائڻ جي روايت چِٽي ڏينهن وانگر موجود آهي. هن جا ڪردار درد سان پيار ڪن ٿا ۽ ان جي سونهن کي پنهنجي اندر ۾ اوتين ٿا. ”شاهه عشق جي بٺيءَ ۾ پچڻ جو ڏس ته ڏئي ٿو، پر عام تائين ان آڳ جي حقيقت جي آگاهي پهچائڻ کان منع ڪري ٿو ۽ اهو به فرمائي ٿو ته جي نيهن لڳائڻ سکڻو اٿئي ته ان نهائين کان سِکُ جيڪا سڄو ڏينهن سڙندي به ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍندي آهي.“ (21) اها ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍڻ ۽ عام کي ڪا ٻاٻور نه ڏيڻ حقيقت ۾ ان عشق جي آڙاهه مان اٿندڙ درد جي شعلي جي حقيقت سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.
محمد حسين ڪاشف لکيو آهي ته، ”حضرت عشق جڏهن ٻنڀيءَ تي اچي هٿ هڻي، تاڙي کولي، طاق پري ڪري، جيءَ ۾ جلوو پسائي ٿو ته، صورتحال ئي بدليو وڃي. اهو جذبو ۽ ان جي ڪشش، جيڪا صورتحال پيدا ڪري ٿي، اها عقلِ انسانيءَ کي اورانگھي اڳتي نڪري وڃي ٿي، جتي ڇو ۽ ڪيئن جي ڪائي حجت ۽ حاجت نه ٿي رهي.“ (22) لطيف چواڻي:

مٿي منجھان مينهن، پسو پاڻيءَ جيئن وهي،
مون ڀانئيو نينهن، پر ڄڀيون ڄيري سنديون. (سُر حسيني، د 2)

اهي عشق جي ڄر جون ڄڀيون، انسان جي اندر ۾ درد جي احساس کي وڌائين ٿيون ۽ هڪ عاشق ان مٺي مٺي سوز مان سرور حاصل ڪري ٿو. ڊاڪٽر بشير احمد شاد لکيو آهي ته، ”عشق انسان جي اندر کي اجاري ٿو، شخصيت کي نکاري ٿو ۽ صبر تحمل ۽ بردباري سيکاري ٿو. جيسيتائين انسان ۾ صبر جو مادو پيدا نه ٿيو آهي، تيسيتائين هو سورَ ۽ سختيون سهڻ جي لائق ئي نه ليکبو. صبر ۽ بردباري عشق جي اولين تقاضا آهي. محبت جي راهه ۾ جيتريون مشڪلاتون درپيش اچن انهن کي صبر سان سَهڻو آهي. کُلي عام واويلا مچائڻي نه آهي.“ (23)
لطيف سائين سُر ڪارايل جي هڪ بيت ۾ چوي ٿو ته عشق هڪ اُڃ آهي. ڪنول جون پاڙون پاتال ۾ آهن ۽ ڀونر آسمان ۾ اتي پيو ڦيرا ڏئي جتي ڪا وسندي ناهي ۽ سڃ آهي، پر ٻنهي جو ملڻ عشق جو ڪرشمو آهي. ڀونر جي من ۾ اڃ آهي، جيڪا ڪنول جي گل سان گڏجڻ بعد به اجھيو نه ٿي اجھي.

ڪَؤنر پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنرُ ڀِري ۾ سُڃَ؛
ٻِنِين سَندِي ڳالھڙِي، عِشق اِيُّ اُهڃَ؛
توءِ نه لَهينِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾. (سُر ڪارايل، د 1)

ان عشق جي اڃ جي شدت مان درد ڦٽي ٿو. لطيف سائين وٽ عشق ۽ درد جو تعلق اهڙو ئي آهي، جهڙو تعلق جسم سان ساهه جو آهي. هن جو ڪلام پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ”عشق جون راهون ڏاڍيون اڻانگيون آهن. عشق رهنما به ٿئي ٿو ته رهزن به. تنهن ڪري عشق جو پنڌ گھڻو پُر خطر آهي، جنهن تي هلڻ هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. عشق نانگ آهي، جنهن جي ڏنگَ جي خبر ڪو ڪَکيل ئي ڏئي سگھندو. عشق ڪا ٻاراڻي راند ناهي ان لاءِ سِرَ جون سَٽون سَهڻيون پونديون آهن.“ (24) عشق جڏهن نانگ بڻجي پوي ٿو ته ان جي ڏنگ جي درد کي به سَهڻو پوي ٿو. عشق سور جي سوريءَ تي به ٽنگي ٿو، ان ڪري ان راهه ۾ سر ساهه جي پرواهه نه ڪرڻي آهي. ڇو ته عشق درد جو اڪٿ سفر آهي، ان سفر ۾ سسي نيزي پاند اڇلڻي پوندي آهي.

محبّت جي ميدان ۾، سِرَ جو ڪر مَ سانگُ؛
سورِيءَ سُپيرِين جي، چَڙهُ ته ٿئين چانگُ؛
عشق آهي نانگ، خبر کاڌَنِ کي پوي.
**
عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنسِ ڳَڀرُو؛
جِيَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ؛
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇل ته اَڌ ٿئي. (سُر يمن ڪلياڻ، د 6)

شاهه جي خيال ۾سڪ ۽ سور ۾ ڪو سنڌو نه آهي. ٻئي بي حد ۽ بي انت آهن. سڪ ۽ سور جو جنم عشق منجھان ٿئي ٿو ۽ عشق به لاحد آهي، ان جو ڪو ڇيڙو ۽ انجام نه آهي. اهو پنهنجو انت پاڻ ٿو ڄاڻي.

نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ؛
عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَهي. (سُر سهڻي، د 9)

ڀٽائيءَ جي سوچ ۾ عشق اهڙو وشال ۽ عميق درياهه آهي، جنهن جو ڪو انت ناهي. ان جو هر وهڪرو منزل تي رسائي ٿو، جن جو عشق ڪامل نه هوندو آهي، اهي منزل ۽ ماڳ لاءِ پريشان هوندا آهن، سندن من ۾ اڻ تڻ ۽ وسوسا هوندا آهن. جيڪي عشق جي درد ۾ ٻڏل هوندا آهن، تن جي سدائين پنهنجي ماڳ ۽ گھاٽ تي نظر رهندي آهي، انهن لاءِ وشال درياهه به وک وانگر هوندو آهي.

جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪوڙيُون؛
جن کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سي گھيڙَ نه پُڇَنِ گھاٽَ؛
جن کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀانـئِينِ وِکَڙِي. (سُر سهڻي، د 3)

لطيف جي سهڻي ساهڙ سواءِ پنهنجي اندر ۾ اهنج ۽ آزار پئي محسوس ڪري، هوءَ جڏهن ڏم وٽ آهي ته ڏک ۾ آهي ۽ پنهنجي سڄڻ ۽ سنگھار وٽ آهي ته خوش آهي. ميهار جو ديدار سندس دک جي دوا آهي، هوءَ سندس مُک ڏسي سُک ماڻي ٿي ۽ ائين هن جو اهنج ۽ اگھائي دور ٿئي ٿي.

ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، آهي ۾ آزارَ؛
ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکَندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگھارَ؛
توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ؛
جي پَسي مُنهن ميهارَ، ته سِگھيائِي سَگِھي ٿـئي. (سهڻي ابيات متفرقه)

شاهه جو سُر يمن ڪلياڻ عشق ۽ رنج سان رچيل آهي. اهي دُکي عاشق جيڪي درد ۾ ڪنجھن ۽ ڪُرڪن ٿا، تن جي سور جو پتو صحتمند ماڻهن کي ڪونهي. اهي دک ۾ مبتلا عاشق پٽ تي پيا لڇن ۽ تڙپن ٿا، ڇوته کين عشق جي لونء لڳل آهي. هو سدا درد جي سوريءَ تي ٽنگيل آهن.... جن عاشقن جي من ۾ ڪامل عشق موجود هوندو آهي سي سڄي رات پيا رنج مان روئندا آهن. عشق جي مرض ۾ مبتلا عاشق ڪنهن معالج جو علاج قبول نه ڪندا آهن. هو طبيب کي پنهنجون ستيون ڦڪيون کڏ کڻي زمين ۾ پورڻ جون صلاحون ڏيندا آهن، ڇوته کين پرين کان سواءِ حياتي بي رنگ لڳندي آهي. اهي عاشق سدا پنهنجي ساجن کي پيا پڪاريندا آهن، جنهن جي ڪري ئي هو سور ۾ مبتلا هوندا آهن. ڀٽائي جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ عاشق پنهنجي پرين کي چوي ٿو ته جيڪڏهن مان تنهنجي درد ۽ فراق جي سور کان تڙپي تڙپي مري وڃان ته، مون تي ڪو ڏوهه نه ڏجان، اي محبوب تون پنهنجن هٿن سان دوائون ڏئي منهنجو علاج ڪر.

سَگَھنِ سُڌِ نه سُورَ جِي، ٿا رُنڪَن رَنجُوري؛
پِيا آهن پَٽَ ۾، مَٿِن مامُوري؛
لڳين لَنؤ، لَطِيفُ چَئي، سَدا جِي سُوري؛
پِرتِ جن پُوري، تن رويو وِهامي راتڙي. (سُر يمن ڪلياڻ، د 1)
**
تَنَ طبيب نه تُون، سُڌِ نه لهين سُورَ جي؛
سانڍِ پنهنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون؛
ڪانَ گُھرجي مُون، حياتِي هوتَنِ ري. (سُر يمن ڪلياڻ، د 2)
**
وائي
اَچِي سارَ لَهيجِ، ساجَنَ سُورَ تُماري آئوُن ماري!
سُورَ تُماري جي مَران، تان مُون ڏوهُ مَ ڏيجِ؛
ڊَبَنِ ڀَري هَٿَڙا، دارُون، دوست! ڪَريجِ. (سُر يمن ڪلياڻ، د 2)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عشق جو درد الڳ الڳ ويسن ۽ ورنن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. لطيف سائين عشق مان جنم وٺندڙ درد جون نيون نيون صورتون پَسائي ٿو. ڀٽائي فرمائي ٿو ته جن جي ڪُک ۾ عشق جو ڪانُ لڳل آهي ۽ جن جي لڱن ۾ درد رڪَ جي نوڪ بڻجي چڀي ٿو، سي ڪنجھن ۽ ڪُرڪن پيا. محبت جي ميدان ۾ اها لالن جي لڇ پڇ عام ڳالهه آهي. هو غم جي زخمن تي پاڻ ئي مرهم رکندا آهن. ڀٽائي چوي ٿو ته عشق جي درد جي زخمن سان چور اهڙن عاشقن وٽ جيڪر ڪا رات گھاري اچجي.

ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوهُ لِڱَنِ ۾؛
محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛
پاڻَهِين ٻَڌنِ پَٽِيـُون، پاڻَهِين چِڪِيا ڪَنِ؛
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچجي راتڙِي. (سُر يمن ڪلياڻ، د 1)

شاهه لطيف جي رسالي ۾ عشق جي ڪُک مان ڦٽل گوندر ولَ جڏهن ڪنهن وجود کي ويڙهي وڃي ٿي ته، اهو وجود ڪرب جي عجيب ڪيفيتن ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. لطيف سائين وٽ عشق رهنما جي حيثيت رکي ٿو، پر جڏهن ڪو فرد انهيءَ عشق جي آڱر پڪڙي هلي ٿو ته اهو کيس درد جي وادين جو سير به ڪرائي ٿو، ڇوته شاهه عشق جي مسافت ۾ دک جي واديءَ کي پسڻ ضروري سمجھي ٿو. عشق جو سفر آهي ئي ڏکن جو سفر ان ۾ فراق ۽ ڦوڙائي جا زخم آهن، انيڪ اهنج ۽ اداسيون آهن، پر عشق جي ڀونءِ مان ڦٽل اها دک جي بي پاڙي ڪنهن وجود کي ويڙهي ڪمزور نه ٿي ڪري، پر هڪ خوشي جو احساس ڏياري ٿي. شاهه جي شاعريءَ مان عشق ۽ درد جو فلسفو سمجھڻو آهي ته، سسئيءَ وارا پنج سُر پڙهجن. ”سسئي جو تلاشِ يار وارو سفر، تڪليفن وارو سفر آهي، پر هوءَ شوقِ منزل ۾ ڪنهن به تڪليف کي تڪليف نه ٿي سمجھي ۽ هر اذيت کي نشانِ راهه سمجھي اڳتي وڌندي ٿي رهي. اهو سارو عشق جو ڪرشمو آهي.“ (25)

آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏيجِ مَ ڏاگُھ؛
وَٽِ ڇَڏي مُون واگُھ، آرِي! وِئين عِشقَ جو. (سُر آبري، د 10)
**
رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِي سازُ؛
اِيُ عِشقَ جو آوازُ، ماڙھو رَکَنِ مُنڌَ تي. (سُر معذوري، د 7)

وائي
آرِيءَ جي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري؛
توکي توءِ نه ڇَڏِيان، جي وَڃان ڀُونءِ تَري؛
ڌَڙُ وِجَھنديَس ڌُوڙ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري..... الخ (سُر حسيني، د 4)

سسئيءَ جي نيم ڪلاسيڪي داستان مان جنم وٺندڙ اهو عشق ۽ درد جو قصو بيشڪ ڪهنو آهي. جنهن کي لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ آڻي امر بڻايو آهي. هن قصي جي حوالي سان لطيف جا چيل بيت سسئيءَ جي انهن ڪيفيتن کي اجاگر ڪن ٿا، جيڪي پنهونءَ جي عشق ۽ هجر پڄاڻان سورميءَ جي من ۾ پيدا ٿين ٿيون. سچ ته اهي ساريون ڪيفيتون درد جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهن. ڪٿي هوءَ پرينءَ کي سڏيندي ويجھو اچڻ جي التجا ڪندي چوي ٿي ته مونکي جدائي جو داغ نه ڏي، ڇوته تون منهنجي من ۾ عشق جو شينهن ويهاري ويو آهين. ڪٿي رڃ ۾ سندس رڙيون سارنگيءَ جو درد ڀريو آواز بڻجي ٻُرن ٿيون، اصل ۾ اهو سوز ڀريو آواز مٿانئس عشق جي عنايت آهي، جنهن کي عام ماڻهو ڪنهن عورت جون دانهون ۽ ڪوڪون سمجھن ٿا. سسئي جي من ۾ عشق جي آڳ ٿي ٻري تنهن ڪري، هوءَ پنهل کان سواءِ جيئڻ جو تصور به ٿي ڪري. هوءَ ڀونءِ ۾ پيهي وڃڻ کان پوءِ به پرينءَ کي وسارڻ لاءِ تيار ناهي. اهو عشق جو اثر آهي، جنهن کي لطيف سائين سسئي جي ڪردار ۾ ظاهر ڪيو آهي، پر ڀٽائي جي انهن ئي سسئيءَ وارن سُرن ۾ هڪ خود اذيتيءَ (Masochistic) وارو انداز به نظر اچي ٿو. سسئي جي سفر جو منطقي انجام پنهونءَ سان ملڻ هيو، پر انهيءَ مسافت دوران هن جي من ۾ پنهونءَ سان نه ملڻ جي آس به جاڳي پوي ٿي. هن کي ان دکن واري راهه ۾ اهڙو ته لطف اچي ويو ۽ اهي سفر جون اذيتون اهڙيون ته پياريون ٿي لڳيون جو چئي ڏنائين ته:

ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان! شالَ مَ مِلان هوتَ!
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي. (سُر حسيني، د 7)

آغا سليم لکيو آهي ته، ”اها عشق جي عجيب ڪيفيت ۽ سِڪَ جي سمجھ ۾ نه ايندڙ صورتحال آهي، جو جنهن محبوب لاءِ سسئي لوچي ٿي ۽ برن ۽ بيابانن ۾ ٿي ڀٽڪي، ان ساڳي محبوب سان هاڻي ملڻ نه ٿي چاهي. پنهونءَ کان وڌيڪ پنهونءَ جي لوچ هن کي پياري آهي ۽ کيس ڊپ آهي ته جي هوءَ پنهونءَ سان ملي ته سندس لونءَ لونءَ جي اُڃ ۽ تنَ جي تاسَ اجھامي ويندي، جيڪا هوءَ اجھائڻ نه ٿي گھري. محبت ۾ اهڙي رويي کي خود اذيتي (Masochistic) رويو چئبو آهي. جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وصل جي خوشين کان محروم ڪري، هجر جا ايذاءَ سهي ان مان مزو ماڻيندو آهي.“ (26) لطيف سائين وٽ عشق ۾ ان خود اذيتي واري ڪيفيت ڇانئيل نظر اچي ٿي.

جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي،
اچي اوطاقان، مونکي پرينءَ پري ڪيو. (سُر حسيني، د 5)

شاهه جي ڪيڏاري جا شهيد، ميدانِ جنگ جي سختين کي ابرِ رحمت ان ڪري ٿا سمجھن جو سندن من ۾ به عشق جو مچ پيو ٻري، ان عشق جي اهڃاڻ جي يزيد کي ذري برابر خبر ناهي. اهو الاهي عشق هيو، جنهن ڪري امام حسين عه يزيد جي بعيت کان انڪار ڪيو. امامن عشق جي راهه ۾ ڪُسندي قرار پئي محسوس ڪيو.

سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلا رُ؛
ذَرو ناهِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ؛
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين. (سُر ڪيڏارو، د 1)

لطيف سائين وٽ غم ۽ گوندر جي ڪا مادي شڪل يا وجود ناهي، پر اهو هڪ اهڙو احساس آهي، جيڪو عشق جي اتاهين جذبي ۽ ڪيفيت مان جنم وٺي ٿو. اهو عشق ئي آهي جيڪو اندر ۾ سور جا سوين دڳ ٺاهي وڃي ٿو.

گُوندَرَ ھَٿَ نه پيـرَ، وِرِهُ مَنجِھينِ وَھَڻو؛
ڪُڙهِ ۾ قطارُون ڪَري، سُورَنِ لايا سيـرَ؛
مُون جِئَن گھاري ڪيـرَ، ھيڪِلي رِءِ سَڄَڻين؟ (سُر رپ، د 1)

”جيڪو عشق جي چاڙهاڪي تي چڙهيو، انهيءَ گوندر ۽ غم، ورهه ۽ وڇوڙي کي ڳر لاتو. هيءَ ڪيفيت ۽ احساس ڪا مادي شيءِ نه آهي، جنهن کي هٿ لائي محسوس ڪري سگھجي. هيءَ ته جيءَ جي جھوري ۽ اندر جي اها اُساٽ آهي، جيڪا منجھن ئي پئي نهائينءَ جيان دُکندي ۽ ڌڳندي آهي.“ (27)
ڀٽائي وٽ عشقُ ــ کامڻ، پچڻ، پڄرڻ، لڇڻ ۽ ڳولڻ جو نالو آهي. اهي سڀ دک ۽ اذيت جا استعارا آهن. لطيف عشق کي اڃ سڏيو آهي، عشق جي اها اڃ ۽ اساٽ ڪڏهن پوري نه ٿي ٿئي. ان پياس جي اڳيان سمنڊ به هڪ سُرڪ برابر نه آهي.

کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان؛
تَنَ ۾ تَؤنسَ پِرِينءَ جِي، پِيان نه ڍاپان؛
جي سَمُنڊَ مُنهن ڪريان، توءِ سُرِڪيائِي نه ٿِـئي. (سُر سهڻي، د 6)

هڪ پاسي عشق اڃ آهي ته ٻي پاسي آتش. اهڙي آتش جنهن سان جان جلائي ڇڏڻي آهي. اها آتش ۽ آڳ دک جو اهڃاڻ آهي. لطيف سائين اندر مان اٿندڙ نينهن جي دونهين کي دکائي، من ۾ عشق جو مچ ٻاري، جان جلائي آتش کي آب ڪرڻ چاهي ٿو.

نسورو ئي نينهن جو، دل ۾ دود دُکاءِ،
آڻي آڳِ عِشقَ جِي، ٻاري جانِ جَلاءِ،
جِندا! اِيئَن جُڳاءِ، جِئَن آتَشان آبُ ٿِئي. (سُر رامڪلي، د 4)

اها آتش تڏهن ئي آب ٿئي ٿي، يعني اهو درد تڏهن ئي خوشيءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو، جڏهن عشق ۾ صداقت پيدا ٿئي ٿي.

[b]حوالا[/b]

1. آغا سيلم، ”لات جا لطيف جي“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2008، ص 19 ۽ 20
2. جويو تاج، (مرتب) ”ديسي سيڻ ڪجن“ (مقالو: سور جي سائنس ۽ شاهه جو رسالو ــ ڊاڪٽر اسد جمال پلي) شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2005ع ص 45
3. ڪاشف محمد حسين، ”ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن“، مقصود پبليڪيشنس، حيدرآباد، مارچ 1990ع، ص 184
4. ملڪ اشفاق، ”ڪلياتِ جبران“، فڪشن هائوس، لاهور، 1995 ص.
5. مهراڻي شير ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“، ثقافت کاتو ــ حڪومتِ سنڌ، 2013، ص 163
6. ڪاشف محمد حسين، ”لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، جولاءِ 2005ع، ص 142
7. شاد بشيراحمد ڊاڪٽر، ”عرفانِ لطيف“، مهراڻ اڪيڊمي، 1993ع، ص 69
8. بلوچ تاج، ”جديد ادب جو تجزيو“، سوجھرو پبليڪيشن، ڪراچي، ڊسمبر 2014ع، ص 52
9. فهميده حسين، ڊاڪٽر، ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، شاھ لطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھ، 1993ع، ص 322
10. فهميده حسين، ڊاڪٽر، ”اديون آءٌ اڄاڻ“، ثقافت کاتو حڪومتِ سنڌ، 2012ع، ص 106
11. ڪاشف محمد حسين، ”لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، جولاءِ 2005ع، ص 198
12. الانا غلام علي، ڊاڪٽر، ”انساني نفسياتي ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن جو ترجمان شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي“، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2014ع ص 73
13. فهميده حسين، ڊاڪٽر، ايڊيٽر: ”ڪلاچي“، تحقيقي جرنل، جلد ٻيو، شمارو ٻيو، سال 1999ع (مقالو: ”ايءَ تان آههَ عشق جي“ ـــ محمد حسين ڪاشف) شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، ص 71
14. ڪاشف محمد حسين، ”لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، جولاءِ 2005ع، ص 137
15. جويو تاج (مرتب) ”سُر رپ جو مطالعو“ (مقالو: ”غم جو فلسفو ۽ سُر رپ“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه / حيدرآباد، 2002ع ص 43
16. Pirzado Anwar Translation “Social Content in SHAH -JO- RISALO” Shah Abdul Latif Bhitai Chair, University of Karachi 1998 p. 140
17. مهراڻي شير، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“، ثقافت کاتو ــ حڪومتِ سنڌ، 2013، ص 164
18. فهميده حسين، ڊاڪٽر، ايڊيٽر: ”ڪلاچي“، تحقيقي جرنل، جلد ٻيو، شمارو ٻيو، سال 1999ع (مقالو: ”ايءَ تان آههَ عشق جي“ ـــ محمد حسين ڪاشف) شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، ص66 ۽ 67
19. زيدي ساجده، ”انساني شخصيت ڪي اسرار و رموز“، قومي ڪونسل براءِ فروغِ اردو زبان، نئي دهلي، 1999ع ص 423
20. مهراڻي شير، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“، ثقافت کاتو ــ حڪومتِ سنڌ، 2013، ص 161
21. دانش احسان، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2016ع، ص 386
22. ڪاشف محمد حسين، ”لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، جولاءِ 2005ع، ص 138
23. شاد بشير احمد، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف ــ هر دور جو شاعر“، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2008ع ، ص 150
24. دانش احسان، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ، 2016ع، ص 390
25. ساڳيو ص 395
26. آغا سيلم، ”لات جا لطيف جي“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2008، ص 37
27. ڪاشف محمد حسين، ”لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، جولاءِ 2005ع، ص 139