شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد ۽ سور: ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
انهن ماڻهن کي ٻين جي اَهنجن ۽ ايذائن جي ڪا سُڌ نه هوندي آهي، نه وري اهي ڪٺور دل، اهڙا پور پاليندا آهن، کين آسائش سان تعلق هوندو آهي. عدل ۽ انصاف لاءِ به هڪ درد وند دل هئڻ لازمي آهي. جيستائين ڏکيون پاڻ ۾ نه ملنديون، تيستائين ’ڀِنڻ‘ نه ٿيندو. لطيف جي واٽ سورن جي واٽ آهي ۽ اها سورن جي واٽ ئي پرينءَ جو گس پَسائي ٿي.
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرينءَ جو،
سونهان ئي سورن ڪئي هيڪاندي هوت سين.
**
ڏک، سُکن جي سونهن، گهوريا ڏک سکن ريءَ،
جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
قرآن شريف ۾ پڻ آيو آهي ته:”اِن مع العسر يسرا‘‘. ’بيشڪ ڏکن سان گڏ سُک آهن. ڏک انسان مٿان آزمائش خاطر ايندا آهن. ’سختي شهادت جي نسورو ئي ناز‘. اهي آزمائشون عارضي هونديون آهن، تنهن ڪري ئي لطيف فرمايو آهي ته:
سدا سور نه هُوَن، گوندر وڃن گذري،
اَهکايون عبداللطيف چئي، پرکا خاطر پون.
پوءِ جيڪي ان پرک تي پورا لٿا، تن جا سور سجايا ٿيا. شاهه صاحب ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻهن کي ٻُڌايو ته، ڏکن جي ياد ڪرڻ سان سڄڻ سار لهي ٿو. ماڻهو هڪڙي ڌارا ۾ اچي وڃي ٿو، سڀني سوريتن جي سنگ سان هڪ ڪُڙم قبيلو جُڙي ٿو، جيڪو وقت اچڻ تي ڏونگر به ڏاري وجهي ٿو. هڪ قوت جُڙ ٿي، جيڪا پهڻ به پروڻ ڪري سگهي ٿي.
شاهه صاحب پرکي ورتو هو ته، ’ڏک‘ هڪ فطري عمل آهي ۽ ان جي حيثيت ڪائناتي آهي. اهڙا مذڪور هن قرآن، حديث، رومي ۽ ٻين ڪتابن مان اخذ ڪري ورتا هئا. کيس خبر هئي ته،پنهنجي ساٿي ۽ فڪري دوست شمس تبريز جي شهادت کان پوءِ روميءَ جي درد ۽ فراق جي حالت نرالي ٿي وئي هئي. شاهه لطيف جا به ته ڪيئي جگري دوست ڏينهن ڏٺي ڪُسجي ويا. انهن ڌاڙن ۾ ڌارين سان گڏ ڌرتيءَ ڌڻي به ساڻن گڏ هئا. شاهه عنايت جي شهادت کي شاهه سائين ڪيئن ٿي وساري سگهيو، تڏهن ته چيائين:
سور ته مِڙئي سور، پر ڪي سور نه سلڻ جهڙا،
ماڻهو سڀ مُئا وڃن، پر تون نه مَرين سور.
شمس جي شهادت رومي کي روئاري وڌو. ان ڪيفيت کي ڏسي، سندس هڪ بزرگ دوست سيد برهان الدين پنهنجو سونارڪو ڌنڌو ڇڏي، اچي مَڙهي وَسائي هئي ۽ ڏينهن رات روميءَ سان رهاڻيون ڪرڻ لڳو ۽ کيس دلاسا پيو ڏيندو هو. جيئن شاهه صاحب چيو آهي ته، ’مون کي جيئاريو، پرينءَ جي ڳالهه ڪري‘.
روميءَ پنهنجي مثنوي ۾ واضع طور چيو آهي ته، ”درد ڀري دعا ضرور قبول پوي ٿي“ (1). سندس هڪ شعر آهي ته:
درین دنیا کسے ہے غم بنا شد،
اگر باشد، بنی آدم بنا شد.
يعني: ’هن دنيا ۾ ڪو به غم کانسواءِ نه آهي، جيڪڏهن ڪو آهي ته، اُهو آدم جو اولاد (انسان) نه آهي‘.
پروفيسر عنايت الله زنگيجي پنهنجي هڪ مضمون ۾ هڪ حديث جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو آهي، حضور پاڪ محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته، ”دنيا ۾ جيترا ڏک مون کي ڏنا ويا آهن، اوترا ڪنهن ٻئي انسان کي ڪونه ڏنا ويا آهن“(2).
ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي تحقيقي مقالي، ”شاهه لطيف ڪا فلسفه غم“ ۾ لکي ٿي: ”دنيا ۾ تخليف ٿيندڙ هر قسم جي فن يا ڪلا لاءِ فنڪار يا ڪلاڪار وٽ هڪ دردمند دل جو هئڻ ضروري بلڪه لازمي آهي. جيڪڏهن فنڪار، مفڪر ۽ دانشور به هجي ته، اهو درد ٻيڻو ٿي پوي ٿو. فنڪار ۽ مفڪر سماج جا، نه صرف باشعور فرد هوندا آهن، بلڪه هو روشن ضمير ۽ حساس انسان به هوندا آهن. سندن فن ۽ فڪر سندن ان درد وند دل ۽ غم جي احساس جا عڪاس هوندا آهن. دل ۾ جيترو وڌيڪ درد هوندو، اوترو ئي وڏو فنڪار هوندو. ٻين لفظن ۾ جيڏو فنڪار هوندو. ٻين لفظن ۾ جيڏو فنڪار هوندو سندس دل به اوڏي درد گير هوندي. ان لاءِ درد جي لذت، گداز جي گرمي ۽ غم جي شدت سڀ ان راهه کي روشن ڪرڻ ۽ ان منزل طرف وٺي وڃڻ وارا عنصر هوندا آهن“ (3).
مولانا روميءَ جي فڪري ساٿي ۽ فارس جي شاعر شيخ فريد الدين عطار درد جي وضاحت هن ريت ڪئي آهي.
کفر کافر را، دين ديندار را،
ذره درد دل، عطار را.
’يعني، ڪُفر ڪافر لاءِ، دين ديندار لاءِ ۽ دردِ دل عطار لاءِ آهي‘، ڇو ته سور، عاشقن ۽ عارفن جي سنت هوندا آهن.
اسان جيئن اڳ ذڪر ڪري آيا آهيون ته، سنڌ سدائين سورن ۾ رهي آهي، ڪنهن مؤرخ چواڻي: ”سنڌ جي ماڻهن جي رڳن ۾، رت بجاءِ درد ۽ سور گردشت ڪندا آهن، سندن هٿن جي لڪيرن ۾ قسمت بجاءِ فن ۽ فڪر جي تاريخ تحرير ٿيل آهي.“ اڄ به اها ئي ڪيفيت آهي. سال اڳ، انعام شيخ سان حيدرآباد ۾ ڪنهن ڪم سانگي وڃڻ ٿيو، ٻئي ڪئسٽن جي دڪان تي وياسين. احوال اوريندي پتو پيو ته، 90% سيڪڙو ڪئيسٽون ڏک، سور ۽ جدائي واريون وڪامجن ٿيون، دڪاندار چواڻي ته، ’هتي رڳو سور پيا وڪامجن. مهيني ۾ هڪ اڌ ڪئسٽ ڪا سهرن ۽ لاڏن جي نڪري ٿي، باقي ٻارهو ئي هَي حُسين لڳي پئي آهي‘.
شاهه صاحب وڏي سليقي سان، سورن کي سهيڙي هڪ جمعيت ٺاهي ۽ سورن وارن کي سَڏي ويجهو ويهاريو، ۽ چيائين:
اَچو سورن واريون، ڪريون سور پچار،
ڪَنين گهڻا، ڪنين ٿورا، ڪانهي ڏکن ڌار،
ڏنا جي ڏاتار، مون جهوليءَ پائي جهليا.
’اچو ته سورن جي پچار ڪريون، ته اهي ٿين ڇو ٿا. انهن جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ڏک ڪن کي ٿورا آهن ته ڪن کي سوايا، پر ڪا به سورن سواءِ نه آهي، اچو ته ويهي ڪا رٿ رٿيون ته، انهن مان آجپو ڪيئن حاصل ڪجي؟ ڪهڙي واٽ وٺجي! پاڻ فرمايائون، اول ته انهن وٽ وڃجي، جيڪي ساڳئي سور ۽ فڪر وارا هجن، جن صحبت پَسي، درد دور ٿين.
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي،
تون تنين سين ڪَٽ اوڏا اَڏي پَکڙا.
پر جي توکي لالچون ڏيئي اصل مقصد تان هٽائين ته پوءِ:
سا مجلس ئي مَٽ، جي حاصل هوءِ هزار جو.
شاهه صاحب کين ٻڌايو ته، ڏکن کي سونهون بنائي، توڙ تائين رَسي سگهجي ٿو. هڪڙي ورهه جي حقيقت مقصد تائين رَسائي سگهي ٿي:
سؤ سکن ڏيئي، ورهه وهايم هيڪڙو،
مون کي تنهن نيئي، پير ڏيکاريو پرين جو.
اهو پير ئي اهڃاڻ آهي، اصل مقصد ۽ منزل جو! ’هي جو بندر پيو ڀنئي، سما سڀ سُتا پيا آهن، اڄ نه ته سُڀان بند ٽٽندو، پوءِ هتي هوندا ڪاري وارا ڪک، ڀل ته اُهي مُئن جيان ڊگها پير ڪيو ستا پيا هجن‘. ’وڏا طالع تن جا، جي مارڳ منجهه مَرن‘. اُٿي ڪنهن سنبت کي نه لڳا، اوچتو گهوڙا ڪاهي آيا ۽ اياڻا پنهنجي ئي ماڳ بي موت ماريا ويا. شاهه صاحب انهن کي طعنو ٿو ڏئي ته، ’اي بدبختو‘ اُٿو ۽ مارڳ منجهه بي مُلهه ۽ بي وقت نه مَرو. اوهين متارا سگهارا تڏهن ٿيندؤ، جڏهن ماريندو. جي ڪو ڌاريو اوهان تي هلان ڪري اچي ته، اوهان هوشيار هجو، هو هڪ مارن ته اوهان سندن پنج ماريو، تڏهن کين ڪهڪاءُ ايندو، جڏهن پنهنجن ۾ پوندن. سکڻيون سَڌون نه ڪيو. گهر ويٺي محبوب مٿان جندڙو نه گهوريو، پر ننگيون ٿي نڪري پئو. يعني سڀ لاڳاپا لاهي، غرضون ڇڏي، مقصد کي ماڻڻ لاءِ نڪري پؤ. جن جي دل ۾ حاصلات ۽ منزل ماڻڻ جو درد هوندو آهي، ڀٽائي انهن جا پار پتا هن طرح ٿو ڏئي:
ڏکوين اهڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو،
وڃن گوندر گڏيو، لوڪ نه آڇن پاڻ،
سورن اسان ساڻ، ننڍي ئي نينهن ڪيو.
سڌائتن کي چئو ته، اُهي اُتي رهي پون، ڇاڪاڻ ته منزل ڏور آهي، پاڻي ناهي پنڌ گهڻو، اڳيان رائو ۽ رڃ آهي، پوءِ متان ڪا مري اڃ وري ڏي پاراتو پرين کي. اسان سان، اُها هلي، جيڪا جيءُ مٺو نه ڪري، جن جا اندر اڌ هجن، سي ڏونگر ڏورڻ لاءِ نڪرن، هيئن هٿ هڻڻ واريون هڪ پاسي ٿي بيهن. جن جا ڳاڙها ڳل هجن، سي ساڻ هلن، جن سورن جا سبق پڙهيا آهن، سي سنبت ڪن، پر جي ريساريون رلجي پيون، تن کي وائکو ڪندي، شاهه صاحب چئي ٿو:
اڻ ڏکويون، ڏکن جي، ڪوهه ٿيون پٿر پون،
ناهه اوراتو انن کي، ٿيون لوڪ ريائون رون،
ڀنڻ ڀيڙيون هون، پار تنين جا پڌرا.
هيٺ شاهه صاحب جي درد واري ڪيفيتن جي اظهار لاءِ ٻه ٽي مثال پيش ڪجن ٿا. هون ته شاهه جو سڄو رسالو سورن سان سَٿيو پيو آهي، ايتريقدر جو ’سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ‘ ۾ به سورن جي مختلف ڪيفيتن جو اظهار ڪيل آهي. ’سسئي، سهڻي، مارئي، مومل، سامونڊي، سريراڳ، ڪاموڏ، ڪيڏارو، ڪارايل، ڪاپائتي، پورب، ڏهر، بلاول‘، مطلب ته سندس هر سُر سورن سانڍيل آهي، بهتر ٿيندو ته، پڙهندڙ پاڻ انهن مان پڙهي پور پِرائين. شاهه صاحب سورن ۾ سنيهون سمايل آهي. هو دل جا سورن ڪنهن اوپري سان سَلڻ نٿو گُهري. هو پرينءَ جي ڳالهه کي ڳُجهه ۽ مام ٿو سمجهي، تڏهن ئي ته چوي ٿو ته:
ڳالهه پِريان جي ڳُجهه جي، مِڙيو ئي ڳُجهه،
هينئڙا اُجهه مَ مُنجهه، ته پِريان پري نه ٿئين.
جيڪي اوجهه ۽ اندر ۾ آهي، سا ته محبوبن جي امانت آهي، اُها اُنهن کي ئي ٻُڌائبي، جيڪي ان لائق هوندا.
مُٺ ڀيڙيا ئي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ،
جي پڌر وڌي ڳالهڙي ته ڇڏي وڃي ساءَ.
اندر ۾ وڌي وڻ ٿي ويل ڳالهيون، سيني ۾ سانڌيل سڀ سور سڄڻن سان ئي سلبا آهن. جي گوشي پرين نه ٿا گڏجن ته، اهي درد دل ۾ سانڍيل ئي سونهندا آهن.
ڳالهين پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون،
پر سين مون نه ڪيون، گوشي گڏيا نه سپرين.
پرين نه گڏيا، سور سنڌا ڪيو بيٺا آهن، جهل نٿا ڏين، وڌيڪ سورن سَهڻ جي گنجائش نه آهي. سور، سسئيءَ سان به اها ڪار ٿا ڪن، جهڙي لوڻ سان پاڻي ڪندو آهي. لوڻ کي پاڻي ڳاري پاڻ ۾ حل ڪري ڇڏيندو آهي.
سور مَ ڏي ڌوڻ، آئون اڳهين ڪانهري.
جا پَرِ پاڻيءَ لوڻ، سا پر منهنجي جندڙي.
ان ڪيفيت کي اکرن ۾ ڪيئن بيان ڪجي، ڇا ته حالت هوندي! پوءِ جڏهن پرين نٿا ملن ته، پوءِ ڏونگر کي ئي ڏوراپا ٿي ڏي ۽ کيس ايلاز ٿي ڪري ته:
ڏونگر مون سان رو، ڪڍي پار پنهون جا.
جڏهن ڏونگر سندس ڏک ڏسي روئي پوي ٿو، ته سسئي به پاڻ جهلي نه ٿي سگهي ۽ ٻئي پار ڪڍي پنهنجا پنهنجا درد ۽ سور روئن ٿا.
ٻئي ويٺا رون، ڏکي ڏونگر پاڻ ۾.
ڪنهن کي ڪين چون، منجهن جو پيتڻو.
ڏونگر کان موڪلائيندي، کيس آٿت ٿي ڏي ته، تون به سورائتو آهين، جي پرين گڏيم ته، تنهنجا سور به ساڻس ضرور سَلينديس.
ڏونگر ڏک سنداءِ، پرينءِ گڏجان ته چوان.
سسئي ڏونگر کي چوي ٿي ته، ’مون ته اندر هڪلڪو ڪرڻ لاءِ توسان پنهنجو سور اوريم، پر اهو درد سُڻائي، مان ويتر ڀڄي ۽ ڀُري پئي آهيان، ڇو ته سڄڻ جا سور وري تازا ٿي پيا آهن.
ڏونگر ڏک پئي، ڪيم توسين ڳالهڙي،
پاڻان آءُ مُئي، سور سُڻائي پرين جو.
شاهه سائين سڄي عمر سورن سان هم سفر رهيو، ڄمڻ کان مرڻ تائين هن جي دردن سان دوستي رهي. هن جا ڪردار پڻ سورائتا آهن، انهيءَ ڪري ئي سسئيءَ جي زباني سورن سان ازلي ساٿ جو اقرار هن ريت ڪري ٿو ته:
سنجري تان سور، سامائي تان سُک ويا،
اهي ٻئي پور، مون نماڻي نصيب ٿيا،
وري ٿو چئي:
سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان،ڱ
سکن جي سيد چئي پکي نه پياس،
جيڪس آئون هياس، ڱري گوندر ول جي.
**
رئڻ ۽ راڙو مون نماڻي نجهري،
ڪنل کي قلب ۾، قرب جو ڪاڙهو،
هوتن لاءِ هاڙو، رجائينديس رت سين.*
شاهه صاحب پنهنجي ڪردار کي سسئي جي روپ ۾ گهڻو ڏٺو آهي، تنهن ڪري سسئي بابت پنج سُر چيا اٿس، مقصد ماڻڻ خاطر سسئي کي چئي ٿو:
مَر مٿا ڏيئي، پنهون ڪارڻ پٻ ۾،
ته سرتيون سڀئي، واکاڻينئي ويٺيون.
لطيف درد کي سوڀ لاءِ ضروري عنصر سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته، ’ڪردار جي واکاڻ تڏهن ٿيندي؛ جڏهن اهو جهدوجهد ڪندو. مقصد خاطر سِر جو سودو ڪري، پنهنجو سڪون ۽ آرام ڦِٽائيندو‘، فرمائي ٿو:
جي تون ڪالهه مُئي ته ڪالهه ئي گڏينءَ پرينءَ کي،
ڪڏهن ڪانه سئي، ته ڪا سگهي گڏي سڄڻين.
شاهه صاحب پنهنجي کاهوڙي دوستن کي هردم اهڙي ريت تيار ڪندو ۽ کين گوش گذار ڪندو رهندو هو ته، ’قومي ۽ انقلابي ڪمن ۾ اوهان جا پير پِٿون ٿي سگهن ٿا. اوهان جا عضوا وڃي سگهن ٿا، بلڪه اوهان جي جان به وڃي سگهي ٿي. جي وطن تان فدا ٿيڻ چاهين ٿا، سي سر جو سانگ نه ڪن‘:
پتنگن چايين پاڻ کي، ته ڄيري پؤ ڄاڻي،
تان تان تاڻج تَوَ ڏي، جان آڳ نه اُجهاڻي،
وسهه وهاڻي، آڳ نه ڏجي عام کي.
جيڪڏهن تون پاڻ کي وطن جو پروانو ٿو چوائين، ته پوءِ ’ڄيري پئه ڄاڻي‘. ڪنهن کي به سور جي لَکا پوڻ نه ڏي. هيءَ باهه، جيڪا ڌرتي ڌڻين لاءِ ٻاري ويئي آهي. هنن لاءِ زمين ٽامڻي بنائي وئي آهي، تنهن لاءِ جهيڙ. جيستائين توکي توءَ يعني ڌارين جي ڌڪار جو انديشو آهي، تيستائين ڪاهيندو اچ، پر پنهنجن ايذائن ۽ اهنجن بابت عام کي نه ٻُڌاءِ، ڇاڪاڻ ته اهو اڃان اروٽ آهي.
اڃا هو اروٽ، کوري خبر نه لهي.
جيڪي سچ جا ساٿي آهن، انهن سان سور سلج، باقي ٻين وٽ ويهڻ به اَجايو آهي. ’جي نه سڃاڻن سچ کي، ويهه مَ تنين وٽ‘. سچ جي ساٿين ۽ وطن جي پروانن، اڄ پاڻ ۾ ملي عهد ڪيو آهي ته، هو ’سچ ۽ ڌرتيءَ‘ خاطر پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پَسي لهس نه لِچئا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
لطيف جي سور جو فلسفو، ’سچ لاءِ سَڙڻ ۽ ڳچيءَ جا ڳچ وڃائڻ‘ جو درس ڏئي ٿو.
[b]مددي ڪتاب
[/b]1. ’شاهه جو رسالو‘، غلام محمد شاهواڻي، سنڌيڪا اڪيڊمي، 1999ع.
2. ’شاهه لطيف هڪ تحرڪ هڪ تحريڪ‘،(مرتب) تاج جويو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2002ع.
3. ’شاهه ۽ سنڌ‘، ڊاڪٽر فهميده حسين، شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 1998ع.