شاهه جي شاعري ۾ درد جو فلسفو: محمد حسين ڪاشف
انساني زندگي هڪ اِڪائي هوندي به خانن ۾ تقسيم آهي. خيال جي وهڪ زندگي جي حالتن جي بنياد تي هڪ هنڌ نه آهي. سچل چيو آهي ته:
ڪڏهين من ماڪوڙي، ڪڏهين ڪيهر شينهن،
سرتيون! سارو ڏينهن، هنيون هنڌ نه هڪڙي.
لطيف انهيءَ ڪيفيت کي هينئن بيان ڪري ٿو:
جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جيئن.
زندگيءَ ۾ سُکَ به آهن، ته سور به آهن. لذتِ ناآشنائي کي ڪهڙي خبر ته عشق جي مهيمز ڪهڙي؟ ان جو سُرور ڪهڙو؟ ان جو خمار ڪهڙو؟ ان جو ڪيف ڪهڙو؟ لطيف وٽ جتي نينهن نيش جا ۽ ڪَهي ڪانَ آهن، اُتي انهيءَ نينهن جي نشي جي سرمستي ۽ الستي به آهي. وٽن غم، غمِ جانان جي صورت ۾ آهي ته، غمِ دوران جي پچار ۾ به آهي: سڄو رسالو عشق جي انهيءَ تفسير بي تدبير جي جولانين ۽ وڻاهه سان ونڌيو پيو آهي. جنهن سُر کي وَٺو، ان ۾ اها تنوار ۽ تار سمائي پئي آهي. لطيف جو ’سُر رپ‘ غم جو اهو داستان آهي، جنهن ۾ ڪا وار وِٿي نظر ڪانه ٿي اچي، جتان ليئو پائي سرهائي جي سج کي ڏسي سگهجي. لطيف حال جو شاعر آهي. پاڻ انساني جذبن، اُمنگن ۽ اُتساهه کي جيئن محسوس ڪيائون ۽ ڏٺائون، تيئن ئي انهن کي پيش ڪيائون، ڇاڪاڻ ته پاڻ به ڦوڙائي جو ڦَٽيل، عشق جي تير بي پير جو گهايل ۽ پرينءَ جي پچار ڪندڙ هو، ان ڪري سنگهارن جي سار کي ويرون تار وجود ۾ ووڙيو اٿس، جيئن نيهن جي نهائينءَ جي ٻاڦ ٻاهر نه نڪري. اهي سور جيڪي سنجريا، سامايا ۽ وڌي وڏا وڻ ٿيا، ۽ وڇوڙي جي واءُ ۾ پريت جا پن ڇاڻي انگورجي پيا پاڻ ٺهه پهه چيائون ته:
اُڀريا انگور، سُتي سپرين جا،
کايو کايو سور، لُڇئو لوچئو اُٿيان.
لطيف انهن سورن جي سَلڻ کي مختلف ڪردارن جي اوٽ ۾ بيان ڪيو آهي. ڪٿي اهي سسئي جي سورن جي شڪل ۾ آهن ته، ڪٿي وري مومل جي ورلاپ جي ور ۾ آهن. ڪٿي اهي سور ليلا ٻهاريندي ۽ سنڀاليندي نظر اچي ٿي ته، ڪٿ وري ان جي خوف کان نوري نياز ۽ نئڙت اختيار ڪري ٿي ته، متان سورن جي ساٿ جو ڇٽ جهلي جهولي نه پوي. ڪٿ موکي انهن سورن کي عشق جي آڙاهه ۾ چمڪائي، متوالي مڌ تيار ڪري متارن کي موهيندي نظر اچي ٿي ته، ڪٿ وري مارئي انهن کي سانگين سان سلڻ لاءِ آتي ۽ اُڪنڊي نظر اچي ٿي، ته ڪٿ سورٺ جهڙي سيتل ڪامڻي چکيا تي چڙهي پنهنجا پلاند آجا ۽ اُڪرندا ڪري ٿي، ته ڪٿي سهڻي جهڙي سٻاجهي سورن سان نه ڇني گوندر ۾ غرق ٿي ٻُڏي جا ٻيڻا ڪريو ڇڏي. مطلب ته انهن سورن کي پاسيرو ڪري من جي لڳل ميخ کي ماٺو ڪرڻ گهُرن ٿا، يا انهن سورن کي ساهه جو ساٿي بنائي اڳتي وڌڻ گهُرن ٿا. غور ڪبو ته پاڻ پرينءَ جي پچار ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن. فرمائين ٿا:
لاءِ مَ پچاران، سُکِ مَ سُمهه جندڙا!،
ڪر جهوري ڪيڻاڻ، ڪالوڻا اڄ گهڻي. (شاه)
سڄڻ ملاقاتي ٿيا، پر وقت گذرندي وِيرم ئي ڪانه ڪئي. وڇوڙي جو واءُ وريو، پرڏيهي پرين نه ڄاڻان ڪڏهين وصل جو واءُ ورائين. ڪِن ڏياري ڏٺي سِڙهه سنباهيا، ڪِن کي راتاهو هڻي ڪجاون تي ڪسي وڃي جبل جي جوءِ ۾ ڪڍيائون. انهيءَ انساني ڪيفيت کي محسوس ڪندي لطيف چئي ڏنو ته:
گوندر ڪئو غرق، ماءُ! منهنجو جندڙو،
ڏکوين مَرڪ، مٿي سڳر پندڙو.
**
گوندر گڏياس، محت نيم سڄڻين،
مادر مارياس، ڦوڙائي پرين جي.
**
ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنڀائيا،
وجهيو ور ونجهه کي، روئي وڻجاري،
ماريندي ماري، پره سور پرين جو.
غم اهڙي انساني ڪيفيت آهي، جا صرف احساس جي صورت ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان جو وستار ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر آهي. دنيا جا ڏاها ۽ سڄاڻ ماڻهو به غم جي توجيهه کان قاصر آهن. غم جي انهيءَ ڪيفيت کي لطيف هن ريت بيان ڪيو آهي:
گوندر هٿ نه پير، وِرهه منجهئين وهڻو؛
ڪڙهه ۾ قطارون ڪري سورن لايا سير،
مون جئن گهاري ڪير، هيڪلي ريءَ سڄڻين.
وٽن جيئن سپرين جي سونهن جو ڪو قد ۽ مد، سَنڌو ۽ ڇيڙو ڪو نه آهي:
سپريان جي سونهن جو قد نه مد،
هِت سڪڻ بي عدد، هُت پرينءَ پرواهه ناهه ڪا.
تيئن سورن جي سلن جي مور به ائين ئي آهي، جيڪا ڦوڙائي جي ڦَٽيل اندر ۾ انگورجيو اُٿي:
اُٺي جيئن مورن، اوڀڙ ولهارن ۾،
سا پَرِ گوندر ڪن، جه ڦوڙائو سڄڻين.
من ۾ محبت ۽ موهه جي ميخ، جيڪا سڄڻ لائي ويا، ان اندر ۾ مچ مچائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ان جا سوريندڙ به سپرين پاڻ آهن:
لائي جو ويا، سو منجهئين ٿو مچ ٻَري،
سو اجهامي ڪئا، جه سوريندڙ سپرين.
سموري ’سُر رپ‘ ۾، سورن جو سامان آهي. ان ۾ محبت جي ميخ لڳڻ کان وٺي مُنهن ملاقاتي ٿيڻ ۽ اندر اورڻ تائين جو مذڪور آهي. پرين جي پچار، ڦوڙائي فراق جو داستان آهي، جنهن ۾ لطيف جي سڀني ڪردارن جي ڪيفيت جي ماحصل کي محبت جي انهيءَ ميزان ۾ توري تڪي سگهجي ٿو، پر ”اُٽل اوڏانهين، جيڏانهين ٻيجل ٻُرائي“ جي مصداق وڇوڙي جي وراڪي جو پڙ سورن جي ساهمي ۾ سوايو نظر اچي ٿو.
سورن جي سٽ ۽ سٽاءُ ۾ لطيف جيترو سسئي کي ڳايو آهي، اوترو ڪنهن کي به نه ڳايو اٿس. خبر نه آهي ته، لطيف کي سسئي جي ڪهڙي ادا پسند آئي، جو سڄا سارا پنج سر هن ڪامڻ جي ڪٿا ۽ ڪيرت ۾ صرف ڪيا اٿن. ائين ته نه هو، جو سسئي ٻانڀڻ ٻيٽي، کَٽيءَ جي کُنڀ جيان عشق جي چروءَ ۾ رنگجي ريٽو ٿي ويئي. ڇپرين ڇُلي، محبت جي مجاز کي امر بنائي ڇڏيائين. مومل به ته عشق جا چرو چاڙهيا، اُتي به نينهن جون نڪون پانوڙي پِڪ جيئن هيون، جت عشق اُپجنو ۽ نينهن نيپنو پئي. غالبا اهو نينهن جو شينهن سسئي جي سورن ۽ پورن ۾ اچي سامايو ۽ ويهون واري ڇڏيائين. سسئي سورن ۾ ڄائي، سورن ۾ سامائي، سورن سان سانگيئڙي ٿي، هوتن لاءِ هاڙهو هڻي، نينهن جي نيهي کي اُجاري ويئي.
سنجري تان سور، سامائي ته سک ويا،
اهي ٻيئي پور، نماڻي نصيب ٿيا.
سسئي سورن کي ساٿي ۽ سونهون بنائي سڪ ۽ سوز مان جتن لاءِ جبل جهاڳيو. هوتن لاءِ هاڙهو هڻي، پنهون جا پيرا کنيا. باوجود ان جي، جو محب به ملاقاتي نه ٿيا:
سسئي سڄي سِڪ، ته به سِڪي سسئي،
ان تڙ منجهاران تِڪ، پيتي سڪ وڌ ٿئي:
سسئي سان سورن جو ڪو الستي انگ لکيل هو، جنهن کي لطيف محسوس ڪندي چيو ته:
سرتين سهج منجهان ڪوڏ ورهايا ڪپڙا،
تڏهن منهنجي ماءُ، ٿي پهڻ آڇيا پٻ جا.
شروع کان ئي سور سسئي جا ساٿي رهيا. ڏينهن جو ڏکن سان ٿي اورئين ته، رات جو اهي چاڪ چِڪي ٿي پيا. ان هوندي به فراق ۽ ڦوڙائي کان ٿي ڊني ته متان منهنجي ۽ پرينءَ جي وچ ۾ حائل نه ٿئن.
حسيني جي هاڪ، مادر ماري آهيان،
ڏينهان ڏورڻ ڏک سين، راتيان چڪن چاڪ،
ڊڄان ڀر فراق، متان پوءِ پرين سين.
ڪونج جهڙي ڪامڻي ۽ سيتل سسئي، پٻ ۾ پير پِٿون ڪيا، پر ڏيرن جي ڏاڍائي لاءِ به ڪو پاراتو نه ڏنائين: ’جَتا شال جيئو، جيئو ۽ جاڙون ڪريو‘ چوندي رهي:
پير پٽائين ڪنئرا، چڙهيو ڏونگر ڏي،
پاڻ ڦٿئو مَ پسي، ڪڙهي ڪيچن کي_ الخ
لطيف، سسئي جي سورن جي جيڪا سٽاءَ سٽي آهي، اها نهايت نرالي آهي. هو سڄڻن جي سورن کان نالان نه آهي، پر پاڻ سورن کي ساٿي ۽ سونهون بنائي، انهن سان ئي پنهونءَ جي پچار ۽ اور ڪري ٿي.
سور نه وڃيجاه، سڄڻ جيئن سانگ ويا،
انهين پُڄاڻان، آئون اوهان سين اوريان.
سسئي سورن جي ساٿ سان اهڙو ته واڳجي ويئي، جو سندس لاءِ ڇپون ڇپر ــ کٽ، ڏونگر ڏولي، مِرون مِٽَ ۽ پهڻ پٿراڻيون هئا.
ڇپيون ڇپر کٽ، پهڻ پٿراڻيون ڀانئيان،
جتي رهان راتڙي، تتي مرون مون مٽ،
سيڻن جي سهٽ، ڏونگر ڏولي ڀانئيان.
سسئي سورن جي ميخن کي آوي جي اُڪير جي اورڪ ٿي سمجهي:
ڪو جو اُٺس مينهن، آريءَ جي اُڪير جو،
ٻاروچاڻو نينهن، متان ماٺو ٿئي:
سورن جي هڪ گهڙي ٻاٽ ڪاري رات کان وڏي ۽ هماليه جهڙي پهاڙ کان اوکي هوندي آهي. لطيف سورن کي ڪٿي به نه ننديو آهي ۽ نه اوڀالو ڏنو اٿس. سسئي جي سورن کي وَٺو ته، انساني ذهن دنگ رهجيو وڃي. سهڻي جي سڪ، مومل جي من جي مونجهه، ليلا جو ليلائڻ، وڻجاري وَهُن جي ورلاپن، مطلب ته هر سُر جي تهه ۾ انهيءَ ازلي غم ۽ سڪ جي صورت نظر اچي ٿي، جيڪا سندن ڪلام جو روح آهي. هي اهڙو داستان آهي، جيڪو نه ختم ٿيڻ جهڙو آهي. هي انهيءَ ڪيفيت جو اظهار آهي، جيڪا انساني زندگي جو ورثو ۽ خوشين ڏانهن ويندڙ واٽ ۽ پيچرو آهي، ڇاڪاڻ ته ”غم اها ازلي حقيقت آهي، جنهن ۾ خوشيءَ جو نقاب لٿل آهي.“
هيٺ مهاڪوي شاهه لطيف جي زباني انهيءَ رندي رمز ۽ درد جي حقيقت جو سندن ئي شاعريءَ مان ڪجهه وستار پيش ڪجي ٿو:
سور مَ وڃيجا، سڄڻ جيئن سانگ ويا. الخ
**
اچو سورن واريون ڪريون سور پچار.
**
سورن ساڙي آهيان سڪان ڪي صحت.
**
ڏکي ڏک وسار، سيج ڦٽي ڪر سسئي.
**
سنجري تان سور، سامائي تان سک ويا.
**
سور م ڏي ڌوڻ، آئون اڳيئي ڪانهري.
**
سور م ڏي ڌوڻ آئون اڳيئي ڏکي آهيان.
**
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پرين جو.
**
ڏونگر ڏک پئي مون توهيسين ڳالهه ڪئي.
**
سور نه سانگائين، ڏين اڌما اوچتا.
**
سورن لڌو سهج، پاڻيهي پيهي آيا.
**
ڏک لڳو ڏونگر ٻريو، ڀينر کاڻي ڀونءِ.
**
ڏکوين اهڃاڻ، ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو،
وڃن گوندر گڏيون، لوڪ نه آڇين پاڻ،
سورن اسان ساڻ، ننڍيئي نينهن ڪبو.
**
نڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سڪ الخ
**
سورن سانگهارو ڪڏهين تان ڪو نه ڪئو. الخ
**
پري ٿي پنوهار سنهائين ٿو مچ ٻري
سُڻي سور تنوار، متان ڇيلا پونئي ڇپرين.
**
مٿيان مٿي مچ، پريم سڀوئي سچ.
جيڪي چيو سرتين، سو به سڀوئي سچ،
امڙ اوري اچ، ته سٽ سٻڻايئين سور جي.
**
ڏکي ڏونگر پاڻ ۾، ڪي جي ڪڍيا پار. الخ
**
جئين ساڪاني ڪانهن، لوسيندي لاتيون ڪري
اچي ويئي اوچتي، درد پريان جي دانهن،
ويڄ ڏنڀين ڇو ٻانهن، سور هنئين کي سامهون.
**
هو جي سور سڄن، سي مون پينگهي ۾ پرايا. الخ