شاهه جي ’سُر رپ‘ ۾ دردن ۽ سورن جو مذڪور: عطاءُ الله بخاري
ما جعل الله لرجل من قلبين في جوفه (1)
(الله ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون نه ٺاهيون آهن)
هن آيت مبارڪ جو اشارو ان طرف آهي ته، ٻه دليون هجن ته پوءِ ڪيو ٻيو جاءِ وٺي، جڏهن دل ئي هڪڙي آهي ته، پوءِ سڀ ڪجهه ان لاءِ آهي، جنهن دل ۾ جاءِ والاري آهي. ظاهر آهي ته، پوءِ جيڪو ذڪر هوندو، اهو ان جوئي هوندو، جنهن سان حب آهي. پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي:
”من احب شيئا اڪثر ذڪره“ (21)
(جيڪو ماڻهو ڪنهن شيءِ سان حُب رکندو آهي، اهو انهيءَ کي ئي ياد ڪندو آهي.)
شاهه سائينءَ جي جد امجد شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري هن حديث مبارڪ کي سنڌي ويس پهرائي، محبوب جي من ۾ وسڻ کي ڏاڍي دل لڀائيندڙ انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي،
من پريان نيئي، پڳهئو پاڻ ڳري.
اُتم انسانن وٽ جڏهن عشق ايندو آهي ته، اهي سڀ ساعتون سپرينءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن نفس زوراوري ڪري ڪي ساعتون کين غافل بنائي وجهندو آهي. غفلت ۾ گذاريل لمحا وڇوڙي جا لمحا آهن ۽ اهلِ دل وٽ اهي لمحا ڪفر ڪرڻ جي برابر آهن. شاهه عبدالڪريم جن جي لفظن ۾:
”جو دم غافل، سو دم ڪافر“
عشق جي دينيات ۾ وڇوڙي جون ساعتون ڪفر جون ساعتون آهن. جڏهن ڪُفر ٿي ويو ته، پوءِ غم ۽ گوندر اچي وَرائيندا. عشق حقيقي هجي يا مجازي، ٻنهي ۾ ڪيفيت ساڳي رهي ٿي، محبوب ساڻ آهي ته، دل خوشين سان آباد هوندي. محبوب اکين کان ٿورو اوجهل ٿيو ته، دل حشر مچائي ڏيندي، پوءِ اوسيئڙو، ڏک ۽ ڊپ اچي ورائيندا. اکين مان وسڪارو جهلئي ڪو نه جهلبو، رونءَ رونءَ ۾ سورن جون سَٽون پيون اُڀرنديون. هورا کورا سُک وڃائي ڇڏيندي. اڻ ڳڻيا خيال ضدي ٻارن وانگر دڙها هڻندا، ذهن کي لتاڙيندا رهندا، ۽ عاشق پيو جهوريءَ ۾ جِهڄهندو. هن سُر ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهڙين ئي ڪيفيتن جو اظهار ڪيو آهي. شاهه سائينءَ وٽ اهي مِڙئي ڪيفيتون انتها تي آهن ۽ انهن جو اظهار به اوترو ئي زوردار آهي.
گوندر ڪيو غرق، ماءُ منهنجو جندڙو.
محبوب جي وڇوڙي جو درد هر ڪنهن کي ٿيندو آهي، اهو ڏک ڪنهن لاءِ تانگهو، ته ڪنهن لاءِ تار، ٻُڏي هرڪو ويندو آهي، پر غم ۾ غرق ٿي وڃڻ، جتي اونهائيءَ جو انت نه ملي، هيءَ غم جي انتها آهي. لطيف گوندر جي شدت ڏيکارڻ لاءِ جيڪو اندازِ بيان اختيار ڪيو آهي، جيڪي لفظ چونڊيا آهن، اهو سندس ئي ورثو آهي. شاهه سائين سورن جي بيان ڪرڻ لاءِ لفظن سان تصويرون ٺاهيون آهن، جيڪي ڏسي سگهجن ٿيون:
ڪُڙهه ۾ قطارون ڪري، سورن لايا سير.
سورن الائي ته ڪيتريون واٽون ۽ پيچرا ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ هر واٽ تي سورن جون قطارون آهن. جڏهن سڄي وجود ۾ سور صفون ٻَڌيو بيٺا هجن ته، ويساند ڪهڙي ملندي! ويساند تڏهن ملي، جڏهن سلسلو ٽٽي پوي، هتي ته سور مُچا ڪريو پيا ڦُٽن، بلڪل ائين جيئن مينهن پوڻ کانپوءِ ٻوٽن تي مور ڦُٽي پوندي آهي.
اُٺي جيئن مورن، اوڀڙ ولهارن ۾،
سا پر گوندر ڪن، جُه ڦوڙائو سڄڻين.
هتي ڪتب آندل ٻوليءَ ۾ لفظ ’مورن‘ جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته، ان لفظ مان گوندرن جي گهڻائي ۽ گهاٽائي جهلڪندي. عام طور هڪ ٻج مان هڪ سِلو اُڀرندو آهي، پر جڏهن وڻ موربا آهن ته، هنڌان هنڌان مُچن جا مُچا ڦُٽي پوندا آهن. گوندر مُچا ڪري ڦُٽڻ جو تصور ڪجي ٿو ته، ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ اسان کان اِجهو ڪي پنهنجو پرين وڇڙيو آهي ۽ ڏک هنڌان هنڌان ڦاٽي پيا آهن ۽ وڃن پيا نوان گونچ ڪڍندا.
ڀٽائي ڀلاري تشبيهون، مثال ۽ انهن لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ روزمره جي زندگيءَ مان ورتا آهن ۽ سندس بيان ڀرپور ۽ عام فهم آهي. پيار ڪندڙ جدائيءَ جي غم ۾ غرق آهي، سورن جون لَڙيون آهن، سڄي وجود ۾ واٽون ٺهي ويون آهن، ڏک هنڌان هنڌان اُڀري پيا آهن. ان صورت ۾ هينئين جو ڪهڙو حال آهي، ان جو ذڪر ڪندي لطيف فرمائي ٿو:
جاءِ نه سڄو ڏينهن، هينئڙو اوٺي وڳ جيئن.
اُٺ اوڳي ذات سڄو ڏينهن وتندا ڄنگهڙون سٽيندا، مجال جو ڪٿي ٿڪجن ۽ سک سان ويهن. پرينءَ جي وڇوڙي کان پوءِ هينئون موڳو ۽ بي سُکو ٿي پوي ۽ وڃيو ڳاراڻي ۾ پوي، سڄو ڏينهن پيو نجهري ۽ جهلئي ڪونه ٿو جهلجي. لطيف چواڻي:
جيئن جهوريءَ کان جهليانس، جهڄيو تيئن جهوريءَ پوي.
اهو قدرتي عمل آهي ته، جنهن جي ڪائنات بي چَسي ٿي ويندي آهي، ان کي آترويلا لڳي ويندي آهي ۽ هو پيو پَچندو ۽ لوهون پائيندو آهي. اهڙي هنئين کي ڪيترا به آٿت ڏيو، دلاسا ۽ دلجايون ڏيو، ٺَڳاري ڪنهن ٻئي طرف ڌيان ڇڪايو، پر جنهن ۾ من پرين حل ٿيل هجي، اهو ٺڳين ۾ ڪيئن ايندو ۽ وٽائنس هورا کورا ڪيئن ويندي. گوندر گونا گون هجن ۽ هڪ تِر جيتري جاءِ به واندي نه هجي ته، پوءِ هينئين جو ڇا حال هوندو، ان لاءِ لطيف مثال ڏيندي ٻُڌائي ٿو:
رئيءَ لٽجي نت، هينئڙو واٽ ورک جئين.
وهندڙ واٽ جتي اچ وڃ اوج تي هجي، واٽهڙن ۽ وَهٽن جي وکن سان ڌوڙ جا ڪڪر اُڏامندا هجن، ان واٽ جي ڪناري سان بيٺل وڻن ٽڻ کان وٺي پنن جي چوٽين تائين سڀ دز سان لَٽجي ويندا آهن. وڇوڙي جو سَٽيل ۽ سيڪاٽيل هينئڙو به ائين ڏکن جي دز سان لَٽجي ويندو آهي. جڏهن نينهن جو ناتو چوٽ ٿو چڙهي ته، پوءِ ڀائنجي ٿو ته پرين سدائين اکين آڏو هجي ۽ اک ڇنڀ لاءِ به پري نه ٿئي، پر جيڪڏهن پنبڻين جي هڪ لوڏي جيتري لمحي لاءِ به پري ٿيو ته، شاهه عبدالڪريم جي لفظن ۾ ڪيفيت هئين ٿي پوندي آهي:
سڄڻ ساعت هيڪڙي جي ٿئين اکينئون ڌار،
ته ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نه ڪڏهين.
جڏهن محبت جي اها منزل هجي ته، پوءِ محبوب جي جدائيءَ ۾ نيڻ نيسارن وانگر وهندا آهن. لطيف وٽ ان لاءِ جيڪو اظهار آهي، سو اندر ۾ پيهيو وڃي.
مون منجهيئي مينهن، ڪوه ڪرينديس ڪڪرين،
سرلو سارو ڏينهن، مون پريان جو نه لهي.
سنڌي لغات موجب: سرلو سانوڻ توڙي سياري، ٻنهي موسمن جي برساتن لاءِ چئبو آهي. سانوڻ جي مُند ۾ آسمان پلٽجي پوندو آهي ۽ ڇوهي جا ڇڇڪا هوندا آهن، پر هي مينهن ضروري ناهي ته، هر جاءِ تي هڪ جهڙو پوي. ڪٿي ڇنڊون پونديون، ته ڪٿي آسمان اوتجي پوندو. سياري جي مُند واري برسات کي ’رُهي‘ سڏجي ٿو، جيڪا مانگهه مهيني ۾ پوندي آهي ۽ ان ۾ آسمان لس ليٽ ٿي ويندو آهي. هوائن گاڏڙ برسات چؤڦير وسندي آهي.
شاهه سائين هڪ لفظ ۾ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه پيش ڪئي آهي. پرينءَ جي ياد ۾ اکين جي وَسڻ لاءِ ڪا مُند ۽ موسم مقرر ئي ڪانهي. جڏهن ياد چڙهي، ته وسڪارو شروع. پوءِ ڪڏهن اکيون ڏرا ڏئي وڃن ۽ ٻُڪن جا ٻُڪ پاڻي هارجيو پوي، ته ڪڏهن وري وسڪارو هلڪو، پر لڳاتار پيو هلي. فراق ۽ جدائيءَ کان وڏي ’رپ‘ (ازدها) ڪهڙي هوندي، تڏهن ته ان آفت کي موت کان به شديد سڏيو اَٿن.
”الفراق اشد من الموت (حديث) (3)
لطيف جي ئي لفظن ۾ ڄِيري ۾ عشق جون ڄِڀيون هجن ته، پوءِ رڳون ربابن جيئن وڄڻ لڳنديون ۽ اهو واڄو وار وار ۾ پيو وَڄندو.
لونءَ لونءَ هيٺ وڄن، رڳون ربابن جيئن.
هتي لفظ ”ربابن“ اسعتمال ٿيل آهي، جيڪو جمع جي صيغي ۾ آهي، يعني هر تند پئي وڄي، ڪابه رهيل ڪانهي، وار وار هيٺ پرينءَ جو واڄو آهي. سڀني تندن ۾ هڪ ئي تنوار آهي، پرينءَ جي ياد جو ايترو زوردار اظهار آهي، جو پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ ڄڻ انهن تَندن کي اکين سان پيا ڏسن ۽ واڄو ڪنن سان پيو ٻُڌجي ۽ اهو دماغ کان ٿيندو دل ۾ ڪاهيو پوي. ٻُڍل فقير اهڙي واڄي لاءِ ڏاڍي سُهڻي سِٽ چئي آهي:
وَڄي ٿي وجود ۾، بِرهه تنهنجي ڀِير.
ٻڍل فقير واري برهه جي ڀير وڄندي هجي ۽ لطيف جي لفظن ۾ سڀئي رڳون ربابن جيئن وڄنديون هجن ته، پوءِ واڄو ايڏو وڏو هوندو، جو اوسي پاسي جو ڪو ٻيو آواز ٻُڌڻ ۾ ئي ڪونه ايندو، نه ئي وري ڌيان ٻئي طرف ويندو. ڀلا جيڪڏهن ڪنهن ويل عقل وچ ۾ ڪاهي پيو ۽ جهٽ پلڪ لاءِ ڌيان ورهائجي ويو ته، نينهن وري به گِهلي آڻي، پرينءَ جي پيچري تي ڇڏيندو.
نينهن گهرائي نت، پريان سندي پير ۾.
عشق سان عقل جون ٽڻيون هونديون آهن. عقل وسوسا پيدا ڪندو آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ خوديءَ جو ذرڙو داخل ڪري، نينهن کي ڪَسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر عشق اوپري خيال ۽ خوديءَ کي ڪٿي ٿو برداشت ڪري. عشق جي تعريف ئي اها آهي ته:
”العشق نار يحرق ماسويٰ المحبوب“ (14)
(عشق اها باهه آهي، جيڪا محبوب کان سواءِ ٻئي هر خيال کي ساڙي ڇڏي ٿي)
اندر ۾ عشق جو آڙاهه متل هجي ۽ ٻيا سڀ خيال سڙي وڃن، ته پوءِ سڀ خيال رڳو هڪ سڄڻ جا وڃي بچندا. سڀ اوراڻا ان هڪڙي پرينءَ سان اورڻا آهن، ٻئي کي ان جي ٻاڦ ڏيڻ به گناهه آهي. سڄڻ سان ميلو ٿئي ته اندر اورجي، پرين جيسين پري آهي يا اڪيلائيءَ ۾ ساڻس ميلو نٿو ٿئي، ته ڳالهين جا کيٽ ڦٽي پوندا آهن.
سڄڻ سان نه ڀيٽ، ڳُجهه ڳَرهيان ڪِن سين،
ڳالهيون انهيءَ ريٽ، سدا ٻڌي موريون.
جيڪي عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ ڳالهيون آهن، ان جي خبر ٻين کي ڏيڻ امانت ۾ خيانت جي برابر آهي. خيانت، سا به پرينءَ سان، اهڙو ڪُڌو ڪم ڪير ڪندو، جيسين پرين هيڪلائيءَ ۾ ملن، تيسين ڳالهيون سلن مان وڌيو وڻ ٿيو پون.
ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون،
پر سين مون نه ڪيون، گوشي پرين نه گڏيا.
پرينءَ کان سواءِ ڪنهن سان اندر ڇو نه ٿو اوري سگهجي، ان لاءِ لطيف سبب ڄاڻائيندي، ڇا ته سهڻو مثال ڏنو آهي.
جيئن سي کوهيءَ نار، وهن واريءَ گاڏئان،
هينئڙو پريان ڌار، نبيريانس نه نبري.
جر ۾ پاڻي ۽ مٽيءَ جا ذرڙا هڪ ٻئي سان ڪنهن خاص ڪشش جي ڪري گڏ هوندا آهن، ان ڪشش کي انگريزيءَ ۾ Adhesion سڏبو آهي. کوهيءَ جي نارن مان (اهي وٿيون جيڪي کوهيءَ جي اوساريءَ ۾ هونديون آهن) سنهڙي واري ۽ پاڻي سِيمو ڪري کوهيءَ ۾ گڏ ٿيندو آهي. جيڪڏهن ان واريءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪبي ته، پاڻيءَ جو رستو پڻ بند ٿي ويندو. پرينءَ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سان اندر اورڻ جو سوچبو ته، هينئون ڪٿي ٿو اهڙي ڇيڙي نبيري قبول ڪري. حضرت ابن عباس رضه کان روايت ڪيل حديث آهي ته:
”مَن عشق وَ کَتمَ وَعفَ وَ صَبرَ، غفرالله له و اَدخله الجنه“ (5).
(جنهن عشق ڪيو ۽ ان کي لڪائي رکيو، پاڪ رهيو ۽ صبر ڪيائين ته، خدا ان جي بخشش فرمائيندو ۽ ان کي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو.)
واضح ٿيو ته عشق آهي ئي ڍڪڻ ۽ سانڍڻ لاءِ. عشق جيترو ڍڪي رکبو، اوترو اندر اُجرندو. ڳالهه کُلي پئي ته، ساءُ سواد ڇڏي ويندي. شاهه عبدالڪريم فرمايو آهي ته:
مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جو اُپٽي ته واءُ،
جو پڌر وڌي ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.
شاهه سائينءَ هن سُر ۾ اهڙا ڪجهه بيت چيا آهن، جن جو پيغام نينهن کي ڍڪڻ لاءِ آهي.
نينهن نهائينءَ جان، ڍڪيو ڪوهه نه ڍڪئين؟
ڄر ڄيري ڇڏي، ته ڪيئن پچندا ٿانءَ،
سندي ڪنڀاران، ڪن ڪريجا ڳالهڙي.
آوي ڪٿان ڦاٽي پئي ته ٿانو ڀيلا رهجي ويندا. عشق ڪرڻ وارن کان اندر جون ڄِڀيون سانڍيون نه ٿيون ته، پوءِ دلبر جي حوالي سان جنهن انگ کي پچائي راس ڪرڻو آهي، اهو ڀيلو رهجي ويندو. ڀيلو ٿانءُ نه ڪچن ۾ شمار نه پَڪن ۾، اهو ڪنهن ڪم جو ڪو نه رهيو. باقي بيتن جو مضمون به ساڳيو ۽ پيغام به ساڳيو آهي:
نينهن نهائين جئن، ڍڪيو ڪوهه نه ڍڪيئن؟
ڄر ڄيري ڇڏي، ته رڇ پچندا ڪيئن؟
تون پڻ ڪريج تئين، جئن ڪنڀار ڪن ڪم سين.
**
نهائينءَ کان نينهن، سِک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
هن سُر جي ٻي ۾ داستان ٽي بيت اهڙا آهن، جن ۾ سخت سيءَ، ڪانڌ جي پري هجڻ ۽ نڌڻڪي جهوپڙيءَ ۾ اڪيلي عورت جي ڳالهه ڪنهن خاص پيرائي ۾ ڪيل آهي:
سٻر سيءَ پيو، نه مون سوڙ، نه گبرو،
نه مون ڪانڌ، نه قوت ڪي، جوڀن وهي ويو،
تنين حال ڪهو، نڌر جنين نجهرا.
**
اُتر اوتون ڏي، نه مون سوَڙ نه گبرو،
سيءَ سارينديون سي، جنين نڌر نجهرا.
**
اُتر ڏني اوت، نه مون سوَڙ، نه گبرو،
چارئي چنيءَ پُوت، مون ريڙهيندي رات گئي.
ڀٽائيءَ جي نظر ۾، محبوب جاءِ پناهه آهي، اَجهو ۽ اولو آهي، اوڇڻ ۽ بوڇڻ آهي، عاشق لاءِ ڌڻڪو هجڻ جي ضمانت آهي. محبوب گڏ آهي ته، پوءِ آٿت ئي آٿت آهي، پر جيڪڏهن پرين پري آهي ته پوءِ سڀ ڪجهه ڄڻ کسجي وڃي ٿو. آسن ۽ اُميدن جو بوڇڻ پوتيءَ جهڙو سنهڙو وڃيو رهي، جنهن سان پاڻ ڍڪيندي نه ٿو ڍڪجي، مٿي ڇانو کسجيو وڃي ۽ ماڻهو ڄڻ وِلهه ۾ پيو آهي. هن سُر ۾ ڏنل پيغام کي ويڙهجي ته، هي ڪجهه حاصل ٿيندو:
پرين ساهه پساهه آهي، واٽ ۽ اولو آهي، پاڻ وٽ آهي ته ڀرجهلو ۽ ڍڪ آهي. اکين کان ڌار آهي ته پوءِ ڳوڙها ۽ ڳاراڻو نصيب بنجيو وڃي. پريت ۾ پچڻ لاءِ ضروري آهي ته، اندر جي آڙاهه کي اندر سانڍجي، پرينءَ کانسواءِ ڪنهن ٻئي سان سور سلڻ گناهه آهي، جيڪو پاڻ کي عشق جي ان اعليٰ منزل تي پهچائي ويو، اهو ڌڻڪو ٿي ويو، جيڪو رهجي ويو، اهو نڌڻڪو، بي ثمرو ۽ اٻالو رهجي ويندو.
[b]حوالا[/b]
1. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ص 48، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪميٽي، 1977ع.
2. ساڳيو، ص 51.
3. لغات لطيفي: شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ص 138، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، 1994ع.
4. ساڳيو، ص 138.
5. طب نبوي (اردو)، امام ابن القيم الجوزيته، مترجم: حڪيم عزيز الرحمان اعظميٰ، ص 514 ،دارالشاعت،اردو بازار، ڪراچي _ 1998ع.