لطيفيات

ڀٽائي ۽ ڀُونءِ

شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُرن مان کنيل چونڊ بيتن جي سمجهاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لکيو آھي. ڄامڙو صاحب لکي ٿو:
”ڪتاب ’ڀٽائي ۽ ڀونءِ‘ ۾ شاهه سائينءَ جي رسالي جي سڀني سُرن مان ڪجهه بيتن جي سمجهاڻي سُر وار ڏني وئي آھي. اڪثر بيت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي تان کنيا ويا آھن. شاھ سائينءَ جو ڪلام ھزار رنگن جي ھيري مثل آھي. اھو ئي سبب آھي تہ ھر ماڻھو خاص ڪري عالم پنھنجيءَ سمجھه ۽ علم مُطابق بيتن يا شعرن جو مفھُوم ۽ معنيٰ ڪڍندو يا سمجهندو آھي. مُون لطيف سائينءَ کي جيئن سمجهيو آھي، تيئن بيتن جي سمجهاڻي لکي آھي. روحاني رازن بدران بيتن جي ظاهري معنيٰ ۽ مفھُوم کي وڌيڪ اھميت ڏني آھي. ھاڻوڪين حالتن ۾ شاھ جي ڪلام جي اھميت ۽ ڪارج نروار ڪرڻ جي به ڀرپُور ڪوشش ڪئي اٿم. “
Title Cover of book ڀٽائي ۽ ڀُونءِ

مقدمو

اعليٰ شاعريءَ بابت مُختلف پيمانا ۽ معيار بيان ڪيا ويا آھن، جن ۾ ترنم جو ھُجڻ، تخيل جي سگھارائپ، احساسن ۽ جذبن جي سُھڻي نمُوني عڪاسي، ٻوليءَ جي واڌ وِيجھه ڪرڻ وغيره شامل آھن. يوناني ٻوليءَ جي اسڪالر لان جائينس (Longinus) 213-273ع شاعريءَ جي پرک جا پنج معيار مقرر ڪيا آهن، جن تي شاهه لطيف جي ڪلام کي مختلف عالمن پرکيو آهي. اهي معيار هن ريت آهن: (1) اعلى خيال/ تخيل جي گهرائي (Great Thoughts) (2) جذبن ۽ احساسن جي سگهاري عڪاسي (Strong Emotions) (3) فڪر/نظريي ۽ اظهار جي پختگي (Certain figure of thought and speech) (4) اعلى ترين گهاڙيٽو (Noble Diction) (5) لفظن جي ڀلي اڻت/تاڃي پيٽو (Dignified word arrangement).
اهي سموريون خوبيون شاهه لطيف (1689-1752)وٽ آهن. انهن جو محور ڌرتي، ٻولي ۽ ڌرتيءَ جا ماڻهو ئي ٿين ٿا. انھن سڀني پيمانن ۽ معيارن ۾ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي عام ماڻھن جي ڪيل ترجماني شاعريءَ کي اعليٰ درجي تائين پھچائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪري ٿي. مطلب ته ڀونءِ وارو پيمانو ۽ معيار مڙني کان مٿانھون آھي. شاھه لطيف جي سمُوري ڪلام جو مرڪز ۽ محور ڀُونءِ آھي. پنھنجيءَ ٻوليءَ سان محبت ۽ ڀونءِ کي اوليت ڏيڻ جا عالمي سطح تي نظريا پوءِ مقبُول ٿيا. اسان وٽ انھن کان اڳي اھي نظريا رائج ٿي چُڪا هئا. سُگهڙن کان سواءِ قاضي قادن، شاھه ڪريم ۽ لطف الله قادري به پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ شاعري شروع ڪري چُڪا ھُئا. سنڌي ٻوليءَ جي ان تحريڪ کي شاھه لطيف اوج تي پھچايو.
عالمي ادب ۾ پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ کي اوليت ڏيڻ جي سلسلي ۾ تيرهين صدي عيسويءَ جي يورپي اديب دانتي (Dante) (1265 کان 1321) جو مثال ڏنو ويندو آهي. هو اٽليءَ جو رهاڪو هو. سندس زماني ۾ اٽليءَ ۾ لاطيني ٻوليءَ جو راڄ هو. هُن ان راڄ کي رد ڪري پنهنجي مادري ٻوليءَ اطالويءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جو رواج وڌو. ان حوالي سان ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته؛ ”دانتي جي مادري زبان اطالوي هئي، جنهن ۾ هن کان اڳ تخليقي اظهار جي همت ڪنهن ڪانه ٿي ڪئي. عام خيال اهو هو ته اها اعليٰ تهذيبي سطح تي ڪانه پهتي آهي، جنهن ۾ اعليٰ ۽ عظيم شاعري پيدا ٿيڻ ممڪن هُجي.“ (ادبي تنقيد: فن ۽ تاريخ _ص :57)
تنهن هوندي به هن پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري پنهنجيءَ ٻوليءَ کي اعليٰ ترين سطح تائين پهچائي ڇڏيو. مادري ٻوليءَ ۾ ماڻهو بهترين طريقي سان اظهار ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجن ڌرتيءَ ڌڻين جي احساسن ۽ جذبن کي پنهنجي اندر ۾ اوتي اعليٰ تخليق وسيلي ٻوليءَ جي سگهه وڌائڻ سان گڏ رهنمائي به ڪري سگهي ٿو. دانتي وانگر لطيف سائينءَ سرڪاري ٻولي فارسيءَ بدران پنهنجي مادري ٻوليءَ سنڌيءَ کي اوليت ڏئي امر ڪري ڇڏيو. ھتي ان حوالي سان ڪُجھه مثال ڏجن ٿا.
شاھه لطيف کي اسان ڀٽائي به سڏيون ٿا. ان لقب تي ٿوري نظر وِجھنداسين ته پتو پوي ٿو ته شاھه صاحب ھڪ غير آباد زمين جي ڀِٽن واري علائقي کي چُونڊي رھائش اختيار ڪئي. جنھن جاءِ تي ھُن پنھنجو گھر اَڏيو، اُن کي ڀِٽ شاھه يعني شاھه جي ڀِٽ يا ڳوٺ چيو ويو. ھُن ان ماڳ جو نالو ڀٽ شاھه پسند ڪيو نه ته ان تي لطيف آباد يا شاھه سائينءَ جي اصل نالي جي نسبت سان ٻيو ڪو نالو به رکي پئي سگھيو پر ائين نه ڪيو ويو. ڀٽ شاھه نالي رکڻ مان ڀٽائي سرڪار جي ڀٽ ۽ اُن جي مٽيءَ سان محبت جو اظھار به ٿئي ٿو. نه رڳو اھو پر ھُن پنھنجي اصل نالي عبداللطيف ۾ ڀٽائيءَ جو واڌارو به ڪيو. اھو ئي سبب آھي ته شاھه صاحب جو مُڪمل نالو شاھه عبداللطيف ڀٽائي مشھور آھي.
اسان جي اڪثر بُزرگن خاص ڪري سيدن جي نسبت سندن اصل نسل سان ڳنڍي ويندي آھي. ڪن کي بُخاري سڏيو وڃي ٿو ته ڪن کي نقوي، تقوي ۽ مروندي وغيرھه سڏيو وڃي ٿو. لطيف سرڪار ھِن ڀونءِ سان پاڻ کي جوڙي ڀٽائي ٿي ويو. سندس اھو پيچ جيئن پوءِ تيئن پُختو ٿيندي نظر اچي ٿو.
ڀٽائيءَ جو پنهنجيءَ ڌرتيءَ سان پيار وارو رشتو ڄمڻ کان ئي شروع ٿيو هو. جڏهن هُن ڌرتيءَتي پنهنجن پتڪڙن پيرن سان وکون کڻڻ شروع ڪيون ته کيس ڄڻ منزل ملي وئي ۽ روح جي راحت رسي وئي. هُن هروقت پنهنجن ماڻهن کي ساهه ۾ سانڍيو.
آڱر جيڏا پيرڙا، ڌرتيءَ منجهه ڌريام،
جتي جنب جيڏئين، جتي ڳار ڳريام،
سي ئي ساهه سريام، سي ئي راحت روح جي.

(سُرمارئي. ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ وٽان مليل بيت)
ڀٽائيءَ سان عام ماڻهوءَ جي محبت جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته؛ لطيف هن سماج ۾ سيد کي ملندڙ رُتبو ڇڏي، اهڙن ماڻهن سان گڏجي ويو، جن کي اسان جو سماج گهٽ حيثيت ڏيندو آهي. ان طبقي ۾ ڪمي ڪاسبي ۽ مڱڻهار وغيره اچي وڃن ٿا. انسان سمورا عزت وارا آهن پر سيد ۽ مڱڻهار هڪٻئي جو ضد آهن. شاهه پنهنجي سيدي ڦٽي ڪري مڱڻهارن ۽ جوڳين سان رشتو ڳنڍيو. سندس صحبتي به اهي عام ماڻهو هئا. تڏهن ته چيائين:
جي ميراثي مڱڻا، آءٌ پڻ منجهان تن،
ڪي ڪَههُ منهنجي ڪن، ارث منجهاران اُن جي.
(سر سورٺ)

اهو ئي سبب آهي ته اسان جو عام ماڻهو به لطيف سائينءَ کي پاڻ منجهان ئي سمجهي ٿو. اڄ به جڏھن خاص طور تي عام ماڻھو سندس مزار تي ويندو آھي ته ھُو پُڇڻ تي سڄي نالي بدران چوَندو آھي ته؛ ڀٽائيءَ سرڪار جي درگاھه تي ٿو وڃان. شاھه سائينءَ جي عقيدت ۾ ڳايل يا چيل شاعريءَ ۾ به شاھه صاحب کي گھڻي ڀاڱي ”ڀٽائي“ چئي مُخاطب ڪيو ويو آھي. مثال لاءِ جڳ مشھور ڳائڻيءَ مائي ڀاڳيءَ جو ڳايل لوڪ گيت اسان سڀني ضرور ٻُڌو ھُوندو:
ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وَسئي نُور
مُنھنجون تو پُڄايون
مُنھنجون تو پُڄايون، من جون مُرادون
دل جون اُميدون
شاھه لطيف سان عوامي عقيدت جو اھو به ھڪ پاسو آھي، جيڪو اسان مان ڪن کي وڻي نه وڻي پر ان کان انڪار نه ٿا ڪري سگھون. حقيقت ۾ ان عام ماڻھوءَ ئي شاھه سائينءَ جي ڪلام جو صحيح اثر قبُوليو آھي. مجمُوعي طور تي اسان سڀ شاھه سائينءَ جي پيغام جا پيروڪار آھيون. اسان شاھه سائينءَ جي ڪلام، شخصيت ۽ پيغام تي لکي پنھنجو قد وڌايو آھي؛ جڏھن ته عام ماڻھوءَ ڪلام ٻُڌي، سمجھي ۽ پڙھي سماج ۾ سِڪ، محبت ۽ ڀائيچارو وڌايو آھي.
شاھه سائينءَ کي اسان شاھه صاحب، لاکيڻو لطيف، ڀٽ جو گھوٽ، شاھه عبداللطيف ڀٽائي وغيرھه سڏيون ٿا. ھن پنھنجي ڪلام ۾ گھڻي ڀاڱي عبداللطيف تخلص ڪم آندو آھي، اديون عبداللطيف چئي. ڪٿي به پاڻ کي شايد ئي شاھه چيو ھُجائين. عبداللطيف ڪَتب آڻڻ جو ھڪ اھو به سبب آھي ته ھُن سڀ لڳ لاڳاپا ۽ نسبتون ختم ڪري رڳو ھن ڀونءِ سان رشتو جوڙيو آھي؛ جنھن مان ٻين کي به سبق سکڻ گھُرجي.
جڏھن شاھه سائينءَ جي ڪلام جو مُطالعو ڪريون ٿا ته؛ سندس ڪلام جا لڳ ڀڳ سمُورا موضوع ھِن ڀُونءِ سان تعلق رکن ٿا. ھُن جن به قصن ۽ ڪھاڻين کي پنھنجي ڪلام جو بُنياد بڻايو آھي، اُنھن جو لاڳاپو ھن ڌرتيءَ سان آھي. سسئي پُنھون، مُومل راڻو، نوري ڄام تماچي، عُمر مارئي، سورٺ راءِ ڏياچ، سُھڻي ميھار، لِيلان چنيسر وغيرھه ڀٽائيءَ جي ڀُونءِ جا ڪردار ۽ قصا آھن. انھن ڪردارن سميت ٻين ڪردارن جھڙوڪ: پورھيتن، سامُونڊين، ھارين، سونارن، ڪُنڀارن، لوھارن، جوڳين، سنياسين، کاھوڙين، بھادرن وغيرھه جو واسطو به سنڌ ڌرتيءَ سان آھي. انھن ڪردارن وسيلي شاھه صاحب جو آفاقي پيغام عام ماڻھوءَ جي دل ۾ پيھي ويو. ھُنن کي سمجھڻ لاءِ ڪنھن به ڊڪشنريءَ جي ضرورت نه پئي. اسان پڙھيل ڳڙھيل شاھه سائينءَ جي ڪلام کي سمجھڻ لاءِ لُغتن جي مدد وٺون ٿا؛ پر عام ماڻھو اڄ به بنا ڊڪشنريءَ جي شاھه سائينءَ جي ڪلام کي سمجھي ٿو.
شاھه لطيف جي ڪردارن، سُورمن ۽ سُورمين بابت تنوير عباسي صاحب لکي ٿو ته:”ڪنھن به قوم يا ٻوليءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا سورما ۽ سورميون ان ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن ۽ ان ملڪ جي ماڻھن جي مجموعي احساسن ۽ مجموعي نفسياتي ڪيفيت ڏي اشارو ڪندا آھن. شاعرن، خاص ڪري عظيم ڪلاسيڪي شاعرن جي شاعريءَ ۾ آندل سُورمن ۽ سُورمين جي ڪردارن جي اڀياس مان اسان کي خبر ٿي پوي ته ان ملڪ جا ماڻھو يا ان ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ ڪھڙي قسم جا اجتماعي جذبا رکن ٿا.انھن جا اجتماعي احساس ڪھڙا آھن؟ ھو ڪھڙين ڪھڙين ڳالھين کي پسند ڪن ٿا ۽ ڪھڙين کي ناپسند. ڪھڙي قسم جي ڪردارن سان انھن کي عقيدت آھي، ڪھڙي قسم جي ڪردارن سان انھن کي محبت آھي ۽ ڪھڙي قسم جي ڪردارن سان انھن کي نفرت آھي. ان قوم ۽ ان ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن جا اجتماعي قدر ڪھڙا آھن. اھي اجتماعي قدر توڙي سماجي ھُجن توڙي اخلاقي يا جمالياتي؛ انھن اجتماعي قدرن جي پروڙ اسان کي عظيم ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪردارن جي اڀياس مان ٿي پوي.“ (شاھه لطيف جي شاعري، ص: 272)
شاھه سائينءَ پنھنجيءَ دل جون ڳالھيون انھن ڪردارن وسيلي ڪيون آھن. ھُن جو محبُوب سندس ڀُونءِ جو عام ماڻھو آھي، خواصن سان سندس نه پئي. ھُن جي دوستي عام ماڻھن سان ھُئي. خاص ماڻھن يا خواصن شاھه سائينءَ ۽ سندس دوستن يعني عام ماڻھن کي ڏنڀ ڏنا. لطيف سرڪار سُور سَٺا پر پنھنجن ماروئڙن، جھانگيئڙن ۽ سانگيئڙن کي نه ڇڏيو. مارو ماڻھن به ساڻس دوستي نڀائي. پنھنجن حبيبن جي حُب لاءِ شاھه سائين فرمائي ٿو ته:
حَبيبن ھيڪار، منجھان مھر سڏ ڪيو
سو مُون سڀ ڄمار، اورڻ اھو ئي ٿيو.
(سُر ڪلياڻ)
شاھه لطيف اھڙي دور ۾ پنھنجيءَ ڀونءِ جي ٻولي نه رُڳو اختيار ڪئي اُٽلندو ھڪ تحريڪ شروع ڪيائين، جنھن دور ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ ٻئي درجي جو شھري ھو. اسان جو اديب ۽ شاعر سنڌي ٻوليءَ کي ڄٽن جي ٻولي سمجھي پري ڀڄندو پئي ويو. روزگار ۽ درٻار تائين پھچڻ جو وسيلو فارسي ٻولي ھُئي. توڙي جو سنڌي ٻوليءَ جي اھميت ۽ حيثيت مڃرائڻ جي تحريڪ شاھه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري، ميان لُطف الله قادريءَ ۽ ٻين شروع ڪئي ھُئي پر اُن کي اوج تائين شاھه لطيف پھچايو. ماضيءَ ۾ تحريڪُن جي شڪل ھِن دور وانگر نه ھُئي، جو جلسا جلُوس ڪڍجن، بينر لڳائجن ۽ ڪا تنظيم ٺاھجي. سُڄاڻ شخصيتون پنھنجي قول ۽ فعل وسيلي مزاحمت ڪنديون ھُيون. عام ماڻھو سندن پوئواري ڪري ڪاميابي ماڻيندا ھُئا. شاھه صاحب سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ پاڻ شاعري شروع ڪئي. اُھا شاعري به عام ماڻھوءَ جي لھجي واريءَ ٻوليءَ ۾ شروع ڪيائين ۽ پوءِ نعرو ھنيائين:
جي فارسي سکيو، گولو توءِ غُلام
جو ٻَڌو ٻن ڳالھيين، سو ڪيئن چائي ڄامُ؟
اُڃيو تان آب گھُري، بُکيو تان طعام
اي عامَنِ سندو عام، خاصن منجھان نه ٿيو.
(سُر آسا)
جيڪو سنڌي ڇڏي فارسي سکيو، اُھو غُلامن جو غُلام بڻجي ٿو وڃي. مطلب ته غُلاميءَ جي بد تر درجي تي پھچي ٿو وڃي. جيڪو ڪنھن به ھڪ ڳالھه تي نه ٿو بيھي، ٻه موقف رکي ٿو سو مُنافق آھي. اھو ڪو چڱو مُڙس يا معتبر ٿورئي چئبو! ڳالھه سڌي آھي ته اُڃاري کي پاڻي ۽ بُکاري کي ماني کپي.حُڪمرانن عوام کان نه رڳو ٻولي کسي آھي پر سندن جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي. سندن وسيلا ڦري ڇڏيا آھن. اھي معاملا ڪي ڍڪيل نه آھن پر عام آھن. چڱن ڀلن جي اڪثريت نه رُڳو ماٺ آھي اُٽلندو حاڪمن سان ھا ۾ ھا به ملائي ٿي پر اڃان ڪي آھينِ جيڪي ظلم خلاف آواز اُٿارن ٿا. عام ماڻھوءَ جي ٻوليءَ ۽ ٻين حقن لاءِ اُٿي بيٺا آھن.
دُنيا ڏٺو ته شاھه سائينءَ جي سنڌي ٻوليءَ کي زندھه رکڻ واري تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ اڄ جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ شاھه سائين ئي اسان جو مددگار آھي. نه رڳو سنڌي ٻوليءَ بلڪِه سنڌ جي عظيم شخصيتن ۾ شاھه لطيف جو نالو سڀني کان مٿانھون آھي.
مجمُوعي طور تي شاھه سائينءَ جي ڪلام ۾ ڀونءِ شامل آھي پر خصُوصي طور سندس رسالي جي ٻن سُرن سُر سارنگ ۽ مارئيءَ ۾ ڀُونءِ کي ڪُجھه سرس ڳايو ويو آھي. ھتي انھن سُرن جو مُختصر ذڪر ڪري ھڪ ٻه مثال ڏجن ٿا.
مارئي ھڪ عام ڳوٺاڻي ڇوڪري ھُئي؛ جنھن کي وقت جو بادشاھه عُمر سُومرو اغوا ڪري مٿس شاديءَ ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿو. مارئي سڀ لالچون ٺُڪرائي ۽ ڏاڍ سھي انڪار ڪري ٿي. ان انڪار کي شاھه لطيف حُب الوطنيءَ جو ويس پارايو آھي. ملير سندس ڀونءِ جو حصو آھي ۽ مارئي سندس ڀونءِ جي نياڻي آھي. ان سُر ۾ شاھه لطيف پنھنجيءَ ڀونءِ کي ملير جو نالو ڏئي، پنھنجو ڏيھه يا مُلڪ نروار ڪري ٿو:
مُنھنجو مُلڪ ملير
ڪوٽن ۾ آءٌ ڪيئن گذاريان؟
ھُو ان سُر ۾ ڏيھه جي حُڪمرانن لاءِ پيمانا به طئه ڪري ٿو. عوام لاءِ ڪھڙو حاڪم سُٺو ۽ خراب آھي، ان بابت به سمجھائي ٿو. عُمر ھڪ حاڪم ھو، اُن پنھنجي راڄ جي نياڻيءَ کي اغوا ڪري جيڪو ڪُڌو عمل ڪيو اُن لاءِ چئي ٿو:
جُھه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌِيرَ
ماروئڙا فقير، ڪنھن در ڏيندا دانھڙي؟
(سُر مارئي)
حُڪمران عوام جا ڇپر ڇانءَ ٿيندا آھن. اھي ئي جيڪڏھن ظالم، بي انصاف، ڦورو ۽ ڌاڙيل ٿين ته عوام ڪنھن کي دانھن ڏئي؟ تنھن ڪري حُڪمران اھڙو ھُجي، جيڪو انصاف پسند ھُجي. عوام کي ڦُرڻ بدران سھولتون ڏئي. گھٽ ۾ گھٽ غريب ماڻھن تان ٽيڪس معاف ھُجي. عوام اجاين پابندين کان آجو ھُجي. سندن وسيلا ۽ سھولتون ڪنھن ٻئي لاءِ نه پر سندن لاءِ ڪَتب آنديون وڃن. عام ماڻھو سُک ۽ سلامتيءَ ۾ ھُجي. عوام جي خوشحاليءَ ۾ ڪنھن به ڏائڻ جي نظر نه ھُجي. شاھه صاحب اھو سڄو پيمانو يا معيار پنھنجي ھيٺئين بيت ۾ ڏنو آھي:

نه ڪا جھل نه پل، نه ڪو رائر ڏيھه ۾
آڻئو وِجھن آھرين، روڙئو رَتا گُل
مارو پاڻ اَمُلَ، مليرونِ مَرڪڻون
(سُر مارئي)
شاھه لطيف جو سڄو سُر سارنگ سندس ڀُونءِ جي موسمن، مُندن جي اثرن، ماروئڙن جي گذر سفر (Survival) ۽ خوشحاليءَ جي آسن ۽ اُميدن تي ٻَڌل آھي. سنڌو درياھه ھُوندي به سنڌ جي خوشحالي برسات سان سلھاڙيل ھُئي ۽ آھي. درياھه تي انگريزن جي دور ۾ ٺاھيل نھري نظام کان اڳ ۾ ته اسان کي مينھن جي وڌيڪ ضرورت ھُئي، ڇاڪاڻ ته درياھي وھڪرا پنھنجيءَ مرضيءَ سان ايندا ۽ ويندا ھُئا. وھڪرن جي مرضي ھُئي ته ڪھڙي پاسي کي ٻوڙن يا سُڪائن ٿا. اھڙيءَ صُورت حال ۾ برسات وڏي غنيمت ھُئي ۽ آھي. سڄو سُر سارنگ ھن ڌرتيءَ تي وسندڙ مينھن، ڪارن ڪڪرن جي وسڻ جي انتظار، وسڪاري کان پوءِ ڦٽندڙ ٻُوٽن ۽ فصلن جي اوسيئڙي ۽ محبتن جي ميلن جي منظر نگاري پيش ڪري ٿو.
شاھه سائينءَ جو ھُونءَ ته سمُورو ڪلام مشھُور آھي پر سندس سُر سارنگ ۾ شامل ھڪڙو شعر اھڙو آھي، جنھن کيس سڄيءَ دُنيا ۾ وڏي مڃتا ڏياري آھي. سندس اھو ھڪڙو شعر لکين ماڻھن کي ياد آھي. ان جو ترجمو دُنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿي چُڪو آھي. اسان مان گھڻا جڏھن تقرير ڪندا آھن ته اھو شعر ضرور پڙھندا آھن. ھر طبقي جا ماڻھو ان شعر کي پسند ڪندا آھن. ان شعر جي مقبُوليت جا مُختلف سبب آھن. ھڪڙو سبب سڄي عالَم لاءِ خوشحاليءَ جي دُعا گھرڻ آھي جڏھن ته مُنھنجيءَ نظر ۾ وڏي ۾ وڏو ڪارڻ ھِن ڀُونءِ کي پنھنجي اصل نالي ’سنڌ‘ سان سڏڻ آھي. ڀٽائي پنھنجيءَ اصل ڀُونءِ بابت ڇا سوچيندو، لوچيندو ھو ۽ ڪھڙي آس رکندو ھو؟ ان جو سڄو نچوڙ ھن بيت ۾ ڏنو اٿائين:
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
دوست مٺا دلدار، عالَمَ سڀ آباد ڪرين
(سُر سارنگ)
ان بيت مان شاھه سائينءَ جي سنڌ سان محبت ۽ سڄيءَ دُنيا لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ٿئي ٿو. ھُو پهريان سنڌ ۽ پوءِ سنڌ سان گڏ سڄيءَ دُنيا جي خوشحالي چاھي ٿو. عالَمي ڀلائيءَ کي مُلڪي ڀلائيءَ سان سلھاڙي ٿو.
لطيف پنھنجيءَ ڀُونءِ سان پيار ۽ پاٻوھه جو ذڪر ڪيترن ئي بيتن ۾ ڪيو آھي. ھُو ھن ڌرتيءَ سان ڪيترائي رشتا جوڙي ٿو. رُڳو ان ڪري محبت نه ٿو ڪري ته ھيءَ ڀُونءِ سندس ۽ سندس پيارن جي ڌرتي آھي.
ھُو ھڪ ٻي دعوا به ڪري ٿو ته؛ ھيءَ ڌرتي مُنھنجن ابن ڏاڏن جي به ڌرتي آھي. ان ۾ مُنھنجا سڄڻ به دفن ٿيل آھن؛ جنھن ڪري ھِن ڀونءِ جو مانُ ۽ مرتبو وڌي وڃي ٿو. تنھن ڪري جيڪي گھڙيون به مان جيئرو آھيان، اُھي سَجايون ڪرڻيون آھن. ھِن ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻھن لاءِ ڪم ڪرڻو آھي. فرمائي ٿو:
جا ڀُونءِ پيرين مُون، سا ڀُونءِ مٿي سڄڻين
ڌِڱ لٽبا ڌُوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسُون
ڏينھن مڙيئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
(سُر مُومل راڻو)
وڏا وڏا فني خان پيدا ٿيا؛ ظالم، جابر، ڦورو ۽ ڌاڙيل پيدا ٿيا پر نيٺ اُنھن کي مات آئي. مرڻ کان پوءِ کين ڪو سڃاڻي ۽ ليکي به ڪونه ٿو.جڏهن ته؛ اُھي ئي ياد ڪيا وڃن ٿا، جن ٻين جي ڀلي لاءِ سوچيو ۽ لوچيو. تنھن ڪري پنھنجيءَ مُختصر زندگيءَ ۾ ٻين سان ڀلائي ڪري وڃو. وقت گھٽ ۽ مُقابلو سخت آھي.
لطيف سرڪار جي سمُوريءَ زندگيءَ جو اڀياس ڪنداسين ته ھن جو شروعاتي حصو مجازي عشق ۾ گذريو پر جيئن جيئن سندس ساڃاھه وڌندي وئي ۽ ڀُونءِ جي ڀيل ۽ اھنجن کان واقفيت ٿيندي وئي ته ھُن جو ھر پل پنھنجن ماروئڙن کي سُجاڳ ڪرڻ، جاکوڙڻ ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جي آس ۾ گذريو. سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب ۽ پنھنجن سانگين جا سُور ۽ يادون وٽس نه رڳو حياتيءَ جي آخري دم تائين موجُود ھُيون پر قبر ۾ به گڏ ويون.
اڄ به اسان سمُورن سنڌين جو سرواڻ ڀٽائي آھي. ھُن جو ڪلام اسان جي ھر موڙ تي رھبري ڪري ٿو. ھن جو سڄو ڪلام سڄڻ ۽ ساڻيھه لاءِ آھي. ھن وٽ سڄڻ ۽ ساڻيھه کان غافل ٿيڻ وڏي ۾ وڏو ڏوھه آھي. ھُو فرمائي ٿو:
سڄڻ ۽ ساڻيھه، ڪنھن اڻاسيءَ وسري
حيف تني کي ھوءِ، وطن جن وساريو

اھو ئي سبب آھي ته پاڻ فرمايائين ته:
جان جان ھُئي جيئري، ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين
(سُر سُھڻي)
ھن ڀونءِ سان محبت، پنھنجيءَ ڀُونءِ جي ماڻھن کي سُجاڳ ڪرڻ، اجتماعي سوچ وڌائڻ ۽ وقت سان مُقابلي ڪرڻ واريءَ سوچ کي نظر ۾ رکي مُون ڪتاب ‘ڀٽائي ۽ ڀُونءِ’ لکيو آھي. ان ڪتاب ۾ شاھه سائينءَ جي چُونڊ بيتن جي سمجھاڻي پنھنجيءَ سوچ آھر لکي اٿم. ھِن موضوع کي وڌيڪ سمجھڻ لاءِ اوھان کي هن ڪتاب کي پڙھڻ جي گُذارش ڪجي ٿي.

مددي ڪتاب:
• ادبي تنقيد: فن ۽ تاريخ، ڊاڪٽر فهميده حسين، روشني پبيلڪيشن، ڪنڊيارو، 2011ع
• شاھه جو رسالو، عثمان علي انصاري، ثقافت کاتو، حڪُومت سنڌ، ٻيو ڇاپو، 2013ع
• الف بي وار شاھه جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي، مرتب: عبدالغفار گوھر دائود پوٽو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2001ع
• شاھه لطيف جي شاعري، تنوير عباسي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1995ع
• www.newworldencyclopedia.org/entry/longinus