لطيفيات

ڀٽائي ۽ ڀُونءِ

شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُرن مان کنيل چونڊ بيتن جي سمجهاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لکيو آھي. ڄامڙو صاحب لکي ٿو:
”ڪتاب ’ڀٽائي ۽ ڀونءِ‘ ۾ شاهه سائينءَ جي رسالي جي سڀني سُرن مان ڪجهه بيتن جي سمجهاڻي سُر وار ڏني وئي آھي. اڪثر بيت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي تان کنيا ويا آھن. شاھ سائينءَ جو ڪلام ھزار رنگن جي ھيري مثل آھي. اھو ئي سبب آھي تہ ھر ماڻھو خاص ڪري عالم پنھنجيءَ سمجھه ۽ علم مُطابق بيتن يا شعرن جو مفھُوم ۽ معنيٰ ڪڍندو يا سمجهندو آھي. مُون لطيف سائينءَ کي جيئن سمجهيو آھي، تيئن بيتن جي سمجهاڻي لکي آھي. روحاني رازن بدران بيتن جي ظاهري معنيٰ ۽ مفھُوم کي وڌيڪ اھميت ڏني آھي. ھاڻوڪين حالتن ۾ شاھ جي ڪلام جي اھميت ۽ ڪارج نروار ڪرڻ جي به ڀرپُور ڪوشش ڪئي اٿم. “
Title Cover of book ڀٽائي ۽ ڀُونءِ

سُر يمن ڪلياڻ

يمن ڪلياڻ هڪ راڳڻي آهي. ان جي لفظي معنيٰ من کي روڪڻ آهي. هـِــن سـُــر ۾ حبيب ۽ طبيب جو ذڪر، عشق جي آڳ، موکيءَ ۽ متارن، صوفين ۽ فارسي شاعر جلال الدين روميءَ جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي.
بيت:
عاشق عزازيل، ٻيا مــِــڙيــئــي ســَـڌڙيا
منجهان ســِــڪ سبيل، لعنتي لال ٿيو

سمجهاڻي: اِبليس، جنھن کي عزازيل ۽ شيطان به سڏيو وڃي ٿو سو شروع ۾ الله سائينءَ جو وڏي ۾ وڏو عاشق ۽ پيارو هو. جڏهن الله پاڪ حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو ته عزازيل کي حُڪم ڪيائين تــُـون آدم عليه السلام کي سجدو ڪر! عزازيل وراڻيو مان تنھنجو ئي عاشق آهيان. سو تو کان ســـواءِ ٻئي ڪنھن جي آڏو نه جـهــُــڪــنـدُس. اِن انتھا ۽ اِنڪار سبب پنھنجي محبوب الله کيس پنھنجيءَ درٻار مان تڙي ڇڏيو. لطيف سائينءَ کي عزازيل جي عشق واري انتھا ايڏي وڻي جو فرمايائين ته عاشق ته رُڳو عزازيل هو، جنھن ڪا به سودي بازي نه ڪئي. هيءُ هيرو (لال) ســِــڪ ۽ محبت سرس هــُـجــڻ ڪري لعنتي ته ٿي ويو پر پنھنجي محبوب سان ٻئي ڪنھن کي شامل نه ڪيائين. ٻيا جيڪي عاشق آهن اُنهن ته اهڙو ڪو ڪارنامو ئي نه ڪيو آهي. تنھن ڪري کين عاشق چوڻ به ٺيڪ ناهي. اُهي رُڳو عشق جي خواهش يا ســَـــڌَ رکندڙ آهن. ياد رکو رُڳو ســَــڌَ رکڻ سان محبوب ناهي ملندو. تنھن ڪري جيڪا به خواهش ڪريو اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي ميدان ۾ به لھو.
بيت:
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا
جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا اَنواع
صاحب ڏي شفا، ميان مَـرِيضن کي

سمجهاڻي: شاهه لطيف هـِــن بيت ۾ انسان جي بيوسي بيان ڪئي آهي. هــُــو چوي ٿو اي مــُــنـھــنـجـــا مالڪ! تون ئي منھنجو دوست، ساٿي ۽ هڏڏوکي آهين. منھنجو سڀ ڪجهه تنھنجي هٿ وَس آهي. دوا دارون، حڪيم طبيب سڀ ڏيکاءُ آهن. حقيقت ۾ اصل ڊاڪٽر ته تــُـون آهين. منھنجن ڏُکن ۽ ســُــورن جي دوا ۽ حل به تون آهين. منھنجي اندر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ڏُک، ڏَنجها ۽ عذاب آهن. سائين! او منھنجا مٺڙا سائين! مون سان گڏ سڀني بيمارن کي چاڪ چڱو ڀلو ڪر! سڀني تي ٻاجهه ڪر ٻاجهارا! ھن بيت ۾ لطيف سائينءَ ٻئي انسان جي ڪاڻ ڪڍڻ کان روڪيو آھي. ڪنھن جو به آسرو نه ڪريو. ھمٿ ڪريو ته الله به اوھان جي مدد ڪندو.
بيت:
ڪاناريا ڪــُــڻـڪـَــن، جنين لوهه لـِـڱـن ۾
محبت جي ميدان ۾، پيا لال لـُـڇــن
پاڻهي ٻڌن پٽيون، پاڻهي چِکيا ڪـَـن
وٽان واڍوڙين، رهي اچجي راتــڙي

سمجهاڻي: پــُـــراڻــي زماني ۾ جنگيون تيرن، ڪانن، تلوارن ۽ گــُــرزن سان ٿينديون هيون، جيڪي لوهه جا ٺھيل هوندا ھُئا. جنھن به جوان جي جسم ۾ ڪانُ چــُــڀــــي ويو ته اُن کي ٻاهر ڪڍڻ ڏاڍو ڏُکيو هوندو آهي. همراهه پيو ڦــَــٿــڪـــنـدو. محبت ڪندڙن جي به محبوب جي جــُـدائـــيءَ ۾ جنگي زخمين واري ڪيفيت هوندي آهي. سو محبت واري ميدان ۾ پيا لــُــڇــنـدا، ڦـــَــٿـــڪـــنـدا ۽ تڙپندا آهن. هــُــنــن جا زخم ظاهر ۾ ته ڪونه ڏِسڻ ۾ ايندا آهن. پنھنجن اندر جي زخمن جا پــُــور پچائي، پاڻ کي دِلاسا ۽ ڏَڍ ڏئي پيا آٿت ڏيندا آهن. سندن اِهي دِلاسا مــَــلــَـــم پــَــٽـــيــن مثل آهن. ڪڏهن ته وري سندن خيال کين وڌيڪ جهوري وِجهندا آهن. اِهي عشق جا ڦــَــٽــيـــل ۽ وِرهه جا وَڍيل آهن ڏاڍا پيارا ماڻهو، سو اُنهن وَٽ وڃجي. وٽن ڪا رات رهي ڪچھري ڪجي. ساڻن ڪچھريءَ جو مزو ئي ڪــُـجــهــه ٻيو آهي.

بيت:
طالب ڪسر سـُـونھن سـَــر، اي روميءَ جي رِهاڻ
پھرين وِڃائڻ پاڻ، پـَـسڻ پوءِ پرينءَ کي

سمجهاڻي: روايت آهي ته شاهه لطيف پاڻ سان قــُــرآن پاڪ، شاهه ڪريم جو رسالو ۽ مولانا جلال الدين روميءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب گڏ رکندو هو ۽ انهن جو اَڀياس به ڪندو هو. مطلب ته ھُو مُشاھدي سان گڏ مُطالعو به ڪندو ھو. ڪتاب جي مطالعي جي وڏي اھميت آھي. افسوس جو اسان جا نوجوان ڪتاب گھٽ ٿا پڙھن. مولانا رومي فارسي ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر آهي. لطيف سائين سندس شاعريءَ کان ڏاڍو مــُــتـــاثـــر هو. ســُـــر ڪلياڻ ۾ اِن حوالي سان ڪــُــجـهــه بيت ملن ٿا جن مان هيءُ هڪڙو آهي. لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته روميءَ جو اُصول يا خيال آهي ته طالب يعني گـهــُـــرجــائــُـــو يا طلب ڪندڙ ڪثرت يا زور سان اصل سونھن، سچائيءَ يا منزل کي ڳولڻ ۾ لڳو پيو هوندو آهي. اِن ڳولها ۾ سڀ کان اڳ ۾ پاڻ کي وِڃـائـڻـو پوندو آهي يا فنا ڪرڻو پوندو آهي. پوءِ ئي پنھنجي محبوب کي ماڻي سگهبو آهي. هن بيت ۾ فنا کان پوءِ بقا حاصل ڪرڻ جو نُقطو سمايل آهي. مطلب ته منزل محنت، ڪوشش ۽ جاکوڙ کان سواءِ نه ملندي آھي. ڪو به وات ۾ گِرھ نه وِجھندو، پاڻ کي پنھنجي ھٿ سان گرھ وات ۾ وِجھڻو پوَندو يا مانيءَ جو بندوبست ڪرڻو پوَندو.
بيت:
صوفي چائين سـَــڌ ڪرين، صوفين اي نه صلاح
ڪاٽي رک ڪُلاهه، وجهه اُڇلي آڳ ۾

سمجهاڻي: هتي هرڪو پاڻ کي صــُـــوفــــي سڏائي ٿو يا صــُــوفـــي ٿيڻ چاهي ٿو. ڳالهه ته ڀلي آهي پر رُڳو آس رکڻ سان ماڻهو ڪو صــُــوفــــي ڪونه ٿيندو آهي. صــُـــوفــــي ٿيڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. سچا صوفي ڇا ڪندا آهن جو هــَــٺَ ۽ وَڏائيءَ وارو پــَــٽــڪــــو يا ٽوپي لاهي ڦــِـــٽـــــي ڪري ڇڏيندا آهن. هــُــــو پھريون ڪم پنھنجي مان ۽ اَنا کي مارڻ وارو ڪندا آهن. لوڪ کين ڇا ٿو سمجهي؟ اِن جي هــُـــو پرواهه ناهن ڪندا. تنھن ڪري جيڪڏهن تــُــون پاڻ کي صــُــوفــــي چـَــوِرائين ٿو ته پنھنجون خواهشون کــَــڏ ۾ ڦــِــٽـــي ڪري ڇڏ! پوءِ ڏِس ته تو کي ڇا ٿو ملي؟
بيت:
سَرَها ڏٺم سي، جن ساڃاءِ ســِــراڻ سين
تيغ تنين جي کي، ڪـَـٽ نه لڳي ڪڏهين

سمجهاڻي: اُهي بھادر ۽ جوڌا سدائين خوش ڏِسڻ ۾ ايندا آهن جن جي ســِــــراڻ سان واقفيت ۽ دوستي آهي. سراڻ اُهو اوزار آهي جنھن سان ڇــُــريــُـــون، قينچيون، تير، ترارون / تلوارون ۽ ٻيا لوهه جا اوزار تــِــکــــا ڪبا آهن؛ ڊَکاڻڪو ڌنڌو به سِراڻ سان سلھاڙيل آهي. ھُو پنھنجا اوزار سِراڻ تي تِکا ڪندا آھن، خاص ڪري ڪٽڻ وارا. جيڪي بھادُر جـَــنـگ جـوٽـڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا آهن اُهي پنھنجن هٿيارن جي چڪاس ۽ سنڀال به ڪندا رهندا آهن. انهن جي تلوار کي ڪڏهن به زَنگ ناهي لڳندو. جيئن ڪٿي ڪو داغ ڏِٺــائون تــه تــُـــرت ئــي ســِــــراڻ تي اُن کي تــِـــکــــو ڪري يا ريگ مال ڪَتب آڻي چمڪائيندا آهن. ســُــلـجـهــيــل ۽ ســُــڄــــاڻ پنھنجي پنھنجي عــِــلـــم، ڏانءَ ۽ ڏات کي روشن رکڻ لاءِ پنھنجا مــُــطــالــعـــــا، مـُــشــاهــدا ۽ تجربا جاري رکندا آهن ته جيئن جڏهن ڪٿي کين ميدان ۾ لـھــڻــو پئي ته لڄ ۽ شڪست بدران سوڀ ماڻي سگهن.
بيت:
سر سانداڻ ڪري، پڇج گهر لوهار جو
ڌڪن هيٺ ڌري، مانَ گڏني رڪ سان.
سمجهاڻي: لطيف سائينءَ جي تشبيھن ۽ ڀيٽ ڪرڻ جو ڪمال به انتھا درجي جو خوب صُورت ۽ ٺھڪندڙ آهي. سندس شاعراڻيءَ ڏات تي اسان جون سوچون بيھي وڃن ٿيون. هــِــن بيت ۾ عاجزيءَ، اِنڪساريءَ ۽ قربانيءَ کي جنھن نــمــُــونــــي لطيف سرڪار سادي مثال ذريعي سمجهايو آهي اُن جو مثال ملڻ مـُـشــڪــل آهي. هــُـــو چئي ٿو ته عشق يا سچي منزل هڪ لوهار وانگر آهي جيڪو لوهه کي باهه ۾ ساڙي ڌڪ هڻي اعليٰ معيار جو رُڪ بڻائي ٿو ڇڏي. لوهار جنھن اوزار تي لوهه رکي، اُن کي ڌَڪ هڻي يا ڪــُــٽـــي ڪو ڪارائـتــو ۽ ســُــھــڻــو اوزار ٺاهيندو آهي اُن کي سانداڻ چوَن ٿا. عشق به لوهار وانگر آهي جيڪو عاشق کي ســَــٽـــي ڪــُــٽــــي، آزمائي، ڦــَــٽـــي، ڌَڪي، تڙپائي ۽ لــُــڇـــائــــي پوءِ وڃي محبوب سان ملائيندو آهي. اهڙيءَ ريت ڪو به مرتبو، مانُ يا منزل به پاڻ ئي نه ملندي آهي. ان لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پوَنديون آهن. سو جڏهن به ڪــُــجــهــه حاصل ڪرڻ چاهيو ته پاڻ کي قــُــربــانــيءَ، محنت ۽ جُستجوءَ لاءِ تيار رکو.
بيت:
پتنگن پھه ڪيو، مــِـــڙيـــا مٿي مچ
پـَـسـي لــَــھـس نه لــُـڇــيــا؛ سڙيا مٿي سچ
سـَـنـدا ڳــَـچــين ڳــَــچ، ويچارن وِڃائيا

سمجهاڻي: پتنگ هڪڙو جــِــيــتــامـــڙو ٿيندو آهي جيڪو روشنيءَ تي عاشق هُـوندو آهي. جتي بتي يا بلب ٻــَــري يا مــَــچ مــَــچــــي پــَــتــَــنــگ اُتي ويندا وڌندا. وَڌي وَڌي نيٺ پاڻ کي اُن آڳ ۾ ساڙي ڇڏيندا آهن. ان روشنيءَ، حق ۽ سچ جي حاصلات ۾ هُـنـن پنھنجا ڪيترا ئي ســِــر گهوري ڇڏيا آهن. سچائي، حق، محبت، خوشحاليءَ، ٻين لاءِ سُک، اَمن ۽ ڀائيچاري پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندڙ انسان به انهن پتنگن وانگر آهن جيڪي اهو سمجهندي به ته حق جي راهه ۾ رُڳو ڪــَـــنـڊا ئي ڪــَـــنــڊا، تڪليفون، خواري ۽ ذلت رکيل آهي تڏهن به پوئتي ناهن هٽندا. اڳتي وڌندا ويندا آهن تان جو کين ســِــر بــه گهورڻو پوَندو آهي. اهڙن ئي انسانن جي قــُـربـــانــيــُــن سبب دُنيا ۾ ڪُجهه نه ڪُجهه ســُــڪــُــون آهي.
بيت:
جـن کـي دور درد جو، سبق سـُــور پڙهن
فڪر ڦـــَـــرهـــِــي هٿ ۾؛ ماٺ مـُـطــالــعــو ڪن
پـَــنــو سو پڙهن، جنھن مان پـَــســن پرينءَ کي

سمجهاڻي: ڪنھن به شئي جي حاصلات لاءِ نه رڳو ڪوشش ڪرڻي پوَندي آھي، پر سُور به سھڻا پوَندا آھن. جڏھن پنھنجي مقصد کي من ۾ ويھاربو ته اھو سُورن جو سبب ته لازمي بڻبو. اھي سُور ئي تڙپ پيدا ڪندا آھن. جن کي به منزل ماڻڻي ھُوندي آهي سي سـُــورن سان ياري رکندا آهن. هـُـنـن کي ڏُکن ۽ تڪليفن کان ڪو به ڊَپ نه ٿيندو آهي. هـُـو قــُـرآن شــريـــف جي دور وانگر ڏُکن جو وِرد ڪندا آهن. سـُــورن جو سبق پيا ياد ڪندا آهن. محبوب يا منزل اِن رستي سان ئي ملندا آهن جنھن ڪري هـُـنــن جو پـــِــيـــڙائــُــن سان پريم ٿي ويندو آهي. هر وقت ڪنھن ڳـــُــوڙهـــي خيال ۾ گــُـم هوندا آهن. خاموش ۽ گــُـم ســُــم ٿي حاصلات لاءِ پيا ترڪيبون سوچيندا. کائڻ پيئڻ کانئن وسري ويندو آھي. سندن حال ڏسي عام ماڻهون کين چريو سمجهندو آهي. هـُـو اُن عــِــلــم جي ڪتابن کي پڙهندا آهن جنھن سان کين سندن سـُــپــريــنءَ جو دِيدار نصيب ٿئي يا مقصد حاصل ٿئي.
بيت:
صُــوفــي لاڪــوفـــي، ڪونه ڀـــانئس ڪير
منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر نه آهيس پير
جــنين ســـــاڻس ويــر، هــي تـنين جـو واهـــــرو

سمجهاڻي: لطيف سائين صوفيءَ جي وَصف ٻــُـڌائــيــنــدي فرمائي ٿو ته صوفيءَ وٽ سڀني مذهبن، ڌَرمن، فرقن ۽ عقيدن جو احترام آهي. هـُـو ڌَرمي پابندين کان آجو آهي. سندس منزلت کي ھر ڪو پرکي، پروڙي ۽ پھچي نه ٿو سگهي. هــُـو ڀـَـل ظاهري روزا نه رکي، نه ئي نمازون پڙهي پر پنھنجي نفس سان سندس جنگ جاري هوندي آهي. هــُـو پنھنجيءَ اَنا کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪندو رهندو ۽ فنا ۾ ئي بقا سمجهندو آهي. هـُـو اهڙو نرم دل ۽ عظيم اِنسان آهي جو ڪنھن ٻئي سان زيادتي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر پنھنجن دُشمنن ۽ ويرين جو به مُشڪل وقت ۾ وڃي مددگار ٿيندو آهي. سندن واهرو ٿيندو آهي.