لطيفيات

ڀٽائي ۽ ڀُونءِ

شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سُرن مان کنيل چونڊ بيتن جي سمجهاڻيءَ تي مشتمل ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لکيو آھي. ڄامڙو صاحب لکي ٿو:
”ڪتاب ’ڀٽائي ۽ ڀونءِ‘ ۾ شاهه سائينءَ جي رسالي جي سڀني سُرن مان ڪجهه بيتن جي سمجهاڻي سُر وار ڏني وئي آھي. اڪثر بيت ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي ترتيب ڏنل رسالي تان کنيا ويا آھن. شاھ سائينءَ جو ڪلام ھزار رنگن جي ھيري مثل آھي. اھو ئي سبب آھي تہ ھر ماڻھو خاص ڪري عالم پنھنجيءَ سمجھه ۽ علم مُطابق بيتن يا شعرن جو مفھُوم ۽ معنيٰ ڪڍندو يا سمجهندو آھي. مُون لطيف سائينءَ کي جيئن سمجهيو آھي، تيئن بيتن جي سمجهاڻي لکي آھي. روحاني رازن بدران بيتن جي ظاهري معنيٰ ۽ مفھُوم کي وڌيڪ اھميت ڏني آھي. ھاڻوڪين حالتن ۾ شاھ جي ڪلام جي اھميت ۽ ڪارج نروار ڪرڻ جي به ڀرپُور ڪوشش ڪئي اٿم. “
Title Cover of book ڀٽائي ۽ ڀُونءِ

سـُــر لـِـيـلا چنيسر

هــِــن ســُــر ۾ لـــِــيــلا ۽ چنيسر جو داستان بيان ڪيو ويو آهي. چنيسر وقت جو بادشاهه ۽ ليلان سندس راڻي هــُــئــــي. ليلا پنھنجي مــُــڙس کي هڪ قيمتي هار عيوض هڪ رات ڪونروءَ جي حوالي ڪيو. ڪونئرو چنيسر مٿان عاشق هــُــئـــي. هــُــن وڏيءَ ڪوشش ۽ ليلا کي لالچ ڏيڻ کان پوءِ کيس حاصل ڪيو. چنيسر کي ليلا جي لالچ ۽ بيوفائيءَ تي ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ نتيجي ۾ کيس محل مان ڪڍي ڇڏيائين. ليلا پنھنجي وَرَ کي ٻيھر ماڻڻ لاءِ جيڪي جتن ڪري ٿي اُنهن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي.
ليلا! حيلا ڇڏ، جي تـُـون سوڀي سـِـکـئين
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پاڻ غريبيءَ گڏ
هڏ نه چوندءِ لڏ، جي ڪارون آڻيين ڪانڌ کي

سمجهاڻي: اي خوبصورت ۽ غافل ليلا! هٿ سان پنھنجو وَرُ وِڃائي، هاڻي وري اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪھڙا بھانا پئي ڪرين؟ سڀ حيلا وسيلا ڇڏي ڏي. جيڪڏهن تو کي ڪاميابي ماڻـڻـي آهي ته ان جو طريقو اِهو آهي ته پنھنجو هــَــٺُ، غرور، وڏائي، ڌَن دولت ڇڏي فقيراڻو ويس ڪري پاڻ کي غــُــربــت حوالي ڪري ڇڏ! جيڪڏهن نــِــھــَــٺــائـــيءَ ۽ نماڻپ سان پنھنجو ڏوهه قبولي وڃي چنيسر وٽ پيش پوندينءَ ۽ کيس ايلاز منٿون، نيزاريون ڪندينءَ ته مجال آهي جو تو کي چوي ته منھنجي محل مان نڪري وڃ. هــُــن کي ضرور تو تي رحم ايندو.
**
پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا
مـُـون ڀانئيو تنهن وير، ڪوجهي ڪندو پريئڙي

سمجهاڻي: جڏهن شادي ٿيندي آهي تڏهن مختلف رسمون به ادا ڪيون وينديون آهن. ليلا ۽ چنيسر جي شاديءَ ۾ به ائين ٿيو. سو ليلا چئي ٿي ته شاديءَ رات هڪ رسم ٿي هــُــئـــي، جنھن ۾ ڍَڪڻ مٿان گهوٽ کي پير رکڻا هــُــئـــا. چنيسر اِها رسم ادا ته ڪئي پر هــُــن ڍَڪڻ مٿان پير ســِــــڌا رکڻ بدران ڏِنگا/ پاسيرا رکيا، جنھن مان سمجهيم ته سندس مــَـــن ۾ مــُــون لاءِ ڪو کوٽ/بد نيتي آهي. سو اُن ويل ئي سمجهي وئي هيم ته اڳتي هلي هيءُ ضرور منھنجي پيار ۾ گهاري وِجهندو. مون جھڙيءَ ســُــونـھــن پريءَ کي ڪوجهو (بد صورت) ڪندو. يعني مھنجي ڪردار کي خراب ڪندو، بد نام ڪندو. مون ھار حاصل ڪرڻ ڪارڻ جيڪو عمل ڪيو، اُھو ايترو ته ڪِنو ڪونه ھو. مون ڪو ايڏو وڏو ڏوهه ته نه ڪيو هو جو هيڏي وڏي سزا ڏني اٿائين. مون کي پنھنجي گھر مان ئي ڪڍي ڇڏيائين. پنھنجيءَ پريءَ جھڙيءَ زال کي گهر مان تڙي خوار خراب ڪري ڇڏيو اَٿائين.
**
سڀـيـئـي سـُـــھاڳـڻـيـون، سڀني ڳچيءَ هار
پـَـسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، سھسين ڪن سينگار
ڍول تنين جي ڍار، هيٺانهيون هلن جي

سمجهاڻي: بادشاهه وٽ راڻين جي ڪا کوٽ آهي ڇا؟ هــُــن جون گهرواريون سونھن ۾ به هڪ کان هڪ آهن. ھُنن مٿان وري سينگار ڪري ڳچيءَ ۾ سونا هار ۽ ٻيا زيور به پاتا آهن. سندن سوين سينگارن ڪرڻ جو مقصد رُڳو هڪ آهي ته ڏانــھــُــــنِ پنھنجو وَرُ (چنيسر) قــُــرب جي نظر سان نھاري / موهجي پر سندن ڍولڻ / محبوب اهڙو آهي جيڪو ناز نخريلين بدران رُڳو نياز ۽ نــِــوِڙت وارين کي پسند ٿو ڪري. تنھن ڪري توهان به عــِــجـــز ۽ عاجزي اختيار ڪريو.
**
ڏاهي هيس ڏيھه ۾، سرتين منجهه سڄاڻ
ڪا جا پيم ڪاڻ، جيئن منھن مٿانھون نه کڻان

سمجهاڻي: ليلا کي جڏهن مڙس چنيسر ڪڍي ڇڏيو ته هوءَ پڇتائيندي، ماضيءَ کي ياد ڪندي چوي ٿي ته ڪھڙا ته ڀاڳ ڀريا ڏينھن هئا. مان سڄي راڄ ۾ سلجهيل سياڻي ۽ وڏي اَڪابر ليکبي هيس. ماڻهون مون کان صلاحون وٺندا هئا. الائي ڪيئن منھنجي مت مـُـنـجـهـــي ۽ اهڙي خطا ٿي جنھن منھنجي سڄي عزت ڌُوڙ ۾ ملائي ڇڏي. خطا اِها ٿي جو لالچ ۾ اچي هڪ هار تي پنھنجو مڙس هڪ رات لاءِ ڪونئروءَ نالي هڪ عورت جي حوالي ڪري ڇڏيم. پنھنجيءَ وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب. هاڻي ته ڪنڌ مٿي ڪري هلڻ جھڙي به نه رهي آهيان.
**
چنيسر چورنگ، ٻـــــِــــرنـگـــو لوڪ ٻيو
تنهن سين ڇنيو ســَنـگ، وڃو هار هٿُ ڇــُـهين

سمجهاڻي: هتي ماڻهن جا مختلف روپ ٿين ٿا. عام طور ماڻهون ٻھروپيا، ٻن رَنگن وارا ٿين ٿا جن جي اندر هڪڙي ته ٻاهر ٻي آهي. انهن سان مــُــنــھــن ڏيڻ لاءِ به وڏي حرفت ۽ هوشيارپ کپي ٿي. چنيسر جو راڄ ٻھروپيو آهي ته هــُــو وري چورُوپيو يعني چئن رَنگن وارو آهي. سو سڀني کي ســُــڃـــاڻــي ۽ ســَــوَلائيءَ سان مــُـــنــھــــن ڏئي وڃي ٿو. هــُــو ليلان جھڙيءَ لالچڻ ۽ مــَــڪــار کي ســُــڃـــاڻـــي ويو جنھن وڃي هار ۾ هٿ وِڌو. هوءَ پاڻ راڄ راڻي ۽ مال دولت واري هــُــئـــي. کيس ڪھڙي ڪــَــمــــي هــُــئــي جو پنھنجن اعليٰ قدرن کي پائمال ڪري ڇڏيائين. سندس اِن ڪــُــڌائــپ تي چنيسر پنھنجو رِشتو ٽوڙي ڇڏيو. مطلب ته انسان کي پنھنجن اصُولن ۽ قدرن تي قائم رھڻ گھُرجي.
**
الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا

سمجهاڻي: شاهه لطيف جو هيءُ شعر به ڏاڍو مقبول آهي. ماڻهون اِن کي چوِڻيءَ طور به ڪتب آڻيندا آهن ته محفلن، ڪچھرين ۽ جلسن جلوسن ۾ به پڙهندا آهن. خاص ڪري اَڪابر ۽ مُخلص مردن ۽ عورتن کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي ته باشعور، باخبر ۽ ڏاهو هجڻ به خطرناڪ آهي. فرد يا قوم سان ويساهه گهاتي ٿئي ۽ ڪنھن جي حقن تي ڌاڙو لڳي اُن جي ٻين کي خبر هجي نه هجي پر سـُـڄــاڻ ماڻهون سمجهي ويندو آهي. جڏھن هـُـو ان ڏاڍ خلاف آواز اُٿاري ٿو ته مافيا ۽ اٻوجھه کيس چريو چوَن ٿا ۽ مختلف قسم جا ايذاءُ رسائن ٿا. ته سندس لاءِ اِن کان وڌيڪ ڪھڙو اَلميو ۽ عذاب ٿي سگهي ٿو؟ وري جيڪڏهن ماٺ ڪري ٿو ته سندس دل اڃا وڌيڪ ڏکي ٿي، سندس اندر ۾ باهه ٻرندي رهي ٿي، جيڪا کيس ساڙي ختم ڪري ڇڏي ٿي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سسئيءَ، ليلان ۽ مارئيءَ کي پنھنجي حق وٺڻ لاءِ جدوجھد تي چئون ته هــُــو چريون هيون جو ايڏا سـُــور ســَــٺـــائون؛ تڪليفون برداشت ۽ ڪوششون ڪيائون؟ حقيقت اها آهي ته هو جيڪڏهن سمجهوتو ڪري ويھي رهن هان ته ھن وقت سندن نالو به ڪنھن کي ياد نه ھُجي ھا. هو ڏاهيون هيون؛ باشعور هيون تڏهن پنھنجن حقن تي ڪا به سودي بازي نه ڪيائون. نتيجي ۾ تمام گهڻا ڏُک ڏِٺائون. سندن قربانيءَ ۽ جدوجھد جي ڪري اسان سندن نالا پنھنجين نياڻين تي رکندي فخر محسُوس ڪريون ٿا. باشعور ۽ ڏاهن ماڻهن سان جيڪي جـُـٺــيــُــون ٿيون آهن اُنهن کي ڏِسي عام ماڻھو به چوَن ٿا ته جيڪر ڏاها / باخبر نه ٿيون پر ٻئي پاسي جڏهن انهن ڏاهن ماڻهن کي مليل مڃتا ۽ مانُ ڏِسون ٿا ته حوصلا وڌي وڃن ٿا. لوڀ، لالچ، ڪــُــوڙ ۽ ٺــَــڳـــيءَ جي خبر نه رکڻ وارن ماڻهن کي ڀورڙيو ۽ چريو چيو وڃي ٿو، ڇا ڪاڻ ته هـُــنــن مال دولت ۽ ملڪيت کي ڇڏي عقل ۽ شعور وارو رستو اختيار ڪيو، جنھن سان سڄي سماج کي فائدو پئي ٿو. لوڪ جنھن کي ڀورڙائي / موڳائپ سمجهي ٿو اُن تي سندن محبوب / مالڪ وري ڏاڍو خوش ٿي مٿن وَڏا احسان ڪري ٿو. اُهي احسان آهن کين سدائين زندهه رکڻ ۽ عوام جي دلين ۾ جاءِ جوڙي ڏيڻ وارا. سنڌ ۾ ڪروڙين عورتون ۽ مرد ٿي گذريا آهن اُنهن مان رُڳو سسئيءَ، مارئيءَ، شاهه لطيف ۽ سچل سرمست کي ڇو ٿو ياد رکيو وڃي؟ اِهو اِن ڪري ته هــُــو ڏاها هـُــئـــا؛ مولا مٿن وَڏا وَڙَ ڪيا.
**