ٻه اکر: امداد حسيني
ڦُر نه ائين ڪتاب مون کان،
مون کي ٿورو سکڻ ڏي،
بتيءُ کي نه وسائج سهڻا،
آخري سِٽ لکڻ ڏي !
مون پهرين به چيو آهي ۽ وري به چوان ٿو ته ادب /شاعري توڙي زندگي جي هر شعبي ۾ نئين ٽئلينٽ جي اهائي اهميت آهي جيڪا جسم لاءِ نيئن رت جي آهي. ان کي Space ڏيڻو پوندو. ان ڏَس ۾ به ليکڪائن ۽ شاعرائن آڏو جيڪي مسئلا اچن ٿا، انهن کي حل ڪرڻو پوندو، مجموعي طور تي اهڙو ادبي ماحول جوڙڻو پوندو، جتي انهن جي تخليقي ڪم جي ڇپجڻ جو جوڳو بندوبست ٿي سگهي. انهن جي تخليقي ڪم کي مڃتا ملي سگهي. گهرو سماج، سنڌي سماج لاءِ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو، ان کي ترجيحي طور سنڌي سماج سان جوڙڻو پوندو. جيسيتائين ائين ٿئي، تيسيتائين اچو ته آسيه آشا مخدوم جي سٽن سان پاڻ کي جوڙيون. “آخري سِٽ لکڻ ڏي” آسيه آشا مخدوم جو هڪ چَوسِٽي جي به آخري سِٽ آهي. چَوسِٽي جي انهن چئن سِٽن جي انهيءَ “آخري سِٽ” کان مٿي ٽي سِٽون ٻيون به آهن ۽ ظاهر ته انهن ٽنهن سِٽن جي به اهميت آهي! “ ڪتاب نه ڦُرڻ”، “ٿورو سکڻ” ۽ “بتيءَ نه وسائڻ” جي ڳالهه آهي انهن سِٽن ۾. ان ريت “پڙهڻ” (ڪتاب)، “ڪڙهڻ” (سِکڻ) ۽ “روشني” (بتيءَ) جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
آئون رات آهيان
ڪا تارن ڀري
نڪرندو بس وهائو
روشن ٿي وينديس.
“آخري سِٽ لکڻ ڏي” آسيه آشا مخدوم جو پهريون شعري مجموعو آهي. ان ۾ پابند، آزاد ۽ ڪجهه نيم پابند، ڪجهه نيم آزاد ۽ نثري شاعري آهي. هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪجهه شاعرن جا نالا به کنيا آهن. انهن شاعرن ۾ شاهه لطيف جو به نالو آهي. شيخ اياز کي هوءَ پنهنجو “مرشد” مڃي ٿي، ان ريت ٻيا نالا به آهن. مطلب ته هن انهن شاعرن کي پڙهيو ته آهي. پر سُٺي ڳالهه اها آهي ته آسيا آشا مخدوم انهن کي ڪٿي به ڪاپي نه ڪيو آهي. هن وٽ جيڪي ڪجهه به آهي اهو هن جو پنهنجو آهي.
مُنڌ نه ويڙهيا وار،
در ۾ کُتل اٿس،
ساجن لاءِ نهار.
ريت نه بدلي،
رُتون بدليون،
پريت نه بدلي.
شاعريءَ ۾ ٿورن لفظن ۾ گهڻي ۽ گهري ڳالهه چوڻ ڏات جو ڪرشمو آهي ۽ اهڙي ڏات آسيا آشا مخدوم وٽ آهي.
سنڌ اڪيلي،
مان به اڪيلي،
ڪو به نه ٻيلي.
امداد حسيني
ڪراچي _ سنڌ
27 جون 2019ع