پنهنجي پاران:
سلام...
سمورن ڏات ڌڻين جي پيرن تي هٿ !
مون پنهنجي ڪنهن ڊائريءَ ۾ لکيو هو ته “اکرن کي مون راتين جي ننڊ ڏني آهي. ڇا هي اکر منهنجي زندگي جو روشن سج ٿي سگهندا؟”
سائين ! اسان جهڙا ماڻهو گُهگهه اوندهين ۾ جيئندا آهن. انائن ۽ بي شعورين جي ڪارين راتين ۾ فقط سج کي ڏسڻ جي، روشن سج جي تمنا ئي ڪري سگهبي آهي. ڀتين مان اڳتي اسان جي ڪا به منزل ناهي هوندي، پر منزل ته تقدير ۾ ئي نه لکيل هوندي آهي. بس اجڙيل راهن تان ڪنڊن جهڙا خواب ميڙيندي هٿ ۽ اکيون زخمي ٿي پوندا آهن. پوءِ الائي ته ڪڏهن، ڪيئن، ڪٿي اندر جو ڪروڌ، لڙڪ، اکر اکر بڻجي ڪاڳرن تي لکجي (چٽجي) ويندا آهن...؟؟؟ خبر ئي ناهي پوندي پابندين ۽ حجابن جا آڙاهه ..... ۽ دونهان ساهه ٻوساٽڻ لڳندا آهن. اسان جا سپنا اکين مان لڙڪ لڙڪ ٿي جهوليءَ ۾ ڪرندا آهن. هر روز اهو تماشو صبح ۽ شام پنهنجي اکين سان ڏسندا آهن. اهڙي اوندهه ۾ ۽ مسلسل ماتم ڪدي ۾ رهڻ جي باوجود پنهنجا سپنا ڌرتيءَ لاءِ، ڌرتي ڌڻين لاءِ امانت ڪري رکڻ، ڇا ان کان وڌيڪ ڪا ٻي خوشنصيبي هوندي...!!؟؟ واريءَ ۾ گلاب جا گل پوکڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي. پنهنجي سپنن جا پوپٽ گلن بدران ٿوهرن تي رکبا آهن. تڏهن وڃي ڪا سِٽ جنم وٺندي آهي. پوءِ ڪڏهن نثر جي صورت ۾ ته ڪڏهن نظم جي.... خبر ناهي ته هيءُ اکر اوهان جي دلين ۾ جڳهه ڪڏهن ٺاهيندا...؟
مون ته لڳائي سپني ول،
ڦول ڪڏهن ٽڙندا،
ڇا ڄاڻان ؟
سائين ! فاعلاتن فاعلات جي اڃان ڄاڻ چڱيان ناهي مون کي پر شايد سٽ ۾ گهرائي ۽ تخيل آهي. منهنجي لفظن جي اکين ۾ ڪي لڙڪ آهن، جيڪي اوهان پنهنجي ادبي هٿن سان اگهندا ته .... ڪجهه ڦٽن جو مرهم ٿي پوندو. الائي ته ڇو پر مون کي لڳندو آهي ته فاعلاتن فاعلات ايترو ضروري ناهي، جيترو ضروري تخيل.... ۽ گهرائي . جيئن مولانا رومي چيو:
مون نه دانم فاعلاتن فاعلات،
شعر مي گويم به از آب حيات.
(مان نه ٿو ڄاڻان فاعلاتن فاعلات پر شعر آبِ حيات جهڙو چوان ٿو.)
مان فقط ايترو ڄاڻان ٿي ته هي سٽون منهنجا اهي اڻ اظهاريل ٻول آهن جيڪي پنهنجي محبت وانگي هميشه سيني ۾ سانڍي رکيا اٿم. التجا آهي ته بس ايتري... اوهان سڀ منهنجي دٻيل آواز جو آواز بڻجي پئو... ۽ منهنجو اظهار بڻجي پئو ! منهنجي لاءِ ايترو ته حوصلو گڏ ڪيو جو اڳيان آيل ديوارون ۽ بي شعور ڀتيون ڊهي پٽ ٿي پون. مان اوهان سڀني جي جواب جي منتظر رهنديس. اوهان سڀ جيڪي منهنجا پنهنجا آهيو، منهنجي ايڏو ويجهو آهيو جو آئون جڏهن چاهيان اوهان سان ملي سگهان ٿي، اوهان کي ڏسي سگهان ٿي. پوءِ چاهي اهو سائين امداد حسيني هجي، سائين امر جليل هجي، سائين اياز، سائين ادل، سائين حفيظ باغي، سائين جواد جعفري، سائين اشفاق، سائين وسيم، سائين اسحاق يا سائين حبدار سولنگي... ۽ کوڙ شاعر، شاعرائون، ليکڪ.... مان اوهان سڀني جي اکرن جيان اوهان سان محبت ڪريان ٿي. يا کڻي حيدرآباد جي ٿڌين هوائن جهڙو ٿڌو، مٺو ۽ ڌيمو بي حد خوبصورت آواز وارو سائين نصير مرزا ئي ڇو نه هجي. سائين نصير مرزا جي لاءِ ڪنهن ڪيڏو سٺو لکيو ته “نصير مرزا جو سڀاءُ ۽ پيارپسي ماڻهو زندگي جي بڇڙائين کي ڄڻ ته چماٽ هڻي وري جيئڻ ۾ ايمان محسوس ڪرڻ لڳندو آهي.” جيئن سائين جاويد سوز هالائي سائين نصير کي “حيدرآباد جو اداس شهزادو” به چيو. توهان جي جاءِ منهنجي دل ۾ آهي. خبرناهي اوهان جي دلين ۾ آئون جاءِ ٺاهينديس يا نه ؟
سچ ته تصور ئي تصور ۾ مان اوهان سڀني جي پيرن تي هٿ رکي آلين اکين سان اوهان جي شفيق سيني سان لڳي سنڌي ادب جي راهن تي هلندي پاڻ کي محسوس ڪندي آهيان.
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير،
تيئن مون من ماروئڙن سين .
منهنجي سٽ کي اوهان سڀني جي اصلاح جي ضرورت آهي. سوين اوڻايون آهن سٽ ۾، کوڙ ڪچايون، ڦڪايون نظر اينديون پر نظر انداز نه ڪري ڇڏجو.... مون کي غلطين کان آگاهه ضرور ڪجو ته سُڌارو آڻڻ جي ڪوشش ڪريان. مان تنقيد براءِ اصلاح جي دل کولي احترامن آجيان ڪنديس. مان سائين امر جليل جي سٽن سان متفق آهيان هن چيو ته “مان ليکڪ لاءِ مڪمل آزادي سان لکڻ جي حق ۾ آهيان.” بيشڪ اهو ئي سچ آهي ۽ خصوصاً مون لکندڙن جو حوصلو بڻجي هنن جي دل سان آجيان ڪجي. سائين منهنجي به دل چوندي آهي ته منهنجا اوهان جهڙا اديب، دانشور دوست هجن، جيڪي قدم قدم تي منهنجي رهنمائي ڪن، مون کي اوڻاين جو احساس ڏيارين ۽ منهنجن چڱين سٽن کي پسند ڪن. مان چاهيندي آهيان ته اکر منهنجي سڃاڻپ بڻجن منهنجي اکرن کي به ڳايو وڃي. آئون ڀي چاهيان ٿي ته ساز ۽ سُر منهنجي لفظن ۾ اوتي ٿوري امرتا جي لائق بڻايو وڃي. وري به فيصلو اوهان تي آهي....!؟ اسان هونئن به تعبيرن جي ڊڄ کان خواب ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيندا آهيون. بس چاهيان ٿي ته سٽ ڇپجڻ ۽ ڳائڻ وارو خواب ساڀيان ماڻي. منهنجي به اکرن جي ڇانو هر مسافر دل سان محسوس ڪري...
مون جو گهر ۾ پوکيو، ايڏو ٿي ويو وڻ،
ان جي ڇايا ڄڻ، آساري سنسار تي.
منهنجي اکرن ۾ اگر نواڻ نظر نه اچيو ته حيران نه ٿجو، نواڻ نه اسان جي گهر ۾، نه گهٽين ۾، نه ماڻهن ۾ نه ئي ڌرتي تي.... پوءِ اکرن ۾ نواڻ به ڪاڏانهن اچي؟ هڪ ليکڪ جو مواد هي معاشرو هوندو آهي. هن جي اردگرد جو ماحول.... پر ماحول ۽ معاشرو ته الائي ڪيترن سالن کان بيٺل پاڻي جيان گندو ۽ بدبودار ٿي پيو آهي. اسان اڄ به بي شعور قوم آهيون. اسان فقط چنڊ پري کان ڏسي سگهندا آهيون، چنڊ تي پهچڻ واري قوم بڻجي ناهيون سگهيا. مون جهڙيون کوڙ نياڻيون صرف انڌا منڊا پنج پڙهي سگهنديون آهن، ڄڻ ته پنجين ڪلاس کان اڳتي اسڪول ئي ناهن !!! سچ ته هي 21 صدي اسان تي ڏند ڪڍي کلي رهي آهي، ڇا اها فخر جهڙي ڳالهه آهي جو اسان هن جديد دور جي جاهل ترين قوم بڻجي ويا آهيون...!؟ هن جديد دور ۾ به اسان جا خواب حويلين جي ديوارن سان ٽڪرائجي چڪنا چور ٿي رهيا آهن. اڄ به ڪارو ڪاري، رسم آب و تاب سان زندهه آهي.
افسوس ! اسان جي نرم جذبن جو ڪنڌ رسمن ۽ انائن جي ڪهاڙين سان لاٿو وڃي ٿو. پر اسان خاموش ... ڪڇئون جهڙي ڀت ! بغاوت ڪرڻ ڏوهه، ڳاڙڻ لاءِ رڳي گونگا ڳوڙها، سڄي ڏينهن جون سوچون، ڦٽ اڊيڙڻ... وري سبڻ وري اڊيڙڻ .... وري ....!!! هڪ عجيب نفسياتي ماحول... ڪنهن جا ڪارا عَلم هٿن ۾.... اُف حل ڪو به نه .....!
هر شام عزاداري،
هر صبح عزاداري،
ڪاٿي آهي يار ڏياري ؟ (آسيه)
اسان جي اکين تان پنبڻ ڇلي لاٿا ويندا آهن، چيو ويندو آهي ته ڪو به خواب آزادي جو نه ڏسجو، بغاوت جو ته سوچجو به نه ! گناهه ڪبيرا آهي. عورت جو ٻاهر نڪرڻ اهڙي بي شعور ۽ گهٽيل ماحول کي ڇا ڪجي؟ ڪيڏانهن وڃجي ...!؟ هنن رستن جا مسافر سڀ هيڪلا، هارايل. سانئڻ نور الهدى شاهه چيو “اسان آيل جي پيٽ کان قبر جي گهور اونداهين تائين اسان ان محڪوم قوم وانگي آهيون جيڪي بغاوت ته ڪرڻ چاهي ٿي پر هن وٽ هٿيار ناهن.” پر سائين قلم جهڙو ڪو به هٿيار ناهي. تڏهن ته الاهي مضبوط پروپئگنڊا سان اسان کي قلم کان به پري رکيو ٿو وڃي. هٿ ۾ جي قلم کڻون ٿا ته ڪرڙين اکين سان نهاريو ٿو وڃي. ڊڄڻ وارا ڊڄن ٿا ته متان هيءُ انهي قلم کان تلوار وارو ڪم نه وٺن. نياڻين کي تعليم کان محروم رکڻ اسان جي قوم جي بدنصيبي آهي. بس هر روز اسان ٻاٻري ڪنڊن واري راهن جو سفر ڪريون ٿا. ۽ هر ساهه پيلو پيلو ٿي کڄي رهيو آهي.
ڪانڊين، ٽانڊين، ٻاٻرين پچان مَرُ پيئي،
جيرا، جگر، بڪيون، سيخن ۾ ٽيئي.
پنهنجي پاران جو عنوان “مرشد اياز” جي سٽ مان لکيو آهي.
هي سپنا منهنجي جهولي ۾،
هي آڌي رات اڻت لوڪو !
مرشد اياز سان ڄڻ ته ڪو پراڻو ناتو آهي، گذري ويل ڪنهن جنم جهڙو رشتو، مٽي جو رشتو، سنڌيت جو رشتو، هر ٽئين ڏينهن هو منهنجي خوابن ۾ ايندو آهي. هو مان مراد “مرشد اياز.” ۽ مان اڪير سان هن جي پيرن تي هٿ رکي هن سان نهايت عاجزي سان ملندي آهيان ۽ پاڻ مون کي سيني لائي چوندو َآهي.
“آشا ! تون مسقتبل جو نُور آن ...!”
۽ منهنجي اک کلي ويندي آهي. مان سوچيندي آهيان ته ڇا اهو فقط هڪ خواب آهي...!؟ پر چوندا آهن ته خواب مستقبل جا اشارا هوندا آهن. مان اڄ به ڏسان ٿي، هو درد مان ڳائي پيو...
جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي،
مرن پيون مارويون، قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
مان مرشد اياز سان محبت ڪريان ٿي، آئون ڄاڻان ٿي ته منهنجي لفظن سان ڪو ٿرٿلو ڪو نه مچندو، ڪو عجيب انقلاب ڪين ايندو!؟ هي سچ آهي ته منهنجا لفظ ڪي پرهه جهڙا خواب اوهان جي نيڻن ۾ ضرور سجائيندا. ڇو اسان جو ايمان آهي ته لفظن ۾ وڏي طاقت هوندي آهي. لفظ روشني آهن، لفظ رستا آهن، لفظ منزلون آهن، لفظ عبادت جيان آهن، لفظن ۾ سجدن جهڙو سڪون آهي. مون کي سُڌ آهي ته سٽون منهنجون پڙهي هڪدم پين سان نشان ڪو نه هڻندو، پر يقين اٿم پڙهندي پڙهندي دل ۾ ٽنبيل ڇيت جهرندي ضرور محسوس ڪئي ويندي.
هي لکيل لفظ منهنجا صدائون ٿي پوندا،
نظم سارا سج جون شفائون ٿي پوندا. (آسيه)
ڪجهه ڳالهيون اوهان سان سلڻ لاءِ دل چويم ٿي. سائين منهنجا! مون کي جيتري سوچڻ جي بيماري آهي، ايتري لکڻ جي ناهي. ڪتابن کي بس رڳو اٿلائي پٿلائي ڏسندي آهيان، پڙهڻ ايترو ڪو نه پڄي... جي پڙهندي آهيان ته ساڳيو ساڳيو ڪتاب هر هر پڙهڻ ڏاڍو وڻندو اٿم. سُستي ته اسان سنڌين کي ڪو ڏاجي ۾ مليل آهي. ۽ مون محسوس ڪيو آهي ته اسان حوصلو الاهي جلدي هاري ويهندا آهيون. انهي ڪري اوهان کي اپيل آهي ته مون کي حوصلو هارڻ نه ڏجو ...!!!
الاهي دفعا سنڀري آهيان پر اڄ تائين نه ڇپجي سگهيون آهن سٽون.... نه ئي “بابا سائين” کي ٻڌائي سگهي آهيان ته مان لکندي آهيان يا ڇپجڻ چاهن ٿيون سٽون هي.... اها ڪا اسان جي عادت ٿي وئي آهي اندر ۾ سانڍي سڀ... اندر ۾ مرڻ ..... وري جيئڻ .... کامڻ. پچڻ ۽ وري چَپ سبي ڇڏڻ ! نه ئي ڪير سمجهي سگهندو آهي نه وري ڪنهن کي سمجهائي سگهندا آهيون. ناڪاميون ڳلي جو طوق بڻجي وينديون آهن. ڪنهن کي به پڇڻ جي همت نه ٿيندي آهي يا هاسڪاري پڇڻ ناهن چاهيندا .... ته متان ڪا وڏي ڊمانڊ ڪيون !؟ صحيح چوندو آهي سائين امر جليل ته “ڪو ڪو ماڻهو پنهنجي وجود ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو آهي، ذرا ذرا ٿي ويندو آهي. هو ٽڪرن ۾ جيئندو آهي، ذرن ۾ جيئندو آهي ۽ اهڙي ريت جيئڻ سٿرو ناهي.” اوهان سڀ ڪيڏو بور ٿيا هوندا منهنجي فضول ڳالهين مان ...!؟ پر هي ڳالهيون هڪ ڪَوڙي حقيقت آهن، اهي زهر جا قطرا جيڪي اسان هر روز پيئون ٿا ۽ جيئون ٿا.
بحرالحال ٻڌو اٿم ته پنهنجي تخلص جي وضاحت به ضروري آهي. سهڻا سائين ! ڪن مسافرين ۾ پير پٿون ٿي پوندا آهن پر رستن جي پچر ڪا نه ڇڏبي آهي. کوڙ رولو ڪتا تنگ ڪندا آهن، عادت کان مجبور ڀونڪندا آهن پر ڪتن جي ڊڄ کان رستا ڇڏيا ناهن ويندا. مرشد اياز چيو ته “نه روڪ انهن کي اهي رولاڪ مسافر آهن، انهن جي منزل دُور هوندي به الاهي ويجهي هوندي آهي، انهن کي وڃڻو هوندو آهي.” سو مون کي سمورن پڙهندڙن جي نيڪ تمنائن جو بي صبري سان انتظار رهندو، آگاهه ضرور ڪجو. ڇا هي سٽون اوهان جي سيني ۾ لهي سگهيون ...!؟
هڪ مسافر ٻئي مسافر جي پيڙاءُ کي سمجهي سگهندو آهي. بلڪل ائين ئي هڪ شاعر ٻئي شاعر کي سمجهي سگهندو آهي. انهن جي سٽن ۾ مرڪ ۽ لڙڪ پنهنجا لڳندا آهن. مون کي ته اوهان سڀني اديبن، شاعرن جون سٽون مرڪ، لڙڪ، سڀ جذبا، اُڌما پنهنجا لڳندا آهن.
بس هڪ التجا آهي ته هن رنگين ڪينواس تي ڪجهه رنگ اوهان به ڀرجو. منهنجو آواز ۽ حوصلو ٿجو. گهور اونداهين ۾ مون لاءِ هڪ روشني جي لاٽ ٿجو جيڪا ڪڏهن نه وسامي. شايد اها وڏي دعوى آهي پر مون کي لڳندو آهي ته هي اکر منهنجي ڪاميابي جو راز آهن. هي اکر سموريون انائن جون زنجيرون ٽوڙي سگهن ٿا.
سوين کيت تنهنجا، سوين مارويون،
نه زيريون نه زنجير جن کي جهلن،
ڀڳائون ڪڙا ڪوڙجي ڪوٽ جا،
پليا ڪو نه پيرن مٿان پيڪڙن.
اميد ته الاهي جلد پنهنجن پيارن اديبن، شاعرن، شاعرائن تائين هي پيار جو پيام ۽ محبت جو اظهار پهچي سگهي...!
هلو هلو ڪورئين نازڪ جنين نينهن
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سِکيا
(شاه)
سڀ کان پهرين ٿورائتي آهيان، پنهنجي محبوب جي جنهن خوابن کي تعبير ڏيڻ لاء هر ڏکيائيءَ جي باوجود سمورا وچن نڀايا٠ جنهن مون کي وک وک تي ساراهيو، حوصلو ڏنو، جنهن منهنجا هٿ مضبوطيء سان جهلي فرمايو ته ”سانئڻ! تون اهو ڪجهه ڪري سگهين ٿي جيڪو ٻيو ڪير نٿو ڪري سگهي“ حالانڪه ادب جي وشال ڳليء ۾ مان گمنام "آسيه" جيڪا اڃا ادب جي پڌر تي بانبڙا پئي پايان! انهيء کي چوندو رهيو ته: ”سانئڻ! تون ڏات جي ديوي آهين! تون ئي ڏات آهين!“
سائين! مان قيامت جي صبح تائين ناز ڪنديس ”توتي“. ڇو ته ازل کان ابد تائين تنهنجي آهيان ۽ تون منهنجو٠
ٿورائتي آهيان ”سائين محترم امداد حسينيء“ جي جن ڪتاب جي ٻه اکر لکيا ۽ فرمايو ته توهان جو ”پنهنجي پاران“ لکيل ئي توهان جي ڪتاب جو مهاڳ آهي تڏهن مان مهاڳ نه لکندس، بس ٻه اکر لکندس٠“ ۽ اهي ٻه اکر مون کي مهاڳ کان وڌيڪ عزيز آهن٠
دعاڳو آهيان ٿورائتي آهيان ”سائين ايوب کوسو“ جي، جن بيحد شفقت،عقيدت منجهان بئڪ ٽائٽل لکي ڏنو. سچ ته سائين ”امداد ۽ سائين ايوب کوسو“ جن منهنجي ڪتاب تي لکي، ڄڻ ڪاميابيءَ جي مهر هڻي ڇڏي آهي٠
مان ٿورائتي آهيان مزدور پيءُ جي ۽ محبتڻ ماءُ جي جن مون کي ڄڻي هن بي حس دنيا کي سمجهڻ جو موقعو ڏنو شايد مان به ڪنهن مقصد لاء ڄائي آهيان...!!؟؟ پر اهو مقصد ڳولهيندي، لڇندي مون زندگيءَ جا ٻاويهه سال وڃائي ڇڏيا، لڌو ڪجهه نه٠ منهنجا والدين سڀ چاچا ۽ چارئي پڦيون به آهن٠ جن هميشه ماءُ پيءُ جيان محبت ڪئي!
ٿورائتي آهيان پنهنجي وڏي ڀاءُ ”دادا اسد“ جي سڀني ڀينرن، پڦاٽن جي جن حد کان وڌيڪ بيوسيءَ جي باوجود به حوصلي جا لفظ چئي مون کي حوصلو ڏنو! خوش هجن شال. ٿورائتي آهيان انهن جي جيڪي منهنجي شاعريءَ ڪرڻ تي اعتراض ڪن ٿا٠ هٿ ۾ قلم کڻڻ تي ڪَرڙيون اکيون ڪري حقارت مان ڏسڻ وارن جي به ٿورائتي آهيان٠ جن جي نظرن مون کي وڌيڪ لکڻ تي مجبور ڪيو، ٿورائتي... انهن سڀني جي جيڪي منهنجي اکرن سان اختلاف رکن ٿا٠
ها...!!!
ٿورائتي آهيان احساس پبلڪيشن جي سرواڻ سائين ”احسان آڪاش“ جي جنهن نهايت شفقت، اڪير منجهان ڪتاب جي ڪريڪشن ۽ ڇپائيء دوران وک وک تي سهڻيون ڪارائتيون صلاحون ڏنيون٠
اسان وٽ به آهي گهڻو ڪجهه چوڻ لئه
مگر لفظ ناهن پني تي لکڻ لئه ...!!! (امداد)
اي ڪاش ! ته اوهان سمورن جي شاگردي هيٺ آئون به هجان. بس ڪجهه شيون اسان جي تقدير ۾ لکيل آهن ته ڌرتي جا وڏا ڊاهي ڇڏيندا آهن اهي تحريرون .... سمورا درد اوهان سان سلبا انشاءَ الله پر !
هيڪر جي گڏجن ته چوان،
سور اندر جا ساري ساري.
آڱرين جو پورهيو ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي. احساسن جي ول تان لفظن جا گل روڙي ڪاڳرن تي سجائبا آهن. ۽ اسان وٽ بچندا آهن ڪي ڪنڊا.
گيت جو “تنوير” مان اڄ ٿو اڪيلو ڳائيان،
وقت ايندو جو انهي کي نيٺ ڳائيندا گهڻا....
انشاءَ الله
مخدوم آسيه قريشي
مورو سنڌ
13 سيپٽمبر 2019
asiyamakhdoom827@gmail.com