ڪتاب جو نالو: نگر نگر ۾ اوهانجي خُوشبوءِ
مصنف: نور الدين ”نفيس“
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 07 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 753 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 270 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
جبري حالتن خلاف قلم جي تقويت جو اندازو سائين نورالدين ”نفيس“ جي هن ڪتاب ”نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبوءِ“ مان چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ بي معنيٰ زندگيءَ کي معنويت سان روشناس ڪرائڻ جا رستا ۽ ڪنهن به جابر جي اکين ۾ پنهنجي اندروني متل باهه جا اُلا پسائڻ جون مڙئي رمزون سيني ۾ لهندي محسوس ٿينديون، موجوده دور ۾ جتي مزاحمتي ادب جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي، اتي يقينن نورالدين ”نفيس“ ٿهيم جي هيءَ تصنيف سنڌ ٻوليءَ جي مزاحمتي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پبلشر نوٽ
  • مُهاڳ
  • ٻه اکر ؛ آدرشي دور جي پُڪار
  • ڀيٽا؛ گونگي درد کي زبان ڏيندڙ ڪوي
  • سھيڙيندڙ پاران ؛ ڌرتيءَ سان عشق جي خوشبوء
  • غزل

  • اسان جيئن جيون، گذاريو ته مڃجي،
  • ڪونجن قطارون،ڏسي روئي ڏنوسين،
  • وري بدنظر جي، نظر ٿي وياسين،
  • ڦَٽَن تي ڦَٽڪا لڳن پيا ليڪن، چوي ٿو نينگر پُٺي پَئي ٺَپجي،
  • پاپي تنهنجي پاپ جا پاڙا پَٽجي پَٽجي پَٽجي ويندا،
  • ڏيهه ڏکارو ڏسي ماءَ پياري نه روءُ،
  • نماءَ شام ٽاڻي نمائش بدن جي،
  • ميلا ۽ عيدون اوهان کي مُبارڪ،
  • نگر نگر ۾ اوھانجي خوشبوءِ،
  • تنهنجي هٿن ۾ آهي، زندگي ڏيو نه ڏيو،
  • منهنجي خودي بي خوديءَ کي ڇڏي ڏيو،
  • اجھو بس اُڏاڻا، پکي ڍنڍ جا هِن،
  • وري ڪوبه بادل بنجي نه برسي،
  • ڪيڏا پاڪ جذبا ۽ رشتا ٻڏي ويا،
  • زندگي، زندگي، زندگي، ضد نه ڪر،
  • مخالف هوائن کي ڏسي، ڇو ته روئين پيو؟
  • گُلن ڦُلن ۽ چَمن جون ڳالهيون، جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو،
  • چمن ۾ اي يارو، نه رنگ آ نه بُو آ،
  • اشڪباري مٿي، بحث جاري آهي،
  • ٿا ڇڏي بس وڃون، هيءَ گھٽي ڇا ڪجي
  • توکي ڏسڻ جو گناهه ڪيو جن، ڪٿي ٿيون ڪن سي ثواب اکيون،
  • گُلن سان محبت، ڪرڻ وارا ڀونئرا،
  • اها شام بوءَ آ، اوهانجي ڪري،
  • دل چري ايئن وري، ڏچي ۾ نه وجهه،
  • جڏهن عشق جو ڪٿ، حوالو کنيو ويو،
  • جنونِ شوق ۾ آھيان، ڇڏيو جفا نه ڪريو،
  • گھُٽجي گھُٽجي ،سُڏڪا نڪتا،
  • هانو ٻاري نه وڃ، ساهه ساڙي نه وڃ،
  • ڏيئا ٻرن پيا، ٿو ڀانئيان هو اچي پيو،
  • کُليل ھُن دريءَ مان، بجلي پئي چمڪي،
  • اُهي گھوٽ موٽيا، اجھو ڪوٽ ڪرندا،
  • اوهان جون جيڏيون، اُچيون ديوارون،
  • بهار جو ڏس عجب زمانو، گُلاب ۾ ڪا سُرهاڻ ڪانهي،
  • نه تون ٿي مڃين، نه دل ٿي مڃي،
  • محفل ۾ تنهنجو اچڻ ايئن لڳو هو،
  • اوهان جون اکيون، مٺيون باداميون، اسين سڄا ئي صحرا ستايل،
  • تنهنجا سَڏَ سائين، اذانِ فَجر جيئن،
  • دنيا جا سُخنور، ڏٺا سين، ٻڌا سين،
  • جفائون اڳيئي، ستمگر ۽ مُجرم،
  • هوا سُڻايا قصا اوهان جا،
  • نه ڄاڻي نه ڄاڻي جيڪو پيار ماڻهو،
  • ادائن تان قربان، نگاهن تان صدقي،
  • هَلڻ هُن جو اهڙو، ببر شينهن جھڙو،
  • اوهان جي ارڏي، ادا ٿي ماري،
  • نقابن کان توبه، حجابن کان توبه،
  • اوهان کي آهي جفا جي ڳولا،
  • جذبا جوان ٿي ويا،
  • ھر طرف ھيڏو حشر، ملڪ ميدان ڪربلا،
  • هي قلم جيڪو لکي دل ۾ نه ڪَج،
  • هي ته ڳالهيون سڀ پُراڻيون، انقلابي ڳالهه ڪَر،
  • محبت جي غذا ڏيئي، جنهن خوب نپايو،
  • گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گلاب پتيون، وڇائي ڇڏيم اوهين نه آيا،
  • سنڌ به ساڳي سج به ساڳيو،
  • ڪيئي ٺاهه ٺَڳن سان، ٺڳن ئي ٺَڳيو ٿئي،
  • دشمن قوتون، متحد آهن
  • تُنهنجي ظلمن ڪنان، هُو آ ڌاڙيل ٿيو،
  • جُڳن کانپوءِ جوءَ منهنجي ۾ جاني جهوڌو جوان مليو،
  • هن بگهڙن واري بستيءَ ۾، ڪو باغي بابو ڀاءَ اچي،
  • اسان جا جذبا جوان جذبا، اوهان جون سوچون صفا ڪي پوڙهيون،
  • هي پتيون گُلاب جون، يا لبڙا هِن جناب جا،
  • اسان فرض واجب، سمجھي ادا ڪيو،
  • روز ڄيرا ٻرن اوهان جي شهر ۾،
  • هر پاسي هوڪا، تنهنجي حسن جا،
  • چوٽيءَ جي چمڪار تي، هڪ با وِضو بيهي رهيو،
  • ڇير جي ڇمڪار ٿَئي، ته لوڪ جاڳي پيو،
  • پٿر ڪنهن به دشمن جو، ماري نه سگھيو،
  • اسين نيهن ناتو نڀائي سگھون ٿا،
  • ڇڏ مونکي مِٺا، ڏس پاڻ پرين،
  • ڦٽن تي ڦٽڙا، ڦِٽن ڦُٽن پيا، دوا ۽ دارون ملڻ ئي مشڪل،
  • هنيا اٿئي هزارين، تکا تير ڪيڏا،
  • اسين روئون ٿا، کِلن ٿا ماڻهو،
  • اسين دل لڳايون، لڳايون ته ڪنهن سان،
  • واعدو وفا جو آيو ياد آيو،
  • ڪاڪ، ڪوڪون ڪري، رات ساري رڙي،
  • ٻيون خطائون ٿيون لکين، اهڙي خطا پهرين نه ٿي،
  • ڪير سڻي سنسار جون ڳالهيون،
  • ڪيڏا آهن پيارا ماڻهو،
  • دل تي دردن جو آ ديرو،
  • تنهنجي قدم قدم تي، سجدا هزار منهنجا،
  • توبن دل ڪو چين نه سنڀري،
  • مون تي يقين نه توکي، ماڻهن ڪنان پُڇي ڏس،
  • ياد ايندا اٿم، ڏينهن ڏنگيندا اٿم،
  • مطلب تائين، سائين سائين،
  • سواءِ سڄڻ جي سڀئي سور راتيون،
  • خوشين کي به ڀانڪر پائي ڏٺو اٿم،
  • توکي ڏسڻ جو، نشو ٿي ويو آ،
  • ڳالهه تو جا ڪئي، ڳالهه واهجي ٺهي،
  • سڄڻ ساٿ تنهنجو ڪڏهن ڪونه ڇڏبو،
  • مونکان جواني ۽ جوڀن کسي ويا،
  • رنگ وَ بوءِ ڪونه رهيا، آ چمن روئي ڏنو،
  • جھٽ پٽ جيءُ تو ڇڏيو جهوري، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟
  • نظم / گيت

  • پِٽيا پرائي پٽ جا.......
  • صداءِ سنڌ
  • آ منوا مُرڪي ملڻ جي وَهي
  • اوهان سان وڙهبو
  • آئون لکندس اڃا
  • پوءِ ٺلهو ٿو جيئان
  • رات ڪاري اڃا.....
  • سدا جيءُ سنڌڙي منهنجي ماءُ
  • لکي نه سگھندس لکي نه سگھندس.....
  • سٻاجھڙا سنڌي اُٿو......
  • سَچارن جي ڌرتي....
  • 4 مارچ جي حوالي سان....
  • هيءِ سجاول آ، هيءِ سجاول آ......
  • اڙي او وڏيرا......
  • پاڻي پوءِ پاڻهي ٿي پئي........
  • چنڊ ڪارو ٿيو.....
  • نثري نظم...
  • تون ٻاهر نه وڃ......
  • سُهڻي سنڌ جي صورت هڪ پاسي....
  • سڏايان ٿو سنڌي....
  • سانول ياد ستائي ٿي......
  • سا گھٽي منهنجي دلبر سندي ٿا چون......
  • صداءِ حق بلند ڪري......
  • پنڊي تو تي آهي ميار.......
  • الوداع.......
  • وايون

  • پنهنجا سي ئي پنڌ
  • سانولڙا
  • ڏينهن اچي ويا
  • گيت ڪنهن تي لکان
  • پوءِ اڌ ٿي مران
  • نڪري آ.......
  • آئي مند ملهار
  • ڇو ٿي دل لڳائي......
  • بيت

  • اوکيون ڪڍ آڙاهه مان، اي عربي آقا،
  • صبر ۽ شُڪر کي ڪنديس ڪُڄاڙو،
  • آس انهيءَ آسري، جيڏيون ٿيو جيئڻ،
  • جيڪي جيءَ جُڙيوم، سو ڪنان قلب قريب،
  • متان وسين مينهن، پريتم آهي پنڌ ۾،
  • اُها گھڙي، اُهو پَل، وساريان وسري،
  • جت تو مانگر ماريو، اُتي مَڇَ مِڙيا،
  • بر ۾ وڻ هيڪڙو، پکي، پنجاهه سئو،
  • ايءَ نه وَڙ سندوءِ، جي ڪوڙن ڪين ڪُڇين،
  • هي ”حرامي ڍورو“، هوءَ ”ڪريڪ ڇاڻي“،

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 113

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: نگر نگر ۾ اوهانجي خُوشبوءِ
    موضوع: شاعري
    شاعر: نور الدين ”نفيس“
    سهيڙيندڙ: عبدالسلام ٿهيم
    ڇاپو پهريون: مئي 2018ع
    لي آئوٽ: آفتاب احمد هنڱورو
    ڪمپوزنگ: عبدالرئوف ٿهيم
    ٽائيٽل: رضوان گُل
    تعاون : بزمِ ادب جاتي ضلعو سجاول
    ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    مٺو ٽاور سامهون عبرت پريس، ويجهو دوابه پوليس لائين، گاڏي کاتو، حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 300 روپيا

    Nagar Nagar Me Awahan G Khushbu
    (Poetry)
    By: Noor ul Din “Nafees”
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. سمبارا بڪ هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبوءِ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر نورالدين نفيس جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    جبري حالتن خلاف قلم جي تقويت جو اندازو سائين نورالدين ”نفيس“ جي هن ڪتاب ”نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبوءِ“ مان چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ بي معنيٰ زندگيءَ کي معنويت سان روشناس ڪرائڻ جا رستا ۽ ڪنهن به جابر جي اکين ۾ پنهنجي اندروني متل باهه جا اُلا پسائڻ جون مڙئي رمزون سيني ۾ لهندي محسوس ٿينديون، موجوده دور ۾ جتي مزاحمتي ادب جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي، اتي يقينن نورالدين ”نفيس“ ٿهيم جي هيءَ تصنيف سنڌ ٻوليءَ جي مزاحمتي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندي.
    ھي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سمبارا جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپنا اُن امڙ جي نانءُ، جنهن ڏهن(10)، آنن مان هڪڙي ڪڪڙ ورتي، ڪڪڙ چوزا ڪيا جيڪي وڏا ٿي ڪُل 60 رُپين ۾ وڪرو ٿيا. 160 روپين مان هڪڙي ڍڳي (ڳئون) ورتي جنهن جي کير ۽ نسل مان منهنجي پرورش ڪري مونکي هن درجي تي پهچايو، ۽ سندس رحمت و شفقت ڀريا هٿ منهنجي سر تي سدائين رهيا.



    __ نور الدين ”نفيس“


    پبلشر نوٽ

    پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان انسيت ۽ محبت جو رچاءُ سنڌ جي قلم ڌڻين جي ڏات ۽ ڏانءَ سان اهڙو ته ڳڱاٽيل آهي جو ڄڻ ڪا به رچنا سندن اظهار بنا اڻپوري هجي، لاڙ پٽ جي مٽيءَ مان ڳوهيل انيڪ قلمڪارن جون تخليقون پڻ پنهنجي اندر اهڙين ڪرشماتي قوت سان سرشار ملن ٿيون، جن کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي، سائين نورالدين “نفيس” جو علمي ۽ عملي سفر جون ڪٿائون ته سندس ويجهي رهندڙ ساٿين واتان ٻڌڻ لاءِ ته هزارين ملنديون پر جڏهن سندس تخيلقي پورهئي خاص طور مزاحمتي شاعريءَ تي نظر وجهجي ٿي ته اکيون حيرت وچان پنڊ پهڻ به ڇونه ٿين، جو سندس رچنائون معاشرتي ڀڃ ڊاهه خلاف پڙاڏو بڻجي احتجاج جي انوکي روپ ۾ اسان کي اسان جو ڀوائتو آئينو ۽ آئيندي جا اولڙا پسائڻ لاءِ بضد آهن، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سائين نورالدين “نفيس” جي قلم جي جنبش باغي ڪردارن کي اڀاري داغي چهرن کان سامهون آڻڻ جي جستجو ۾ هميشه سرگرم عمل محسوس ٿئي ٿي.
    جبري حالتن خلاف قلم جي تقويت جو اندازو سائين نورالدين “نفيس” جي هن ڪتاب “نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبوءِ” مان چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ بي معنيٰ زندگيءَ کي معنويت سان روشناس ڪرائڻ جا رستا ۽ ڪنهن به جابر جي اکين ۾ پنهنجي اندروني متل باهه جا اُلا پسائڻ جون مڙئي رمزون سيني ۾ لهندي محسوس ٿينديون، موجوده دور ۾ جتي مزاحمتي ادب جي کوٽ شدت سان محسوس ڪئي پئي وڃي، اتي يقينن نورالدين “نفيس” ٿهيم جي هيءَ تصنيف سنڌ ٻوليءَ جي مزاحمتي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندي، توڻي جو صاحب ڪتاب اسان وچ ۾ موجود ناهي پر سندس رچنائون فني ۽ فڪري حوالي سان نهايت جاندار ۽ هيئين سان هنڊائڻ جهڙيون آهن، ان سلسلي ۾ سندس ويجهو رهندڙ ساٿي قلمڪار عبدالسلام ٿهيم جون ڪوششون به قابل داد آهن، جن سندس ادبي پورهئي کي ساهه سان سانڍيو ۽ سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپائي اوهان جي هٿن تائين رسائي نهايت سرهائي محسوس ڪجي ٿي.

    _ ساجد سنڌي


    مُهاڳ

    مزاحمت جي جُرئت جا گُلاب
    فلاسافيءَ جي دُنيا ۾ ”مري به جيئڻ“ هڪڙو ڏاڍو دلفريب موضوع آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄ کان ڪي ٽي صديون اڳي اسان جي بابا ڀٽائي ”مُيائي جياس“ جي هٺيلي سِري سان قومي تناظر ۾ ان فلسفي جي محبوباڻي تشريح ڪئي هُئي. ڳالهه جو ڳَر اهو ٿو بيهي ته حياتي سچ به حَسين حقيقت آهي، پر جسماني طرح غيرموجود رهي به موجود هُجڻ، ان کان به وڌيڪ حُسناڪ حقيقت آهي، اهو نقطو مون هتي شعوري طور ان حوالي سان جاڳايو آهي جو مون کي ان سيبتي شاعر جي ان لڪل شاعريءَ تي ڪُجھه اظهار اورڻ جو موقعو مليو آهي جيڪا پهرين مجموعي جي صورت ۾ پڌري ٿيڻ جي منتظر آهي، پر جنهن جو سرجڻهار هاڻ هن ائٽمي دُنيا کان گھڻو پري مٽيءَ جي آسمان هيٺان گھاٽي نند ۾ سُمهي رهيو آهي. هو پن ڇڻ جا ڇاڻيل پيلا پن ۽ بهارن جا ٽيڙيل جواڻ نيرا، ڳاڙها گُل ٻين اکين جي ڏسڻ لاءِ ڇڏي هليو ويو آهي، پر اُن سان گڏ اسان لاءِ ڇڏي ويو آهي سامونڊيءَ ڇولين جھڙي اهڙي بيقرار شاعري جيڪا پهرين پيار وانگي دل ۽ ذهن جي توجهه ڇڪائيندڙ الهڙ سچ آهي، اها شاعري 1980ع واري ڏهاڪي کان سُرجڻ شروع ٿي ۽ 2015ع ۾ آخري غزل جي صورت ۾ پُڄاڻي جو سڏ ٿي وئي. ”زندگي ڄڻ ڪو ٿوهر.......!“ اها سِٽ اُن آخري غزل ۾ دل وانگي دڙڪندي رهجي وئي! تخليقڪار جو تصور ڪابه قبر کائي نٿي سگھي، اِها گواهي نوالدين ”نفيس“ بنا شڪ جي چٽيءَ ريت نروار ڪئي آهي. سمنڊ سان هيئين جو حال ونڊيندڙ نفيس 80ع واري جنهن ڏهاڪي ۾ شعر لکڻ لاءِ سفر تي نڪتو، اهو دؤر جديد سنڌي شاعري جو گھڻو اهم دور ليکجي ٿو. اُن جو ڪارڻ اهو آهي جو اسان جي هماليه جبل جيڏي عظيم شاعر شيخ اياز جي اثر ۽ عروج کان هٽيءَ ڪري اسان جي ڪن جديد شاعرن پنهنجي نئين واٽ اختيار ڪرڻ جو سفر شروع ڪيو هو. ان ئي دؤر ۾ آڪاش انصاري لکيو هو:
    ”جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، مان ڪيئن رهان جلاوطن؟“
    ۽ حليم باغي چيو هو:
    ”جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوءِ مُنهنجي توکان دوريءَ آ!“
    ۽ مظهر لغاري جي نظم به مهڪي ايئن اوريو هو ته :
    ” گھَٽيا جي گندگي اِهي شهيد ٿيل گُلاب ڏس !“
    مطلب اهو ته اها نئين صورت گيريءَ مزاحمت جو نوڪدار عنصر بڻجي اُڀري هُئي. اُن زماني ۾ لاڙ جي هن نئين تخليقي شاعر نورالدين نفيس شاعريءَ پئي ڪئي. هُن جي خوبصورت شاعريءَ تي ويچار ونڊڻ کان پهرين اهو چوڻ چاهيندس ته هِي مجموعو شاعر سان مُحبت ڪندڙ ساٿين سهيڙيو آهي، اُن محبت کي به سلام آهي. نورالدين نفيس جيڪڏهن حياتي هُجي ها ته ضرور پنهنجي طريقي سان هِي مجموعو مُرتب ڪري ها، ۽ علم عروض جا لاها چاڙها به پاڻ چَڪاسي ها. ان ڪري هنن دوستن کان ڪا ڪمي پيشي رهجي به وئي آهي ته آئون اُن کي سواليا بنائڻ جو حامي ناهيان. جس آهي انهن دوستن کي جن پنهنجي هن ڏات ڌڻي کي وساريو ناهي، جنهن ڪڏهن ڪنهن ڳهريل شام ۾ ايئن لکيو هو ته:
    مزارن ۾ ڏيئڙا ته هر ڪو ٿو ٻاري،
    مُخالف هوا ۾ سي ٻاريو ته مڃجي.
    آڙين جون اکيون پڙهندڙ سمنڊ جي علائقي جو رهواسي شاعر نورالدين ”نفيس“ پنهنجيءَ شاعريءَ جي آئيني ۾ ذرو به لڪل ناهي. هڪ سُٺي شاعراڻي وجد، مزاحمتي شعور ۽ قوم دوستيءَ سان رڱيل فڪر سان هُو پڌرو آهي. هُن جون گھڻيون جذباتي ڪيفيتون حُب الوطني کي ولين جيان ويڙهيل آهن. هُن پنهنجي اظهار کي ڪوبه نقاب ناهي پارايو. اظهار جي سادگيءَ هُن جي شاعريءَ جي خاصيت آهي. روايت ۽ جدت کي گڏيل طور هُن جي شاعري عيان ڪري ٿي. هُن جي شاعريءَ جو ڪينواس ڪو گھڻو وسيع به ڪونهي، ۽ روايتي گس گھيڙن تي به هُن جي شاعري پنڌ ڪري ٿي، پر اهم ڳالھه اها آهي جو هي شاعري جدت جي آرزو مند لڳي ٿو، ۽ اڳتي وڌڻ جي تڙپ سان سرشار آهي. نواڻ جي ڳولا کي نفيس ترڪ ناهي ڪيو. اها به پڌري حقيقت آهي ته هُن جي شاعريءَ جو جُداگانه اسلوب ڪٿي ڪٿي ڏاڍو منفرد ۽ موهيندڙ آهي. روايتي خيالن کي به هُن ڪي ٻوليءَ جيڪا اڇت صورت ڏني آهي اها گھڻي سُندر آهي. جيئن هي شعر آهن:

    گُلابن جون ڪليون ڏسي جنهن کي جھُومن،
    بهارن اوهان ۾ ڏٺي ڳالھه ٻي آ.

    هوا سُڻايا، قصا اوهان جا،
    گُلاب بڻيا، حصا اوهان جا.

    اُها شام بُوءَ آ، اوهان جي ڪري،
    سڄي جُستجو آ، اوهان جي ڪري.

    تُنهنجي ثنا ۾ سائين، لفظن جو موت ٿي ويو،
    سُرمي سان تِر لڳايئي، نقطن جو موت ٿي ويو.

    غزل جي شاعريءَ ۾ جدت ڀرڻ جي هِي ڪوشش وڻندڙ حقيقت آهي. هي تلقيد کان پاسو ڪرڻ جي علامت آهي. هتي هڪ ڳالھه اها ضرور چوندس ته شاعريءَ فڪر ۽ خيال ٻنهيءَ جي سگھ جي توازن کان پوءِ نشانبر بڻجي ٿي. فڪر جي آرٽسٽڪ اظهار جي انتها کي ڇُهڻ هر شاعر جي وس جي ڳالھه ناهي هوندي. اهو آرٽ هزارن مان ڪنهن هڪ وٽ نظر ايندو آهي. فڪريءَ آرٽسٽڪ حُسناڪيءَ هڪ گھربل شعور چاهي ٿي. ”نفيس“ اُن رمز کي ڇُهڻ لاءِ اڃا سفر ۾ هو. جو اهو سفر اوچتو بيهي ويو.
    نفيس جي شاعريءَ محبت ۽ مزاحمت جي موضوعن تي مُشتمل آهي. اهي ٻئي اهم شاعراڻا موضوع آهن. هڪ تخليقي سگھاري شاعر جي پروڙ به انهن ميدانن ۾ ئي پوي ٿي. دُنيا جو هر شاعر محبت ۽ حُسن تي لکي ٿو. اهڙي ريت تضادن سان ڀريل دُنيا جي ڪري مزاحمتي عنصر به شاعريءَ جو روح بڻجي ٿو. شاعرن جو ڪمال اهو رهي ٿو ته هُو پنهنجي موضوعن ۾ جدت ۽ وسعت پيدا ڪن ٿا، تڏهن ئي مُتاثر ڪن ٿا.
    شاعريءَ پاڻ کي هر دؤر ۾ وهندڙ درياھ ثابت ڪيو آهي، اهو ڪمال آهي. نفيس جي رومانوي نفاست کي جواڻ جلوو حاصل آهي، جيڪو نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.
    شبابن شرابن، بگاڙيو نه مُنهنجو،
    اسان هار کاڌي، نگاهن رُلايو.

    گُلن ڦُلن ۽ چمن جون ڳالهيون، جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو،
    تنهنجي ته ڳاڙهي ڳلن جون ڳالهيون، جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو.

    ياد ايندا اٿم، ڏينهن ڏنگيندا اٿم،
    خيال تُنهنجا پرين بس وڍيندا اٿم.

    اهڙو سادگيءَ سان سرشار رومانوي اظهار نفيس پيار سان پيش ڪيو آهي، پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته نفيس جي شاعريءَ جو سگھارو پاسو مزاحمتي فڪر ئي آهي. اصل ۾ هُن مزاحمت کي ويهي شاعريءَ ۾ گھَڙيو ناهي، پر مزاحمت خود هُن جي اندر مان ٻاهر آئي آهي. اها وطن سان محبت ۽ قومي شعور جي دلبر وارتا آهي. هتي اهو به چوڻ چاهيندس ته هُن جي اظهار ۾ کُهري جذباتيت کي آئون عيب نٿو سمجھان.
    ٿورو سوچيو: جڏهن اوهان جي تاريخ مان اوهان جو ئي رَت ٽِمندو هُجي! اوهان جو سمنڊ، اوهان جو مُهاڻو غُلاميءَ جي ڪنارن وچ ۾ قابو هُجي! اوهان گل بجاءِ رڙ ٿيندا رهو! اوهان جي ڇاتيءَ تي وزنيءَ بوٽ هر وقت سوار رهن! اهڙيءَ انڌڪار ۾ ڪو مُحب وطن شاعر ڪيئن ٿو چُپ جي مصلحت کي ڀاڪر ڀري ننڊ ڪري سگھي؟ اوسارن جي موسمن ۾ تخليقيت ڪارين اکين جي ڪجل ۾ پاڻ کي دفن ڪري ڇڏي، اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي؟ نفيس سچو شاعر بڻجي پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. توڙي جو هُن ڪي گھڻا ڇرڪائيندڙ نظم تخليق ناهن ڪيا پر ڪن نظمن ۾ هُن جي مزاحمت جي فجر جي جوڳيءَ لُڌي تاري جھڙي جوت خوب لڳي ٿي.

    پِٽيا پرائي پٽ جا، حصا پتيون گھُرن پيا،
    هُو چيٽ تن چکي ڏٺا، وري ڪتيون گھرن پيا،
    هو روشنين جي شهر ۾، اڃا بتيون گھرن پيا،
    هِي گھر ڏيئا به ڄڻ ويا، اوهين جي ننڊ ۾ پيا،

    چُرڻ ڦِرڻ تي پابندي، حقن گھرڻ تي پابندي،
    عيدون ميلا ملاکڙا، ملڻ جُهلڻ تي پابندي ،
    اڳيان وڌڻ تي پابندي، جھڙو جيئڻ تي پابندي!

    نورالدين ”نفيس“ جو جاڳندڙ شعور قوم سان گڏ بيٺل آهي. هو جاڳندو رهڻ، ”ننڊ نه ڪجي ناکُئا“ جو قائل پيارو تخليقي شاعر آهي. آئون ڪنهن تخليقي منفرد شاعر لاءِ مري وڃڻ کانپوءِ لفظ ”هو“ ”شاعر هو“ استعمال ڪرڻ مُناسب نه سمجھندو آهيان، ڇو جو جيڪو شاعري جي صورت ۾ موجود آهي. اِهو موجود رهڻو آهي.
    نفيس جو اظهار ڪٿي به مُنجھيل نٿو لڳي. ڇو جو اهو اظهار وطن جي وارثيءَ چاهي ٿو. اهو وطن جيڪو اونداهي ۾ دفن ٿي رهيو آهي، لُٽجي رهيو آهي. ڏيئن کي اُجھائڻ وارا هٿ ڪو روڪڻ وارو ناهي، ان ڪري صلاح آهي ته ننڊ نه ڪريو. نفيس جُرئت جي ڳالهه ڪرڻ وارو انسان ۽ شاعر آهي. بيباڪي هن وٽ روح جيان آهي.

    اسين خُدا کي ڪٿي به ڳوليون، اوهان کي نيبھ هُجن مسيتون،
    اوهان جون رسمون اوهين ٿا ڄاڻو، اسان کي پياريون اسان جون ريتون،
    اسين سچائي ڄاڻون صداقت، اسان کي ملنديون هميشه جيتون،
    اوهان کي سوئر سَٽي پيو سَٽبو، اوهان سان وڙهبو.
    هِي منطقي مزاحمت جو خوبصورت اظهار نظر انداز ڪرڻ جھڙو ئي ناهي. غزل جي شاعريءَ ۾ به اهوئي مزاحمتي روپ نفيس خوب پسائي من کي موهي ٿو.
    هُن گھٽيءَ ۾ گھُٽيو، گھوٽ تُنهنجو وَني،
    اي وَني، او وَني، سيڄ واري نه روءَ.

    هيءَ بازار آ، ڀاءُ ڇا ٿو ڏسين،
    ٿيو ضمير اڄ شيءَ آ بازاري، نه روءَ.

    هي ته ڳالهيون سڀ پُراڻيون، انقلابي ڳالھ ڪر،
    ڇڏ عذابي ۽ ثوابي، ڪا نرالي ڳالھ ڪر.

    روشن خيال، ترقي پسند فڪر جي حمايت ۽ وطن جي درد ۾ ڳڙيل ڳوڙها هِن شانائتي فڪر ۾ پنهنجيءَ دل سان موجود آهن. هِي لاجواب شعور جو داستان آهي. اهو شعور انقلاب ڏسڻ جو آرزومند آهي، بيقرار آهي. رجعت پرستيءَ هِن ڪاھ کي ۽ ان جي سگهه کي ڪڏهن به سمجھي نٿي سگھي. سچ ته هيءُ سون جھڙو اظهار آهي، جيڪو اهو نقطو ٿو نروار ڪري ته سنڌ جو هر شاعر سنڌ کي هڪ وطن جي اک سان ڏسي ٿو. اهو وطن ڪڏهن به ننڍڙو ۽ ڪنهن جو به ڳڙھ ٿي نٿو سگھي.

    گُونگي سنڌڙي مُنهن کي کول !

    سَڏ تون پئي ڪرين، سَڏ آئون نه ڏيان !
    پوءِ اڌ ٿي مران.

    اِهو ”نفيس“ جي وائي جو ورلاپ آهي، ڳالهه دل جي سنڌ جي آهي. ڳالهه خاموشيءَ کي ختم ڪرڻ جي آهي. ماٺ جي مرونءَ جا سڱ ڪيسين تائين آخر برداشت ڪبو؟ سڏ کي سڏ نه ڏبو ته اڌ ٿي مري وڃبو. اها وقت کي پنهنجيءَ مُٺ ۾ قيد ڪرڻ ۽ آڻڻ جي حسرت آهي، مثال اها حسرت واهوندو بڻجي وڃي.
    هڪ شاعر، شاعر صرف ناهي هوندو، اُهوته اصل ۾ عشق هوندو آهي، ان عشق کي سمجھڻ جي ضرورت هوندي آهي. عشق حيرت جو آسمان آهي.
    باوجود فني ڪِن اوڻاين جي، نه موجود هوندي به نورالدين نفيس شاعريءَ جي صورت ۾ اسان جو حصو آهي. جيڪو محبت جي لائق آهي.
    اُميد ته هِن شعري مجموعي ”نگر نگر ۾ اوهان جي خوشبو“ جي آجيان ٿيندي.

    2018ــ04ــ17 ايوب کوسو
    جهڏو، ميرپورخاص
    03063066162.


    ٻه اکر ؛ آدرشي دور جي پُڪار

    سنڌي جي شاعريءَ مظلوم جي مزاحمت آهي، ائين کڻي چئجي ته سنڌي شاعري جو بنيادي عنصر مزاحمت آهي، ڪلاسيڪل شاعري کان وٺي جديد شاعري پنهنجي مزاج ۾ ڪيڏو به رومانٽڪ، عوامي، وطن پرست هجي پر سندس فڪر جو بنياد مزاحمت آهي، اها مزاحمت سنڌي قوم جي مزاج جو حصو آهي، جيڪا تاريخ سنڌين کي ورثي ۾ ملي آهي، اها انسان کان جانور بنجڻ جي تاريخ آهي، ڦورن ، لٽيرن، آمرن ۽ ظالمن جي تاريخ آهي، انهيءَ ڪري تاريخ سنڌي ماڻهو جي لاشعور ۾ مزاحمتي عنصر کي سدائين قائم رکيو آهي. اسان ٿورو غور ڪنداسين ته سنڌي ادب جو سونهري دور ون يونٽ واري دور کان وٺي 1980ع جي آخر تائين آهي، ان کان پوءِ سنڌي ادب انهيءَ دور جي مزاحمت جو تسلسل آهي، سنڌ جڏهن قومي طور وحدت ۾ پوئيل هئي. ته سنڌ پنهنجي وجود کي مڃائڻ جو سوال کڻي اڳتي وڌي رهي هئي. جڏهن شيخ اياز، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي مزاحمتي شاعري جا سرواڻ هئا. نورالدين ”نفيس“ به انهيءَ شاعريءَ جو تسلسل آهي،
    شاعري بنيادي طور سان سنگيت جو حصو آهي، جنهن ۾ رقص ۽ ترنم موجود هوندو آهي، جڏهن به ڪو شاعر شاعري ڪندو آهي ته ان جو بنيادي ڪارج پنهنجي اندر جو رقص عيان ڪرڻ آهي، جڏهن شاعري ٻولن ۾ جنم ورتو ته فڪر جو سنگم به شاعري جو بنياد بڻيو. جيڪي عالمي نوعيت جا شاعر هوندا آهن انهن جا تصور ، محاڪات به اعليٰ ۽ نرالا هوندا آهن، جن جو فن ۽ فڪر جو سنگم گهرو هوندو آهي. ڪارلائل جي دليلن مطابق ته ڪير به شاعر ٿي سگهي ٿو، وليم ورڊس ورث جي وصف مطابق ته ڪير به شاعر ٿي سگهي ٿو ، پر شاعري صرف جذبن جي اڇل ناهي، شاعري ترنمي ڌن جو اظهار ناهي، شاعري خود ترنم آهي جنهن جي اڇل وجود مان ڇلڪي ٿي، جذبا ته هر ماڻهو جا اٿل کائين ٿا پر هر ماڻهو شاعر ٿي نٿو سگهي، نورالدين ”نفيس“ جي شاعري وجود ۽ واردات جو مسئلو آهي، جيڪو وجود خاڪي جسم جو پابند ناهي، انهيءَ ڪري شاعر بي اختيار چئي ڏي ٿو.

    اسان جيئن جيون، گذاريو ته مڃجي،
    قدم پنهنجا ثابت ، ڏيکاريو ته مڃجي.

    ها منصف جي اڳيان ۽ محتسب جي سامهون،
    پُڪاري ڪو ظالم، بيهاريو ته مڃجي.

    هي شعلن جا درياءَ، هي ٽانڊن جا رستا،
    هتان ڪا ته ڪشتي اُڪاريو ته مڃجي.

    هي هڪ چئلينج آهي، انهيءَ ڪري ته پنهنجي وجود جو ماحولياتي اظهار به آهي، هر شاعر کي هڪ دور جي ساخت هوندي آهي، شاعر جو موضوع ساخت کان اڳتي نڪري جمالياتي بنجي ٿو، اڃا اڳتي شاعر نڪري نوان تصور۽ نوان گهاڙيٽا ڏيئي، شاعريءَ کي لازوال بنايئندو آهي، مثال شيخ اياز پنهنجي دور جي ساخت تي جيڪا شاعري ڪئي
    جنهن ۾ انقلاب انقلاب. اڄ وري هو فاشي ڪتا، هي سنگرام، سنڌڙي تان سر ڪير نه ڏيندو، مان ڏوهي آ مان ڏوهي آ وغيره ان وقت جي ساخت جو چٽو اهڃاڻ آهن، جن کي وقت تاريخ جو حصو بنائي ڇڏيندو، پر جڏهن شيخ اياز جي جماليات ۽ شيخ اياز جا محاڪات شيخ اياز کي شاعريءَ جي دنيا ۾ امر ڪري ڇڏيندا.
    نورالدين ”نفيس“ به موضوعن جي شروعات ساخت کان ڪري ٿو، جڏهن هو پنهنجي هڪ گيت ۾ چوي ٿو:
    پِٽيا پرائي پٽ جا، حصا پتيون گھرن پيا
    چيٽ تن چکي ڏٺا، وري ڪتيون گھرن پيا
    ھو روشنين جي شھر ۾، اڃا بتيون گھرن پيا،
    ھي گھر ڏيئا ڄڻ ويا، اوھين جي ننڊ ۾ پيا،

    ڌارين جا ڪٽڪ ته سنڌ ۾ ايندا رهيا انهن لٽيو ڦريو کاڌو، پر ايتري ڌڪار ڪا ورلي شاعريءَ ۾ ملندي، جيتري نفيس جي شاعري ۾ موجود آهي، ايترو درد محسوس ڪرڻ ڪنهن مظلوم جي دانهن ٿي سگهي ٿي. تاريخ شاهد آهي ته هميشه مظلوم ئي ظالم جي خلاف شاعريءَ ۾ دانهن ڪندو آهي. جيئن شاهه لطيف چيو هو ته:
    دريا توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.
    نورالدين ”نفيس“ اڄ جي دور کي ڪيئن ٿو ڏسي، اهو هن شعر مان پرکي سگهجي ٿو.

    ڪير سڻي سنسار جون ڳالهيون،
    پاڻ کي گھرجن پيار جون ڳالهيون.

    دل جي بدلي دل ڏينداسون،
    اهي آهن اقرار جون ڳالهيون.

    بادل بوندون، برسي پونديون،
    ساوڻ رُت، ملهار جون ڳالهيون.

    پيار ڪرڻ آ ڪم اسان جو،
    اصل اهي ڪم ڪار جون ڳالهيون.

    ڪَلي دل جي جڏهن به ٽڙندي،
    پوءِ ڪَبيون گُلزار جون ڳالهيون.

    دلبر دلاسو ڪيئن نه ڏيندو،
    ”نفيس“ ڪَجَ اظهار جون ڳالهيون.

    توهان ٿورو غور ڪريو هتي شاعر روح جو وڪيل آهي سندس وجود ۾ حصول جي بجاءِ ”هئڻ“ جو احساس آهي، سنسار مايا روپي آهي، دنيا دولت جي پٺيان جيڪي بيماريون پيدا ڪيون آهن، انهن ۾ ساڙ، حسد ، ڪينو ، منفيت، مَ سهپ، قتل وغارت، رشتن ۾ ڏار، بي ايماني، چاپلوسي، مايوسي، اڪيلائي ، ڇتي چٽاڀيٽي الائي ڇا ڇاٰ!!!! اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو جيڪو پنهنجي وجود جي هئڻ کي معنيٰ ڏيڻ چاهي ته هوبهو اهو ئي اظهار ڪندو جيڪو نورالدين”نفيس“ ڪيو آهي. ”نگر نگر۾ اوهان جي خوشبو“ جو هي مجموعو پنهنجي نالي مان ظاهر آهي ته هي آدرش واد جي دور جي نشاندهي ڪري ٿو. هر امير طبقو آدرش کان عاري آهي، ڇو ته آدرش مرڪزيت کان سواءِ ناهي، پر امير جي اميري ڇڙواڳي کان سواءِ نه هلندي، تنهن ڪري غريب لاءِ آدرش اجتماعي قومي ضمير مثل آهن. جنهن جو اڄ جي دور سودو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن لاءِ نفيس چوي ٿو.

    ناٽڪ نئين جو ڏيک ڏهون آ، اوهين ڀلي ڏيکاريو تماشو،
    جنهن دم پڙدو کڄندو تُهنجا کيل سمورا مٽجي ويندا.

    هر دور جو پنهنجو مزاج آهي، اڄ جو دور مارڪيٽ جو دور آهي، انسان سان لاڳاپيل سمورا احساس، جن ۾ فن، ادب، مصوري، پيار، شاعري وغيره سڀني جو آواز بليڪ هول ۾ گم ٿيو وڃي. سماج ۾ رڳو شور آهي، انهيءَ ڪري جو ماڻهو منجهه مرون اڳين کان اڳرو ٿيو آهي. نفيس جي شاعري انهيء آخري آدرشي دور جي پڪار آهي، جنهن ۾ اڃا دور بدلائڻ جو ساهس ساڳيو هو، پر اڄ جي دور جو لقاءَ بدلجي ويو آهي، اڄ شاعر جي حساس دل جو قدردان نه رهيو آهي، نفيس جي چواڻي ”سڄو حال في الحال بي حال ٿي ويو آهي.


    2018ــ04ــ17 پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
    چيئرمن
    سنڌ ٻوليءَ جو با اختيار ادارو


    ڀيٽا؛ گونگي درد کي زبان ڏيندڙ ڪوي

    بي شڪ ڏات اھا ذات آھي، جيڪا ڪنھن ڪنھن ماڻھو جي حصي ۾ اچي ٿي، ھر ڪنھن لا ان وٽ جاء ڪونھي.
    ھڪ ماٺيڻي مزاج، ڏٻري جسم، سانوري رنگ واري نفيس کي ڏات جي ديوي سندس حصي ۾ ملي، ھو جنھن مھل به پنھنجو ڪو شعر ٻڌائيندو ھو ته اھا ئي خوشبو، اھو رنگ، ڍنگ ۽ انگ محسوس ٿيندو ھو. سندس شاعري ۾ خوبصورت لفظن، استعارن ۽ خيالن جي بلندي جا عڪس به چٽا آھن.
    سامونڊين جي ھڳاء دار ھوائن، ساحل جي رڃن ۾ وسندڙ گرم لڪن ۽ ڏونگرن جي ڏيھه جو ڌرتي ڄائو نورالدين نفيس جيترو خاموش رھندو ھو، اوترو وري سندس قلم جي جنبش سمورين خاموشين کي ٽوڙي ڇڏيندي ھئي. ھن مجازي ۽ غيرمجازي شاعري ۾ گونگي درد کي زبان جي ڪيفيت به نظر اچي ٿي، ھو درد جي قافلي ۾ جستجو ۽ حوصلو رکندڙ مسافر آھي، جنھن آرام ۽ عيش بدران آزادي , پيار ۽ ڪاميابي جا خواب ڏٺا ھئا.
    شاعراڻي مزاج ۾ ھر ڪيفيت پٺيان شاعر جا خواب اوڻيل رھندا آھن.
    حساس ماڻھن تان قيامت تڏھن گذرندي آھي، جڏھن مظلومن جي حق تي راتاھا ھڻندڙن جا نوان نوان روپ ۽ انداز سامھون ايندا آھن، نفيس اھڙي ڪرب جي پاڇن ۾ مزاحمت جي پاسي ٿي بيٺو , ھو بنا ھٻڪ ۽ پرواھ جي قلم جي تکي نوڪ سا وڙھندو رھيو .
    ھن ستل قوم کي جاڳ جا سڏ پڻ ڏنا
    جيئن:
    پِٽيا پرائي پٽ جا ، حصا پتيون گھرن پيا
    چيٽ تن چکي ڏٺا ، وري ڪتيون گھرن پيا
    ھو روشنين جي شھر ۾ ، اڃا بتيون گھرن پيا،
    ھي گھر ڏيئا ڄڻ ويا ، اوھين جي ننڊ ۾ پيا،
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......
    وري ٻيو نظم ڏسو:
    صدا ڏني آ سنڌ امان ، اُٿو منهنجا اي نوجوان،
    اوهين وطن جا پاسبان ، ڏسو ظلم روان ڌوان،

    جٿا ٺاهي جنڀي وڃو ، ڪي ڳاٽ ڏاڍ جا لُڻو،
    ڇڄو نه پٽ تي ڇڻو ، ڪجي اوهان سان ڇا بيان،
    ڏسو ظلم روان ڌوان

    زماني جي زلزلن جا جيڪي لوڏا انسان کي اصل حالت کان ھٽائي ڇڏيندا آھن، ته روايتي جملو قائم ٿي ويندو آھي ته ”رسم دنيا“ يا ”دنيا جي وھڪرن ۾ وھي وڃڻ“ جھڙيون اصطلاحون نفيس جي نه ڊڪشنري، نه مزاج ھيون ۽ نه ئي کيس زلزلن لوڏي ھٽائي ڇڏيو، ھو جتي ھو اتي ئي بيٺو رھيو.

    ها هيڻن سندي حسرتن جو قسم،
    منهنجي محبوب جي مسرتن جو قسم،
    ڀونءَ ڀلاري تنهنجي برڪتن جو قسم،
    ماءُ! تو کان جي مان ساهه سانگو ڪيان،
    پوءِ ٺلهو ٿو جيئان پوءِ ٺلهو.........

    جڏھن نظرين، فلسفن، اصولن ۽ ضمير جا جڳھه زر، زمين ۽ ٽجوڙين جا قصا زور وٺڻ لڳا، تڏھن به ھو پنھنجي سوچ تي قائم رھيو ته فائدن جي بازار مان ڪجهه خريد نه ڪبو ۽ نه ئي اھڙو وڪري وارو وکر بڻبو. نفيس ان تانگھه ۾ ھو جنھن لاءِ فيض احمد فيض چيو آھي ته؛
    لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں گے۔۔۔

    ٿڃ تُنهنجي پيئان،
    جان تو تان نه ڏيان،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......

    لوئي ليهون ڏسي،
    آئون چُپ ٿي ويهان،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......

    ڄڻ ھو درد جي سمنڊ جي ان ڪناري تي بيٺل آھي، جتي درد ڇوليون ھڻي پيو. بندرن ۽ بازارن جي ماضي واري خطي سان تعلق رکندڙ نفيس جي شاعري به انھن بندرن ۽ بازارن وانگر آھي، جتي سنڌ جي سونھن به پسجي پئي، ڌرتي جي اڪير به بکجي پئي ته دردن , ڏکن ۽ ڏاکڙن جي سسڪين جا آواز به ٻڌجن ٿا. حسن جا گيت ٻڌندڙ، ٻوٽن جي سرھاڻ کي ڇھندڙ ۽ سونھن ۾ گم سم رھندڙ نورالدين نفيس ڌرتي، پيار ۽ درد جي وچ ۾ سفر وارو اھو مسافر ھو، جنھن کي بھارن ۾ فطرت جي مرڪڻ جو انتظار ھو، پر ھو بھار کان اڳ ۾ پن ڇڻ جي نظر ٿي ويو.
    باقي پنھنجي شاعري سندي صنوبر جي خوشبوءِ سان شاعراڻو کيتر معطر ڪري ويو، ماڪ ۾ ڀنل پنکڙيون اڄ به ٻڌائين پيون ته نفيس اسان جي وچ ۾ آھي.

    زاھد اسحاق سومرو
    جاتي، ضلعو سجاول
    15 اپريل 2018


    سھيڙيندڙ پاران ؛ ڌرتيءَ سان عشق جي خوشبوء

    اھي محرم جا ڏينھن ھئا، ماحول سوڳ جي ڪاري چادر ۾ ويڙھيل ھيو، ھر اھلِ دل جي من ۾ ماتمي موسم ڇانيل ھئي.
    انھن ڏينھن ۾ منھنجون دلي ڪيفيتون وڌيڪ ڏکاريون ھيون، ھڪ ته محرم جي ڏيھاڙن جي اُداسي پاڻ ۾ اھڙو اثر رکي ٿي، جو ھر حساس ماڻھو ڪربلا جو واقعو پنھنجي سيني تان گذرندو محسوس ڪري ٿو.
    سو ھڪ پاسي منھنجي من جي اسڪرين تي اھا حسيني مظلوميت جي تصوير ڊسپلي ٿي رھي ھئي، ۽ دل ڏک ۾ ٻڏي ٿي ويئي، ته وري ٻي پاسي گھر ۾ ھن جي حالت مونکان ڏٺي ڪونه پئي ٿي.
    ھڪ ته ھو ھيو ئي نفيس مزاج جو سنھڙو سيپڪڙو....
    ٻيو وري ھن ۾ ڪنھن بيماريءَ اچي پناھ ورتو ھو، جنھن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي ھئي.
    خوفناڪ ڳالهه اھا ھئي ته ھن جي جسم مان رت سُڪي ويو ھيو، ھُن ذاتي مونجھارن سبب انھيءَ سڀ کي ليکيو نه ھو.
    ٻي ڳالھه ته ھو اسپتالن جي جھنجھٽ ۾ پوڻ ڪونه چاھيندو ھيو ،اھو ئي سبب ھو ته ھاڻي پاڻي مٿي کان چڙھي ويو ھيو.
    20 آڪٽومبر 2015 اڱاري جو ڏينھن ۽ ستين محرم جي رات ھئي، ھو سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ھيو ۽ اھو ھنجو اسپتال ۾ پھريون ڏينھن ھو.
    تقريبن رات جو ٻارھين وڳي ھن پنھنجي ڀر ۾ ويٺل جاتي جي سينئر استاد سائين شمس الدين ميمڻ کي ڪجھه چوڻ چاھيو ٿي، پر گلي ۾ تڪليف سبب لفظ صحيح ادا ڪري نه سگھيو ھو، تڏھن سائين شمس کيس ڪاغذ جو ٽڪرو ۽ پين ڏني ته توھان جيڪو چوڻ چاھيو ٿا ھن تي لکو ۽ ھن ٽُٽل ڦُٽل اکرن ۾ ھڪ جملو لکيو
    ”ننڊ ٿي اچي“.....!
    سائينءَ شمس سمجھيو شايد ڏينھن واري سفر ۽ اسپتال جي رولڙي سبب ٿڪي پيو آھي، تنھن چيس ”توھان ڀلي آرام ڪيو...“
    ۽ ڪجھه ئي گھڙين ۾ ھن کي ساھ ٿي پيو ۽ ڏسندي ڏسندي ھو واقعي سمھي پيو.
    ھڪ اھڙي ننڊ ۾ ھليو ويو، جنھن ۾ جاڳ جو تصور به ديواني جي خواب جيان آھي.
    ھن جي ائين اوچتو بيمار ٿيڻ، ۽ تڪڙو تڪڙو ھتان رخصت ٿيڻ کي من مڃي ڪونه پيو، پر من جي مڃڻ يا نه مڃڻ سان ڀلا ڪھڙو فرق پوي ٿو، موت ته اٽل حقيقت آھي.
    پر موت عام ماڻھن کي مات ڏيندو آھي، نفيس ته غير معمولي ماڻھو ھو.
    ھونئن به جنھن ماڻھو ڌرتيءَ تي پنھنجي حال آھر ڪم ڪيو ھجي، انھن جا نالا موت ته ڇا پر وقت جا وڏا طوفان به مِٽائي نه سگھندا آھن.
    نورالدين نفيس به دراوڙن جي ديس جو اھو سجاڳ ڪردار ھيو، جنھن عام جي اُجار ۽ جاڳ لاءِ غزل، گيت، نظم لکيا، ھن اسٽيج ناٽڪن ذريعي ماڻھن کي انھيءَ دور ۾ پرک ڏني، جنھن دور ۾ آواز ڌٻايا ويندا ھئا.
    ميڊيا آزاد ڪو نه ھئي، غريبن جا پٽڪا دوڙ ٿيندا ھئا، پر ڀوتارن ۽ جاگيردارن تي آڱر کڻڻ گناھِ ڪبيره سمجھيو ويندو ھيو.
    نورالدين نفيس انھيءَ دور ۾ جاتيءَ جھڙي پٺ تي پيل علم و ادب کان محروم علائقي ۾ غدار ۽ روپلو ڪولھي جھڙا مزاحمتي ڊراما پيش ڪري بند زبانن تان ڄڻ تالا کولڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، نه فقط ايترو پر ھن آرٽ کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ جاتيءَ ۾ شاھين آرٽ سرڪل جاتيءَ جو بنياد وڌو، جنھن جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي نوجوانن پنھنجي صلاحيتن جو کلي اظھار ڪيو.
    نورالدين نفيس آرٽ، ادب، علم ۽ انسانيت جو سچو خدمتگار ھو، پر ھن پنھنجي حياتي ۾ ڪڏھن به پنھنجي سيني تي ھٿ رکي نه چيو ته مون گھڻو ڪجھ ڪيو آھي.
    نورالدين نفيس پنھنجي تخلص جيان مزاجن نفيس ھيو، طبعيت ۾ ماٺيڻو ۽ سھپ وارو ماڻھو ھو.
    نفيس جي پاڙي جا ماڻھو سندس ڪردار جي خوشبوءِ جي کوٽ محسوس ڪندي چوندا آھن ته؛
    ”نورالدين نفيس سڄي پاڙي ۾ گل جيان ھو.“
    اھا حقيقت آھي، ته ھڪ اھڙو شخص جنھن پنھنجي زندگي ۾ ڪڏھن به ڏاڍيان نه ڳالھايو، ڪڏھن به ڪنھن سان نه اٽڪيو. عام ماڻھن جيان ھِتي ھُتي ڪونه ويندو ھو، وڌ ۾ وڌ گھر ۽ جي بور ٿيو ته جاتي مان وھندڙ گونگڙي شاخ جي ميران واري تڙ وٽ اچي ويھندو ھو، ڇاڪاڻ ھو فطرت پسند ماڻھو ھو.
    اسان جڏھن ننڍا ھئاسين، تڏھن گھر ۽ گھر جي ڀرسان اوطاق ۾ طرحين طرحين جا گل ڏسندا ھئاسين، جن جي سنڀال ھو پاڻ ڪندو ھو، رات ٿيندي ھئي ته موتئي، چنبيلي ۽ رات جي راڻي جي خوشبوءِ سان سڄو گھر مھڪي اٿندو ھو.
    اھڙو ئي مزاج ھو منھنجي مامي نورالدين نفيس جو...
    ھو گھڻ رخو شخص ھو، وري جي سندس شاعري جي ڳالھه ڪريون، ته ھو ڪمال جو شاعر ھو، سندس تخيل جي اُڏام اوچي ھئي، ھن جي ڪلام جو محور ڌرتي ۽ سرتي ھيو، ھن جي جيڪڏھن مزاحمتي شاعري پڙھجي ٿي ته پتو پوي ٿو ھو ڌرتيءَ تي ساھ ڇڏيندڙ ڪوي ھو.
    تڏھن ته ڌرتيءَ جي ويرين کي ھيئن چوندو نظر اچي ٿو؛

    پاپي تنھنجي پاپ جا پاڙا پٽجي پٽجي پٽجي ويندا
    ڏاڍ جا ڏونگر ڏاھن اڳيان ڏٽجي ڏٽجي ڏٽجي ويندا
    وقت زنجيرون پاتيون ڇا ٿيو؟ ضمير رھندو ساڳيو ساڳيو
    قھري تنھنجا قيد ڪڙولا،ڪسجي ڪسجي ڪٽجي ويندا

    نفيس ڌرتي جو شاعر ھو، نفيس تبديلي پسند شاعر ھو، نفيس سنڌ پرست شاعر ھو، نفيس ڌرتي جي مسڪين ۽ ڏتڙيل ماڻھن جي ڏکن جو ترجمان شاعر ھو.
    شايد ھنجو اڪثر اڪيلو رھڻ جو سبب به اھو ھو ته ھن تي الھامي ڪيفيت طاري ٿيندي ھئي، ھن سنڌ سان عشق جي موضوع تي جيڪي به نظم لکيا آھن، تن ۾ عشق ۽ مزاحمت گڏ گڏ ھلن ٿا.
    نفيس جي جمالياتي شاعري به خوبصورت آھي، ھن حسن جي ڳلين ۾ به جھاتيون پاتيون آھن، سندس عشقيه شاعري فڪر سان ٽمٽار آھي،
    ھن نيون نيون تشبيھيون استعارا، محارا پنھنجي شاعري ۾ ڪتب آندا آھن، سندس غزل ۾ تخيل جي اُڏام ۽ فڪري حسناڪي ته ڏسو.

    وري بد نظر جي نظر ٿي وياسين،
    زماني جي اک ۾ ڪٽر ٿي وياسين

    ٽشو پيپر جيان،اگھي بس ڦٽو ڪيائين
    چھري سندس جو پگھر ٿي وياسين

    اشارو جتي ٿيو،اُتي ئي رھياسين
    لڳل دنگ جو ڄڻ پٿر ٿي وياسين

    نفيس جيترا سٺا نظم لکيا آھن، اوترا ئي ھن فڪر سان ٽمٽار غزل لکيا آھن، جتي سندس نظمن ۾ للڪار ۽ بيباڪي آھي، اتي قوم جي ستل فردن کي جاڳائيندي سڏڙا ڪندي پڪاريندي به نظر اچي ٿو

    پٽيا پرائي پٽ جا، حصا پتيون گھرن پيا
    چيٽ تن چکي ڏٺا، وري ڪتيون گھرن پيا
    ھو روشنين جي شھر ۾ اڃا بتيون گھرن پيا
    ھي گھر ڏيئا به ڄڻ ويا،اوھين جي ننڊ ۾ پيا.....
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    جبل جيڏو جگر رکي، اوھين اچو ۽ ڪجھ ڪريو
    ھا پيٽ سان پٿر رکي، اوھين اچو ۽ ڪجھ ڪريو
    ڪومعرڪو مگر رکي، اوھين اچو ۽ ڪجھ ڪريو
    ھن مياڻيءَ منجھ ملاکڙا،ڏسو ويري وڙھڻ لڳا
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.....

    نفيس پنھنجي ڏات جو اجايو وڃاڻ نه ڪيو، ھن ڪڏھن به مقصديت جي بنا پنا ڪارا ڪونه ڪيا، ھن جيڪو ڪجھ به لکيو ڪمال لکيو، ھن جي ھڪ عادت ھئي، ھر جڳھ تي پاڻ کي نروار ڪونه ڪندو ھو، ھو خاموش رھي پنھنجو ڪردار ادا ڪندو ھو.
    جڏھن به ڪا ڌر ڌرتي تي وار ڪرڻ جي ڳالھ ڪندي ھئي ته ھي تپي پوندو ھيو، ميري اک وارا ھن جي اکين جو ڪٽر ھوندا ھئا.
    جڏھن سنڌ دشمنن پاران سنڌ جي ورھاڱي جو رينگٽ ٻڌڻ ۾ ايندو آھي ته
    مون کي انھيء وقتَ نفيس جو ھي نظم ياد ايندو آھي

    اسان اوھانجي سڏن تي ڊوڙون ھزار پاتيون ھزار ڀيرا
    اسان اوھانکي،اکين جي اڳيان،ھٿن سان ٺاھي ڏنا آکيرا
    وفا جي بدلي اوھان ڏنو ڇا؟ جلائي ڇڏيا جگر ۽ جيرا
    اوھانکي ھاڻي ڪڏھن نه ڇڏبو،اوھان سان وڙھبو..

    اھڙا فرد ئي ڌرتي جا حقيقي عاشق شاعر ھوندا آھن، جن جو ڪلام ھر دور ۾ ويرين تي وڄ جيان وراڪا ڪري ڪرندو آھي، نورالدين نفيس جي ڪلام ۾ به اھڙي مزاحمت نظر اچي ٿي. نورالدين نفيس شاعر سان گڏ ڀلوڙ ڊراما نگار، ھدايتڪار، ڪھاڻيڪ­ار، مضمون نگار ۽ استاد ھيو، اھا حقيقت آھي ته ھن گھٽ لکيو، پر اھو به سچ آھي ته ھن ڀرپور لکيو.
    سندس پيش ڪيل اصلاحي ڊراما ويري رشتا، روشني، بي زبان، روپلو ڪولھي، جمعو­ن جمن جمڙو، غدار، ڇڪ پنڌ کي ۽ بخت جي بازي اڄ به ماڻھن کي ياد آھن.
    انھن ڊرامن جو ڪھاڻيون به ھن لکيون ھيون. نفيس 1 فيبروري 1961 ۾ جاتي شھر ۾ جنم ورتو ۽ 21 آڪٽومبر 2015 تي ڪجھ ڏينھن جي علالت کانپوءِ ھميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو ،پيشي جي لحاظ کان ھو پرائمري استاد ھيو، زندگي جي آخري ڏينھن ۾ سندس اھا خواھش ھئي ته مين پرائمري اسڪول جاتي جو سئو سالہ جشن ملھائجي، جنھن ۾ درسگاھ جي ناميارن استادن ۽ شاگردن جا ڪردار پيش ڪجن، جن شاگردن ۾ موتي پرڪاش به شامل آھي. نفيس آخر تائين انھيءَ تاريخي درسگاھ جو ھيڊماستر رھيو.
    ادبي لحاظ کان ھن جاتيءَ ۾ ساس جي شاخ جو ذاڪر کٽيءَ سان گڏجي بنياد وڌو، تنھن کان سواءِ ھو بزم روح ادب جاتيءَ جو ٻه دفعا بنا مقابلي صدر ٿيو، سندس صدارتي دور ۾ بزم پاران وڏن ادبي ميڙاڪن ٿيڻ سان گڏ باقائدگي سان ٻاراڻو رسالو روشن تارا به جاري ٿيندو ھيو. ھن کي ادبي ۽ فني دنيا ۾ اڃا گھڻو ڪجھ ڪرڻو ھيو، پر کيس موت وڌيڪ مھلت نه ڏني.
    بحرحال ھن جو اڌ وھيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار انھن ماڻھن جي ڊگھي ڄمار کان اتم آُھي، جيڪي ڌرتيءَ لاءِ ڪجهه ڪري نه سگھندا آھن.
    نگر نگر ۾ اوھانجي خوشبوءِ اصل ۾ نورالدين نفيس جي ڌرتيءَ سان عشق جي خوشبوءِ آھي، جنھن جو ھڳاءِ ھر محبِ سنڌ پٽ محسوس ڪري سگھي ٿو.
    ھن مجموعي جي حوالي سان ھڪڙي وضاحت ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ته نورالدين نفيس جي تخليق مون وٽ امانت ھئي، تنھن کي مون جيئن جو تيئن سندس پڙھندڙن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ٻي ڳالھ ته ڪتاب جو نالو ۽ ارپنا مرحوم جي پنھنجي ئي ڪيل ھئي.
    تنھن ھوندي به ان ڏس ۾ جيڪڏھن مونکان ڪا ڪمي رھجي وئي ھجي تہ معذرت چاھيندس..
    باقي منھنجي خوشي جي ڪا انتھا ناھي، ڇاڪاڻ آئون پنھنجي مامي جي ادبي پورھيي کي محفوظ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي، اھا ئي منھنجي وڏي خوشبختي آھي.
    ۽ انھيء ڏس ۾ مونسان سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ادا اقبال شاھين جو وڌ کان وڌ سھڪار رھيو آھي، جنھن کي جس ھجي جو ھن ڳالھين ڪرڻ بدران منھنجو عملي ساٿ ڏنو.
    ساڳي جڳھ تي سمبارا پبليڪيشن ۾ روح روان دلبر دوست ساجد سنڌي، محترم ڊاڪٽر غفور ميمڻ، محترم ايوب کوسو، سانئڻ مريم مجيدي، محترم زاھد اسحاق سومرو ۽ محترم رضوان گل جا به لک لائق جن به ھن ڪتاب جي سلسلي ۾ پيار ونڊيو.
    ساڻ گڏ ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ سيٽگ لاءِ پياري عزيز عبدالرئوف ٿھيم ۽ جي ايم کٽي جن جو به مشڪور رھندس.

    عبدالسلام ٿھيم
    جاتي ٽائون، ضلعو سجاول


    غزل

    اسان جيئن جيون، گذاريو ته مڃجي،

    اسان جيئن جيون، گذاريو ته مڃجي،
    قدم پنهنجا ثابت، ڏيکاريو ته مڃجي.

    ها منصف جي اڳيان ۽ محتسب جي سامهون،
    پُڪاري ڪو ظالم، بيهاريو ته مڃجي.

    هي شعلن جا درياء، هي ٽانڊن جا رستا،
    هتان ڪا ته ڪشتي اُڪاريو ته مڃجي.

    مزارن ۾ ڏيئڙا ته هر ڪو ٿو ٻاري،
    مخالف هوا ۾ ، سي ٻاريو ته مڃجي.

    جتي روز بازار، بيروت بنجي،
    اُتي پيار پيارا پُڪاريو ته مڃجي.

    هي حورن جا جوڙا هي سُهڻن جا ٽولا،
    هتي تند تُون تُون، تنواريو ته مڃجي.

    وڏو نانءُ تُنهنجي سخا جو ٻڌو سين،
    ”نفيس“ ڪجهه اسان ڏي نهاريو ته مڃجي.

    *


    ڪونجن قطارون،ڏسي روئي ڏنوسين،

    ڪونجن قطارون،ڏسي روئي ڏنوسين،
    طوطن تنوارون،ٻڌي روئي ڏنوسين.

    نه اچڻ جو ڪارڻ،پيرن جي ميندي،
    خوبصورت بھانو،پڇي روئي ڏنوسين.

    زماني جي چٿرن کي روڪي نه سگھيس،
    ھڻي سر ڀتين سان،لڪي روئي ڏنوسين.

    پنھنجا درد ڀوڳن جي چادر ۾ ويڙھي
    سکي! اڄ قسم سان،سچي روئي ڏنوسين.

    ڪيڏا ٽھڪ اُڇلي، ھوا ۾ ڇڏيا اٿن،
    يارن جو رويو، پسي روئي ڏنوسين.

    ”نفيس“! ڪئين اُميدون اوھان ۾ ھيون پر،
    اوھانجي محفل ۾،اچي روئي ڏنوسين.

    * 


    وري بدنظر جي، نظر ٿي وياسين،

    وري بدنظر جي، نظر ٿي وياسين،
    زماني جي اک ۾، ڪٽر ٿي وياسين.

    راههِ وَفا تي هلندي ئي هلندي،
    تنها مسافر، مگر ٿي وياسين.

    ٽشو پيپر سان، اُگهي بس ڦٽو ڪئين،
    چهري سندس جو، پگهر ٿي وياسين.

    رياضت، عبادت ڄڻ ئي اجائي،
    پنهنجي شهر ۾، دربدر ٿي وياسين.

    اشارو جتي ٿيو، اُتي ئي رهياسين،
    لڳل دنگ جو ڄڻ، پٿر ٿي وياسين.

    سدا ديپ دل جا ٻاري رکياسين،
    الائي ڇو انڌيري اندر ٿي وياسين.

    هونئن ته هڪ ذرڙو هئاسين ”نفيس“،
    سندس نانءُ سان گڏ امر ٿي وياسين.

    *


    ڦَٽَن تي ڦَٽڪا لڳن پيا ليڪن، چوي ٿو نينگر پُٺي پَئي ٺَپجي،

    ڦَٽَن تي ڦَٽڪا لڳن پيا ليڪن، چوي ٿو نينگر پُٺي پَئي ٺَپجي،
    اُها ئي ٻولي، ٻُولي پيو ٻَچڙو، هتان نه هٽبو هتان ڪيئن هَٽجي.

    اسان جي دل ۾ اها ئي ڌرتي، جيسين آ ڌڙڪن تيسين ته رهندي،
    هٿن ۾ ڪَڙيون پيرن ۾ ڇُلڻا، پِيا ته ڇا هي ڏاڍن کي ڏٽجي.

    بنا سبب جي اسير آهيون، تڏهن ته ڪنهن جي جھڪڻ جا ناهيون،
    اسان حياتيون امڙ کي ارپيون، مهان ماڻهو ڀلا ڪيئن مٽجي؟

    جيسين وطن ۾ انڌير راتيون، ها تاڻي اچبيون هزار ڇاتيون،
    گناهه نه آهي گھرڻ آزادي، پليد پاڙو جيسين نه پٽجي.

    اوهان جا جيسين پنهنجي هٿن سان گلا نه گهوٽيون تيسين ته وڙهبو،
    ڀلي کڻي پوءِ لڳن ته گوليون، ڀلي کڻي پوءِ هي ڪنڌ به ڪٽجي.

    اسين ته سنڌ جي سورهيه پُٽن مان، سَهون ته ڪيئن سَهون امڙ تي ڪَک ڪو،
    اسين ايامن ڪنان وڙهون پيا ۽ وڙهبو تيسين جيسين کَٽجي.

    سِڪون تنهنجي دم ملي ٿو مون کي ”نفيس“ جنهن دم ڪنهن ڀي نگر ۾،
    فريبي ڦورو لُچو لُٽيرو، اسان هٿاران هتي ٿو ڦَٽجي.

    *


    پاپي تنهنجي پاپ جا پاڙا پَٽجي پَٽجي پَٽجي ويندا،

    پاپي تنهنجي پاپ جا پاڙا پَٽجي پَٽجي پَٽجي ويندا،
    ڏاڍ جا ڏونگر ڏاهن اڳيان ڏٽجي ڏٽجي ڏٽجي ويندا،

    وقت زنجيرون پاتيون ڇا ٿيو؟ ضمير رهندو ساڳيو ساڳيو،
    قهري تُنهنجا قيد ڪڙولا ڪسجي ڪسجي ڪٽجي ويندا،

    گھوڙا! رهندا ڪيسين گھاڻا، ايندا رهندا راڄ جا راڻا،
    سهندي سهندي گھاڻي گھوٽا، گھاڻا تنهنجا گھٽجي ويندا.

    اڃان ته وارو پُٽ ڏين پيا، ڌرتيءَ ڌيئرون اُٿيون ئي ناهن،
    جي نڪري ٻاگھيون ٻائيون آيون، ڏاڍا سارا سَٽجي ويندا.

    ناٽڪ نئين جو ڏيک ڏهون آ، اوهين ڀلي ڏيکاريو تماشو،
    جنهن دم پڙدو کڄندو تُهنجا کيل سمورا مٽجي ويندا.

    ”نفيس“ ڪنهن جا نوڪر ناهيون ڪيئن قبوليون اها غلامي،
    پنهنجا ويري جيڪي ٿيندا ونگن ۾ سڀ وَٽجي ويندا.

    *


    ڏيهه ڏکارو ڏسي ماءَ پياري نه روءُ،

    ڏيهه ڏکارو ڏسي ماءَ پياري نه روءُ،
    ماڻهو، ماڻهوءَ سندو آ شڪاري نه روءُ.

    وَرَ وِڇڙي ويا، گَھرَ پَٽجَن پِيا،
    قهر واري هتي، رات ڪاري نه روءُ.

    رات پِڻ ريههَ ٻُڌم، هُن رهزن ڪنان،
    سنڌ سُڏڪا ڀري ايئن سوڀاري نه روءُ.

    هُن گھٽيءَ ۾ گھُٽيو، گھوٽ تنهنجو وَني،
    اي وَني! او وني! سيڄ واري نه روءُ.

    عصمتن جو هتي، روز واپار ٿئي،
    هاءِ آنهون ڀري ڌيءَ ڪنواري نه روءُ.

    هيءَ بازار آ، ڇا ڇا ٿو ڏِسين؟
    ٿِيو ضمير اڄ، شيءِ بازاري نه روءُ.

    نِيرَ واهي ”نفيس“ ڪير آهي جو پُڇي،
    لُڙڪ واهڻ هتي، کل خُواري نه روءُ.

    *


    نماءَ شام ٽاڻي نمائش بدن جي،

    نماءَ شام ٽاڻي نمائش بدن جي،
    رهي آهي حالت اهلِ وطن جي.

    ڪڏهن کيتَ وِڪڻَن ڪڏهن ٻيٽَ وِڪڻن،
    ڪجي ڇا ڪهاڻي، هتي جي وڏن جي.

    وري روڄ راڙو، متو هُن گَليءَ ۾،
    ڏني ڳِلَ گواهي، وحشي چنبن جي.

    پنهنجا لُڙڪ ويڙهي، پَلئه ۾ ٻڌي ڇڏ،
    ڪنهن کي ڪاڻِ ڪهڙي، ڪنهن جي غمن جي.

    ڪيڏيون سُهڻيون بستيون به ڊاهي وڌائون،
    لُٽيرو ڪري ڪيئن، حياءَ تن ڪکن جي.

    قتل ٿيو گُلن جو، ڪلين پارَ ڪَڍيا،
    بقا هاڻ باقي، ڪهڙي چَمن جي.

    ڏاڍا لُڙڪ واهي ٿڪاسين ”نفيسَ“،
    لڳي ٿو ته آهي هيءَ بستي انڌن جي.

    *


    ميلا ۽ عيدون اوهان کي مُبارڪ،

    ميلا ۽ عيدون اوهان کي مُبارڪ،
    هي مسرت نويدون، اوهان کي مُبارڪ.

    اسان غَم کي ڀانڪر، ڀري ئي وڌا هِن،
    اوهان جون اُميدون، اوهان کي مُبارڪ.

    سڀئي غَمَ جو سامان، وٺي هُن اُماڻيو،
    هي ههڙيون خريدون، اوهان کي مُبارڪ.

    رکيل ڇاهي يارو، پرنم اکين ۾،
    دلبر جو ديدون، اوهان کي مُبارڪ.

    ۽ واريءَ تي ليڪا، ڪڍڻ ڏيو”نفيس“،
    سڄڻن جون سينڌون، اوهان کي مُبارڪ.

    *


    نگر نگر ۾ اوھانجي خوشبوءِ،

    نگر نگر ۾ اوھانجي خوشبوءِ،
    سڄي شھر ۾ اوھانجي خوشبوءِ.

    اوھانجي ڳالھين جي ڳالھ ڇا چئون،
    اکر اکر ۾ اوھــــــانجي خوشبوءِ.

    ۽ پنھنجي نيڻن سندي عطا ڏس،
    نظر نظر ۾ اوھانجي خوشبوءِ.

    ھا تن کي منزل مليو وڃي ٿي،
    جن جي سفر ۾ اوھانجي خوشبوءِ.

    ۽ سچ چوان ٿو ڪافر نه چئجانءَ،
    مندر ممبر ۾ اوھانجي خوشبوءِ.

    ”نفيس“ جي شل نصيب ۾ ٿئي،
    پرين! قبر ۾ اوھانجي خوشبوءِ.

    *


    تنهنجي هٿن ۾ آهي، زندگي ڏيو نه ڏيو،

    تنهنجي هٿن ۾ آهي، زندگي ڏيو نه ڏيو،
    پريشان حال منهنجي کي، خوشي ڏيو نه ڏيو.

    آس جا ديپ سجائي رکيا اٿم دل ۾،
    تنهنجي ئي وس ۾ آهي، روشني ڏيو نه ڏيو.

    الائي وقت ٿيو جو، کلي سگھيا نه آهيون،
    تو تي ڇڏيل آ سُهڻا، ڪا هنسي ڏيو نه ڏيو.

    پنهنجي ٻانهن جي حجري ۾ پناهه ڏي مونکي،
    دامن يار پنهنجي ۾، گھٽي ڏيو نه ڏيو.

    دل ويئي هٿن مان، ڪو پتو نه پيو،
    سا سڄڻ مونکي موٽائي، اچي ڏيو نه ڏيو.

    تنهنجي زلفن جي اسيري قبول آهي ”نفيس“
    جڳهه دل پنهنجيءَ ۾، سکي! ڏيو نه ڏيو.

    *


    منهنجي خودي بي خوديءَ کي ڇڏي ڏيو،

    منهنجي خودي بي خوديءَ کي ڇڏي ڏيو،
    زمانا اسان جي خوشيءَ کي ڇڏي ڏيو.

    بنا وقت سڀ ڪنهن وڦلي پوي ٿي،
    چري دل منهنجي ، چلوليءَ کي ڇڏي ڏيو.

    نه ڪر ناٽڪي تون، کلائڻ جي دعويٰ،
    لڙي لُڙڪ پوندا، هنسيءَ کي ڇڏي ڏيو.

    هيءَ سا گھٽي آ، جتان هو لنگھي ٿو،
    رقيبو! اسان جي گھٽيءَ کي ڇڏي ڏيو.

    اهي پير ساڳيا نه ڊاهيو انهيءَ جا،
    پرينءَ جي پيرن جي، مٽيءَ کي ڇڏي ڏيو.

    ننڍي ٻار وانگي چيم کيس چنبڙي،
    چيائين چپن تي چُميءَ کي ڇڏي ڏيو.

    گھڻئي گُل پيرن سان، لتاڙيئي ”نفيس“،
    چڱو آ چمن ۾، ڪليءَ کي ڇڏي ڏيو.

    *


    اجھو بس اُڏاڻا، پکي ڍنڍ جا هِن،

    اجھو بس اُڏاڻا، پکي ڍنڍ جا هِن،
    ڪهڙو نيهن نماڻا، پکي ڍنڍ جا هِن.

    جنين چهنب چوکو، چڱو ئي چکيو آ،
    تنين ڇا ٺڪاڻا، پکي ڍنڍ جا هِن.

    ڇڏي ديس تنهنجو ويا اُن وطن ڏانهن،
    جتي ڍير ڌاڻا، پکي ڍنڍ جا هِن.

    هتان هو انهيءَ لاءِ، اُڏي ويا پکيئڙا،
    لڳن هنڌ پُراڻا، پکي ڍنڍ جا هِن.

    وري مند ٿيندي موٽي هو به ايندا،
    تيسين ڪن ٿا ماڻا پکي ڍنڍ جا هِن.

    ويا اُن وڳر ۾، جتان هو آيا هُئا،
    ”نفيس“ تن کي ڄاڻان پکي ڍنڍ جا هِن.

    *


    وري ڪوبه بادل بنجي نه برسي،

    وري ڪوبه بادل بنجي نه برسي،
    وري سونھن ھنجيءَ ٽانڊا ڏنا ھن.

    وري اڄ چمن ۾، متو چھچٽو آ،
    وري رنگ و بوء سان گُل ڪئين ٽِڙيا ھن.

    وري اڄ ڏڪاريل سيني تي منھنجي،
    ڪيڏا وڄ وراڪا ، ڪسر سان ڪيا ھن.

    گلابن کي چئجو نه جھومو نه جھومو،
    لُچا بُلبلا سڀ، موٽي مِڙيا ھن.

    اڙي چاندني! ڇو جھڪي اڄ لڳين ٿي؟
    ڇا ھُن جي اچڻ جا، نغارا وڳا ھِن.

    ٽري ويا انڌيرا، اچانڪ ”نفيس“،
    وري وارَ واپس ، ڪنھن ويڙھي وڌا ھن.

    *


    ڪيڏا پاڪ جذبا ۽ رشتا ٻڏي ويا،

    ڪيڏا پاڪ جذبا ۽ رشتا ٻڏي ويا،
    نشيلي نگاهن جا نخرا ٻڏي ويا.

    سنجھي کان سحر تائين،سُرڪون شرابي،
    پيتيون سين جتي، سي ٺڪاڻا ٻڏي ويا.

    رُڳو ڳوٺ بستيون ، ٻڏيون ڪونه آهن،
    قصا ڪئين نوان ۽ پراڻا ٻڏي ويا.

    ڌڻ جو ڌڻي ڏِس، ڇڏي ڌڻ ڀڄي ويو،
    رڍون، ٻڪريون، گهيٽا ۽ ڇيلا ٻڏي ويا.

    خالي کيت ٻارا، ناهن تو اُجاڙيا،
    اچي ڏِس اکين سان ته ڇا ڇا ٻڏي ويا.

    فقط هڪڙي ”جينا“ کاڌيون ڪونه گوليون،
    مئيون ڪئين جينائون ۽ جمڙا ٻڏي ويا.

    ڏسي شهر ثابت، چيائون ڪاوڙ مان،
    هي ڪيئن بچي ويو ٻيا پاسا ٻڏي ويا.

    هو وطن جا پرست ۽ ڌرتيءَ پڄاري،
    پنهنجا پيالي ڀائي، جيالا ٻڏي ويا.

    اسان جو وڏيرو، اڃا آ آرامي،
    پٺيان ڳوٺ جا سڀ رستا ٻڏي ويا.

    حڪومت کان امداد آيو گھڻو پر،
    ويو سڀ وڏي گھر ۽ ٽالا ٻڏي ويا.

    وطن ڪارڊ لاءِ، ڌڪا کائي پهتا،
    چيائون، اوهان جا نالا ٻڏي ويا.

    انڌيرو انڌيرو رُڳو هت انڌيرو،
    لڪي چنڊ ويو ۽ تارا ٻڏي ويا.

    رهيو هڪڙو نالي، ”نوتڪ“ شهر ۾،
    چون ٿا ته ان جا به گماشتا ٻڏي ويا.

    هُئي آفت الاهي، يا هٿ جي ڪا بازي،
    ”نفيس“ پنهنجا سارا، اُجالا ٻڏي ويا.

    ها جولاءِ، آگسٽ، ويهه سئو ڏهين ۾،
    اسان جا سمورا، وسيلا ٻڏي ويا.

    *


    (آگسٽ 2010 ۾ سنڌ ۾ آيل مها ٻوڏ جي پسمنظر ۾)


    زندگي، زندگي، زندگي، ضد نه ڪر،

    زندگي، زندگي، زندگي، ضد نه ڪر،
    مون ته تو کي ڏني هَر خُوشي ضد نه ڪر.

    جيڪي تُهنجا ناهن ، سي ئي طلبين پئي،
    منٿ مَڃ ڪا مِٺي، ڇَڏ اَڙي ضد نه ڪر.

    طلب جن جي اٿَئي تو کي تن جو قَسم،
    بي چئي، بي چئي، بي نڪي ضد نه ڪر.

    واٽ هُن تان وَيو، ڪو نه ايندو هِتان،
    ڪيسين رَهندينءَ هِتي تون کڙي ضد نه ڪر.

    مُند بهارن جي آ، ڇڏ خزائون نه ڳولهه،
    ڳالهه ڇو ٿي ڪَرين ، اڄ ڪَڙي ضد نه ڪر.

    تو ته جيڪي ڏٺا، سي ته سپنا هُئا،
    پوءِ حقيقت ڪَنان، ايئن هٽي ضد نه ڪر.

    جيءُ جِياري ”نفيس“ پيار سان پيار ٿو،
    جيسين جاهل مڃي پوءِ پَڪي ضد نه ڪر.

    *


    مخالف هوائن کي ڏسي، ڇو ته روئين پيو؟

    مخالف هوائن کي ڏسي، ڇو ته روئين پيو؟
    ۽ دلبر جي دغائن کي ڏسي، ڇو ته روئين پيو؟

    هر ڪنهن جي زبان تي آهي ذڪر سندو تو،
    پوءِ پيارا گلائن کي ڏسي ڇو ته روئين پيو؟

    هي ڪارا ڪڪر، ڏينهن کي ڍڪي، آيا وسڻ لئه،
    تون اهڙي گهٽائن کي ڏسي ڇو ته روئين پيو؟

    تو جنهن کي هو پوڄيو، صلو تنهن جو مليو ٿئي،
    الفت جي انعامن کي ڏسي ڇو ته روئين پيو؟

    توکي تنهنجي وفائن جي ڪري ڏوهي ڪوٺين ٿا،
    تون اهڙي گناهن کي ڏسي ڇو ته روئين پيو؟

    تو ٿر جي يتيمن جو ڪڏهن حال ڏٺو آهي!؟
    اربابي عذابن کي ڏسي ڇو ته روئين پيو؟

    هي ڪنهن جي اڳيان لُڙڪ واهين ويٺو اي ”نفيس“،
    بي نور نگاهن کي ڏسي ڇو ته روئين پيو؟

    *


    گُلن ڦُلن ۽ چَمن جون ڳالهيون، جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو،

    گُلن ڦُلن ۽ چَمن جون ڳالهيون، جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو،
    تنهنجي ته ڳاڙهي ڳلن جون ڳالهيون، جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو.

    تنهنجي هُجڻ جي ڀري سين حامي، چيائون توبه گناهه ڪيو تو،
    مڪار اهڙي مُلن جون ڳالهيون جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو.

    اڃا ته تنهنجي عُمر ئي ناهي، وفا کان واقف ڪٿان آهين تون،
    تيسين ته تو تي هُلن جون ڳالهيون جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو.

    عبادتن ۽ رياضتن ۾ لذت آ ڪهڙي، مون کي خبر آ،
    تون ساڻ گھاريل پلن جون ڳالهيون جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو.

    ڏَها، چِلا ڀي گھڻئي پچايون، ويٺس گھڻو ئي مُراقبن ۾،
    محبوب تو سان مِلَڻ جُون ڳالهيون جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو.

    ”نفيس“ نادان آهي ليڪن ، ٿورو ته سوچيو ٿيو ته ڪيئن ٿيو،
    توهان جي کينچَل کِلَن جُون ڳالهيون جڏهن به نڪتيون روئڻ اچي ويو.

    *


    چمن ۾ اي يارو، نه رنگ آ نه بُو آ،

    چمن ۾ اي يارو، نه رنگ آ نه بُو آ،
    سڄو سارو گُلشن اُجڙي ويو آ.

    پريشان آهن بلبل ۽ ڀونئرا،
    نه سُرهاڻ ساڳي نه ڪي گُل اُهو آ.

    کلڻ جي ڪئي سين ته لڙڪن ورايو،
    خطا ٿي اسان کان ويو حوصلو آ.

    ڏسجو متان ڪٿ، ڀليو مان ته ناهيان!
    مدت کان مون کي، نه دلبر مليو آ.

    الاءِ ڇو اُميدون کڻي ڪر اُٿيون هِن،
    وري اڄ جيئڻ تي اتساهه ٿيو آ.

    ”نفيس“ آ حقيقت ته سچ ناهي لڪندو،
    ڪوڙي جو آخر جھڪي ڪنڌ پيو آ.

    *


    اشڪباري مٿي، بحث جاري آهي،

    اشڪباري مٿي، بحث جاري آهي،
    منهنجي پياري مٿي، بحث جاري آهي.

    سڏ سُڏڪا بڻيا، جي هوائن جهٽيا،
    آهه زاريءَ مٿي، بحث جاري آهي.

    شاهه شڪاري اکيون ، ڏاڍيون باري اکيون،
    تنهن ڪٽاريءَ مٿي، بحث جاري آهي.

    نار ۾ ڏاند جيئن، تيئن ڳليءَ ۾ ڦرون،
    بيقراريءَ مٿي، بحث جاري آهي.

    هونئن سوين ڇوڪريون، هن ساڳئي شهر ۾،
    پاڙي واريءَ مٿي بحث جاري آهي.

    ڀونئري کي گُل کان چُمي ڇا عطا ٿئي،
    ٽاري ٽاريءَ مٿي بحث جاري آهي.

    ڳلن جي ڀنور ۾، ٻڏي وئي حياتي،
    سونهن ساريءَ مٿي ، بحث جاري آهي.

    چنڊ ڪڪرن لڪائي ، ڇڏيو ڪلهه ”نفيس“
    رات ڪاريءَ مٿي، بحث جاري آهي.

    *


    ٿا ڇڏي بس وڃون، هيءَ گھٽي ڇا ڪجي

    ٿا ڇڏي بس وڃون، هيءَ گھٽي ڇا ڪجي
    ٿي اوهان کي ملي، ايئن خوشي ڇا ڪجي.

    رهاڻ رس ۾ هُئي پوءِ به روئندو رهيس،
    ڪين توسان سگھيس مان پڄي ڇا ڪجي.

    هي نشيليون اکيون، پر سي ڳهيليون اکيون،
    ڪانه سمجھي سگھيون، دل لڳي ڇا ڪجي.

    ڪوڙ ايڏو ڪيئي ، قلب ساڙي ڇڏيئي،
    وئين حقيقت ڪنان تون هٽي ڇا ڪجي.

    ڏس مقدر پنهنجو نيهن ۾ اي ”نفيس“،
    ڏينهن قيامت جھڙو وڃ ڏسي ڇا ڪجي.

    *


    توکي ڏسڻ جو گناهه ڪيو جن، ڪٿي ٿيون ڪن سي ثواب اکيون،

    توکي ڏسڻ جو گناهه ڪيو جن، ڪٿي ٿيون ڪن سي ثواب اکيون،
    ڪيــــڏا نه ماڻهــــو موهـــي وڌا ٿـــن، تنهنجون خماريل جناب اکيون.

    رنـــــدن جـــــو رستـــو روڪــي وڌائــــون، شــــراب خانه ڇڏي ويا سي،
    واعـــظ وضـــو تي ويــــا ٿي هَر هَر، جادوگـــــريءَ جو حساب اکيون.

    اســـان جـــو رستـــو تمــــام ڀٽڪيـــل، اوهــانجون اکيون امـــام آهن،
    انــــڌيرا آنڌيــــون ٽــري وڃـــن ٿــا، جــڏهن ڇـــڏين ٿيون حجاب اکيون.

    اوهيـــن ڀلــي ڪجھ لڪـــايو ليـــڪن، اکـــيون اوهان جون پيون ٻڌائن،
    ٿـــوري مـــحبت توکـــي به آهــي، کليـــل لڳــن پيـــون ڪتاب اکيون.

    گُلن ڦُلن جي ڳليءَ ۾ ڳالهيـــــون، جڏهن به نڪتيون مٺا اوهانجون،
    تڏهـــن قسم ســـان لڳيـــون اوهـــانجون، گُلاب کان وڌ گُلاب اکيون.

    آهــــي زمــــانو ظـــالم مڃـــــــان ٿـــــو، مڃــــو اوهيــــن پڻ سُريلا ماڻهو،
    ڏيـــــئي محبـــــت ڪيـــــــڏي وڃــــن ٿـــا، ”نــفيــــس“ کولي نقاب اکيون.

    *


    گُلن سان محبت، ڪرڻ وارا ڀونئرا،

    گُلن سان محبت، ڪرڻ وارا ڀونئرا،
    آهي چند گھڙيون، خوشبوءَ گُلن ۾.

    هوا آهي آندو نياپو خزان جو،
    وجھين ڇو ٿو ڄاڻي، جندڙي غمن ۾.

    مڃان ٿو اوهان کي ڏُکي ڳالهه لڳندي،
    حُجت يار ڪهڙي، قضا جي ڪمن ۾.

    وَري بهار ايندي، وَري گُل ٽڙندا،
    وَري پوپَٽن سان، ورجانءَ وطن ۾.

    ڏسي يار چڙين چتوئن جو پِٽڪو،
    هو مالهيءَ کي ڳوڙها، اچي ويا اکين ۾.

    اُميدن تي جيئندا، رهيا هون ”نفيس“
    جشن بهاران ٿيندو، هن چمن ۾.

    *


    اها شام بوءَ آ، اوهانجي ڪري،

    اها شام بوءَ آ، اوهانجي ڪري،
    سڄي جُستجو آ، اوهانجي ڪري.

    اوهان جي اچڻ جو آهي اهتمام،
    ڪوئي روبرو آ، اوهانجي ڪري.

    اوهانجي هُجڻ سان اسين آهيون قائم،
    صنم آب جو آ، اوهانجي ڪري.

    ۽ ڪيڏيون جلائون بخشي ڇڏيون ٿئي،
    دنيا خوبرو آ، اوهانجي ڪري.

    اُميدون اسان جون ٻيون باقي ختم ٿيون،
    تنهنجي آرزو آ، اوهانجي ڪري.

    توسان پيار منهنجو اٽل آ ”نفيس“،
    سڌي گفتگو آ، اوهانجي ڪري.

    *


    دل چري ايئن وري، ڏچي ۾ نه وجهه،

    دل چري ايئن وري، ڏچي ۾ نه وجهه،
    عشق ڀوڳ ناهي، همرچي ۾ نه وجهه.

    زلفن جو باندي، بڻائي قبول آ،
    مڙئي ملزمن جيئان ڪچي ۾ نه وجهه.

    سڄو شهر آرس موڙي اُٿيو ٿئي،
    جيون پُرسڪون، ڌم ڌچي ۾ نه وجھه.

    ۽ بي داغ دامن، رهيا هون شهر ۾،
    سفيدي منهنجي، رنگ رچي ۾ نه وجھه.

    مطلب جي منڊي ۾، آسودو ٺڳي جو،
    وکر ڪوڙ وارو، سچي ۾ نه وجھه.

    ۽ چو ڦير ٽانڊا، ٻاري ڇڏيا ٿَن،
    ”نفيس“ دل پنهنجي، مچ مچي ۾ نه وجهه.

    *


    جڏهن عشق جو ڪٿ، حوالو کنيو ويو،

    جڏهن عشق جو ڪٿ، حوالو کنيو ويو،
    ”نفيس“ پنهنجو نالو، نرالو کنيو ويو.

    جڏهن جوت جي ڪٿ ضرورت پيس،
    اسان کان اسانجو، اُجالو کنيو ويو.

    ٻه ٽي ڍُڪ ڀلجي، پيتاسين ته ڇا ٿيو،
    الاءِ ڇو ڌڪا ڏئي ، پيالو کنيو ويو.

    جڏهن احتجاجن پڇڻ جي ڪئيسين،
    ته اُن کان ئي اڳ ۾ تالو کنيو ويو.

    رُڳو ايئن به ناهي رُني هوءَ اڪيلي،
    اسان جو به بستر آلو کنيو ويو.

    ڇڏي بس ڏنائين زهريلي خنجر کي،
    اها ڳالهه ٻي آ ته ڀالو کنيو ويو.

    *


    جنونِ شوق ۾ آھيان، ڇڏيو جفا نه ڪريو،

    جنونِ شوق ۾ آھيان، ڇڏيو جفا نه ڪريو،
    خيالِ يار کان پاسي، مونکي صفا نه ڪريو.

    آءُ ڪو ابليس ته ناھيان، جو سجدو نه ڪيان،
    بحث ھِن مھل ڪري، وقت ھي قضا نه ڪريو.

    ھَو مِلي يا نہ مِلي، سا سندس مرضي مگر،!
    منتشر سوچ منھنجي کي، جاءِ بجاءَ نه ڪريو.

    مان جي مُجرم آھيان ته، عبارت ھيءَ ئي لکو،
    اسيرانِ محبت تي، ڪا رِعا نه ڪريو.

    ۽ ڪسر جيڪا رھيل آھي، اوھانجي دل ۾،
    چئي ڏيو خوب عزيزو! ڪا حياءَ نه ڪريو.

    مان صنم خاني ھوندس، يا ھوندس مئخاني ۾،
    گَس ،گھٽين ۽ بازار ۾، پُڇا نه ڪريو.

    ڇا ٿيو اگر ”نفيس“، گوشه نشين آھي ٿيو،
    دامنِ يار ۾ لِڪيل، رونما نه ڪريو.

    *


    گھُٽجي گھُٽجي ،سُڏڪا نڪتا،

    گھُٽجي گھُٽجي ،سُڏڪا نڪتا،
    محفل مان ڪي ،پِٽڪا نڪتل.

    لُڙڪ ھُئا يا ھيرا موتي،
    ڳل تان ھُن جي چمڪا نڪتا.

    اسين ھتِان ڪا سُرڪ نه سنڀرون،
    ھل! ھُتان ڪي مَٽڪا نڪتا.

    پايل پائي نيٺ ھو گُذريو،
    ڇا ڇا ڇير مان ڇمڪا نڪتا.

    سڀ سند سُھڻا سور ۾ سوگھا،
    جيءَ جُھريل مان جھٽڪا نڪتا.

    ”نفيس“ تنھنجي نيھن کي شابس،
    دُشمن، يار پروڪــــــــا نڪتا.

    *


    هانو ٻاري نه وڃ، ساهه ساڙي نه وڃ،

    هانو ٻاري نه وڃ، ساهه ساڙي نه وڃ،
    ايئن نهاري نه وڃ، مونکي ماري نه وڃ.

    چڱو نالو منهنجو ٿو ڳڻجي عزت سان،
    ڪنهن کوٽي سڪي جيئن کاري نه وڃ.

    جبل جيئن هميشه اَٽل ئي رهيو آن،
    جلوَن سان پنهنجي تون ڳاري نه وڃ.

    عشق جون عطائون، رهيون هن سدائين،
    منٿ مڃ اڄ مِٺا، شام ڌاري نه وڃ.

    ڇو ٿو چٿرون ڪرين، اڄ اسان تي ”نفيسَ“،
    سور تنهنجا ئي خوب، ٻيا ڏياري نه وڃ.

    *


    ڏيئا ٻرن پيا، ٿو ڀانئيان هو اچي پيو،

    ڏيئا ٻرن پيا، ٿو ڀانئيان هو اچي پيو،
    پتنگ وَرن پيا، ٿو ڀانئيان هو اچي پيو.

    متي ڪهڪشان ۾، ڪشمڪش آ ڪيڏي،
    چنڊ کڙن پيا، ٿو ڀانئيان هو اچي پيو.

    بي چين ڀونئرا، ٿورو صبر ڪَر،
    گُل ٽڙن پيا، ٿو ڀانئيان هو اچي پيو.

    مَلهن مٿيرن ۽ ارڏن ادن جا ڏِس،
    پير ٿِڙن پيا، ٿو ڀانئيان هو اچي پيو.

    ۽ جمالِ يار جي ديدار لاءِ،
    ميڙ مڙن پيا، ٿو ڀانئيان هو اچي پيو.

    هي ڪنهن جي آجيان آ، ايڏي اڄ ”نفيسَ“؟
    گھنڊ گُڙن پيا، ٿو ڀانئيان هو اچي پيو.

    *


    کُليل ھُن دريءَ مان، بجلي پئي چمڪي،

    کُليل ھُن دريءَ مان، بجلي پئي چمڪي،
    لڳي ٿو حُسن جي، تَجلي پئي چمڪي.

    ڪڍي ڪنڌ ڪفن مان، اُميدون اُٿيون ھِن،
    ٿو ڀانئيان ڪا من جي، مڪلي پئي چمڪي.

    رُڳو سڌڙيا ھُئا، تڏھن ويا اُڏامي،
    ھوا ۾ شمع ڏس، ھيڪلي پئي چمڪي.

    ٻُڌو ٿم سرمد سوريءَ چڙھي ٿو،
    تڏھن شھر سارو ۽ دھلي پئي چمڪي.

    سچ کي انڌيري جي چادر ۾ ويڙھي،
    وڏو ڪنڌ کڻي اڄ چُغلي پئي چمڪي.

    نفيس اُت رياضت، عبادت اَجھائي،
    جتي جوت ٻاري، جاھلي پئي چمڪي.

    *


    اُهي گھوٽ موٽيا، اجھو ڪوٽ ڪرندا،

    اُهي گھوٽ موٽيا، اجھو ڪوٽ ڪرندا،
    جتي ڪُن ڪلاچيون، اُتي مَڇ مرندا.

    هو مياڻيءَ کان موٽيو، هو دولهه ٺٽي کان،
    منهنجا ڏيهه ڏُهاري، ڏهيسر کان ڏرندا.

    هو صوفي به آيو، ۽ سامي به موٽيو،
    مگر هاڻ ڦاهيون ۽ ڦندا نه ڦرندا.

    اِهو روپلو راڻل، آ ڪارونجھر اُماڻيو،
    گنگهر ڄڻ لٿا سڀ، گورا نه گُڙندا.

    ويري وحشين جو ڏسي ڪو تماشو،
    سانگين جا سينا، صبح شام ٺرندا.

    اسان ڏينهن راتيون، جي جاڳي گُذاريون،
    ليکا تن کان لالڻ، اچي گھوٽ گُهرندا.

    ”نفيس“ تن نادانن جا نالا ڳڻي ڇڏ،
    منهنجي ديس ۾ هن جيڪي درندا.

    *


    اوهان جون جيڏيون، اُچيون ديوارون،

    اوهان جون جيڏيون، اُچيون ديوارون،
    اسان جون تن کان، بلند اُڏارون.

    اوهين ڇا باندي بڻائي سگھندا؟
    اسان جو سوچون، دلين پُڪارون.

    سدا زماني، لڳايا پهرا،
    ڪجن انهيءَ تي ڪهڙيون ميارون.

    هوا مخالف! هتان هلي وڃ،
    ڇڏي چمن ۾ باقي بهارون.

    ۽ ڪيڏا سرمد چاڙهيندي سوريءَ،
    تو کان نه گھٽبيون، لمبيون قطارون.

    اڙي زمانا! سَٺيون نه تو کان،
    اسان جون خوشيون، کلون کينڪارون.

    ”نفيس“ جو هي نصيب آ جو
    صنم سنديون، هن نرم نهارون.

    *


    بهار جو ڏس عجب زمانو، گُلاب ۾ ڪا سُرهاڻ ڪانهي،

    بهار جو ڏس عجب زمانو، گُلاب ۾ ڪا سُرهاڻ ڪانهي،
    ڪَليون به آهن سڀئي ڪوماڻيل، اڳوڻي تن ۾ لالاڻ ڪانهي.

    سي راتيون رهزن لڳن ٿيون ساڳيون، جنين ۾ جھرمٽ تارن سندي هُئي،
    جَوان چَنڊ جي ڏسو حقيقتَ، رهي منجھس ڪا چانڊاڻ ڪانهي.

    اوهين به ساڳيا، اسين به ساڳيا، ۽ وقت ساڳيو هلي چلي پيو،
    مَري چُڪا هِن احساس پنهنجا، ڪنهن کي به ڪنهن جي ڪا ڪاڻ ڪانهي.

    ڪي گُل ڇَڻيا، ڪي گُل پَٽيا، ۽ مالهي آهي اڃا به غافل،
    سلا به سارا ويا لَتاڙي، مگر اُنهيءَ کي ڪا ڄاڻ ڪانهي.

    اهو پاسيرو لنگھي ويو ماڻهو، لڳي ٿو سُهڻو اسان جو آهي،
    ڏسو ڪٿي مان ڀليو ته ناهيان، ڏسو انهيءَ کي هو پاڻ ڪانهي.

    ”نفيس“ سُڏڪا سڄي حياتي، ۽ سينا پنهنجا هميشه ڪربل،
    لڳي ٿو بستي يزيد جي آ، هتي حُسيني اهڃاڻ ڪانهي.

    *


    نه تون ٿي مڃين، نه دل ٿي مڃي،

    نه تون ٿي مڃين، نه دل ٿي مڃي،
    پوءِ ڀلا ڇا ڪجي، چئو ڀلا ڇا ڪجي.

    هڪ ته تنهنجو شباب ، ٻيو سامهون آ شراب
    عادتي دل اٿم، هرکجيو هرکجي.

    نه تو هَٺ ڇڏيو، نه دل هٿ کنيو،
    زندگي ظلم ۾، ٿي لُڇي ۽ پچي.

    آءُ عادتي نه آن، غَمَ هُن جا لاهڻ،
    مئه ڪشو بس هلو، مئڪدي مئڪدي.

    ڪير ڪيسين ڀلا ، ويهي واري مٿي،
    نالا تنهنجا صنم، پيو ڊاهي لکي.

    ”نفيس“ تيسين تڙپ، جيسين سُهڻو چوي،
    سُونهن ساري سندم، يار تنهنجي بِلي.

    *


    محفل ۾ تنهنجو اچڻ ايئن لڳو هو،

    محفل ۾ تنهنجو اچڻ ايئن لڳو هو،
    مُشتريءَ تي ڄڻ مٺا جيئن ڌماڪو ٿيو.

    هو رهزن به چپ هو، ۽ رهبر به چپ هو،
    ٿيندو ايئن به آهي، ڪنهن کي ڇا پتو هو.

    جڏهن تنهنجي مُرڪن مهڪون ڦهلايون،
    تڏهن حوصلو بس، محفل جو وڌيو هو.

    ڪنن ۾ هُئي سُس پُس ، نظر هُئي اوهان ۾،
    سڄڻ سُونهن تهنجيءَ اثر ايئن ڪيو هو.

    سڄو حال في الحال بي حال ٿي ويو،
    تنهنجي نينهن نهوڙي ڪيو بي بلو هو.

    ”نفيس“ تنهنجي نيڻن حياتي عطا ڪئي،
    تون کان اڳ اسان جي حياتي ڏچو هو.

    *


    اوهان جون اکيون، مٺيون باداميون، اسين سڄا ئي صحرا ستايل،

    اوهان جون اکيون، مٺيون باداميون، اسين سڄا ئي صحرا ستايل،
    پـــــــرين پيــــــــالا، لڪايـــــــو ڇو ٿــــــــا، اسين الاڙي ڏاڍا اڃــــــــــايل

    اسان جون ڪهڙيون حُجون اوهان تي، اوهين ته ازخود آقا اسان جا،
    اوهانکي پارت پرين اسان جي، اسين ته تنهنجي گھورن جا گھايل.

    ڏکـــــن جي لولــــي ملــي آ شــايـــد، امـــــڙ جــــي هنــــج ۾ ٻـــڌي اٿم جا،
    روز اول کان سک ڪو نه سنڀرون، دليون اسان جون ڏاڍيون ڏکايل.

    غــــريب آهيـــــون گنـــــدا نه آهيـــــــون، اســــــان کــــان ايـــڏو نٽايو ڇو ٿا،
    اوهـــــان جـــي در تـــي تـــڏهن آيــــاسون، ٻـــڌوسون آهيون تنهنجا گهرايل.

    اوهـــــان ســــان اهــــڙي، اڙي آ دلــــــڙي، جــــو زنــــدگيءَ ۾ قرار ڪانهي،
    ”نــفيــــس“ تنهنجـــــا نگـــــــاهه تــان صدقـــي لڳن پيا ماڻهو سڀئي مڃايل.

    *


    تنهنجا سَڏَ سائين، اذانِ فَجر جيئن،

    تنهنجا سَڏَ سائين، اذانِ فَجر جيئن،
    تو کان منهن مٽائڻ، سراسر ڪفر جيئن.

    ڪيڏا ميڙ ماڻهن جا، موهي وڌا ٿئي،
    سندءِ سونهن سُهڻا، سراپا سحر جيئن.

    جڏهن تنهنجون ديدون دنيا کان هَٽن پو،
    ڀلي پوءِ ملجو، ناهيون بي صبر جيئن.

    اگر جي اجازت، عقل ڏي اچڻ جي،
    هليو يار اچجانءِ، هر ڪنهن پهر جيئن.

    ۽ تنهنجي اچڻ جي، ڏني پَڪَ هَوا آ،
    اُٿي مَهڪ ڪيڏي گُلابي عطر جيئن.

    تنهنجي سونهن کي سجدا ڪندا ئي رهياسين،
    تنهنجا پير پيارا، محراب ۽ ممبَر جيئن.

    ”نفيس“ تنهنجي نيڻن جي بخشش ڇا ڀانئيان،
    متي مَن ۾ مانڌاڻ، ڪاري اکر جيئن.

    *


    دنيا جا سُخنور، ڏٺا سين، ٻڌا سين،

    دنيا جا سُخنور، ڏٺا سين، ٻڌا سين،
    اوهانجي ته ڳالهين سندي ڳالهه ٻي آ.

    گُلابن جون ڪليون، ڏسي جنهن کي جھومن،
    بهارن اوهان ۾ ڏٺي ڳالهه ٻي آ.

    هوائون، گھٽائون، قربان تو تان،
    ۽ بجيلن اوهان ۾، رٿي ڳالهه ٻي آ.

    بنان مُلهه ناڻي جي، نوڪر تنهنجا هون،
    اسان پنهنجي دل ۾، رکي ڳالهه ٻي آ.

    هي ڀونئرن، ڀنڀورين ۽ تتلين جا پهرا،
    لڳي ٿو انهن ڪا، چکي ڳالهه ٻي آ.

    اها تنهنجي نيڻن سندي آ نوازش،
    ”نفيس“ دل اسانجي، لُٽي ڳالهه ٻي آ.

    *


    جفائون اڳيئي، ستمگر ۽ مُجرم،

    جفائون اڳيئي، ستمگر ۽ مُجرم،
    اسان کي ته تنهنجي، وفائن رُلايو.

    انهي ڏينهن تَتي کان شڪايت نه مون کي،
    اسان کي ته ٿڌڙي، هوائن رُلايو.

    ۽ خارن جي شڪوه، هر ڪو ڪري ٿو،
    مگر يار مونکي گُلابن رُلايو.

    شبابن، شرابن، بگاڙيو نه منهنجو،
    اسان هار کاڌي، نگاهن رُلايو.

    اڙي جلوه گر! رحم ڪَر، رحم ڪَر،
    مڃان ڪيئن ته، مونکي پراون رُلايو.

    اوهان جي اُماڻيا ، ٻڌي ٿِيس حيران،
    تنهنجي يار نِياپن، نِرالن رُلايو.

    گناهن نه مون کي، دوزخ عطا ڪئي،
    اسان کي سراسر، ثوابن رُلايو.

    ”نفيس“ نيڻ پنهنجا پياسا رهجي ويا،
    ڪُنڊ ڪُنڊ تي قائم، ڪَربَلائن رُلايو.

    *


    هوا سُڻايا قصا اوهان جا،

    هوا سُڻايا قصا اوهان جا،
    گُلاب بڻيا، حصا اوهان جا.

    ۽ پوپَٽن کي پرور پئي پوءِ،
    تنهين پُڇايا، پتا اوهان جا.

    ۽ پنهنجي نيڻن سندي عطا ڏس،
    لٿا نه ڪنهن کي نشا اوهان جا.

    گھٽائون رقصان رهيون سراسر،
    زُلف سهڻا ڇلا اوهان جا.

    قسم اوهان جي گُل بوءَ بدن جو،
    پڙهي ٿي ڪلما، فضا اوهان جا.

    ”نفيس“ جھڙا لکين او لالڻ،
    نوڪر پرين هن پڪا اوهان جا.

    *


    نه ڄاڻي نه ڄاڻي جيڪو پيار ماڻهو،

    نه ڄاڻي نه ڄاڻي جيڪو پيار ماڻهو،
    اُهو ناهي بالغ، آهي ٻار ماڻهو.

    ٻُٻر ٻير ڏيندو، اهو ناهي ممڪن،
    اُميدون اجھايون، هي بيڪار ماڻهو.

    ڪَلين جي حفاظت، ڪنڊا ئي ڪندا هن،
    ڏسي وٺ، ڏسي وٺ، ٿورو نهار ماڻهو.

    آهي چار ڏينهڙا مٺا هيءَ چانڊوڪي،
    اڳيان خوب آهي، انڌڪار ماڻهو.

    ڪجو ڪينَ دل ۾، جيڪو چيوسين،
    اسين يار آهيون گنهگار ماڻهو.

    جنهن جي ڏسڻ سان ٺرن روز اکيون،
    ”نفيس“ ڪٿ رهيا هِن سي منٺار ماڻهو.

    *


    ادائن تان قربان، نگاهن تان صدقي،

    ادائن تان قربان، نگاهن تان صدقي،
    اوهان کي ڇُهن تن، هوائن تان صدقي.

    اسين تنهنجون لوڏون پري کان سُڃاڻون،
    نوان تو ڪيا تن، نقابن تان صدقي.

    ۽ بهارن اوهان کان ئي خوشبوءَ پِني آ،
    تنهنجي گُل بدن ۽ سينگارن تان صدقي.

    هو شرمائي شرمائي هليون ويون گھٽائون،
    تنهنجي منهن مُبارڪ ۽ وارن تان صدقي.

    ٿئي تنهنجي سامهون سي ڪنهن ۾ ڪڻا هَن،
    سندئي اک اُڏارن، اشارن تان صدقي.

    ڪري منٿ ميڙون مڃايو ”نفيس“،
    نٿو جي ڇڏي تن حجابن تان صدقي.

    *


    هَلڻ هُن جو اهڙو، ببر شينهن جھڙو،

    هَلڻ هُن جو اهڙو، ببر شينهن جھڙو،
    ڀلا ڪو بچي ڪيئن، حُسن جي جھنگل ۾.

    اسان کي وساري، زمانو ٿِيَس پَر،
    اسين اڄ به آهيون سندس ئي شغل ۾.

    ٻڌايوس ڪهڙو، ته ملندس وظيفو،
    رکيل ڇاهي يارو، منهنجي قتل ۾.

    کڻون پير پُٺتي اهو ڪم ڪانئرن،
    پڪا پير پنهنجا، ارادي اٽل ۾.

    اوهان جيڪي اُڇلي هوا ۾ ڇڏياسي،
    لڳا تير دلبر سڌا منهنجي دل ۾.

    *


    اوهان جي ارڏي، ادا ٿي ماري،

    اوهان جي ارڏي، ادا ٿي ماري،
    نگاهه خماريل جُدا ٿي ماري.

    ڪرڻ عنايت هُو ويٺو وساري،
    لبن جي لرزش صفا ٿي ماري.

    وڃي انهيءَ کي ڪوئي ٻڌائي،
    گھٽيءَ سندس جي گھٽا ٿي ماري.

    تنهنجي بدن کي ، ڇُهي جا ٿي گُذري،
    اُها معطر، هَوا ٿي ماري.

    سدا رهيا هون وفا جا حامي،
    تڏهن اوهان جي دغا ٿي ماري.

    اسين هتي ها، ڇا لاءِ ڦرون ٿا،
    دنيا جي آڏي، پُڇا ٿي ماري.

    ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳي ٿو اڪثر،
    ”نفيس“ کي ڪا، دعا ٿي ماري.

    *


    نقابن کان توبه، حجابن کان توبه،

    نقابن کان توبه، حجابن کان توبه،
    اوهان جي عقابي، نگاهن کان توبه.

    گُلابن کي ڇُهڻ جي، ڪوشش ڪئي سون،
    لڳي هٿ ڪَنڊا ويا، گُلابن کان توبه.

    اُميدن تي قائم دنيا آهي ليڪن،
    تنهنجي دل فريبي، دلاسن کان توبه.

    ڏيندين زهر قاتل پرين پي ويندا سين،
    مگر شام واري، شرابن کان توبه.

    قسم آهي تنهنجي گُل بوءَ بدن جو،
    اوهانجي گھٽيءَ جي هوائن کان توبه.

    اسان تي سدا تو، نڇاور ڪيون جي،
    ”نفيس“ هاڻ اهڙين عطائن کان توبه.

    *


    اوهان کي آهي جفا جي ڳولا،

    اوهان کي آهي جفا جي ڳولا،
    اسان کي آهي وفا جي ڳولا.

    اسان تي ٻارڻ ٻاري نه سگھندا،
    اسين سڄا ئي شعلا ئي شعلا.

    ڪيڏي زماني تنگي ڪئي پَرَ،
    دل کي تانگهون تڏهن به تو لا.

    اسين ڪڏهن نه هٽياسين پٺتي،
    لڳيون هزارين لُڪون ۽ جھولا.

    تنهنجو حڪم ٿئي دسي وجھون سڀ،
    وحشي صفت بگهڙ ۽ ڀولا.

    اسان جا سينا هميشه تاڻيل،
    هلائي ڏسجو گوليون ۽ گولا.

    ”نفيس“ ڪنهن سان گلا ڪجي ڪيئن،
    پنهنجا ڀاڳَ به ته آهن وچولا.

    *


    جذبا جوان ٿي ويا،

    جذبا جوان ٿي ويا،
    ڏاڍا نادان ٿي ويا،

    تنهنجي گھٽيءَ ۾پهچي،
    بلڪل بي ايمان ٿي ويا.

    تو کي ڏٺو جنهن ڀي،
    سي سڀ مهمان ٿي ويا.

    تنهنجي اکين جا گهايل،
    طلبِ ڌيان ٿي ويا.

    تو تي لکيا مون جيڪي،
    پختا ديوان ٿي ويا.

    خانه بدوش روح ڀي،
    تون وٽ مهمان ٿي ويا.

    مقتل بڻيون مسيتون،
    ماڻهو شيطان ٿي ويا.

    جهڙو هُجي ”نفيس“،
    ماڻهو حيران ٿي ويا.
    *


    ھر طرف ھيڏو حشر، ملڪ ميدان ڪربلا،

    ھر طرف ھيڏو حشر، ملڪ ميدان ڪربلا،
    ٿي روئي سڀڪا نظر، ملڪ ميدان ڪربلا.

    رھزنن جي راڄ ۾ مڙس ٿي جيئڻو پيو،
    ڇو ته سامھون آھي شِر، ملڪ ميدان ڪربلا.

    ٿو پلر پالوٽجي، ھُن ته پاپيءَ پٽ مٿي،
    ھُو ٿڪو آ نھاري ٿر، ملڪ ميدان ڪربلا.

    ظالمن کي محل ماڙيون ۽ ضعيفن کي زنجير،
    زندگي ڄڻ ڪو ٿوھر، ملڪ ميدان ڪربلا.

    آزمائشن منجھ جوانيون، ويون سڄيون ماروئن سنديون،
    پيا ته پيريءَ منجهه نيئر، ملڪ ميدان ڪربلا.

    وحشتن جي وار کان،ويل ۾ آھي وجود
    ڄڻ ڪو جانڊھ جو چڪر، ملڪ ميدان ڪربلا

    ”نفيس“ نوڙت سان جيئون، پر ڪيترو ھر دور ۾،
    صبر تي ڏس آ جبر، ملڪ ميدان ڪربلا.

    *


    هي قلم جيڪو لکي دل ۾ نه ڪَج،

    هي قلم جيڪو لکي دل ۾ نه ڪَج،
    ڌاريون لکي پنهنجو لکي دل ۾ نه ڪَج.

    مون اڃان سوچيو به ناهي ڇا لکان؟
    پَر قَلم پيو ٿو لکي دل ۾ نه ڪَج.

    آ سَهڻ سچ کي ٻُڌڻ ڇا ڳالهه خوب!
    پَر اچي سَچ ڪو لکي دل ۾ نه ڪَج.

    تون قَصيدا ٿو لِکين، بس رڳو ڪنهن شان ۾،
    پوءِ ڀلا ٻيو ڇو لکي دل ۾ نه ڪَج.

    تُو سُهڻيون سوچون سڀئي وڪڻي ڇڏيون،
    توکي ڪو کوٽو لکي دل ۾ نه ڪَج.

    تون چڙهيل پاسي ڀڄين ٿو، توکي ڪو،
    نار جو لوٽو لکي دل ۾ نه ڪَج.

    جوڙ ناتو نيهن جو ڌرتيءَ سان جوڙ،
    جيئن ”نفيس“ هوڪو لکي دل ۾ نه ڪَج.

    *


    هي ته ڳالهيون سڀ پُراڻيون، انقلابي ڳالهه ڪَر،

    هي ته ڳالهيون سڀ پُراڻيون، انقلابي ڳالهه ڪَر،
    ڇڏ عذابي ۽ ثوابي، ڪا نرالي ڳالهه ڪَر.

    جو نه بکيا پيٽ پاري ۽ ڍڪي ڪي انگ ننگا،
    ڌوڙ پائي تنهن ڌرم، کي مڃ مثالي ڳالهه ڪَر.

    اَچ پيئون مسجد ۾ اڄ، يا ڏَس ته مولا ڪٿ نه آ،
    واعظ! ڇڏ ورد پنهنجا، اڄ شرابي ڳالهه ڪَر.

    پنهنجي ڌرتي ٿي لَڳي، اڄ فلسطيني زمين،
    تون به ٿي زرقا ۽ ليليٰ، ڪا ڪمالي ڳالهه ڪَر.

    ڇڏ خيالن جي خُدائي، ڇڏ نفاست اي ”نفيس“،
    جاڳ ڏي جذبات کي اڄ ، جلالي ڳالهه ڪَر.

    *


    محبت جي غذا ڏيئي، جنهن خوب نپايو،

    محبت جي غذا ڏيئي، جنهن خوب نپايو،
    تنهن ماڻهوءَ سندا هاڻي، پاڇا به وڙهن ٿا.

    هت سير سوا سير جي ڪا ڳالهه ناهي پر،
    رُخ يارَ ڦيرايو، ته ماسا به وڙهن ٿا.

    اسان جن کي پنهنجي در تان هر روز ڌڪاريو،
    سي ماڻهو اسان سان، ڇا ڇا به وڙهن ٿا.

    سو وقت معراجي، اٿئي ياد الائي نه!؟
    مون کي ياد اچي ٿو ته دلاسا به وڙهن ٿا.

    ”نفيس“ جن کي ڏسڻ سان، ٿڪا نيڻَ نهَ ڪڏهن،
    افسوس اُهي ماڻهو، خاصا به وڙهن ٿا.

    *


    گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گلاب پتيون، وڇائي ڇڏيم اوهين نه آيا،

    گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ گلاب پتيون، وڇائي ڇڏيم اوهين نه آيا،
    وِهاڻيءَ تائين سموريون بتيون، جلائي ڇڏيم اوهين نه آيا.

    ذڪر اوهان جو، فڪر اوهان جو، اسان تي اهڙو سحر اوهان جو،
    هجر ۾ تنهنجي سڀئي متيون ، وڃائي ڇڏيم اوهين نه آيا.

    خوني هٿن سان، کسڻ محبت، اسان کان آيو اسان جي دل مان،
    تڏهن به تو لاءِ ماسا ۽ رتيون ، لڪائي ڇڏيم اوهين نه آيا.

    کلندي، کلندي، ماڻهن سان ملندي ٿڪاسين ڪڏهن نه زندگيءَ ۾،
    اوهان کانپوءِ اڳوڻيون گھتيون ، مَٽائي ڇڏيم اوهين نه آيا.

    ماڻهن جا مجموعا مِلن ٿا مُرڪي، عيدون اُنهن جي اَڱڻ تي آيون،
    ها ميرا لَٽڙا، تنين ۾ چَتيون ، لَڳائي ڇَڏيم اوهين نه آيا.

    ”نفيس“ سان مل، ”نفيس“ نِرمَل ”نفيس“ نوڙت ڪئي آ ڪيڏي،
    ڪري محبت حصا ۽ پتيون، بچائي ڇَڏيم اوهين نه آيا.

    *


    سنڌ به ساڳي سج به ساڳيو،

    سنڌ به ساڳي سج به ساڳيو،
    سُهڻا ساٿي، ٿج به ساڳيو.

    ڪِري پَوندو ڪوٽ ڪَلَر جو،
    رهندو سَچ ته نِج به ساڳيو.

    ٿي وِڃ ساڳيو دودو جهوڌو،
    هوشوءَ جھڙو هُج به ساڳيو.

    تو کي ڌرتيءَ جنم ڏِنو آ،
    تنهن لاءِ راڻا رِهج به ساڳيو.

    ورَق ورَق ٿئي تنهنجو شاهد،
    ڪم ڪو اهڙو ڪِج به ساڳيو.

    ”نفيس“ پنهنجو پاڻ پڄائي،
    پوک پيارا ٻجِ به ساڳيو.

    *


    ڪيئي ٺاهه ٺَڳن سان، ٺڳن ئي ٺَڳيو ٿئي،

    ڪيئي ٺاهه ٺَڳن سان، ٺڳن ئي ٺَڳيو ٿئي،
    اسان کي اُنهن سان، ڀلا ڇو گڏيو ٿئي.

    لاکيڻي پُٽن جي لهوءَ جا جي پياسا،
    بيهاري پنهنجي ۾ انهن کي اڏيو ٿئي.

    صفا جھُور پوڙهو، آ بابو اسان جو،
    ڇو ڌاڙيل تنهن کي، سڏيو ٿئي سڏيو ٿئي.

    ضمير مرندئي ڪڏهن ڪونه سوچيم،
    انهن ئي اعمالن اباڻن ٿڏيو ٿئي.

    اسان سان اوهان جي عظمت وڌي هُئي،
    اسان کي ڇڏيو تو، اسان پِڻ ڇڏيو ٿئي.

    اسين سڀ موچارا ۽ ضمير وارا،
    اسان جھان پنهنجو، نئون اڄ اڏيو ٿئي.

    ها نوڙت ڪجي پَرَ، نادان سان ڪيئن،
    ”نفيس“ هڪ نٿو چئي، زماني ننديو ٿئي.

    *


    دشمن قوتون، متحد آهن

    دشمن قوتون، متحد آهن
    غنڊا گرديون بيحد آهن.

    مُهانڊا ساڳيا، ڀائرن جهڙا،
    پر ڪي دليون، گھٽ وڌ آهن.

    جن بيکارين بيک پِني ٿي،
    تن جون ماڙيون هَر هنڌ آهن.

    ڪُڙم پنهنجي ۾ ڪيڏا ڪانئر،
    سچ جون ساکون سڀ بند آهن.

    سچ اُنهن کي زهر لڳي ٿو،
    ڪوڙيون ڳالهيون گلقند آهن.

    ”نفيس“ نالو روشن رهندئي،
    ڪيڏا ماڻهو شاهد آهن.

    *


    تُنهنجي ظلمن ڪنان، هُو آ ڌاڙيل ٿيو،

    تُنهنجي ظلمن ڪنان، هُو آ ڌاڙيل ٿيو،
    آئون سُڃاڻان توکي، تون آن چمچو چغل.

    منهنجا ڏيهي ڪُهي، چيڪ ڏيئين ٿو ڏهون،
    اڙي او! هتي جا وڏا، هي اسان جو نه مُلهه.

    ۽ جڏهن ڀي وريو، وقت ويڙهاند جو،
    ڇو ڊڄي وئين ڀڄي، هت مچائي ڪو هُل.

    گھر لُٽجي وَيَس، تڏهن پاڳل بنيو،
    ڪاش! ڪو هڪ چوي، اي ادا ايئن نه رُل.

    موت جي کوهه مٿي، جيئن کدڙو نَچي،
    اي منهنجا مِٺا تون هتي ايئن نه هَل.

    قوم پنهجيءَ سندو، توکي قاتَل چوان،
    تنهنجي سامهون ٿيا، سڀ سوڍا قتَل.

    ڪوڙڪيون ڪي رکو، هو مِرو پيو اچي،
    نيٺ ڦسندو هتي، ڇورا ڀورا نه ڀُل.

    ناتو پنهنجو ”نفيس“، آهي ڌرتيءَ سان پوءِ،
    تون ڪيڏانهن ٿو وڃين، منجھه ڇپرين نه ڇُل.

    *


    جُڳن کانپوءِ جوءَ منهنجي ۾ جاني جهوڌو جوان مليو،

    جُڳن کانپوءِ جوءَ منهنجي ۾ جاني جهوڌو جوان مليو،
    دردن جو هن ديس منهنجي کي، دارون ۽ درمان مليو.

    سچ سُڻائڻ وارو ساٿي، سامهون آيو سينو سهائي،
    ڏاڍ کي ڏارڻ ڏينهن اڄوڪي، دولهه درياءَ خان مليو.

    ڌرتي! تُنهنجا درد دفع ٿيا، پَڏ ڀلي اِن پُٽ مَٿي،
    پُٽ پيارو پَٽَ مُنهنجي کي، ڏاهو ڏس انسان مليو.

    مُلڪ منهنجي مان موذي مارڻ، موٽي آيو مُڙس مٿير،
    جوءَ منهنجي جا جهانگهي جاڳو، جيئري ئي جڳ جهان مليو.

    من ۾ جنهن جي مورت رکندي، سيوا ڪئي سُون سال سوين،
    جَلوا اُن جا جاءَ بجاءَ ڏِس جهڙو جيون دان مليو.

    ڀٽڪي ڀٽڪي ڀلجي وياسين، بستيءَ جو ڪو ڏس نه هو پر،
    ”نفيس“ نرمل نڪري آيو، واهه! منزل جو نشان مليو.

    *


    هن بگهڙن واري بستيءَ ۾، ڪو باغي بابو ڀاءَ اچي،

    هن بگهڙن واري بستيءَ ۾، ڪو باغي بابو ڀاءَ اچي،
    تان سنڌ امڙ جي سيني تي، نه اهڙو گھرو گھاءَ اچي.

    سِر وَڍَڻ ۽ سِر ڏِيڻ جا، سودا جيڪو سوڍو ڄاڻي،
    سو ٻهڪاري ڀل ٻيجل جيئن، يا ڏياچ جھڙو راءَ اچي.

    انڌرا، بندرا، ٻاگهل ٻائي، ليليٰ ڪلثوم جھڙي ڌيءَ،
    ڀل اچي هن ڀونءَ منهنجيءَ ۾، ڀيڻ سياڻي ماءَ اچي.

    هن قوم جي قهري قاتل لا، ها، ڪات اڏي ۽ مقتل لا،
    ڍاٺ انهيءَ کي ڊاهڻ خاطر، ڍاٽي ڍٽ جي لاءِ اچي.

    ڪو دودو ٿئي، ڪو دولهه ٿئي، ڪو جوان اسان مان جوڌو ٿئي،
    يلغار ٿئي، للڪار ٿئي، تان پاپيءَ پُٽَ پڇتاءَ اچي.

    جو چڻگ چوڌاري ٻارڻ ڄاڻي، ۽ غافل قوم اٿارڻ ڄاڻي،
    ”نفيس“ نادان مارڻ ڄاڻي، دوست اهڙو داناءَ اچي.

    *


    اسان جا جذبا جوان جذبا، اوهان جون سوچون صفا ڪي پوڙهيون،

    اسان جا جذبا جوان جذبا، اوهان جون سوچون صفا ڪي پوڙهيون،
    اسان جا سينا شفاف رستا، اوهان جو دليون گھٽيون ڪي سوڙهيون.

    هَوا به ڏاڍي گُهلي آ اوکي، چَون ٿا طوفان وڏو اچي پيو،
    اچو ته اُن لاءِ ديوار بنجي خراب رُخ کي پراهون موڙيون.

    سمان به اهڙو وريو آ ويري جو سَپُ سونگھي ويو آ ماڻهو،
    اچو ته گڏجي گھٽيءِ گھٽيءَ ۾ ،پيار پوکي جنون ٽوڙيون.

    جنين به ڇاتيون، بنايون ڪربل، اچو ته اهڙا يزيد ڳولهي،
    يزيد اهڙا مزيد ڳولهي، تنين جا ٻيڙا هٿن سان ٻوڙيون.

    جتي حياتي، هُجي ڪو مقصد، جتي جيئڻ ۾ مزو ئي ٻيو آهي،
    اُتي هلوڙي ”نفيس“ نينهن جا، پکا پيارا نوان ڪي کوڙيون.

    *


    هي پتيون گُلاب جون، يا لبڙا هِن جناب جا،

    هي پتيون گُلاب جون، يا لبڙا هِن جناب جا،
    هي تر اٿئي بدن مٿي يا حرف ڪنهن ڪتاب جا.

    هي روشنيون آيون ڪٿان، جو شهر سارو پيو ٻري،
    هي بلب بي حساب هِن، يا جَلوه ٿئي شباب جا.

    ڏس جھوم جھوم جھوم آ، ۽ جھومَ جي به ڌوم آ،
    آ نشو تنهنجي نيڻن سندو، يا پيگ ڪي شراب جا.

    هي پڌريون ئي پڌريون، تجليون توهان سنديون،
    تڏهن ته اڄ ڏڪي پيو، ڏسو ته ڪم نقاب جا.

    هي اکڙيون هن اوهان سنديون، يا لوڪ ڪي ڳجهارتون،
    تڏهن ته آهيون منتظر، جواب لاجواب جا.

    ٽُٽي پون، کُٽي پون، ”نفيس“ مَنَ هٽي پَون،
    پهرا هن سماج جا، ۽ بند تنهن حجاب جا.

    *


    اسان فرض واجب، سمجھي ادا ڪيو،

    اسان فرض واجب، سمجھي ادا ڪيو،
    دنيا جي نگاهن، طوفان بپا ڪيو.

    اسين آهيون هيراڪ، هُن جي گھٽيءَ جا،
    ٻئي پاسي نه منهنجي، پيارا پڇا ڪيو.

    ۽ ڪيڏيون اُميدون رکي، هُن ۾ نهاريون،
    پنهنجو مُنهن ڦيرائي، مٺا تو هي ڇا ڪيو.

    وَري حال منهنجو، پڇڻ وارا سائين،
    اهو درد هڪڙو، اوهان ئي عطا ڪيو.

    ۽ پنهنجي زبان جو، ڀرم رکڻ خاطر،
    خدارا ڪڏهن ڪو ته، واعدو وفا ڪيو.

    *


    روز ڄيرا ٻرن اوهان جي شهر ۾،

    روز ڄيرا ٻرن اوهان جي شهر ۾،
    ڳوڀ ڳيرا ڪرن، اوهان جي شهر ۾.

    وڏي ڳالهه ڪرڻ وارن ماڻهن سندا پڻ،
    پيا پير ٿڙن، اوهان جي شهر ۾.

    اوهان جون ئي ڳالهيون، اوهان سان ڪجن پر،
    نٿا چپ چُرن، اوهان جي شهر ۾.

    هتي روز اڏيون ۽ ڪاتيون اُڀيون هن،
    سي ته، سسيون گھرن، اوهان جي شهر ۾.

    جي نظرِ ڪَرم ”نفيس“ تهنجي ٿي پَئي،
    پوءِ ته ٻيڙا تَرن، اوهان جي شهر ۾.

    *


    هر پاسي هوڪا، تنهنجي حسن جا،

    هر پاسي هوڪا، تنهنجي حسن جا،
    ڀيرين تي ڏونڪا، تنهنجي حسن جا.

    اُتي ئي اُڀا هِن، جِتِ تو بيهاريا،
    عاشق تڏهوڪا، تنهنجي حسن جا.

    تنهنجي رمزَ راڻل، آ سمجھڻ کان ٻاهر،
    ڪيڏا روپ انوکا، تنهنجي حسن جا.

    اُهي اڄ به پنهنجي وس ۾ نه آهن،
    مليا جن کي دوکا، تنهنجي حسن جا.

    ”نفيس“ جون نگاهون ، اُهي گَس نهارين،
    جتي پير پروڪا، تنهنجي حسن جا.

    *


    چوٽيءَ جي چمڪار تي، هڪ با وِضو بيهي رهيو،

    چوٽيءَ جي چمڪار تي، هڪ با وِضو بيهي رهيو،
    جلواهِ رُخسار تي، هڪ با وِضو بيهي رهيو.

    ۽ دل لڳيءَ جو هي به هڪ انداز هو،
    ڇير جي ڇمڪار تي، هڪ با وِضو بيهي رهيو.

    مسجد جي گس مان، نڪتو گس مئخاني ڏانهن،
    دل جي ڪنهن اسرار تي ، هڪ با وِضو بيهي رهيو.

    محو گفتگو، هوءَ هئي سهيليءَ سان پَرَ،
    گفتار ۽ رفتار تي، هڪ با وِضو بيهي رهيو.

    ۽ ٽهڪ سان گڏ مهڪ، وئي گُهلي ماحول ۾،
    پر ڪشش هٻڪار تي، هڪ با وِضو بيهي رهيو.

    پيئندا رهو، جيئندا رهو، ساقيءَ چيو،
    ”نفيس“ ان اظهار تي، هڪ با وِضو بيهي رهيو.

    *


    ڇير جي ڇمڪار ٿَئي، ته لوڪ جاڳي پيو،

    ڇير جي ڇمڪار ٿَئي، ته لوڪ جاڳي پيو،
    سامهون سهڻي سرڪار ٿئي، ته لوڪ جاڳي پيو.

    ۽ هُن جي مرڪڻ سان جڏهن ماحول ۾،
    هيتري هٻڪار ٿئي، ته لوڪ جاڳي پيو.

    لڙکڙائيندي جڏهن پهتا هِتي،
    ساقيءَ سندي انڪار ٿئي، ته لوڪ جاڳي پيو.

    ۽ اشارن کي نڪو سمجھي سگھيس،
    پر جڏهن ڇڇڪار ٿئي ، ته لوڪ جاڳي پيو.

    مون چَپن تي هڪ چُميءَ جو سوال ڪيو،
    هُن ڪنان هاڪار ٿئي، ته لوڪ جاڳي پيو.

    ڪجھه ”نفيس“ پنهنجي نصيبن کي به ڏس،
    مس وڃي ماٺار ٿئي، ته لوڪ جاڳي پيو.

    *


    پٿر ڪنهن به دشمن جو، ماري نه سگھيو،

    پٿر ڪنهن به دشمن جو، ماري نه سگھيو،
    گُلابن سان ماري هليو ويو ڪو سُهڻو.

    ۽ دوزخ دنيا جيءَ، ڪجھه نه بگاڙيو،
    جَلون سان ڳاري، هليو ويو ڪو سُهڻو.

    ارادن کي اُنهيءَ جي سمجھي نه سگھيس،
    ٿورو بيهي ، نهاري هليو ويو ڪو سُهڻو.

    ۽ رخسار تي، تن وارن جو چُميون،
    هٿ سان سنواري، هليو ويو ڪو سُهڻو.

    هٿڙن تي هن جي مهنديءَ جا زيورَ،
    ڏيکاري اُلاري، هليو ويو ڪو سُهڻو.

    اُلجهن ۾ آهيون، اڄ ڀي ”نفيس“!
    بزم ۾ بيهاري هليو ويو ڪو سُهڻو.

    *


    اسين نيهن ناتو نڀائي سگھون ٿا،

    اسين نيهن ناتو نڀائي سگھون ٿا،
    انهيءَ ابتدا کي پڄائي سگھون ٿا.

    زاهد ! اسان جو، نه ڪم مسجدن سان،
    صرف سر سڄڻ در نوائي سگھون ٿا.

    ستارو! اسان جو آهي يار جي وَس،
    ريجهي ته قسمت بنائي سگھون ٿا.

    رکي سِر اَڏيءَ تي، لڳائي سون بازي،
    اڄ به پنهنجي هستي وڃائي سگھون ٿا.

    اسان جو سَفر، اڃان آهي جاري،
    پنهنجو پاڻ ڪنهن جاءَ پڄائي سگھون ٿا.

    ستمگر زمانو، ڀلي پيو ستائي،
    اسين پڻ انهيءَ کي ستائي سگھون ٿا.

    بظاهر ”نفيس“ رهيو ڪجھه نه آ،
    مگر اڄ به ڪافي لُٽائي سگھون ٿا.

    *


    ڇڏ مونکي مِٺا، ڏس پاڻ پرين،

    ڇڏ مونکي مِٺا، ڏس پاڻ پرين،
    مونکي پنهنجو صنم، تون ڄاڻ پرين.

    ڪري رنج ڦٽو، اڄ پيار سپون،
    ڪيون نفرت جي ڇنڊ ڇاڻ پرين.

    تنهنجا درد ڏنل منهنجي سيني کُتل،
    تو کي ڪهڙي ڪل، رک ڄاڻ پرين.

    رنگ زرد ٿيم، اکيون آليون سندم،
    ڏيو مونکي شفا، سگھو هاڻ پرين.

    ”نفيس“ تولاءَ کَڙو، لال هاڻ لڙو،
    هن مند مڙو، مون وٿاڻ پرين.

    *


    ڦٽن تي ڦٽڙا، ڦِٽن ڦُٽن پيا، دوا ۽ دارون ملڻ ئي مشڪل،

    ڦٽن تي ڦٽڙا، ڦِٽن ڦُٽن پيا، دوا ۽ دارون ملڻ ئي مشڪل،
    طبيب تنهنجون تانگون، ۽ طلبون سواءِ تهنجي بچڻ ئي مشڪل.

    تو ۾ اسانجون آسون اُميدون، ۽ تنهنجو اڄ ڀي اچڻ ئي مشڪل،
    ڪڏهن ته ڏاڍو کليو ڪڏيو هئين، اڄ الائي ڇو ڏسڻ ئي مشڪل.

    لهرون ۽ لوڏا پُنا پاڻيءَ جا، هميشه هيبت هُجڻ ئي مشڪل،
    جگر ۾ منهنجي جاءِ ڪٿان هي، باقي ڪا حسرت پڄڻ ئي مشڪل.

    اجھو هو نڪتو وهائو تارو، انڌير تنهنجو اُسڻ ئي مشڪل،
    ”نفيس“ نوڙت ڪئي آ ڪيڏي، ٿيئڙا نيڻ نِچڻ ئي مشڪل.

    *


    هنيا اٿئي هزارين، تکا تير ڪيڏا،

    هنيا اٿئي هزارين، تکا تير ڪيڏا،
    ڪُٺا اٿئي قداور، ميان مير ڪيڏا.

    سُرما ۽ سينڌون سنواري اچين ٿو،
    سورهيه ته سوگھا ۽ سُڌير ڪيڏا.

    متو ڪيئن نه هوندو، ممڻ منزلن تي،
    راهن تي روڪيا، هو راهگير ڪيڏا.

    حُسن هر گهڙيءَ تي سِر آهي گھرندو،

    لکي ڇا لکان مان، هو نظير ڪيڏا.

    ”نفيس“ نرم دلڙي ڪرڻ ڪار ناهي،
    چُري چنگ جي ته، پَون چير ڪيڏا.

    *


    اسين روئون ٿا، کِلن ٿا ماڻهو،

    اسين روئون ٿا، کِلن ٿا ماڻهو،
    الائي ڇا ڇا، چون ٿا ماڻهو.

    اسين زماني جي قهقهن تي،
    کلياسين ڀلجي، جلن ٿا ماڻهو.

    وجود آتش اندر جليو آ،
    خوشيون ملهايو، ملن ٿا ماڻهو.

    هي ڏيهه ڏاڍو آهي ڏکارو،
    ماڻهن کي ماڻهو، ڪُهن ٿا ماڻهو.

    اَندر ۾ ڇاهي، خبر ئي ناهي،
    ڪيڏا ڪسارا لڳن ٿا ماڻهو.

    ”نفيس“ پهرا اسان تي ڇا لاءِ؟،
    جڏهن ته ٻيا سڀ گھمن ٿا ماڻهو.

    *


    اسين دل لڳايون، لڳايون ته ڪنهن سان،

    اسين دل لڳايون، لڳايون ته ڪنهن سان،
    ڪيل قول اهڙا، نڀايون ته ڪنهن سان.

    ڪٽيل هن زبانون، اسانجون او ساٿي!
    پنهنجا ٻول ٻاتا، ٻڌايون ته ڪنهن سان.

    قسمت کي يارو بُرو ڪونه چئبو،
    مگر روح پنهنجو، ريجھايون ته ڪنهن سان.

    هڻيو حق جا نعرا، هلون پيا ليڪن،
    پنهنجو فرض هي پوءِ، پڄايون ته ڪنهن سان.

    ”نفيس“ جون نگاهون بندن ۾ سراسر،
    ها گونگا اشارا، ملايون ته ڪنهن سان.

    *


    واعدو وفا جو آيو ياد آيو،

    واعدو وفا جو آيو ياد آيو،
    جُدا تون نه آهين، جُدا مونکان سايو.

    ڏوهي تون به ناهين، ڏوهي مان به ناهيان،
    مگر سوال هڪڙو، تو ڇا کان ڀلايو.

    اِها زندگي آ، يا سِڪو مَٽا جو،
    اسان پنهنجي ڪيفيت کي هر پل مٽايو.

    اُهي پڊ پيرا، جنهن پَلَ ڏسان ٿو،
    ڪيان خوب سجدا، ٿو گردن جھڪايو.

    اُهو ڪهڙو جيون جو جيئندا رهون پيا،
    جُدا تو کان جانان! آ جيئڻ اجايو.

    ”نفيس“ تنهنجي نيڻن سندي ڇا عطا چئون،
    سڌي ڳالهه آهي انهن آ ستايو.

    *


    ڪاڪ، ڪوڪون ڪري، رات ساري رڙي،

    ڪاڪ، ڪوڪون ڪري، رات ساري رڙي،
    سوڍو شالَ سُڻي من چانگي چڙهي.

    رَس رِهاڻيون هيون قُرب ڪهاڻيون هيون،
    سيئي ڪنواريون رُنيون، ماريون دردن دڙي.

    ڪس لاهي قلب، ٻڌ منهنجا سبب،
    گھوٽ ايڏا غضب، ڪير ڪنهن سان ڪري.

    لڄ منهنجي رکي، وڃ هي پاڙا پُڇي،
    ڏيل سارو ڏُکي، ڪيئن ته تهمت مڙي۔

    ”نفيس“ نگاهه ڪا ڪريو، ڍاٽي ڍول وريو،
    ڏيهه ڏُکارو ڏِسيو، هو وري پيو وري.

    *


    ٻيون خطائون ٿيون لکين، اهڙي خطا پهرين نه ٿي،

    ٻيون خطائون ٿيون لکين، اهڙي خطا پهرين نه ٿي،
    هيءَ زندگي مون کان مٺا، ايڏي خفا پهرين نه ٿي.

    سک چينَ جو نالو ڪٿي، آهي رهيو سنسار ۾،
    زندگي ايئن تن تنها، ڪنهن ڀي لڱا پهرين نه ٿي.

    تون ڀلي پيو ڪر جَفا، مون کان وفا پئي پهچندي،
    مون کان اڳي منهنجا مٺا، اهڙي وفا پهرين نه ٿي.

    جا ڏيو سا ڀل ڏيو، دل لڳائڻ جي سزا،
    مون کان پُني جھڙي به آ، اهڙي دعا پهرين نه ٿي.

    جو اکين ۾ آ رکيل، جادو سحر يا ڪو اکر،
    ”نفيس“ نيڻن جي اڳيان اهڙي نگاهه پهرين نه ٿي.

    *


    ڪير سڻي سنسار جون ڳالهيون،

    ڪير سڻي سنسار جون ڳالهيون،
    پاڻ کي گھرجن پيار جون ڳالهيون.

    دل جي بدلي دل ڏينداسون،
    اهي آهن اقرار جون ڳالهيون.

    بادل بوندون، برسي پونديون،
    ساوڻ رُت، ملهار جون ڳالهيون.

    پيار ڪرڻ آ ڪم اسان جو،
    اصل اهي ڪم ڪار جون ڳالهيون.


    ڪَلي دل جي جڏهن به ٽڙندي،
    پوءِ ڪَبيون گُلزار جون ڳالهيون.

    دلبر دلاسو ڪيئن نه ڏيندو،
    ”نفيس“ ڪَجَ اظهار جون ڳالهيون.

    *


    ڪيڏا آهن پيارا ماڻهو،

    ڪيڏا آهن پيارا ماڻهو،
    ٽوپيءَ اجرڪ وارا ماڻهو.

    مکڻ ماکيءَ مصريءَ جھڙا،
    مون کي مٺڙا سارا ماڻهو.

    اک بادامي، لب گُلابي،
    دل نه رهي تن ڌارا ماڻهو.

    ڪابل، بابلَ، تائين مونکي،
    ڪين گڏيا ان پارا ماڻهو.

    جوڙ تنهين جو ڪهڙو جوڙيان،
    ”نفيس“ سڀ ستارا ماڻهو.

    *


    دل تي دردن جو آ ديرو،

    دل تي دردن جو آ ديرو،
    ساجن سنڀري آ سويرو.

    رات به توکي نيڻن نهاريو،
    ڀڳئي ڪهڙي ڪارڻ ڀيرو.

    ڪيڏا جذبا اُڀرن پيا،
    جوش جلايو جگر جيرو.

    آئون ازل کان تنهنجو آهيان،
    منهنجي دل تي تنهنجو پهرو.

    سج ته نيٺ به اُڀري پوندو،
    رهڻو ناهي اَنڌَ، انڌيرو.

    مفت ”نفيس“ کي ماريو ڇو ٿا،
    ايئن نه ٿبو آ، مرڻ جو ميرو.

    *


    تنهنجي قدم قدم تي، سجدا هزار منهنجا،

    تنهنجي قدم قدم تي، سجدا هزار منهنجا،
    ڇا کان کسي وئين دلبر، صبر و قرار منهنجا.

    تنهنجون حسين ادائون، موهي وجھن ٿيون مون کي،
    دل ٿي چوي او جاني! ماڻيو هي پيار منهنجا.

    ظالم آهي زمانو، ڦهلي متان فسانو،
    مِل مِل وري او مٺڙا، منٺار يار منهنجا.

    تون ئي رهين فڪر ۾، سهڻا تنهنجي هجر ۾،
    وهندا رهيا سراسر ، نيڻن مان نار منهنجا.

    دل کي گھڻو جهليان ٿو، پيارا پرين پليان ٿو،
    پر سا، رهي ٿي مانڌي، سيني سوار منهنجا.

    آ دل سان دل ملايون، گيت ”نفيس“ ڳايون،
    ڪر تون قبول ڪاملَ، ٻانهن جا هار منهنجا.

    *


    توبن دل ڪو چين نه سنڀري،

    توبن دل ڪو چين نه سنڀري،
    وقت پيارو ڪٿ ٿو وسري.

    گگھ انڌيرو آهي يارو،
    اوهين اچو، سج نئون ڪو اُڀري.

    هر هر راڻا رسبو ناهي،
    صدين برابر پل ٿو گذري.

    جيون سارو نانءُ اوهان جي،
    تو ريءَ جيءَ کي ٻيو نه نڀري.

    تون جُدا ڄڻ وقت قضا جو،
    مل مٺا، من ميرو اُجري.

    اداس آهن سڀ ڏينهن راتيون،
    پهر پهر ڄڻ، نانگ پيو نڪري.

    تنهنجي مُکَ جو تِر چُمڻ لاءِ،
    ”نفيس“ پوپٽ ٿي پيو اُڏري.

    *


    مون تي يقين نه توکي، ماڻهن ڪنان پُڇي ڏس،

    مون تي يقين نه توکي، ماڻهن ڪنان پُڇي ڏس،
    ٻئي جو ٿيان مان ڀلجي، سڀ زندگيءَ ۾ ناهيان.

    هونئن محفلن جي مونکي، دعوت ملي ٿي اڪثر،
    تو کان سواءِ شامل، ڪنهن ڀي خوشيءَ ۾ ناهيان.

    جو ڪجھ به آئون آهيان، تنهنجي ڪري ئي آهيان،
    سچ تون سُڻائي ساجن، ڇا بيوسيءَ ۾ ناهيان.

    تون منهنجي سر زمين تي، روشن چراغ آهين،
    جنهن تي ٻران پچان ٿو، جو بزدليءَ ۾ ناهيان.

    هي منهنجو حوصلو آ، جو سڀ ستم سهان پيو،
    نه ته زندگيءَ جي هوندي، آئون زندگيءَ ۾ ناهيان.

    تون مرمري پٿر جي، ڪا مورتي تراشيل،
    جنهن لاءِ جھُڪي حياتي، ڇا بندگيءَ ۾ ناهيان؟

    چشمِ زَرين، ڏسان ٿو، ڍڪ مئه سندا پيئان ٿو،
    پوءِ ڀي ”نفيس“ نرمل! ڪنهن ڀي غشيءَ ۾ ناهيان.

    *


    ياد ايندا اٿم، ڏينهن ڏنگيندا اٿم،

    ياد ايندا اٿم، ڏينهن ڏنگيندا اٿم،
    خيال تنهنجا پرين، بس وڍيندا اٿم.

    ڪاش! تون ايئن ملين، جيئن ٻين کي ملين،
    گس گھٽيون تو سواءِ، گھر گھٽيندا اٿم.

    مان ڀي انسان آن، ٿو جيئڻ چاهيان،
    سور تنهنجا سڄڻ سڀ سٽيندا اٿم.

    بت سڄو ٿو ڏڪي، لڱ ڪانڍارجن،
    ايئن جواني صنم، ڏک ڏنڀيندا اٿم.

    شل! هتي ايئن اچين، جيئن هُتي آئين تون،
    ڪانوَ ڪانءَ ڪانءَ ڪري، ڏڍ ڏيندا اٿم.

    تون جيئن شل سدا، ”نفيس“ تنهنجي ڪري،
    هٿ مٿي ٻئي کڻي، لَبَ ٻوليندا اٿم.

    *


    مطلب تائين، سائين سائين،

    مطلب تائين، سائين سائين،
    مطلب نڪتو، تون ڇا آهين.

    ڪير پُڇي ٿو پيار کي پيارا،
    خالي ويٺو مغز کپائين.

    ڦيري ويو آ، ڌن دلين کي،
    شايد تون هوش ۾ ناهين.

    هي ڏِس لوڀي ٺوڳي ماڻهو،
    تن سان ڇو ٿو دل لڳائين.

    تو جيئن هُو آ ڦُريل ٽولو،
    هٽ هتان ٻي لائين ۾ آهين.

    رنگ، نسل ۽ ذات جا هوڪا،
    ”نفيس“ ڏين، تون سي ٿو چاهين.

    *


    سواءِ سڄڻ جي سڀئي سور راتيون،

    سواءِ سڄڻ جي سڀئي سور راتيون،
    غَمن سان ٿيون گُذرن ڀرپور راتيون.

    اُهي چنڊ تارا آهن، ساکي اسان جا،
    پيا بس ته ڪاٽيون مٺا مُورِ راتيون.

    ڇنڻ ئي سکيو هو، ڳنڍي ڪونه سگھيو،
    ڪڏهن راس آيون، نه منظور راتيون.

    اچڻ جي عنايت ڪريو ڪا اسانتي،
    ڏسو ڪيئن ٿيون گُذرن مذڪور راتيون.

    پٿر جي دنيا ۾، پٿر جو مُجسم
    ”نفيس“ ڇو ڪرين ٿو، تون مفرور راتيون.

    *


    خوشين کي به ڀانڪر پائي ڏٺو اٿم،

    خوشين کي به ڀانڪر پائي ڏٺو اٿم،
    صدما سهڻ ۾، مزو ئي ٻيو آ.

    اوهان کي مبارڪ هُجي هي مئخانو،
    اسانکي ته يارو، نشو ئي ٻيو آ.

    منهنجي طبيعت کي ڇڏي ڏيو طبيبا!
    منهنجي مرض جو، بس پتو ئي ٻيو آ.

    ديوانن سان مون کي ، ڀيٽيو ڇو ٿا لوڪو!؟
    اسان جو پيارا، قصو ئي ٻيو آ.

    ۽ مسجد، مندر ۾ رکيل ڇا هي يارو،
    پرينءَ کي پسڻ جو، رستو ئي ٻيو آ.

    ”نفيس“ نيهن ۾ بس، ڏينهن رات هڪ آ،
    پنهنجي وقت جو ڏس، جلوو ئي ٻيو آ.

    *


    توکي ڏسڻ جو، نشو ٿي ويو آ،

    توکي ڏسڻ جو، نشو ٿي ويو آ،
    مُرڪي ملڻ جو، نشو ٿي ويو آ.

    ڇڏي مئڪدي کي گھڻئي سال ٿي ويا،
    تنهنجا چپ چُمڻ جو، نشو ٿي ويو آ.

    تنهنجي راهه رستا نهارڻ کانپوءِ،
    تنهنجي در اچڻ جو، نشو ٿي ويو آ.

    ۽ منهنجي روئڻ تي پريشان ڇو آهين !؟
    مون کي بس روئڻ جو، نشو ٿي ويو آ.

    ڀونئرن جو ايمان، بي واس گُل تي،
    ڀيرا ڏيڻ جو، نشو ٿي ويو آ.

    ”نفيس“ پنهنجي منزل اوکي اڙانگي،
    نه پُٺتي هَٽڻ جو، نشو ٿي ويو آ.

    *


    ڳالهه تو جا ڪئي، ڳالهه واهجي ٺهي،

    ڳالهه تو جا ڪئي، ڳالهه واهجي ٺهي،
    ڏات منهنجي رُٺل، مونکي موٽي ملي.

    ڪات ڪُهاڙي بنا، بس ڪُهي تو ڇڏيو،
    نه مون ڪجھ چيو، نه دل ڪا ڪُڇي.

    تو دغائن سان منهنجي دل کي لُٽيو،
    ڳالهه دل تو سندي نيٺ ڦاٽي پئي.

    هن چمن مان پرين، گُل ڇڻيل ٿو ڏسان،
    هيءَ حَقيقت مڃو، وڃو ضد تان لَهي.

    ۽ ڏسي ڏُک اسانجا، ويو موت موٽي،
    ايئن حياتي سندم، يار ويئي وڌي.

    ”نفيس“ تنهنجي نيڻن جي جادوگَريءَ کي،
    اسان آهي ارپي، حياتي سڄي.

    *


    سڄڻ ساٿ تنهنجو ڪڏهن ڪونه ڇڏبو،

    سڄڻ ساٿ تنهنجو ڪڏهن ڪونه ڇڏبو،
    گھڻن دشمنن کي، دسي نيٺ وڃبو.

    مون کي هُونئن جيئڻ جو رهيو شوق ناهي،
    جيڪو پل به جيئندس، تنهنجي لاءِ جيئبو.

    ۽ ميت تي منهنجي، متان لُڙڪ لاڙين،
    متان روح تڙپي، ۽ گھٽ وڌ چوي ڪو.

    سڀئي معاف توکي، جفائون دغائون،
    ڏنئي ڏُک ڪيڏا، ڪنهن کي ڪو نه چئبو۔

    ”نفيس“ نينهن اسانجو پراڻو نه ٿيندو،
    ستم سڀ سڄڻ جو کڻي سِرَ تي سهبو.

    *


    مونکان جواني ۽ جوڀن کسي ويا،

    مونکان جواني ۽ جوڀن کسي ويا،
    ڪيڏا پيارا ماڻهو گُلشن کسي ويا.

    مالهيءَ جي غفلت، ماتم گُلن جو،
    گُلن کان گُلن جو، پن پن کسي ويا.

    کلڻ هُو کسي ويو، ۽ روئڻ زمانو،
    اسان کان اسان جو سڀ ڌن کسي ويا.

    ماڻهوءِ کي ماڻهو، چوين ته به چتائج،
    متان پوءِ چوين تون، منهنجو من کسي ويا.

    اڃان مس راهن تي، هلڻ سکيوسين،
    تيسين دلبريءَ جو، دامن کسي ويا.

    ”نفيس“ هي نڀاڳي اکين جو ڏچو آ،
    دلين جي ته دلبر، دڙڪن کسي ويا.

    *


    رنگ وَ بوءِ ڪونه رهيا، آ چمن روئي ڏنو،

    رنگ وَ بوءِ ڪونه رهيا، آ چمن روئي ڏنو،
    شاخِ گُل ڇا آ ڇِنو، بُلبُلن روئي ڏنو.

    داد بي داد رهيو، هُن جي عدالت جي اڳيان،
    منصفن جي ٿو لڳي، آ ذهن روئي ڏنو.

    چشمِ قاتل کان پُڇو، ڇو پريشان آهن!؟
    بي دلن جي به ڪڏهن، آ اکين روئي ڏنو.

    زِيرِ آب به رت سان ٿئي، اڄ اسان جي ڌرتي،
    ها هنسو خوب هنسو، قهه قهن روئي ڏنو.

    خونِ ناحق آ ٿئي، هاءِ هستي ته ڏسو،
    گليون ڪوچه ته رُنا، ۽ صحن روئي ڏنو.

    آرزو قتل ٿئي، سڀ اُميدون ٿيون خَتم،
    چاڪ سينا نه ڪَريو، آ ڦٽن روئي ڏنو.

    هيءَ خطا منهنجي آهي، جو ڪَيم هُن تي يَقين،
    حال تي تنهنجي ”نفيس“، دل جَلن روئي ڏنو.

    *


    جھٽ پٽ جيءُ تو ڇڏيو جهوري، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟

    جھٽ پٽ جيءُ تو ڇڏيو جهوري، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟
    ڪيڏا سُندر سپنا ٽوڙي، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟

    شهيد ڪئي تو سنڌ جي راڻي، توسان آ هڪ هيڪاڻي،
    تنهنجا ڇڏبا ٻيڙا ٻوڙي، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟

    روز پيو تون لاش اُماڻين، تو کي ويا هون ڄاڻي سُڃاڻي،
    کڻ وِکون هاڻ تَڪي توري، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟

    نڪتيون آهن ٻاگهيون ٻايون، چُپ نه رهنديون سنڌ جون ڄايون،
    ڪاوڙ تن جي ڏس پروڙي، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟

    لڳائي ڏس تون پنهنجي طاقت، اسين اينداسين ساڻ شجاعت،
    مارُو رکندئي نيٺ مَروڙي، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟

    تنهنجا بم بارود ۽ گھاڻا، ڪين ڪي ڄاڻن راڄ جا راڻا،
    جان ڇڏيندا پنهنجي گھوري، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟

    ٻڌي نڪتا پَڳَ ”نفيسَ“، پڪ مري ويا خانَ خبيس،
    وچن ڪيو هر پڪي پوڙهي، ڇا ٿو ڀائين بخش ٿيندين!؟

    *

    (شهيد بينظير ڀٽو جي وڇوڙي تي)


    نظم / گيت

    پِٽيا پرائي پٽ جا.......

    پِٽيا پرائي پٽ جا.......

    پِٽيا پرائي پٽ جا، حصا پتيون گھرن پيا،
    چيٽ تن چکي ڏٺا، وري ڪتيون گھرن پيا
    ھو روشنين جي شھر ۾، اڃا بتيون گھرن پيا،
    ھي گھر ڏيئا ڄڻ ويا، اوھين جي ننڊ ۾ پيا،
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......

    ھڻي ويا، کڻي ويا، تنھنجون منھنجون بِنتون،
    لُٽيرا سڀ لُٽي ويا، جڳ پنھنجي مان جنتون،
    ھو محبتون ۽ صحبتون، رھيون وڃي علامتون،
    اي رھبرو، و رھنما!! اي ھمنوا اي ھمنوا!!
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......

    ھو لاڏلا لڏي ويا، رانجھا راڻا ۽ روپلا،
    ديس پنھنجي جا ڌڻي، دلير پٽ دادلا،
    تڏھن ته ھن شروع ٿيا، ظلمتن جا سلسلا،
    ھي معاملا، ھي فاصلا، ڪٿان اچن ٻيا ڀرجھلا،
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......

    ڪلهوڪي سج جون اکيون، صفا ته سيل ٿي ويون،
    کيئون ته ڇا ڀلا کيئون، پيا ٿا زهر ڍُڪ پيئون،
    ۽ ڪيترو ته ايئن جيئون، اُميدون سڀ ختم ٿيون،
    واويل ۾ سڀئي ويلا، ڪنهن کي نه پئي ڪا حياءَ،
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......

    چُرڻ ڦِرڻ تي پابندي، حقن گھرڻ تي پابندي،
    عيدون، ميلا، ملاکڙا، ملڻ جھلڻ تي پابندي،
    اڳيان وڌڻ تي پابندي، جھڙو جيئڻ تي پابندي،
    تڏھن ته ھو چون پيا، انياءَ کي ته نياءَ،
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......

    جو بي عقل ۽ بي زبان هُجي صنم مٽايون،
    ۽ پاڪ اهڙي جاءِ تي، نئون ڪعبو بنايون،
    جڳ سڄو سڏي سڄَڻَ، وڏي واڪي ٻڌايون،
    اڃا ناهن ختم ٿيا، هوشُوءَ، هيمونءَ جا حوصلا،
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......

    جبل جيڏو جگر رکي، اوھين اچو ۽ ڪجھه ڪريو،
    ھا پيٽ تي پٿر رکي، اوھين اچو ۽ ڪجھه ڪريو،
    ڪو معرڪو مگر رکي، اوھين اچو ۽ ڪجھه ڪريو،
    ھِن مياڻيءَ منجھه ملاکڙا، ڏسو ويري وڙھڻ لڳا،
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......

    ڪيٽي، ڪينجھر ، ڪلاچي ڏس ، سڏي پئي سڏي پئي،
    ”نفيس“! ارڏا نينگرا، نھاري مٿِن پڏي پئي،
    وريو نه ڪجهه قوم مان، ڀري آھون تڏي پئي،
    سوڍا ته سنڌ سڏيا سڏيا، سجاڳ ٿيو اُٿو ٻچا،
    اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......
    *


    صداءِ سنڌ

    صداءِ سنڌ

    صدا ڏني آ سنڌ امان، اُٿو منهنجا اي نوجوان،
    اوهين وطن جا پاسبان، ڏسو ظلم روان ڌوان،

    انڌو ٿيو سوراج آ، گندو هتي رواج آ،
    ۽ رهزنيءَ جو راڄ آ، ڪاهي اچو ڪو ڪاروان،
    ڏسو ظلم روان ڌوان.

    ڪليون هتي ڪوماڻجن، ٿيون رات راڻيون پٽ پون،
    ۽ بهار لاءِ پيون سڪن، ڪيان ته ڇا ڀلا ڪيان،
    ڏسو ظلم روان ڌوان.

    جٿا ٺاهي جنڀي وڃو، ڪي ڳاٽ ڏاڍ جا لُڻو،
    ڇڄو نه پٽ تي ڇڻو، ڪجي اوهان سان ڇا بيان،
    ڏسو ظلم روان ڌوان

    ڪي قيد ۾ ڪي ڪوٽ ۾، بچيو نه ڪو به ڳوٺ ۾،
    ووٽ جي ئي موٽ ۾، ملي انعام پيو اڃان،
    ڏسو ظلم روان ڌوان.

    اوهان جي عزتن مٿي، آ وار وحشي ٻار جو،
    پاڙو ته سو سڄو پٽيو، غدار بن غدار جو،
    اوهان کي سرخرو ڏسان،
    ڏسو ظلم روان ڌوان.

    ٻوريءَ اندر هو لاش ڏس، پيل آ پنهنجي ڀاءُ جو،
    اُرهه ڪپيل جنازو ڏس، هو ڌيءَ جو هي ماءُ جو،
    ڪيسين ته چپ ٿي ويهان
    ڏسو ظلم روان ڌوان

    گھُٽي جنهن ۾ ساهه پيو، اهڙي هوا کپي نه ٿي،
    ۽ ماڻهو جنهن ۾ پيا مَرَن، اهڙي فضا کپي نه ٿي،
    اچو اڏيون ڪو نئون جھان
    ڏسو ظلم روان ڌوان

    ”نفيس“ هاڻ هيئن ڪجي، مِڙي مِڙي ڪا مُٺ ٿجي،
    ۽ قوم ساري ڪوٺجي، ميدانِ جنگ ۾ ڏجي،
    وڏي وڏي اذان اذان،
    ڏسو ظلم روان ڌوان.

    *








    آ منوا مُرڪي ملڻ جي وَهي

    آ منوا مُرڪي ملڻ جي وَهي

    اجها يار آئي، بهارن جي موسم،
    متو چهچٽو آ، گُلابن جي موسم،
    هيءَ ڀونئرن، ڀنڀورين تتلين جي موسم،
    هيءَ ڪاري گھٽائن ۽ بجلين جي موسم،
    آ منوا مستي ڪرڻ جي وهي،
    ڪٿي آهي تنهنجي وڃڻ جي وهي۔۔۔

    هي چيهن، پپيهن، ٻاٻيهن جون ٻوليون،
    هي ڪوئل، ڪبوترن، ڪُمرين جو ٻوليون،
    چَمن سارو چُڻ بُڻ، چڙين جون ٻوليون،
    ٻُڌ ڳوڀ ڳيرن ۽ جھرڪين جون ٻوليون
    آهي سونهن ساري ڏسڻ جي وهي،
    ڪٿي آهي تنهنجي وڃڻ جي وهي۔۔۔

    هيڪل وياڪل اُجاڳيل اکين ۾،
    ڪيڏا آس جا ديپ ٻآري رکيا ٿَم،
    ڏئي هَٿ هوا کي شمع جي بقا کي،
    ڪيڏا ڀئو بدن جا سُمهاري ڇڏيا ٿَم،
    هي جوڀن جواني جيئڻ جي وهي،
    ڪٿي آهي تنهنجي وڃڻ جي وهي۔۔۔

    سڳوريون، سڳوريون، عيدون نه ڇڏجن،
    اهڙيون پُر مسرت نويدون نه ڇڏجن،
    رکيل دل ۾ دلبر، اُميدون نه ڇڏجن،
    پريتم! پُرنم ديدون نه ڇڏجن،
    آ چاهت ڀريا چَپَ چُمڻ جي وهي،
    ڪٿي آهي تنهنجي وڃڻ جي وهي۔۔۔

    تنهنجي يار ڪهڙي ادائن تي لکجي،
    نماڻي نماڻي، نگاهن تي لکجي،
    ماٺيڻي طبيعت، حيائن تي لکجي،
    سيرت بصيرت، وفائن تي لکجي،
    هتي آ تنهنجي هُجڻ جي وهي،
    ڪٿي آهي تنهنجي وڃڻ جي وهي۔۔۔

    اڃا ڪلهه اوهان جي گُجرين پُڇا ڪئي،
    پنهنجي ڳوڀ ڳوٺاڻين ۽ سکرين پُڇا ڪئي،
    پڌمڻين، ڪامڻين ۽ ڪجلين پُڇا ڪئي،
    گُلن توکي ڳوليو، ۽ ڪلين پُڇا ڪئي،
    اي گُل بوءِ بدن آ گھمڻ جي وهي،
    ڪٿي آهي تنهنجي وڃڻ جي وهي۔۔۔
    رکيون تنهنجي جيڏن، ٻيلهارن جون رانديون،
    ڀڄايون ڪي ڀيڻن تو لاءِ لال مهنديون،
    يادون جن کي تنهنجون، ڏينڀو ٿي ڏنگينديون،
    ۽ ساروڻيون سڀن کي، کائڻ پيون اينديون،
    ”نفيس“ ناهي پنهنجي روئڻ جي وهي،
    ڪٿي آهي تنهنجي وڃڻ جي وهي۔۔۔

    اي شهرِ خموشان سندا تون مسافر!
    ڪري چاڪ سينا نه طوفان بپا ڪر،
    پنهنجا حال اوري، اسان کان پُڇا ڪَر،
    ٻه ٽي ٻولهه ٻولي اي سُهڻا نگاهه ڪر،
    آ منوا مُرڪي ملڻ جي وهي،
    ڪٿي آهي تنهنجي وڃڻ جي وهي۔۔۔

    *















    (مئي 2009 ۾ سندم ڀيڻج عبدالرسول ٿهيم جي بي وقتائتي وڇوڙي تي لکيل)


    اوهان سان وڙهبو

    اوهان سان وڙهبو

    اسان اوهانجي سڏن تي ڊوڙون هزار پاتيون هزار ڀيرا،
    اسان اوهان کي، اکين جي اڳيان هٿن سان ٺاهي ڏنا آکيرا،
    وفا جي بدلي اوهان ڏنو ڇا؟ جلائي ڇڏيا جگر ۽ جيرا،
    اوهان کي هاڻي ڪڏهن نه ڇڏبو، اوهان سان وڙهبو.
    اوهان سان وڙهبو.

    اسان اوهان کي اجهو ڏنوسين، اڱڻ ڏنا ۽ ڏنيون اوطاقون،
    اوهين اُگھاڙا هُتان ٿي آيا، اسان اوهانکي ڏنيون پوشاڪون،
    اوهانجا بازو ڪٽيل ڏٺاسين، تڏهن اوهانکي ڏنيون بي ساکيون
    اسان نه ڄاتو ماڻهو ڪو مٽبو، اوهان سان وڙهبو.
    اوهان سان وڙهبو.

    اسين خدا کي ڪٿي به ڳوليون، اوهان کي نڀهه هُجن مسيتون،
    اوهانجون رسمون اوهين ٿا ڄاڻو، اسان کي پياريون اسان جون ريتون،
    اسين سچائي ڄاڻون صداقت، اسان کي ملنديون هميشه جيتون،
    اوهانکي سوئر سَٽيو پئي سَٽبو، اوهان سان وڙهبو.
    اوهان سان وڙهبو.

    اسان اوهانجي ٻچن جي لاءِ، گھڻا ڪياسون گھڻا اوجاڳا،
    اسان وفا جي نڀاءَ جي خاطر، گھڻا ڳنڍياسون گھڻا ئي ڌاڳا،
    اوهانجون سوچون اُهي ئي ڌاريون، مٿان روحن جي لٿا نه راڳا،
    گھٽيءِ گھٽيءَ ۾ اوهانکي گهٽبو، اوهان سان وڙهبو.
    اوهان سان وڙهبو.

    اسان ته خوشيون ڏنيون اوهان کي، اوهان ڏنو ڇا رڳو ئي آهون،
    اسان جا ڪونڌر ڪُٺا تو ظالمَ، کليل ڏٺيون تو سندن نگاهون!؟
    ايندي سُهائي ويندو انڌيرو، اداس اکيون ڳولين راهون،
    حقن جو پوءِ حساب وٺبو، اوهان سان وڙهبو.
    اوهان سان وڙهبو.

    اسان ته تانا سٺا نه ڪنهن جا، آيون اسيرن سنديون ميارون،
    چون ٿا غيرت ڪٿي اوهان جي؟ سڳوري سنڌ ٿي ڪري پُڪارون،
    اسان ته تن سان وچن ڪيو آ، کَرن کان کسبيون سڀئي بهارون،
    انهيءَ عزم کان ڪڏهن نه ڦربو، اوهان سان وڙهبو.
    اوهان سان وڙهبو.

    بنا سبب جي جيڪي به باندي، قسم اسانکي انهن ادن جو،
    جنين جون سيڄون اوهان سڃيون ڪيون، قسم اسانکي انهن بنن جو،
    قسم اسانکي خالي گھرن جو، قسم اسان کي ننڍن ٻچن جو،
    ”نفيس“ پاڙو پليد پٽبو اوهان سان وڙهبو.
    اوهان سان وڙهبو.
    *


    آئون لکندس اڃا

    آئون لکندس اڃا

    تنهنجي سورهيه سچائي ۽ ساڃاهه تي،
    تنهنجي ڪانئر تي ڪڙڪي ڪرڻ ڪاهه تي،
    تنهنجي منزل مٿي ۽ پرين راهه تي،
    تنهنجي چاهت چري ۽ چٽي چاهه تي،
    ٿي چوي دل لکان، آئون لکندس اڃا.

    هي پاڙا پرين توکي پرتا هُجن،
    سنگ تنهنجي سڄڻ سورهيه سرتا هُجن،
    جن ويرين ڪنان، وير ورتا هُجن،
    ماڻهون اهڙا امر، ۽ امرتا هُجن،
    ٿي چوي دل ميان، آئون لکندس اڃا،

    گار غدار تي، تو تي گُلڙا وسن،
    تون اچين شل وري، توکي پاڙا پسن،
    محبتي صحبتي پنهنجا ميڙا مچن،
    حال دشمن سندا اهڙا اهڙا ڪجن،
    ٿي چوي دل ڏسان! آئون لکندس اڃا.

    جڳ چوي ٿو ميان! ڪي جٿا ٺاهي وجهه،
    پاپ وارا پرين! تون پاڙا ڊاهي وجھه،
    ڏيهه ڏوهارين سندا، ڪي ليکا لاهي وجھه،
    ور واڳوئن مٿي، ۽ ڪٿان ڪاهي وجھه،
    ٿي چوي دل اوهان! آئون لکندس اڃا.

    وڙهه تيسين مٺا جيسين اڀري سوراج،
    وڙهه تيسين مٺا جيسين گندو رواج،
    ڪاهي ڪڙڪا ڪري ڪڍ ساڙولي سماج،
    ٻول ٻيجل جيان، يا ٿي پئو ڏياج،
    ٿي چوي دل منجھان! آئون لکندس اڃا.

    وڙهه اڄوڪي لکڻ جو، تون عنوان ڦير،
    وڙهه اڄوڪي نسل جو تون انسان ڦير،
    ويٺو واهه واهه ڪرين، ڪجھ پنهنجو ڌيان ڦير،
    جيءُ جهنجوڙي جيڪو، اهڙو امڪان ڦير،
    ٿي چوي دل سَيان! آئون لکندس اڃا.

    ڪات ڪُهاڙا کڻي ڪي اڏيون رنگ ٻچا!
    هستيون، مستيون ڪي وڏيون رنگ ٻچا،
    شهر پنهنجا پيا، ٿا ڇڏيون رنگ ٻچا،
    ساٿ سورهيه ”نفيس“ ٿا سڏيون رنگ ٻچا،
    ٿي چوي دل ڪٿان! آئون لکندس اڃا.

    *


    پوءِ ٺلهو ٿو جيئان

    پوءِ ٺلهو ٿو جيئان

    ها هيڻن سندي حسرتن جو قسم،
    منهنجي محبوب جي مسرتن جو قسم،
    ڀونءَ ڀلاري تنهنجي برڪتن جو قسم،
    ماءُ! تو کان جي مان ساهه سانگو ڪيان،
    پوءِ ٺلهو ٿو جيئان پوءِ ٺلهو.........

    موهن، ڪاهو، ديبل، بندر جو قسم،
    مونکي لاڙ، ڪاڇي، اُتر جو قسم،
    ڪارونجھر، ڪينجھر ۽ ٿَر جو قسم،
    تو جڏهن ڀي گھريو، ڪنڌ ڪوري نه ڏيان،
    پوءِ ٺلهو ٿو جيئان پوءِ ٺلهو.........

    وچن آ مون کي مهراڻ جو،
    گُگِر گاھ، گولاڙن جي سُرهاڻ جو،
    پرينءَ جي لبڙن جي لالاڻ جو،
    جي هر هڪ جنم ۾ تنهنجو نه ٿيان.
    پوءِ ٺلهو ٿو جيئان پوءِ ٺلهو.........

    جيڪي تو کي مَٺو، ماءُ منهنجي گھُرن،
    سي انڌا ٿي حياتيءَ ننڍيءَ منجھه مَرن،
    سَڏَ پنهنجي سُهڻن جا سُڻَڻَ کان وڃن،
    آئون تن سان وڙهان، ۽ وڙهندو نه رهان،
    پوءِ ٺلهو ٿو جيئان پوءِ ٺلهو.........

    ڪنهن به جنت کي مان، ڇا ڪندس تو بنان،
    جو مون لاءِ گُناھ، سو مٿي تي کڻان،
    ايئن ڪندس ڪينَ مان، پر ڪري جي ويهان،
    پوءِ ٺلهو ٿو جيئان پوءِ ٺلهو........

    *


    رات ڪاري اڃا.....

    رات ڪاري اڃا.....

    بات ڪر ساٿ جي، رات ڪاري اڃا،
    چڻگ ڪنهن چوڪ تي ڪنهن نه ٻاري اڃا،

    ها ڪلر ۽ ڪڃر جو رُڳو مانُ ڏس،
    ٿو ڦٿڪي مري، ڪيئن انسان ڏس،
    رت رستن مٿي آهي، جاري اڃا،
    چڻگ ڪنهن چوڪ تي.........

    باک جي ساک لاءِ ڪا بغاوت ته ڪر،
    جڳ جي جاڳ لاءِ ڪا عنايت ته ڪر،
    هُوءَ سڏي پئي سڄي سنڌ ساري اڃا،
    چڻگ ڪنهن چوڪ تي.........

    لاش معصوم جو،ٿيو هوس منجھ هضم،
    ڪانه ڍڪجي سگھيو، جنهن جو ننگو جِسم،
    زندگي داءَ تي، کيڏي جُواري اڃا،
    چڻگ ڪنهن چوڪ تي.........

    ڏاڍ ڏهڪاءَ هِت، ڇو ته ڏرجي نٿو،
    ڀَڀُ بڇڙي بلا جو ته ڀرجي نٿو،
    موٽي مانگر آيو ناهي ماري اڃا،
    چڻگ ڪنهن چوڪ تي.........
    *


    سدا جيءُ سنڌڙي منهنجي ماءُ

    سدا جيءُ سنڌڙي منهنجي ماءُ

    گھُر ته گھوريان تو مٿاران، صدقي ڪريان ساھ،
    سدا جيءُ سنڌڙي منهنجي ماءُ سدا جيءُ سنڌڙي منهنجي ماءُ.

    سچل، سامي، شاھ ڀٽائي، تنهنجو هوشو، هيمون،
    صوفي صادق، چيزل سائين، جن جي پياري آن تون،
    دل وڏي ڪر دولهه آيا پهتا هر ڪنهن جاءِ
    سدا جيءُ سنڌڙي منهنجي ماءُ.

    گَھٽ گھڙيندڙ، گُھٽجي ويندا، گَھر گَھر گوڙ مَتا پِيا آهن
    مرسون، مرسون سنڌ نه ڏيسون نعرا نينهن لڳا پيا آهن،
    ڦرجي لُٽجي فرنگي ويندا، مون تي ڪر ويساھ،
    سدا جيءُ سنڌڙي منهنجي ماءُ.

    وقت وڙهڻ جو آيو آهي، ماٺ ۾ مُور نه رهبو،
    ظلم ستم جو ذرو هت ڙي، ”نفيس“ ڪين نه ڪي سهبو،
    چنگ وڄائي چارڻ وارو، جڳ کي يار جاڳاءِ،
    سدا جيءُ سنڌڙي منهنجي ماءُ.

    *


    لکي نه سگھندس لکي نه سگھندس.....

    لکي نه سگھندس لکي نه سگھندس.....

    چَون ٿا ماڻهو لکان اوهان تي،
    لکي نه سگھندس، لکي نه سگھندس.

    اوهانجي سونهن جي، ذري جي ساراھ،
    ذرو ته شيءَ آ، پري جي ساراھ،
    ڪري نه سگھندس ڪُڇي نه سگھندس،
    لکي نه سگھندس لکي نه سگھندس.......

    هتي هزارين، قلم کپن ٿا،
    ڪيڏا نه ڪاغذ، علمَ کپن ٿا،
    سامهون اوهانجي ڇُٽي نه سگھندس،
    لکي نه سگھندس لکي نه سگھندس.......

    گُلن سان ڀيٽيان تڏهن به تون وَڌ،
    چنڊن سان ڀيٽيان تڏهن به تون وَڌ،
    تو سان ڪا ڀيٽا ڏئي نه سگھندس،
    لکي نه سگھندس لکي نه سگھندس.......

    تنهنجون سموريون ادائون پياريون،
    توکي ڇُهَن سي هوائون پياريون،
    کڻي چُمان سي چُمي نه سگھندس،
    لکي نه سگھندس لکي نه سگھندس.......

    گھٽيون گھَرن جون گھُٽين مونکي،
    سارون اوهان جون سٽين مونکي،
    ”نفيس“ تو ريءَ بچي نه سگھندس،
    لکي نه سگھندس لکي نه سگھندس.......

    *


    سٻاجھڙا سنڌي اُٿو......

    سٻاجھڙا سنڌي اُٿو......

    اُٿو اُٿو، اُٿو اُٿو،
    سٻاجھڙا سنڌي اُٿو،
    وڌي وڌي وڌي اچو،
    او پيارڙا سنڌي اُٿو،
    سٻاجھڙا سنڌي اُٿو......

    اسان جي هر قدم مٿي،
    اسان جي هر زخم مٿي،
    اسان جي بات بات تي،
    اسان جي لات لات تي،
    لڳي آ پابندي اُٿو،
    سٻاجھڙا سنڌي اُٿو......

    هتي ته ظُلمَتون ڏسو،
    اسان سان نفرتون ڏسو،
    جيڪي ها پاڻ پاليا،
    انهن جون جُرئتون ڏسو،
    امان، ادا، ادي اُٿو،
    سٻاجھڙا سنڌي اُٿو......

    اچو اچو ته سَڏَ تي،
    پَٿَر وسايو وَڏَ تي،
    آيو ويري آ اَڏَ تي،
    نظر جنهن جي آ لَڏَ تي،
    واهي ته رَتَ ندي اچو،
    سٻاجھڙا سنڌي اُٿو......


    سَچارن جي ڌرتي....

    سَچارن جي ڌرتي....

    ويهان ڪيئن وساري ڌنارن جي ڌرتي،
    سچل، شاھ ساميءَ سچارن جي ڌرتي،

    منهنجي سنڌ سُهڻي سڀن کان سُٺي آ،
    مون کي سنڌ مُلڪ عدم کان مِٺي آ،
    ها هوشوءَ هيمونءَ وارن جي ڌرتي،
    سچل، شاھ، ساميءَ سچارن جي ڌرتي....

    خُدا جو قسم تو کي هَر پيار ڏيندس،
    ۽ پنهنجي امڙ تان ٻچو ٻار ڏيندس،
    آهي نُور جهڙن نظارن جي ڌرتي،
    سچل، شاھ، ساميءَ سچارن جي ڌرتي....

    ڀلي ڀونءَ ڀٽائي، تنهنجي چَون ٿا،
    شفا خوب پائي هِتان هو وڃن ٿا،
    آهي سنڌ سموري پنهوارن جي ڌرتي،
    سچل، شاھ، ساميءَ سچارن جي ڌرتي....

    *


    4 مارچ جي حوالي سان....

    4 مارچ جي حوالي سان....

    بلا هتان ڀڳي نه آ، گھاروڙي گَس ڪي کڻو،
    بچي نه ڪو بگڙ ٻچو، دُهل دس ڪي کڻو،
    ادا نه پاڻ ۾ وڙهو، دلين تان ڪس ڪي کڻو،
    لاهيو هي ڏاڍ ڏيههَ تان، ڏاهَن جا ڏَسَ ڪي کڻو،
    وڏائي وس ڪي کڻو، شاباسون جَسَ ڪي کڻو،

    وڙهو، وڙهو، ونيون وڙهو، اوهانجا وَرَ ويل ۾،
    وڙهو وڙهو اي جيجلون، جگر گھڻا ئي جيل ۾،
    وڙهو وڙهو اي ڀينرون هو بيشمار بيل ۾،
    لُچائي، لوڀَ، لالَچون، ختم ڪريو ڪنهن کيلَ ۾،
    ڳاٽ ڏاڍَ جا لُڻو، شاباسون ڪي جَسَ کڻو،

    هُو مهيني ٽي، چوٿي ڏينهان گوليون گھڻيون گُذر ٿيون،
    هُو مهيني ٽي، چوٿي ڏينهان سوين سسيون وَڍيون وَيون،
    هُو مهيني ٽي، چوٿي ڏينهان ونيون وَرَن لاءِ رُنيون،
    هُو مهيني ٽي، چوٿي ڏينهان ڇا کان ته ڇورڙيون ڇنيون،
    هاڻي ته هَٿَ ڪي هڻو، شاباسون جَسَ ڪي کڻو،

    هي دنگ پنهنجي ديس جا، ڌڙي ڌڙي ڌڙي وٺو،
    هي حق ۽ حساب سڀ، تڙي کڙي اڙي وٺو،
    ۽ سينڌ پنهنجي سنڌ جي سون سان جڙي وٺو،
    هي محل ماڙيون، موملون چانگي مٿي چڙي وٺو،
    راڻا ڪي راڄ کي وڻو، شاباس جَسَ ڪي کڻو،

    اسان جي ڪالھ پُٺ مٿي، ڇُرا ڇُريون گھڻيون ڀڳيون،
    اسان جا جوان جيل ۾، سندن سريون گھڻيون ڀڳيون،
    گھوڙا گھوڙا گھرن اندر، گھرن وريون گھڻيون ڀڳيون،
    ۽ وحشتن جي ويل کان، دليون چريون گھڻيون ڀڳيون،
    دودا! هي دهشتون ڌُڻو، شاباسون جَسَ ڪي کڻو،

    ٺاٺ ٻاٺ کي ڇڏيو، اڃا ته ٺاٺ پيا ٺهن،
    ڪڙولا، قيد ڪوٽ ۽ وڏائي ويل پيا وهن،
    ٻنيون ونيون ته ٻيل پر، ٻڍا ۽ ٻار پيا کڄن،
    ”نفيس“ نهار نينگرا، سمورا سور پيا سهن،
    ڇڄو نه پَٽَ تي ڇڻو شاباسون جَسَ ڪي کڻو.


    هيءِ سجاول آ، هيءِ سجاول آ......

    هيءِ سجاول آ، هيءِ سجاول آ......

    ٿورو اڳ ۾
    هڪ پل اڳ ۾
    نه نه ، هڪڙي ساعت جو به چالهيون حصو اڳ ۾،
    گھٽين ۽ گھرن مان
    بازارين مان
    گونجيا ٿي گيت ڌرتيءَ جا
    سهرا سرتيءَ جا
    گيت ........!؟
    ها پريمي گيت، جن سان سرچن مِيت
    مِيت!؟
    ها، اهڙا ميت، جن جي ڳلن تي،
    گُل رنگ لَبَن تي،
    ڇانوَ زُلفن جي، پهرا زُلفن جا،
    زُلف !؟
    ها اهڙا زُلف جيڪي چور چَهرن جا
    گهاءَ ته چهرن جا،
    ها پر......!؟
    ٿورو اڳ ۾
    هڪ پل اڳ ۾،
    هڪڙي ساعت جوبه چالهيون حصو اڳ ۾،
    هن ئي شهر ۾،
    هُيو
    چهچٽو، ٻٽو چٽو،
    چهچٽو......!؟
    ها ، هر چهرو، کل مُک هيو،
    سُک ئي سُک هُيو،
    پوءِ سو ڪاڏي ويو!؟
    سُڃ ئي سُڃ!!؟
    ڪا اذان به ناهي الصلوات به ناهي.....!
    ڇا قيامت ته .......!؟
    نه نه !
    قيامت ته ناهي،
    ته پوءِ ڇو هي سناٽو ئي سناٽو!؟
    ڪو آواز سُجهي نه ٿو، ڪو به سَڏي نه ٿو!؟
    اڃا ٿورو اڳ ۾
    هتان ئي ته ، وقت جو ڪوي،
    موٽيو هو، پٿر واري دور ڏانهن!
    گھليو ويو
    ٺهليو ويو
    چوواٽي تي هٿ گلي ۾،
    هُن ٿي چاهيا هار گلي ۾،
    هي ڪهڙو شهر ......!؟
    ٻُڌ ٻُڌ!؟
    رڙ اچي پئي،
    ريههَ ٿئي پئي،
    ٻار رڙي پيو ڪو ابهم،
    کير ذري لاءِ،
    ٿڌڙي ٿڌڙي هيرَ ذري لاءِ،
    ٻُڌ ٻُڌ هو ٻُڌ!!!
    ڪُڪڙاٽ ، ڪڙڪڙاٽ،
    ڪُڙ ڪُڙ پئي ٿئي،
    سيٽيون پيون وڄن، پاسي ٿي،
    گوليون پيون برسن،
    لوليون سُڄن،
    انت آهي !؟
    آدميت ۽ انسانيت جو،
    ختم ٿي ويندا ماڻهو شهر جا،
    هي ڀانت ڀانتَ جا ڪاري بوٽن وارا ماڻهو،
    هي بي خوف، بي ڊپا، پهريدار ماڻهو،
    پهريدار ماڻهو
    لانگ بوٽن جي ڊوڙ ۾،
    رائفلن، راڪيٽن سان،
    مائوزرن ۽ دستي بمن سان،
    هڪڙي ماڻهو جي لاءِ،
    ڇڏيندا شهر کي ڊاهي،
    هي هيڏو لشڪر ٿو ڊوڙون پائي،
    ها، منهنجي گيتن، ميتن لاءِ،
    ها پر.....!!؟
    ٿورو اڳ ۾،
    نه نه هڪڙي ساعت جو به چالهيون حصو اڳ ۾،
    اک ڇُنڀ جو کيل،
    ويل ئي ويل،
    شهر سڄي ۾ هيڏو قهر، خالي نه پهر ،
    زندگي .......!؟
    ڄڻ ڪو زهر،
    ٻُڌ ٻُڌ هو ٻُڌ !
    لائوڊ اسپيڪر مان آواز پيو اچي،
    ڇا ٿو چوي !؟
    ٻُڌ غور سان ٻُڌ!
    هُوءَ ڏس لشڪري گاڏي، اعلان پئي ڪري،
    ته،
    پنج منٽن لاهي، مهلت ڏجي ٿي توکي،
    ٻاهر اچ، ٻاهر اچ، نه ته !؟
    هن شهر کي بمن سان اُڏايو ويندو،
    ڊاهيو ويندو،
    ۽ توکي خاڪ ۾ ملايو ويندو،
    ٻاهر اچ ٻاهر اچ،
    هيءَ سُجاول آ، هيءَ سُجاول آ.........

    *








    * (ڄام صادق واري دورِ حڪومت ۾ سيد شوڪت حسين شاه عرف بابو شاهه جي گرفتاريءَ لاءِ سجاول شهر کي ڪڙو چاڙهي گھيرو تنگ ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ بيگناه شهري به مارجي ويو جڏهن ته هڪ ليکڪ کي گلي ۾ جھلي بي عزتو ڪيو ويو)


    اڙي او وڏيرا......

    اڙي او وڏيرا......

    هتي جا سانگي، پُڪاري پاڻي، اُڃن مرن ٿا انڌو ته ناهين،
    هتي جنازا بنا غسل جي، دفن ٿين ٿا انڌو ته ناهين،
    هتي روزانو، غريب هاري، ڪاڙهي ڪڙهن ٿا انڌو ته ناهين،
    عطا هميشه ڪَيوَ انڌيرا، اڙي وڏيرا، اڙي وڏيرا.....!

    ڪڏهن اسان جي پُٽن جا لاشا ٻورين سُبيا ويا پتو اٿئي ڪو؟
    ڪڏهن اسان جي ڌيئن جا اُرهه، زوري ڪپيا ويا پتو اٿئي ڪو؟
    ڪڏهن اسان جا سڏائي سوڍا، سوريءَ چاڙهيا ويا پتو اٿئي ڪو؟
    کَسيا سدا تو صبحُ سويرا، اڙي وڏيرا، اڙي وڏيرا....!

    اڃا به سوڍا ڏيڻ هي سِرڙا، ٺاهي بيٺا هِن ڏسو قطارون،
    حلال ٿڃ کي ڪرڻ جي خاطر، اٿيا هي سوڍا ڪري پُڪارون،
    اندر ۾ اُلڪو رکي اهو بس، متان ڪا جيجَلَ ڪري ميارون،
    ڪندا ڪُڄاڙو گسن جا گهيراءَ، اڙي وڏيرا، اڙي وڏيرا....!

    پهرين دلاسا ۽ پوءِ ڌڙڪا، ڏيندو رهيو آن، ڏيندو ڀلي رھ،
    سدائين سنڌ کي، پُٽن جا لاشا، ڏيندو رهيو آن ڏيندو ڀلي رھ،
    اسان کي ظالم الائي ڇاڇا، ڏيندو رهيو آن ڏيندو ڀلي رھ،
    اسان سڃاڻي وتا هي پيرا، اڙي وڏيرا، اڙي وڏيرا....!

    ”نفيس“ درياءَ دليون اسان جون، ڪندا ڪُڄاڙو ٻليءَ جا ٻچڙا،
    اچو ته گڏجي گھوري ڇڏيون سڀ، امڙ پنهنجيءِ تان پنهنجا هي سرڙا،
    ڪڏهن کان جيجل ڪيون ڪُوڪارون، اچو سنڌيئڙا اُٿو سنڌيئرا،
    ٿيندا نه ڪنهن سان هاڻي نڀيرا، اڙي وڏيرا، اڙي وڏيرا....!


    پاڻي پوءِ پاڻهي ٿي پئي........

    پاڻي پوءِ پاڻهي ٿي پئي........

    پاڻيءَ تي جي پاڻي ٿي پئي،
    پاڻي پوءِ پاڻهي ٿي پئي،
    راند ڀلي ٻاراڻي ٿي پئي،
    ها پر ٻک ٻکاڻي ٿي پئي،
    پاڻي پوءِ پاڻهي ٿي پئي......

    اندر ۾ اوتيل جنهن جي نفرت،
    سو ڇا ڄاڻي پيار و محبت،
    اُن سان ڪهڙي صحبت الفت،
    ڏيڻي ڪانهي هاڻ مهلت،
    جهيڙو ڄاڻي واڻي ٿي پئي،
    پاڻي پوءِ پاڻهي ٿي پئي......

    ڪيڏا سارا کاٽ هنيائون،
    خوب خزانه هتان کنيائون،
    ڀونءَ سڄي ڀڙڀانگ ڪيائون،
    پنهنجا بڇڙا ڀڀ ڀريائون،
    هاڻي ڪا ته پڄاڻي ٿي پئي،
    پاڻي پوءِ پاڻهي ٿي پئي......

    ڀڳڙن مُٺ تي کيت پيا وڪجن،
    سنڌ امڙ جا ٻيٽ پيا وڪجن،
    ماڻهو، ڄڻ ڪي وهٽ پيا وڪجن،
    ڪهڙي ڪهڙي ريٽ پيا وڪجن،
    يارو مُلهه مُلهاڻي ٿي پئي،
    پاڻي پوءِ پاڻهي ٿي پئي......

    هاڻي ڪات ڪُهاڙا کڻجن،
    ساٿ ۾ اوڙا پاڙا کڻجن،
    لاڙ، اُتر، ٿر وارا کڻجن،
    سنڌي سورهيه سارا کڻجن،
    ”نفيس“ هڪ هيڪاڻي ٿي پئي،
    پاڻي پوءِ پاڻهي ٿي پئي......


    چنڊ ڪارو ٿيو.....

    چنڊ ڪارو ٿيو.....

    وري شهر ۾، ڳالهه نئين آ هُلي،
    ته تارن چنڊ کي، چُمي آ ڏني،
    بس انهيءَ ڳالهه تي،
    شور آهي متو، وڌي شور ويو،
    گوڙ آهي متو ۽ مچي گوڙ ويو،
    ڪنهن پٿر، سرون ۽ سروٽا کنيا،
    ڪن گهٽيءَ ۾ گڏ ٿي، گهوٻاٽا کنيا،
    ۽ سڄي ڏيهه، هٿن ۾ ڏانٽا کنيا،
    هڪ هلچل هلي،
    ۽ مسلسل هلي،
    نيٺ جرڳا ۽ پنچائت جو ڪٺ ٿيو،
    ڪنهن حامي ڀري،
    انتقامي ڀري،
    چنڊ ڪارو ٿيو،
    ڏنڊ پئجي ويو،
    بس اهو ڙي اهو،
    واتَ سڀ ڪنهن هُيو،
    چنڊ پهاڙن جي پويان ڊوڙايو ويو،
    نا ممڪن کي ممڪن بنايو ويو،
    جو زمين تي آخر ڪيرايو ويو،
    جو زمين تي آخر ڪيرايو ويو،


    نثري نظم...

    نثري نظم...

    هي هن سندئي عطائون يا ڪي ڪربلائون،
    سنڌڙيءَ سندي سڪينه ،
    پاڻي پاڻي پُڪاري،
    ڪو پينگهه پيو اصغر، تڙپي توڏي نهاري،
    پاڻي اکين ڏسون پيا،
    پاڻي نه پي سگھون پيا،
    سنڌوءَ کي چند يزيدن فرات آ بنايو،
    سُک سُهنج وارو جيون،
    سڪرات آ بنايو،
    اي ڪاش !
    ابنِ حيدر پيدا هتي ٿئي ڪو،
    اي ڪاش! ابنِ حيدر......!؟
    رياست جو هڪڙو والي،
    چئي ٿو ڪوڙو حوالي،
    پاڻيءَ جي کوٽ ناهي،
    پاڻي ته کوڙ آهي،
    البته اهو ضرور آ.....
    البته اهو ضرور آ.....

    انتظام ڪجهه غلط آ...
    اُن ويل هڪڙو چريو،
    نعرو هڻي چوي ٿو،
    تنهنجي انهيءَ نظام تي،نو رتن تمام تي،
    وسي وسي سدا وسي لعنت سدا وسي،
    هڪ ٽهڪڙو اُٿي ٿو،
    ڏاڍو چريو کلي ٿو،
    ۽ پوءِ روئي پوي ٿو،
    ساري فضا ۾ سُڏڪا گونجي ايئن پون ٿا،
    فلڪ شگاف نعرا، چوڏس لڳي وڃن ٿا،
    اُن ويل هڪ لوڻاٽيل، کاري پاڻيءَ ۾ وهنتل،
    ها، لاش پيو ٿو گُذري، جي! لاش پيو ٿو گُذري،
    ماڻهو سڀئي پُڇن ٿا، چئي ڏي هتي جا راجا!!؟
    پاڻي هتي گھڻو آ، پاڻي هتي گھڻو آ.....


    تون ٻاهر نه وڃ......

    تون ٻاهر نه وڃ......

    وڏ ڦڙا پيا وَسن، تون ٻاهر نه وڃ،
    ڀڄي پوندئي بدن، تون ٻاهر نه وڃ،

    اُن کان اڳي، تنهنجي پوتي پُسي،
    چلولو چاڳلو توکي چولو چُهٽي،
    چنڊَ ليئا پائي، تنهنجا جلوا ڏسي،
    بند منهنجي خاموشيءَ جا سارا ٽُٽن،
    تون ٻاهر نه وڃ...........
    تنهنجي چنچل ادا تي، گُل ٿا ٽڙن،
    لوڏ تي هوڏ تي، تتليون رقص ڪن،
    ٿا ڀونئرا ڀنڀوريون، گھٽيءَ ۾ ڦرن،
    ۽ برقي بدن مان شعلا اُٿن،
    تون ٻاهر نه وڃ...........
    زُلف تنهنجا ڏسي ٿيون گھٽائون گجن،
    بجليون بُلَ ڏئي پيون مٿان ٿيو ڪرن،
    بي مندائتا ڪَڪرَ پڻ برسيو پون،
    جگنو به تنهنجي اڳيان ٿا جھڪن،
    تون ٻاهر نه وڃ...........

    تنهنجي نيڻن جي بخشش عطا ٿي پوي،
    جيئن حياتيءَ جو مقصد بجا ٿي پوي،
    هي مدت جا پياسا، پيا ڍُڪ گھُرن،
    ڇا رکي تون ڪندينءَ!؟ ڇڏ ته پياسا پيئن،
    تون ٻاهر نه وڃ...........
    آ ”نفيس“ تو کان مٺڙا، ڀلا ڇا گھريو؟
    اهوئي ته ٿورو اسان سان رهو،
    حياتيءَ تي پيارا ڪهڙو ڀروسو،
    ترس تيسين مٺا، جيسين ماڻهو سُمهن،
    تون ٻاهر نه وڃ..........


    سُهڻي سنڌ جي صورت هڪ پاسي....

    سُهڻي سنڌ جي صورت هڪ پاسي....

    ساري مُلڪ جي زينت هڪ پاسي،
    سهڻي سنڌ جي صورت هڪ پاسي،
    توکي مُلڪ عدم، ايران مٺو،
    مون کي واڌيء سنڌ مهراڻ مٺو،
    توکي ديس لاءِ الفت هڪ پاسي،
    منهنجي سنڌ سان صحبت هڪ پاسي،
    ڇا نعرو هنئيڙو هوشوءَ هو،
    پُٽَ توکي نه اهڙو هوندو ڪو،
    هُن فوج جي طاقت هڪ پاسي،
    هوشوءَ جي همت هڪ پاسي،
    سچ چوڻ جو وقت آ ڪٿي،
    آهي تالو لڳل منهنجي لبڙن تي،
    ”نفيس“ پنهنجي نصرت هڪ پاسي،
    ٻي ساري سنگت هڪ پاسي.


    سڏايان ٿو سنڌي....

    سڏايان ٿو سنڌي....

    نه انگلش نه اردو، ڳالهايان ٿو سنڌي،
    آهي ناز مون کي سڏايان ٿو سنڌي،

    منهنجو ٻول پيارو ۽ هر قول پيارو،
    سچل شاه سامي ۽ عنايت وارو،
    ٻُڌ ٻول منهنجا ٻڌايان ٿو سنڌي،
    آهي ناز مونکي سڏايان ٿو سنڌي....

    هوشو، هيمون حيدر هُئا منهنجا پٽڙا،
    ڪُٺا ڪلهه تو ظالمَ ڏسيان ڪهڙا ڪهڙا،
    ڪري ياد تن کي مان ڳايان ٿو سنڌي،
    آهي ناز مونکي سڏايان ٿو سنڌي....

    مران يا ته ماريان، مگر سنڌ نه ڏيندس،
    ”نفيس“ سنڌ امڙ تان فدا ٿيو پئي ٿيندس،
    نعرا نينهن وارا لڳايان ٿو سنڌي،
    آهي ناز مونکي سڏايان ٿو سنڌي....


    سانول ياد ستائي ٿي......

    سانول ياد ستائي ٿي......

    گھڙيءَ گھڙيءَ ۾ گھائي ٿي،
    رات جي ڏانئڻ کائي ٿي،

    هُن هيڏا هيڏا ڏند ڪڍيا،
    ڏسندي جنهن کي ڏيل ڏڪيا،
    پوءِ به منهنجي مارڻ خاطر،
    ڪيڏا ڪاتَ نه لائي ٿي.

    تنها تنها آهن راتيون،
    جن ۾ تنهنجي پيار جون باتيون،
    سُورن ساڙهيون سُڃيون ڇاتيون،
    سانول ياد ستائي ٿي.

    پڪ ته ڪنهن سان پرتو آهين،
    تڏهن ته ايڏو چڙتو آهين،
    ڇا به آهين پر سرتو آهين،
    دل اهڙا ٻول ٻڌائي ٿي،

    ”نفيسَ“ نيڻن سامهون آيو،
    گھورن جنهن کي آهي گھايو،
    پوءِ به پيرن پايل پايو،
    ڇوري ڪا ڇرڪائي ٿي.


    سا گھٽي منهنجي دلبر سندي ٿا چون......

    سا گھٽي منهنجي دلبر سندي ٿا چون......

    جتي روز ٿڌڙيون هَوائون هُلن،
    ۽ ڪنواري بدن مان، ٿيون مهڪون اُٿن،
    ها ڪاريون گھٽائون به تعظيم ڪن،
    ڏسي جنهن کي کنوڻيون، ٿيون رقصان رهن،
    سا گھٽي منهنجي دلبر سندي ٿا چون....

    جتي روز جذبن کي جوتي ملي ٿي،
    ۽ مُرده جسم کي حياتي ملي ٿي،
    جتي ڪار سڀڪا ڪارائتي مِلي ٿي،
    مئڪدا، مئڪشي آ سارو صحن،
    سا گھٽي منهنجي دلبر سندي ٿا چون....

    جتي گُل چَمن ۾ ٿا جھُمريون هڻن،
    ڀونئرا، ڀنڀوريون ۽ تتليون مِڙن،
    ۽ جگنو ساري رات ٽم ٽم ٿا ڪَن،
    دلبريءَ، دلڪشيءَ جا منظر ملن،
    سا گھٽي منهنجي دلبر سندي ٿا چون....

    جتي هڪ خواهش ختم ٿيو وڃي،
    ۽ نئين ڪا تمنا جنميو پوي،
    پُرڪش پيالا، پرينءَ کان ملن،
    سندرتا، سدائين ملهائي جشن،
    سا گھٽي منهنجي دلبر سندي ٿا چون....

    جتي مدهم مدهم جوتون جلن ٿيون،
    ۽ معطر معطر، هيرون گھُلن ٿيون،
    زندگيون، پنهنجي معراج کي بس رسن ٿيون،
    جت سڪَندرَ ۽ سُلطان سارا جھڪن،
    سا گھٽي منهنجي دلبر سندي ٿا چون....

    جتي پنهنجا به جوانيءَ چڙهن،
    ۽ مُدهر مُدهر موسيقيون ڇڙن،
    ”نفيس“ جي به نيڻن جا چرچا هَلن،
    ۽ غلاميءَ کي گاريون ڀونڊا مِلَن،
    سا گھٽي منهنجي دلبر سندي ٿا چون....


    صداءِ حق بلند ڪري......

    صداءِ حق بلند ڪري......

    صداءِ حق بلند ڪري، بينظير شهيد ٿَئي،
    ڪٺن ڪيڏو نه پنڌ ڪري بينظير شهيد ٿئي،

    جھڪي نه ڪنهن جابر اڳيان رُڪي نه ڪنهن طوفان ۾،
    بيان ڪجي بيان ۾ ڇا ڳائجي تنهن شان ۾،
    ڇا حوصلو هُئو سندس، ڇا ولولو هُئو سندس،
    ڪيڏو نه اُچو ڪنڌ ڪري بينظير شهيد ٿئي،

    جڏهن به ڪاري رات ٿئي، ته سوجھري جي لاٽ ٿي،
    پُڪاريو هُن پليد کي، اُچي اُچي ڳاٽ ٿي،
    جهيڙيو هُن جھانگين جي لاءِ، غريب تن سانگين لاءِ،
    نثار پنهنجي جند ڪري بينظير شهيد ٿئي،

    غريب حال مُلڪ جو، هُئي بينظير ڀروسو،
    اچي اچي ادي اچي، سڀن جو هو هي فيصلو،
    اسان سندي اُميد هُئي، هر آسي، آتي ديدَ هُئي،
    ڳلي ڳلي سُڳنڌ ڪري بينظير شهيد ٿئي،

    رهزنن جي راڄ ۾، ڇا رهبري هُئي سندس،
    ۽ دل وارن جي ديس ۾ ڇا دلبري هُئي سندس،
    ڏاڍَ کي ڏهڪائي وئي، ۽ جڳ سڄو جاڳائي وئي،
    سچو پنهنجو سوڳنڌ ڪري، بينظير شهيد ٿئي،

    ”نفيس“ ٿورو آهستي، سُتل هتي آ بينظير،
    ارڏي ادي اسان سندي، ٽڪل هتي آ بينظير،
    آ نياڻي ذُوالفقار جي ۽ نشاني هُن جي پيار جي،
    ويرين جي واھ بند ڪري بينظير شهيد ٿئي۔


    پنڊي تو تي آهي ميار.......

    پنڊي تو تي آهي ميار.......

    شايد هو ڪو حرامي ٻار،
    ڪيئن ڪيائين لڪندي وار،
    سنڌ جي راڻي ٿي اڄ ڌار،
    پنڊي تو تي آهي ميار،
    پنڊي تو تي آهي ميار........

    سنڌ جا سڀ نظارا روئن،
    چنڊ رُنو ۽ تارا رُوئن،
    ڏاڍي جگر وارا رُوئن،
    ماتم گھر گھر ۽ بازار،
    پنڊي تو تي آهي ميار........

    ڪالهه به هڪڙو شهيد اُماڻيئي،
    اڄ وري مزيد اُماڻيئي،
    ڪيڏو درد شديد اُماڻيئي،
    ڇا تون سهندي ساڳئي ڪار،
    پنڊي تو تي آهي ميار........

    ڪين ڪي ڀانئج سودو سستو،
    آخري لاش اسان هي ورتو،
    تو ڪيو سو توکي پرتو،
    هاڻي هلندو نئون وهنوار،
    پنڊي تو تي آهي ميار........

    تو ۾ ڪو ارغون رهي ٿو،
    هن دور سندو فرعون رهي ٿو،
    مڪار وڏو ملعون رهي ٿو،
    لعنت اُن تي هُجي سئو بار،
    پنڊي تو تي آهي ميار........


    الوداع.......

    الوداع.......

    شهيد راڻي پنهنجي هاڻي الوداع،
    سنڌ جي نياڻي پنهنجي هاڻي الوداع،

    آ قسم سان، هي وچن منهنجي ادي،
    کڻي نڪتاسين ڪفن منهنجي ادي،
    ٿيندي هُن سان هڪ هيڪاڻي الوداع،
    سنڌ جي نياڻي پنهنجي هاڻي الوداع........

    بي شرم هُن بي حياءَ کي ڳولبو،
    پُٽ حراميءَ پيءُ سندي کي رولبو،
    ٿيندي اُن جي اڄ پُڄاڻي الوداع،
    سنڌ جي نياڻي پنهنجي هاڻي الوداع........

    رت سان ڀنلَ سنڌ جي اکين جو آ قسم،
    دردَ هاڻِي سڀ دلين جو آ قسم،
    هُن سان ٿيندو هاڻ پاڻي الوداع،
    سنڌ جي نياڻي پنهنجي هاڻي الوداع........

    ڪَلهه ڀُٽي کي سوليءَ چاڙهيو اِن پنڊيءَ،
    اڄ وري توکي آ ماريو اِن پنڊيءَ
    هاڻ ڇا جي رک رکاڻي الوداع،
    سنڌ جي نياڻي پنهنجي هاڻي الوداع........

    اي وطن جي شهيد راڻي، سَوَ سلام
    توکي بخشيو آ خُدا اعليٰ مقام،
    بيبي زينب جي ساٿياڻي الوداع،
    سنڌ جي نياڻي پنهنجي هاڻي الوداع........

    خون تنهنجو رنگ لاهيندو ضرور،
    ٿي دنيا ساري چوي تون بي قصور،
    ياد رهندي هيءَ ڪهاڻي الوداع،
    سنڌ جي نياڻي پنهنجي هاڻي الوداع........

    ٿو رَڙي، آهون ڀري هرهر ”نفيس“
    ۽ دنيا دانهون ڪري ٿيو هيڏو ڪِيس،
    بس اُٿو، ڇاجو سُڀاڻي؟؟ الوداع
    سنڌ جي نياڻي پنهنجي هاڻي الوداع........




    (شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي جي حوالي سان)


    وايون

    پنهنجا سي ئي پنڌ

    پنهنجا سي ئي پنڌ

    جھونجھارن جا جت ڪرن،
    جيئرا جيئرا ڪنڌ،
    پنهنجا سي ئي پنڌ......

    سرمد سوريءَ جت چڙهيو
    سي سونهارا هنڌ،
    پنهنجا سي ئي پنڌ......

    ڇانورن ۾ ڇو ويهين ٿو،
    ڇا لئه ساڻا سند،
    پنهنجا سي ئي پنڌ......

    ساٿين رت مان مهڪ اُٿي آ،
    سنڌڙي سڀ سڳنڌ،
    پنهنجا سي ئي پنڌ......

    مانگر موٽيو آ ”نفيس“،
    کڻ ڪي ڦاهيون ڦنڌ،
    پنهنجا سي ئي پنڌ......


    سانولڙا

    سانولڙا

    تنهنجي تات تنوار، لُڙڪَ به لارو لار،
    ور سگھوڙي سانولڙا.

    توريءَ ڪن ٿيون روز،
    اسان سان تنهائيون تڪرار،
    ور سگھوڙي سانولڙا.

    هن مُند موٽي آءُ پيارا،
    کڙيا کٽڻهار،
    ور سگھوڙي سانولڙا.

    اڄ ته ڪيرايون کلندي ڪُڏندي،
    دردن جي ديوار،
    ور سگھوڙي سانولڙا.

    ”نفيس“ آئي اڏجي پوندو،
    نئون نگر هُن پار،
    ور سگھو ڙي سانولڙا.


    ڏينهن اچي ويا

    ڏينهن اچي ويا

    گونگي سنڌڙي مُنهن کي کول،
    ڏڪڻ وارا ڏينهن پڄي ويا.

    ٻاجھاري او ٻاجھاري،
    ٻاجھارا اڄ ٻول ته ٻول،
    ڏڪڻ وارا ڏينهن پڄي ويا.

    هينئڙي تي تون هٿ رکي،
    ڇڏ ڇڏ هيڏو سارو هول،
    ڏڪڻ وارا ڏينهن پڄي ويا.

    دودي جهوڌي جي او مادر،
    رڻ ۾ راڻي پاڻ نه رول،
    ڏڪڻ وارا ڏينهن پڄي ويا.

    وحشي هاڻي واٽ وٺي،
    نه خالي ڪندا تنهنجا جھول،
    ڏڪڻ وارا ڏينهن پڄي ويا.

    ڌرتي تنهنجا دل جا ڌاڻا،
    هوشو هيمون سڀ انمول،
    ڏڪڻ وارا ڏينهن پڄي ويا.

    ”نفيس“ نازڪ موڙ مان گُذري،
    اُٿيا آهن ڍاٽي ڍول،
    ڏڪڻ وارا ڏينهن پڄي ويا.


    گيت ڪنهن تي لکان

    گيت ڪنهن تي لکان

    ڪانڌ ، قيد اندر، سوچ سڀ منتشر،
    گيت ڪنهن تي لکان......

    لفظ لهرون لهر، سي به ميڙيان مگر،
    گيت ڪنهن تي لکان......

    وزن، قافيا، بحر ويو وسري اَکَرَ،
    گيت ڪنهن تي لکان......

    ٿو هُري همسفر، دل ۾ شام و سحر،
    گيت ڪنهن تي لکان......

    هُو ته مُرڪي مگر، پهرا چوويهه پهر،
    گيت ڪنهن تي لکان......

    جيت سچ جو اثر، ڪوڙ سارو ڪلر،
    گيت ڪنهن تي لکان......

    ”نفيس“ ڪج پيو نظر، بهار ايندي ٻيهر،
    گيت ڪنهن تي لکان......


    پوءِ اڌ ٿي مران

    پوءِ اڌ ٿي مران

    ٿڃ تُنهنجي پيئان، جان تو تان نه ڏيان،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......

    لوئي ليهون ڏسي، آئون چُپ ٿي ويهان،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......

    سڏ تون پئي ڪرين، سڏ آئون نه ڏيان،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......

    ماءُ تو کي سڏيان، پير ٻيا ڪي چُمان،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......

    بند تو تي ڏسي، چاشنيون مان چَران،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......

    لولي تو جا ڏني، سا وساري ڇڏيان،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......

    مَڇَ مانگر ڪنان، وير وٺندو نه رهان،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......

    هِن پنهنجي فرض کان، ”نفيس“ نادان ٿيان،
    پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......


    نڪري آ.......

    نڪري آ.......

    سنها ڪپڙا، سيءَ ٺرَان سگھو ساٿي سنڀري آ،
    نڪري آ نڪري آ نڪري آ.....

    تو چهرو چنڊ جيان، چوڏهينءَ وانگر اُڀري آ،
    نڪري آ نڪري آ نڪري آ.....

    پريمي تُنهنجي پوڄا ۾ مون، دين ڌرم ويو وسري آ،
    نڪري آ نڪري آ نڪري آ.....

    اڃان به روئان ڪيڏيون راتيون، سورج بنجي اُڀري آ،
    نڪري آ نڪري آ نڪري آ.....

    ”نفيس“ هُو ڏس گُل ٽڙيو، خوشبو جنهنجي نکري آ،
    نڪري آ نڪري آ نڪري آ.....


    آئي مند ملهار

    آئي مند ملهار

    ٿئي جهوپي جھونگار الا الا،
    آئي مُند ملهار الا الا......

    بادل برسيو باغ بِني پيا، برپٽ سڀ بهار الا الا،
    آئي مُند ملهار الا الا......

    ٽوپيءَ ۾ پئي ٽڪون ٽانڪي، ساڻس سنڌي ٻار الا الا،
    آئي مُند ملهار الا الا......

    مينهن وَسڻ سان مڙندا آهن، ور وٿاڻين پار الا الا،
    آئي مُند ملهار الا الا......

    سانوڻ ! سوڙهون لائي ڇڏجانءِ، سرها ٿين سنگھار الا الا،
    آئي مُند ملهار الا الا......

    الله اڀري سنڌ سڄي آ، سرهي سا ڏيکار الا الا،
    آئي مُند ملهار الا الا......

    سگھو سرتي! مارو ايندئي، اُٿي اڱڻ ٻُهار الا الا،
    آئي مُند ملهار الا الا......

    ”نفيس“ آسون نيٺ پڄي پيون، ٿَرَ ۾ ٿي ٿڌڪار الا الا
    آئي مُند ملهار الا الا......


    ڇو ٿي دل لڳائي......

    ڇو ٿي دل لڳائي......


    گھايل او گھايل ! ڪيڏا درد پرائي،
    ڇوٿي دل لڳائي.

    لوڪ سڄوئي ٽوڪ ڪري ٿو، لالڻ لُڙڪ لڪائي،
    ڇوٿي دل لڳائي.

    ڌارين کي ڪا دلبر سمجھي متان اَک اڙائي،
    ڇوٿي دل لڳائي........

    ڏيهه سڄو هي، آهي ڏنگيندو، پنهنجو پاڻ بچائي،
    ڇوٿي دل لڳائي.

    ياد ته اهڙي يار سڄڻ جي، ڇڏي ٿي ڏيل ڏُکائي،
    ڇوٿي دل لڳائي.

    ”نفيس“ پنهنجا ڦٽ پُراڻا، ويتر ڪين وڌائي،
    ڇوٿي دل لڳائي.


    بيت

    اوکيون ڪڍ آڙاهه مان، اي عربي آقا،

    اوکيون ڪڍ آڙاهه مان، اي عربي آقا،
    تو ريءَ سُڄي ڪين ڪي، ٻي مون ڪنڌي ڪا،
    مهر ڪيو مڙني تي، مير محمد شاه،
    تُنهنجي در سوا، نه واهر وسيلو ڪو ٻيو۔
    *
    اوکيون ڪڍ آڙاه مان، مڙني جا مهندار،
    ساريان ڪندي ڪين ڪي، سوا تو سردار،
    ڪريان ڪيئن نه پچار!؟ تون سڀن جو سوجھرو۔
    *
    سوا تو سيدا! مُنهنجي ڪندي ڪام،
    اڙيون اُڪارج احمد، جي آهن اوهان جي سام ،
    نرمل پنهنجي نام، وٺي هلج واٽ تان۔
    *
    ڪجانءِ مهر مصطفيٰ، اي مِٺا تون مُرسل،
    توري طبيب ڪين ڪي، آهيان سُورن جو سڙيل،
    “نفيس” جو نرمل، تن طبيب تون ئي تون،
    *
    اوکين مڙي اڄ، ڪيو سَڏ سَيد کي،
    آءُ الله لڳ، ته وڃن سُور سرير مان.
    *
    صبر ۽ شُڪر، ٻئي وڃايا سِڪَ،
    آءُ لنگھي لِکَ، ته وڃن سور سرير مان.
    *


    صبر ۽ شُڪر کي ڪنديس ڪُڄاڙو،

    صبر ۽ شُڪر کي ڪنديس ڪُڄاڙو،
    دلبر هڻي ويو دل جو، ديدن سان ڌاڙو،
    ولهيءَ جو واڙو اچي وسايو واهرا.
    *
    تون ئي طبيب تن جو، تون ئي ويڄ واهر،
    تون ئي محرم من جو، باطن ۽ ظاهر،
    سگھو پُڄ ساهڙ، موجن ماري آهيان.
    *
    احد الله هڪڙو، ساري جَڳَ جو مالڪ،
    سوئي سچو هڪ ڌڻي، سُخن ايءُ سالڪ،
    سوئي ماري مالڪ، سوئي خلقي خلق کي.
    *
    هينئڙو آ حيران، ٻڌي هاڪ حسن جي،
    گھوريان جيڪر جان، جي پرين پنهنجو ڪن مون.
    *
    ٻڌي هاڪ حسن جي ٿيو هينئڙو آ حيران،
    واجھائيندي ويڄن کي، جُهري هيءَ جان،
    اچي پُڇن ڪنام، ته وڃان ڪيئن ويڄن ڏانهن.
    *
    وڃڻ ويڄن وَٽ تڏهن مون ٿيو،
    نهوڙي نيڻن سين، نازڪ جيئن نيئو،
    ڪهڙو هي به جيئو، جو سڪان، ساعت صحت کي.
    *


    آس انهيءَ آسري، جيڏيون ٿيو جيئڻ،

    آس انهيءَ آسري، جيڏيون ٿيو جيئڻ،
    حاجت ناهي هَلڻ جي، ڄنگون ڪين ورن،
    شل پنهنجو ڪرم ڪن، نه ته ويندم ساهه سرير مان.
    *
    اُٿي آڌيءَ رات جو، ڪئي اُٺين الهه توار،
    اڳي سُڄي ڪين ڪي، مون جتن سندي جاڙ،
    پُنهل سندا پار، ڪڍيو ڪوڪاريان ڪوهن ۾.
    *
    هينئڙا حد نه ٽپ، ساري کي سڄڻين،
    سيني ساز وڄائيو، مون کي سُڌ نه پئي،
    چوان ڇا چئي، ڳالهيون ڳُجھه اندر جون.
    *
    هينئڙي حد ڪئي، ساري کي سڄڻين،
    سيني ساز وڄائيو، مونکي سُڌ نه پئي،
    چوان ڇا چئي، ڳالهيون ڳُجهه اندر جون.
    *
    هينئڙي هيڪاري، منهنجو تن تپائيو،
    لڳو ڪان قريب کان، اٿس ڪاپاري،
    زاري ڙي زاري، “نفيس” نانگي نيهن کان.
    *

    جيڪي جيءَ جُڙيوم، سو سانڍي رکيم ساهه ۾،
    عبرت انهيءَ ڳالهه جي، اچي مان عجيب،
    هيجن ساڻ حبيب، ڏيندم ٻُڪي ٻاجهه جي.
    *


    جيڪي جيءَ جُڙيوم، سو ڪنان قلب قريب،

    جيڪي جيءَ جُڙيوم، سو ڪنان قلب قريب،
    عبرت انهيءَ ڳالهه جي، اچي مان عجيب،
    هيجن ساڻ حبيب، ڏيندم ٻُڪي ٻاجهه جي.
    *
    سرتي سُڌ نه ڪا، سرتيون! منهنجي سُور جي،
    ڇاتيءَ مٿ مُڪا، هر هر هڻن هيترا.
    *
    سرتا! ايڏا سُور، سَهي ڪان سگھان،
    آئون اڳئي اوهان جي، دردن منجھه ڌڳان،
    وڇڙي ڪونج وڳان، ايئن نه ڇڏجي ڇپرين.
    *
    سرتي ڪهڙي سُد، سهان سُور نه ڪو،
    ڌٻڻ منجھه ڌڪو، ڏنائون ڏُکيءَ کي.
    *
    ڪهڙي سُد سڄڻين، ڏجي ڏنڀ نه ڪو،
    مٿي مَٿ مُڪو، هَڻي هوت هليا ويا.
    *
    ڏجي ڪين ڏُکين کي، ڌٻڻ منجھ ڌڪو،
    منهنجو هوت هِڪو، تون ئي آهين تون پرين.
    *
    تو، منهن تي موهيڙا، جھڙا ڏاڙهونءَ ڪَڻ،
    ايڏو به ته نه وَڻ، ماڻهن جي هَن ميڙ ۾.
    *


    متان وسين مينهن، پريتم آهي پنڌ ۾،

    متان وسين مينهن، پريتم آهي پنڌ ۾،
    اڄ اچڻ جو انجام آ، اچي لاهيون نينهن،
    پوءِ تون راتيون ڏينهن، وسڻ سان وَس ڪجان،
    *
    وس بادلڙا وَس، مُحب مُقيم مانگرين،
    جيسين احوال اوريان، تون بنهي نه ڪر ڪا بس،
    تل نه هڪڙو ترس، گوندر لاهي غريب تان.
    *
    بادلڙي بس ڪئي، اورڻ ريءَ عجيب سان،
    سوچيم سڀ سُڻائبيون، سگھيس ڪانه چئي،
    ويامي رات وئي، سواءِ سور سلڻ جي.
    *
    ڪاري ڪڪر ڪاري ڪئي، وسڻ بنا ويو هليو،
    منٿ مون مسڪين جيءَ، تنهن کي ڪين جھليو،
    سڄڻ سڀ سُڻائيون، مون نه سور سليو،
    جي پلجي ٿو ته پليو، “نفيس” نازڪ نيهن کي.
    *


    اُها گھڙي، اُهو پَل، وساريان وسري،

    اُها گھڙي، اُهو پَل، وساريان وسري،
    سڄڻ پاتو سامهون، ڪارين منجھه ڪجل،
    آهي ڄڻ اجهل، سڀ ڪنهن پاسي سونهن جو.
    *
    اُها گھڙي، اُهو پَل، وسري نه موران،
    سڄڻ هُئو سرتيون، سُرمي ڏانهن سنڀل،
    ٿيو پڪ اجل، هر ڪنهن پاسي حُسن جو.
    *
    اُها گھڙي، اُهو پَل، ڀُلائڻ سان نه ڀُلجان،
    سڄڻ هو سرتيون، سَنان تي سنڀل،
    ڏسندي ئي ڏڪي ويو، هينئڙي ڪيو هُل،
    اهڙي ڪنهن ۾ وَل، اڳ نه ڏٺي سون ايتري.
    *
    اُها گھڙي اُهو پَل، اچي ياد پيو،
    ته سڄڻ هو سرتيون! پوشاڪ تي پُڳل،
    ٻاري مُنهن مشعل، جھَڪو ڪيائين جوت کي.
    *


    ڪراچيءَ کي ڪالهه، بمن ڪيو بيروت،
    سچو آهي ثبوت، مون ماڻهن منجھه مِرو ڏٺا،
    *
    ڪراچي ڪر اچي، سُکي ستابي،
    ڀائر تنهنجا بحر ۾، تون ڇو خوابي،
    آهين انقلابي، منڍا، اُٿ مهل ٿي.
    *
    ڪراچيءَ ۾ ڪالهه، ماروئڙن تي مارون،
    پُڄون ڪين پاپ سين، تو کي پُڪارون،
    گھر گھر اُڇنگارون، سڏين تو کي سُپرين.
    *
    ڪلاچيءَ جي ڪپ تي، ڏچر جا ڏَچا،
    مانگر ماريا مورڙا، ٻٽا سڀ ٻچا،
    ساٿي موٽ سچا، ته ماري وجهون مڇ کي.
    *
    مڇ نه کائي ماس، پيئي رُڳو رت،
    هِن سين هاڻ هُجت، متان ڪريو ماڻهوئا.
    *
    تو کي ساري سُپرين، سڀ سڳوري سنڌ،
    اڳ ته ڪڍايئي ڪين ڪي، ڪونڌر پنهنجو ڪنڌ،
    هي اُهو ئي هنڌ، جت تو مانگر ماريو.
    *


    جت تو مانگر ماريو، اُتي مَڇَ مِڙيا،

    جت تو مانگر ماريو، اُتي مَڇَ مِڙيا،
    ڀائر تنهنجا بحر ۾، سورن منجھه سڙهيا،
    لالڻ هاڻ لڙيا، ڪلاچيءَ ڪيهون ڪيون.
    *
    ڪلاچي ڪيهون ڪري، ڪيڏو ڪوس ٿيو،
    موٽي اچ تون مورڙا، سيران سڏ ڪيو،
    راهن رت وهيو، موٽ مانجھيئا ماڳ تي.
    *
    حُجائتي هُيا، تڏهن مانگر ماريا،
    نه ته لکين ٻار ٻيا، ڪُڏيو موٽن ڪُن تان،
    *
    مُئا مرين مَڇ! پِٽيا پُڄنين ڏينهن،
    ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، ڪندين ڪيسين ايئن،
    تيسين ٿو جيئين، موٽي جيسين مورڙو.
    *
    ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾، ڪندين ڪيسين ايئن،
    ڀائر مُنهنجا بحر ۾، ٿو جاڙا جاڙا نيئن،
    ڏاڍا! تُنهنجا ڏينهن، پُنا پاپي پَڪ سين.
    *
    بلا کي ڀالا، جو هڻين هَٿن سان،
    الله! اُهي مانجھيئا، هاڻ سگھو ئي آڻ،
    مُنهنجو هي مهراڻ، ساري سُکن ڏينهَڙا.


    (ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي قتل عام تي لکيل 02 مارچ 1990 )


    بر ۾ وڻ هيڪڙو، پکي، پنجاهه سئو،

    بر ۾ وڻ هيڪڙو، پکي، پنجاهه سئو،
    پن پن ڇاڻي ڇڏئون، پوءِ به نه ٿين ڍئو،
    کڻو لَڪَڻ لئو، متان ٽار به ٽوڙي سي وڃن.
    ***
    بر ۾ وڻ هيڪرو، ڦورو ڦري وياس،
    ڇانوَ نه ملندئي ڇوڪرا، اهڙا ڪانگ پياس،
    پوکيندڙ مُياس، نه ته مڙن ڪيئن مَڪَڙ هِتي.
    ***
    مالڪَ تون ئي وڻ جو، پوکيو پڻهي ڪالهه،
    ڏسيو ڏنڀين پاڻ کي، حيف تنهنجي حال،
    ويرين، واٽ هٿ ڏئي، ڇورا ڏي مَ ڇال،
    اڄ ڪَ سُڀاءَ اعمال، پڌرا ٿيندئي پاپ جا.
    ***
    سنڌڙيءَ سندا شير، ويا ويچارا ولرين،
    جا سين هُئا جَڳ ۾، وڙهي ورتئون وير،
    اوير ۽ سوير،ساک رکيائون سنڌ جي.
    ***
    پيءُ پاپي ڪونه هو، پاپي پُٽ ٿيوس،
    تون پينگهي ۾ پڌرو، ماڻس ايئن چيوس،
    آئون تُنهنجي آسري، ناحق ٿي جيئوس،
    تو کان هوند ميوس، ته به سارينديم سنڌڙي.
    ***


    ايءَ نه وَڙ سندوءِ، جي ڪوڙن ڪين ڪُڇين،

    ايءَ نه وَڙ سندوءِ، جي ڪوڙن ڪين ڪُڇين،
    قلم کڻيو قاضيا! سچن کي سَٽين،
    ايمان پيو مَٽين، ڪوڏيءَ مٿي قاضيا!
    ***
    انڌا، ناهي علامت، تو ۾ قاضي ڪا،
    ٿو پڙهي پاپ جي، پَٽي سڀ اها،
    ويچارن ويساھ، ڏيو ڏُکوئين ٿو گھڻو.
    ***
    انڌا ، ناهي علامت، تو ۾ قاضي ڪا،
    حرف حرف جو حسابڙو، ڏيندين اڄ سڀاءُ،
    اصل عدالت آ ڏُکي، ڌڻيءَ جي درگاه،
    تو کان پڻ پُڇا، پاپي ٿيندي پاپ جي.
    ***

    ( ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان لکيل )

































    جيڏي ڪئي جَرَ، تيڏي ٻي نه سُڄيم،
    ڀينرن کان ڀائر ويا، ونين ڪنان وَرَ،
    نڪي ٻيڙيون سيرَ ۾، نڪا هوڙن جي خبر،
    ڏاڍي جا ڏَمَرَ، اڳ نه ڏٺاسون ايترا.
    *
    جَرَ ماريا جيڏيون، جاتيءَ جا جوان،
    نه جهوپا، نه جھوپڙيون، نه مِٽَن جا ته مڪان،
    لهرن لوڙهي ڇَڏيا، تباهه ڪيا طوفان،
    الله حَق سبحان، اجل آندو اوچتو.
    *
    وڻجهاري! ٽوڙ ونواھ، تو وَر وَيو ويِر ۾،
    ڇوري! ڪر نگاھ آئي تباهي تَڙَ تي،
    *
    مٽ نه مُنهنجا موٽيا، نه ”ملاح“ ”مُهاڻا“،
    ”چالڪا“ چلي ويا، نه ٻُڌجن ٿا ”ٻوهريا“،
    نه ”ٿهيمَ“ نه ”ٿهيمور“ نه ”رڇا“ ۽ ”راڄا“،
    ”ڌانڌل“ هن ديس جا، نه ڏسجن ٿا ”ابڙا“،
    نه موٽيو هو ”ملوڪاڻي“، نه آيو اصغر شاهه،
    نڪي ”جت“ جوءَ جا نه سُهڻا ”سميجا“،
    نه سي پَٽَ ساڳيا، نه پرينءَ جا پاڇا،
    گھوڙا ڙي گھوڙا !! سمونڊ ڪيڏي سُڃ ڪئي.
    *


    هي ”حرامي ڍورو“، هوءَ ”ڪريڪ ڇاڻي“،

    هي ”حرامي ڍورو“، هوءَ ”ڪريڪ ڇاڻي“،
    ٻيٽَ سڀ ٻُڏي ويا، پَٽن مَٿ پاڻي،
    سمونڊ مون سان سُڃ ڪَئي،ٿيو وتان ويڳاڻي،
    جيجل جوڳياڻي، ٿي ڍونڍيم ساري تَڙَ کي،
    *
    تَڙ تَڙ ڍونڍي ماءَ! آيس سامونڊين کي،
    نه سي ساڳيون ڀيڻيون، نڪي سندن ساءِ،
    ٻيڙيون سڀ ٻُڏي ويون، نه هلن ٿا هوڙا،
    گھوڙا ڙي گھوڙا! ڪيڏي سُڃ سمونڊ تي،
    *
    سُڪين شال سمونڊ! لهر نه لهي لوڪ،
    تو هر پُٽ ملوڪ، ٻوڙيو ٻيائي ڪري،
    *
    لهر لهر هڪ لاش، آيل! ابابڻ جو،
    انڌو ڏس آڪاش، پيو ڏُکوئي ڏُکين کي،
    *
    جيڏل! جُڙيل هوءِ، تو وَر وَريووير مان،
    مُنهنجو ڪو ڏٺوءِ، پُڇج پَتيءَ کان پنهنجي،
    *
    پئي سينگھاري سيڄ، اجھو ايندم سُپرين،
    پاڻهي ٿيندم ويڄ، ڇُٽندا ڦَٽ فراق جا،
    *
    ڪيڏا طعام تري، رکيائين ريسَ مان،
    پُٽم هوندو بُکيو، کائي پيٽ ڀري،
    قادر شال ڪري، موٽي مِلِنمَ سُپرين.
    *
    پئي ڀڄائي ڀيڻ، مهندي گھوٽ ادل سندي،
    سيڄون سڀ سُڃيون پيون، هر هر اچن کيڻ،
    نِير وهائي نيڻ، ساري ۽ سُڏڪا ڀري.
    *
    جي هُجن ها هِتي، ته اچن ها سي اڄ،
    هينئڙا! هوتن سواءِ، “وانول” وانگي وَڄ،
    دل نه تن تان کڄ، جي ويا ويچارا ويرَ ۾.
    *
    سمونڊ ڪيڏي سُڃ ڪئي، نه سئوٽ، ماسات، ماءَ،
    پيءُ پاڻيءَ ٻوڙيو، نه چاچو، مامون، ڀاءَ،
    نه خبر آئي خير جي، جَرَ تي اڄ انياءَ،
    سورن جي ته سماءَ، اجل آندي اوچتو،
    *
    جيڏيون لهرون تيڏا لاش، آيل اباڻن جا،
    انڌو اڄ آڪاش، ڏُک نه ڏسي ڏيھه ۾.
    *
    اڳي مينهن وَسن، هيل وٺو موت،
    جھڙا ڪي اڇوتَ، هُجون ڌارئين ديس ۾،



    (هنن بيتن ۾ اُنهن ذاتين، برادرين، رشتن ناتن ۽ اُنهن جاين، جڳاين، ٻيٽن ۽ ڍورَن جو ذڪر ٿيل آهي جيڪي اُنهيءَ وقت طوفان ۾ تباهه ٿيا هئا)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 854
    ڪتابن جو مشاهدو: 2311004
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 592628
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ