ڀيٽا؛ گونگي درد کي زبان ڏيندڙ ڪوي
ھڪ ماٺيڻي مزاج، ڏٻري جسم، سانوري رنگ واري نفيس کي ڏات جي ديوي سندس حصي ۾ ملي، ھو جنھن مھل به پنھنجو ڪو شعر ٻڌائيندو ھو ته اھا ئي خوشبو، اھو رنگ، ڍنگ ۽ انگ محسوس ٿيندو ھو. سندس شاعري ۾ خوبصورت لفظن، استعارن ۽ خيالن جي بلندي جا عڪس به چٽا آھن.
سامونڊين جي ھڳاء دار ھوائن، ساحل جي رڃن ۾ وسندڙ گرم لڪن ۽ ڏونگرن جي ڏيھه جو ڌرتي ڄائو نورالدين نفيس جيترو خاموش رھندو ھو، اوترو وري سندس قلم جي جنبش سمورين خاموشين کي ٽوڙي ڇڏيندي ھئي. ھن مجازي ۽ غيرمجازي شاعري ۾ گونگي درد کي زبان جي ڪيفيت به نظر اچي ٿي، ھو درد جي قافلي ۾ جستجو ۽ حوصلو رکندڙ مسافر آھي، جنھن آرام ۽ عيش بدران آزادي , پيار ۽ ڪاميابي جا خواب ڏٺا ھئا.
شاعراڻي مزاج ۾ ھر ڪيفيت پٺيان شاعر جا خواب اوڻيل رھندا آھن.
حساس ماڻھن تان قيامت تڏھن گذرندي آھي، جڏھن مظلومن جي حق تي راتاھا ھڻندڙن جا نوان نوان روپ ۽ انداز سامھون ايندا آھن، نفيس اھڙي ڪرب جي پاڇن ۾ مزاحمت جي پاسي ٿي بيٺو , ھو بنا ھٻڪ ۽ پرواھ جي قلم جي تکي نوڪ سا وڙھندو رھيو .
ھن ستل قوم کي جاڳ جا سڏ پڻ ڏنا
جيئن:
پِٽيا پرائي پٽ جا ، حصا پتيون گھرن پيا
چيٽ تن چکي ڏٺا ، وري ڪتيون گھرن پيا
ھو روشنين جي شھر ۾ ، اڃا بتيون گھرن پيا،
ھي گھر ڏيئا ڄڻ ويا ، اوھين جي ننڊ ۾ پيا،
اوھين جي ننڊ ۾ پيا.......
وري ٻيو نظم ڏسو:
صدا ڏني آ سنڌ امان ، اُٿو منهنجا اي نوجوان،
اوهين وطن جا پاسبان ، ڏسو ظلم روان ڌوان،
جٿا ٺاهي جنڀي وڃو ، ڪي ڳاٽ ڏاڍ جا لُڻو،
ڇڄو نه پٽ تي ڇڻو ، ڪجي اوهان سان ڇا بيان،
ڏسو ظلم روان ڌوان
زماني جي زلزلن جا جيڪي لوڏا انسان کي اصل حالت کان ھٽائي ڇڏيندا آھن، ته روايتي جملو قائم ٿي ويندو آھي ته ”رسم دنيا“ يا ”دنيا جي وھڪرن ۾ وھي وڃڻ“ جھڙيون اصطلاحون نفيس جي نه ڊڪشنري، نه مزاج ھيون ۽ نه ئي کيس زلزلن لوڏي ھٽائي ڇڏيو، ھو جتي ھو اتي ئي بيٺو رھيو.
ها هيڻن سندي حسرتن جو قسم،
منهنجي محبوب جي مسرتن جو قسم،
ڀونءَ ڀلاري تنهنجي برڪتن جو قسم،
ماءُ! تو کان جي مان ساهه سانگو ڪيان،
پوءِ ٺلهو ٿو جيئان پوءِ ٺلهو.........
جڏھن نظرين، فلسفن، اصولن ۽ ضمير جا جڳھه زر، زمين ۽ ٽجوڙين جا قصا زور وٺڻ لڳا، تڏھن به ھو پنھنجي سوچ تي قائم رھيو ته فائدن جي بازار مان ڪجهه خريد نه ڪبو ۽ نه ئي اھڙو وڪري وارو وکر بڻبو. نفيس ان تانگھه ۾ ھو جنھن لاءِ فيض احمد فيض چيو آھي ته؛
لازم ہے کہ ہم بھی دیکھیں گے۔۔۔
ٿڃ تُنهنجي پيئان،
جان تو تان نه ڏيان،
پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......
لوئي ليهون ڏسي،
آئون چُپ ٿي ويهان،
پوءِ اڌ ٿي مَران، پوءِ اڌ ٿي مَران......
ڄڻ ھو درد جي سمنڊ جي ان ڪناري تي بيٺل آھي، جتي درد ڇوليون ھڻي پيو. بندرن ۽ بازارن جي ماضي واري خطي سان تعلق رکندڙ نفيس جي شاعري به انھن بندرن ۽ بازارن وانگر آھي، جتي سنڌ جي سونھن به پسجي پئي، ڌرتي جي اڪير به بکجي پئي ته دردن , ڏکن ۽ ڏاکڙن جي سسڪين جا آواز به ٻڌجن ٿا. حسن جا گيت ٻڌندڙ، ٻوٽن جي سرھاڻ کي ڇھندڙ ۽ سونھن ۾ گم سم رھندڙ نورالدين نفيس ڌرتي، پيار ۽ درد جي وچ ۾ سفر وارو اھو مسافر ھو، جنھن کي بھارن ۾ فطرت جي مرڪڻ جو انتظار ھو، پر ھو بھار کان اڳ ۾ پن ڇڻ جي نظر ٿي ويو.
باقي پنھنجي شاعري سندي صنوبر جي خوشبوءِ سان شاعراڻو کيتر معطر ڪري ويو، ماڪ ۾ ڀنل پنکڙيون اڄ به ٻڌائين پيون ته نفيس اسان جي وچ ۾ آھي.
زاھد اسحاق سومرو
جاتي، ضلعو سجاول
15 اپريل 2018