شاعر پاران
اکر پڙھ الف جو، ورق سڀ وسار...
ڪيڏي نه حَسين سِٽ آهي. ڄڻ اکر جو ڊي اين اي ڪيو ويو هُجي.
ڪو انسان جڏهن اندر جي پيڙائن سان وڙهڻ لاءِ اکرن جو سهارو وٺي ٿو ۽ انهن اکرن کي پني تي لاهي ٿو ته انهن اکرن جي اڏام ڏسي ايوان لڏي وڃن ٿا ۽ پٿرن جهڙا وجود ڏڪي وڃن ٿا:
اي هوائن جا پيچرا کڻندڙ
وحشتن تي به جان وارين ٿو
تون پَنن کي به پَرَ ڏئي ٿو ڇڏين
اکرن کي ائين اُڏارين ٿو
تون انڌاري جو اَنت آڻڻ لئه
جي هوائن ۾ دِيپ ٻارين ٿو
پٿرن جو وجود لَرزي ٿو...
(شيراز چانڊيو )
اکرن جڏهن ترتيب ورتي ته لفظن جو جنم ٿيو. لفظ! رُوح ۾ پيهي ويندڙ لفظ، رُوح کي جهَنجهوڙ يندڙ لفظ، رُوح کي ڇيتيون ڪندڙ لفظ...
زندگيءَ جي دونهاٽيل واءُ ۾ احساسن تي دَزَ ڄمندي ٿي رهي، جڏهن ڪُل حاصلات کي تلخ لفظن ۽ سِٽن جي ٻَلِي چاڙهيو ٿو وڃي ته پوئتي رڳو رَکَ ئي بچي ٿي، پر اها رَکَ محبت ۽ چاھ جي ڪجهه لفظن جي ماڪ سان وري اکرن جي رُوپ ۾ جنم وٺي ٿي:
ماڪ ڪَڪرن جو رُوپ ڌاري ٿي،
رَکَ اکرن جو رُوپ ڌاري ٿي...
(شيراز چانڊيو)
شعور ۽ تحت الشعور ۾ جن لفظن منهنجي زندگيءَ تي گهڻو اثر ڇڏيو انهن مان ڪجهه جو مان ذڪر ڪرڻ لازمي سمجهان ٿو:
پنهنجي جنم وٺڻ ۽ دنيا ۾ اچڻ سان پهريان لفظ جيڪي منهنجي ڪَنن ۾ ٻُريا اهي هئا: الله اڪبر، محمد رسول الله ۽ علي ولي الله. آذان جي صُورت ۾ هي پهريان لفظ هئا جيڪي ڪنن جي ذريعي منهنجي رُوح ۾ داخل ٿيا، هنن لفظن منهنجي زندگيءَ جو اهڙو احاطو ڪيو جو آءُ سڄي زندگيءَ انهن لفظن جي ريپليسمينٽ نه ڳولهي سگهيو آهيان.
جڏهن بانبڙن جي عمر کان وڌي پيرڙا کڻڻ جي عمر ۾ پهتس ته محرم جي مهيني ۾ بابا سائين جي آڱر پڪڙي امام بارگاهه وڃڻ شروع ڪيو جتي ڪجهه ٻيا لفظ منهنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿيا، حَسَنء، حُسينء، فاطمهء، عباسء، زينبء، ڪربلا ۽ ان جا ٻيا شهيد، مظلومن جي هڪ ڊگهي لسٽ. هنن لفظن مونکي سيکاريو ته ظالم جي آڏو ڪيئن اڏول ٿي رهبو آهي، قرباني ڇا ٿيندي آهي ۽ جڏهن مجلس دوران بابا سائين ۽ ٻين کي روئندي ڏسندو هئس ته ڪجهه نه سمجهندي به اکين ۾ ڳوڙها تري اچڻ جو مفهوم ان وقت ته سمجهه ۾ نه آيو پر هاڻي زندگيءَ جي جنگ ۾ انهن ڳوڙهن وهڻ جو ڪارڻ سمجهه ۾ اچي ويو آهي. اهي ڳوڙها اندر مان نڪري چهري ۽ جسم جي پَورز مان وري جسم اندر داخل ٿيندا رهن ٿا ۽ ائين ڳوڙهن جي ريسائِڪلنگ ٿيندي ٿي رهي.
جڏهن شعور جي وهڪرن جي حوالي ٿيس ته ڪجهه ٻيا لفظ دماغ جي ذريعي روح ۾ شامل ٿي ويا، جن مان پهريون لفظ هو ڀٽائي، زندگيءَ جي مختلف مرحلن مان گذرندي جڏهن مون انهن مرحلن کي ڊيفائن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مونکي ڀٽائي جا شعر هر مرحلي لاءِ ڪمپليٽ ڊيفينيشن سان موجود مليا، ايئن پئي لڳو ڄڻ اهي شعر ڀٽ ڌڻي منهنجي زندگيءَ کي مدِ نظر رکندي لکيا هجن.
ٻيو لفظ هو سنڌ، انهيءَ لفظ سان شناسائي لڳي ٿو ته تخليق ڪائنات کان به اڳ جي هجي، ڄڻ ته منهنجي وجود کي سنڌ جي ئي خمير مان ڳوهيو ويو هجي.
هڪ لفظ آهي رشتو يا رشتا، منهنجي زندگيءَ سان سلهاڙيل رشتا:
بابا سائين، بهادر علي چانڊيو: ننڍپڻ کان ئي انڊيا جو هي گانو جهونگاريندڙ:
مين راهي ڀٽڪني والا هُون،
ڪَوئِي ڪيا جاني مَتوالا هُون...
واقعي اهو مَتوالو ڪڏھن به ڪنهن طوفان کان هارائڻ نه سکيو. پنهنجي جواني ۾ ئي روزگار جي ڳولا ۾ پنهنجو گهر خيرپور ناٿن شاهه ڇڏي پهريان سکر ۽ پوءِ ڏهرڪي ۾ استاد ۽ پوءِ تپيدار جي نوڪري ملڻ جي ڪري مستقل مسڪن ٺاهي ورتائين ۽ هتان جو ٿي ويو. بابا سائين لاءِ آئون صرف ايترو چوندس ته جيڪڏهن ڪنهن کي هڪ پرفيڪٽ انسان ۽ انسانيت جو روپ ڏسڻو آهي ته اهو بابا سائين جي پوري حياتي جو مطالعو ڪري.
امان : ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. آئون انهي ڳالهه ۾ وڏو خوش قسمت آهيان جو مونکي هن دنيا ۾ ٻه جنتون مليون، هڪ منهنجي وڏي امان جنهن جو ڌنڌلو عڪس اڃان تائين منهنجي ذهن ۾ سمايل آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن وڏي امان جي وفات ٿي هئي ته آئون ننڍڙو هئس پر سندس شفقت اڃان به ياد آهي.
ننڍي امان جنهن مونکي جنم ڏنو ان جو تعلق هندستان مان اٽڪل هڪ صدي اڳ لڏي آيل خاندان سان آهي جنهن سان بابا سائين پيار جو پرڻو ڪيو. ڌارئي خاندان مان هجڻ باوجود امان بابا سائين ۽ پوري خاندان سان اهڙو تعلق جوڙيو جو کيس پنهنجو خاندان وسري ويو، ھوڏانھن وري بابا سائين جي خاندان به امان کي پنهنجي دل ۾ جايون ڏنيون. سچ ته مونکي هن منزل تائين پهچائڻ ۾ منهنجي بابا سائين ۽ امان جو تمام گھڻو ڪردار رهيو.
ڀاءُ: رب سائين جي مهرباني آهي ته مونکي سهڻي سڀاءُ وارا ڀاءُ مليا، غلام شبير، بشير احمد، شاهنواز (مرحوم)، ارشد علي ۽ امجد علي (مرحوم). اهي سڀئي ڀاءُ مون لاءِ ڀاءُ کان وڌيڪ جسم جو حصو رھيا آهن ۽ آئون انهن مان گهڻو ڪُجهه پِرايو آهي.
ڀيڻ: منهنجون ٻه ڀيڻيـون رضيه ۽ فوزيه. انهن لاءِ آئون ايترو چوندس ته هي منهنجون ڀيڻيون گهٽ پر ماءُ وڌيڪ آهن.
اولاد: منهنجا ٻه پُٽ آدرش علي ۽ آڪاش علي سچ ته منهنجون ٻانهون ۽ منهنجي سَگهه آهن.
هن باغ جي خوبصورتي منهنجون ڌِيئر آهن، مُرڪ، ڪَشش ۽ بَاک منهنجو اعتماد آهن، منهنجو مان آهن:
ڪائناتون هنن جو مُلھه ناهن،
ڌِيئون بابن جو مان ٿينديون هن...
(شيراز چانڊيو )
اُستاد: آءءٌ جنهن مقام تي هن وقت آهيان اُن ۾ والدين کان پوءِ اگر ڪنهن جو هٿ آهي ته اُهي منهنجا اُستاد آهن. ڪُجھه اُستاد جن منهنجي ڪيريڪٽربلڊنگ ۾ ڪِردار ادا ڪيو:
محمد عارب سومرو، فدا حسين شاھ، پير بخش راڄڙي، غلام اڪبر سومرو، محمد رمضان ٿهيم، عبدالرزاق دايو، فرمان علي ٿهيم، سانول خان لغاري، رب ڏنو ملڪ، محمد يوسف سولنگي، عبدالرشيد ڀٽو، عبدالغفور سيال، اصغر علي انصاري، مولوي عبيدالله، مولا بخش سومرو، شاھ محمد، شادي خان، محمد صديق سومرو ۽ ٻيا کوڙ سارا اُستاد جيڪي هن وقت ذهن تي نٿا اچن.
پروفيشنل استادن ۾ جن استادن مون کي هن مقام تي پهچايو: شڪيل احمد صديقي (مرحوم)، منير قربان چنه (مرحوم)، عبدالمجيد عباسي، انعام احمد، روشن علي شاهاڻي، سيد قلبِ حيدر، شوڪت علي، محمد اڪرم، شڪيل احمد ميمڻ، نويد آخوند، ابراهيم ٻرڙو ۽ محمد عمر ڪانڃو.
ڪُجهه شخصيتون جن مان آءٌ گهڻي انسپائريشن ورتي، اُهي آهن: منهنجو چاچا سائين علي نواز، عبدالقدير ڪانڃو، ڄام عبدالفتاح سميجو، پنهل خان ڏهر ۽ ڊاڪٽر منوهر لعل.
دوست : ننڍپڻ کان وٺي هاڻي تائين جي دوستن جو ڪاٿو لڳائڻ تمام مشڪل ڪم آهي، اهي دوست جيڪي واقعي دوستي جي زُمري ۾ اچن ٿا. ڪجهه دوستن جا نانءُ جيڪي ذهن تي اچن ٿا هتي مينشن ڪيان ٿو:
وحيد احمد ڏهر، عباس ملڪ، امداد شاهه، گوبند رام، شبير شر، عزيز شيخ، بشير گاڏهي، ظهير گاڏهي، ولي قاضي، جاويد قاضي، ڪاشف جانوري، طارق ڪورائي، مدد ٻگهيو، طارق ڪورائي، مُختيار علي مشوري، ديدار علي مشوري، علي ميراڻي، سردار شاهه، قيوم ڀٽو، حفيظ ڀٽو، اختر ملڪ، امان الله انجم، خادم چنو، مختيار چنو (مرحوم)، شاهد معين انصاري(مرحوم)، عبدالنبي ڀٽو، ممتاز انصاري، جاويد سومرو، ارباب ٻرڙو، لال ميراڻي، امان الله جمالي، نذير جمالي، محمد اسماعيل، محمد اطهر، عبدالهادي ٻرڙو، ايم بي سومرو، خالد گل، عدنان سومرو، اسماعيل چاچڙ، نظام مغل، نشيدالرحيم، محمد نواز ٻرڙو، وسيم سومرو ( پينٽر )، مهيندر ڪمار، ويد تلريجا، ڀرت تلريجا ۽ مڪيش منڌاڻ...
ادبي سنگت مان جن سان منهنجو پراڻو ساٿ رهيو ، انهن ۾ ملزم سومرو، پريم پتافي، مفتون ڪورائي، فدا ملڪ، جي ايم لاڙڪ ۽ ٻيا ادبي سنگت ڏهرڪي جا دوست شامل آهن.
انهن دوستن کان علاوه آئون ڪجهه اهڙن دوستن جو ذڪر لازمي ڪندس جن سان رشتو رت جي رشتن کان به وڌيڪ رهيو آهي، رياض هڪڙو (مرحوم)، امتياز ابڙو، اعجاز سمون، عبدالعزيز ملڪ (مرحوم)، ماجد ابڙو (مرحوم)، سلامت علي رِڏ، راجا صلاح الدين ڪورائي، جميل سومرو، محمد دين راڄڙي ۽ منهنجو سئوٽ شاهد حسين مشوري انهن دوستن مان آهن جن لاءِ بغير ڪنهن وڌاءُ جي ائين چئي سگهجي ٿو ته:
مونکي مقتل ۾ ساٿ گهُربو هو،
دوست هو ڀاءُ کان اڳي پهتو...
(شيراز چانڊيو)
باقي جيڪي دوست هن وقت ذهن ۾ نٿا اچن انهن کان معافي جو طلبگار آهيان، انهيءَ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته اهي منھنجا دوست يا سڄڻ ناهن، آءُ اڳ ۾ جيئن ذڪر ڪيو ته جيڪي به دوستي جي ڊيفينيشن تي پورو لهن ٿا آءُ انهن سڀني کي پنهنجو سمجهان ٿو ۽ انهن لاءِ به منهنجي دل ۾ ساڳي جاءِ آھي.
لفظن جي جوڙجڪ مان وري سِٽن ۽ جملن جي تخليق ٿي. ڪن سِٽن جو جڏهن ڊي اين اي ڪجي ٿو ته لڳي ٿو ته ڄڻ انهن ۾ ڪائناتون اوتيل آهن ۽ اهي داستانون ٻڌائي رهيون هجن:
سُور سان سرجيل سِٽون ساديون،
دَرد جو داستان ٿينديون هن...
(شيراز چانڊيو)
ڪنهن جي زندگيءَ تي اثر وجهڻ لاءِ ٻه ٽي سِٽون ئي ته کپن. پيار ۽ اتساهه ڀريون ڪجھ سِٽون ڪنھن کي آسمانن جي بلندين تي پهچائن ٿيون ۽ وري نفرت ۽ بغض سان ڀريل سِٽون ڪنهن کي پاتالن ۾ اُڇلائي ڇڏن ٿيون. اهڙو وقت به اچي ٿو جو اسان جي سِٽن کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ اسان جي زبانن ۽ سِٽن کي چِٿڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي:
منهنجي لفظن ۾ جي وِٿيون آهن،
ڪُند ذِهنن سِٽون چِٿيون آهن...
(شيراز چانڊيو)
۽ ها جڏهن رشتن جو ذڪر ٿيو ته هڪ رشتو آءُ ڪيئن ٿو وساري سگهان جيڪو منهنجي زندگيءَ جو خاص جُز رهيو آهي ۽ رهندو، منهنجي گهرواري فرزانه جنهن کي ننڍي لاءِ آءٌ فَيزي چوندو هئس. ننڍڙي لاءِ کان هن جو ساٿ مونسان رهيو، مونکي ياد آهي ته جڏهن ننڍا هوندا هئا سين ته آءُ هن کي بابا سائين يا چاچا سائين ڏانهن وٺي ويندو هئس ته کيس چوندو هئس ” آ فَيزي بابا ڏي ڄُلُون “ يا کيس رستو پار ڪرائيندي چوندو هئس ته ” فَيزي ميڏا هٿ پڪڙ“ اهو هٿ جوانيءَ ۾ وري منهنجي هٿن ۾ آيو ۽ اسان هڪ ٻئي جا ٿي ويا سين. رب سائين جي مهرباني سان اهي هٿ اڃان هٿن ۾ آهن ۽ اسانجي ننڍپڻ جي محبت هر ڏينهن اڃان به وڌندي رهي ٿي. سو ڳالهه پئي ڪيم سِٽن جي ته اهي سِٽون جڏهن پنن تي پهتيون ته اَرپنا جو روپ ڌاري ويون جيڪي آئون فرزانه کي اَرپيان ٿو، ڇو ته اهائي هنن سِٽن جو محور رهي آهي:
تنھنجي يادن ۾ ويهي مون جيڪي لکيا،
پيار سان سي سَهيڙيل سمورا پَنا،
ٿَئي منهنجي ارپنا، ٿَئي منهنجي اَرپنا...
(شيراز چانڊيو)
اهي پَنا گڏ ٿيندا رهيا ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو اهي پَنا هڪ ڪيبينيٽ جي حوالي ٿي ويا ۽ انهن مٿان دَزَ چڙهندي رهي ۽ تقريبن رَديءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳا:
ڪِنهن پُراڻي ڪَٻاڙخاني ۾،
زِندگيءَ شاعري رَديءَ جِهڙي...
(شيراز چانڊيو)
ڪافي عرصي کان جميل سومرو ۽ سائين محمد دين راڄڙي منهنجي هن وکريل پَنن کي گڏ ڪرڻ لاءِ مونکي قائل ڪندا رهيا ۽ آخرڪار اهي پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويا. گهَر جي هر ڪُنڊ مان لڪيل پَنا ڳولي جمع ڪيا ۽ هنن جي حوالي ڪيا. شام جي چانھه دوران جميل سومرو ادا امر اقبال سان ڳالهايو، جنهن فوري طور تي مواد موڪلڻ جو چيو. هاڻي اسانجو امتحان شروع ٿي ويو ڇاڪاڻ ته اسان وٽ صرف مواد هو ان کانسواءِ ڪجھه به نه هو، سو سنڌ ڌرتي جي پيارن تخليقڪارن ادا وسيم سومرو کي مهاڳ ۽ سائين اياز گُل کي بيڪ ٽائيٽل لکڻ لاءِ عرض ڪيم جن هميشه وانگر پيار واري موٽ ڏني . فلِپ ڪَوَر تي سائين امر اقبال ، جميل سومرو ۽ اينڊ پيجز لاءِ سائين محمد دين راڄڙي جا تجزيا لکرايا. ڪتاب جو ٽائيٽل سنڌ جي بهترين مصور ۽ السٽريٽر سائين سعيد منگي ٺاهيو ۽ ڪتاب سنڌ جي بهترين پبلشنگ هائوس “ پوپٽ پبليڪيشن “ خيرپور مان ادا امر اقبال ۽ سائين قربان منگي جي نگراني ۾ ڇپيو.
آءٌ مٿي ڄاڻايل سڀني سڄڻن جو ٿورائتو آهيان جن جي محبتن سان هي ڪتاب هيڏي مرحلن کانپوءِ ڇپجي دوستن جي هٿن تائين پهتو.
هتي آءٌ اهو اعتراف ڪندس ته آءٌ ڪو ايڏو وڏو شاعر ۽ اديب ناهيان، بس هي دل ۽ دماغ جي ڀڃ ڊاھ کان پوءِ لکيل ڪجھه تحريرون آهن:
شعر شيراز جا ڇا لئه اُڻ تُڻ ۾ هن.
ڇو ڀٽائي ڀلارا هي ڀَڃ ڊاھ آ...
شيراز چانڊيو
هنن معمولي تحريرن کي دوستن محبتن جي مالها ۾ پروئي ڪتاب جي صورت ڏني آهي، سڀني پيارن جي راين جو انتظار رهندو...سدائين آباد هجو...
[b] حق نواز شيراز چانڊيو
[/b] 02 مارچ 2018ع ٽريننگ ڪو آرڊينيٽر
اينگرو فرٽيلائزر لميٽيڊ ڏهرڪي.
0333-7449123