مُهاڳ : خواب خالي، خيالَ اڻپُورا
ستر ڪج سَتار، آئون اُگهاڙي آهيان،
ڍڪج ڍڪڻ هارَ، ڏيئي پانڌ پناھ جو.
فطري اعتبار کان ته اُگهاڙا جِسم ٿيندا آهن، پر شعري اعتبار کان اکر به اُگهاڙا ٿيندا آهن. اها اوگهڙ جا جنسي اعتبار کان نظر نه اچي سگهي، اکر وڏي بي رحمي سان ان اوگهڙ کي پڌرو ڪري ڇڏيندا آهن. ائين اکر جتي اُگهاڙپ جي تصوير چٽڻ جو ڪم ڪندا آهن، اُتي اُهي ستارَ ٿي اوگهڙ ڍڪڻ جو به ڪم ڪندا آهن.
آرٽ جون مختلف شڪليون آهن، هر آرٽ جو پنهنجو وسيلو هوندو آهي، ائين شاعريءَ جي آرٽ جو وسيلو اکر آهن. اکر پڙهي اندر کي اُجاري به سگهبو آهي ۽ اکر پڙهي اکين ۾ زهر به ڀرجي ويندو آهي. شاعر جو ۽ هڪ سچي شاعر جو اهو ڪمال آهي ته هو پنهنجي اندر ۽ ٻاهر جي دُنيا جي صورت گري اکرن وسيلي ڪندو آهي. ان ڪري شاعر وٽ اکرن جي وڏي معنيٰ هوندي آهي.
حق نواز شيراز به اکرن جو صورت گر آهي، ” اکرن جي اوگهڙ“ ۾ گهڻو ڪري غزل ۽ نظم شامل آهن، ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ وائي به آهي. مجموعي ۾ شعري صنفون ترتيب وار ناهن، بلڪه اهي گڏ وچڙ آهن، جيئن آڪاش جا تارا بي ترتيب هوندا آهن، بي ترتيبيءَ جي به پنهنجي سُونهن هوندي آهي. مون اهڙي بي ترتيبي پهريون ڀيرو ” امداد آهي رول“ ۾ ڏٺي هئي، پوءِ اها ٻين ڪيترن ئي شاعرن به پنهنجائي، جيئن هن مجموعي ۾ به آهي، ان جي شروعات غزل کان ٿئي ٿي؛
منهنجي شاعريءَ تي ڪندي شڪ پُڇي ٿي،
ڪا اکرن جي اوگهڙ اچانڪ پڇي ٿي.
سڄي غزل ۾ ڇا پُڇي ٿي؟ ڪير پُڇي ٿي؟ کي لڪايو ويو آهي، شاعريءَ کان ڪا مٿانهين شئي به آهي، جا شاعري تي شڪ ڪري ٿي ۽ ان کان اکرن جي اوگهڙ جي پڇا ڪرڻ جو حق رکي ٿي.
زِندگيءَ جي زنجير بنجي وئي
ڪا جواني اسير بنجي وئي
زِندگيءَ جو زنجير بنجڻ ۽ جوانيءَ جو اسير بنجڻ هڪ ئي مطلع ۾ ٻه تشبيهون آهن. اها شاعر جي ذهني حُسناڪي آهي، جا ٻن سِٽن ۾ سمائجي اسان جي اڳيان آئي آهي. باوجود ان جي ته قافين جا اعراب ملڻ جي لحاظ کان اُڃايل آهن.
شاعريءَ جي کيتر ۾ اهو سوال به اُڃايل ئي رهيو آهي، ته شاعري هُنر آهي يا تخليقي اُڇل! منهنجي ويجهو شاعري هُنر جو لاشعوري عمل آهي، جنهن ۾ تخليقي اُڇل جو هجڻ تمام ضروري آهي ورنه شاعري صرف سکڻن اکرن جو ميڙ رهجي ويندي. ته ڇا شاعريءَ جو هُنر نٿو سکي سگهجي؟ شاعريءَ جو هُنر بلڪل سکي سگهجي ٿو بلڪه سنڌيءَ جا ڪيترا عالم ۽ استاد اهو هُنر ڄاڻن به ٿا، پر وٽن شاعراڻي تخليقي اُڇل ناهي، ورنه اُهي سڀ وڏا شاعر هجن ها، اهي پنهنجي ان هُنر ذريعي شعر جا وڏا پارکو آهن، ڇو ته شاعري تخليقي اُڇل آهي، ان ڪري اها هر وقت نٿي ڪري سگهجي. شاعر وٽ ڪي خاص پل ايندا آهن، اها تخليقي اُڇل کڻي:
زندگيءَ جو شعور بخشي ٿو،
ڪوئي پل پل ۾ پُور بخشي ٿو.
پل جو پُور هڪ حُسناڪ ترڪيب آهي ۽ ڪنهن پاران پل جي پُور جي بخشش زندگيءَ جي وڏي غنيمت آهي. اها پل جي پُور جي بخشش شاعر کي بيخودي ڏيندي آهي، جنهن ۾ آزاد ٿي هُو تصور جي دنيا جا سير ڪندو آهي:
مان اُنھيءَ کي خُدا ڇو نه پنهنجو ڪيان،
منهنجي جذبن کي جو بيخُودي ڏيندو آ.
شعر جو سوال معنيٰ خيز آهي، جڏهن سوال اُڀرندا آهن، تڏهن شاعري جوابن جا رستا ڳولڻ شروع ڪندي آهي؛
منزلن جو نِشان ٿينديون هن،
ڪي وِکون ڪُل جهان ٿينديون هن.
خواب نيڻن ۾ هاڻ ڪيئن پلجن،
عڪس ڌُنڌلائجي ويو آهي.
جتي شاعر جي دل ۾ ، نيڻن ۾ خواب نه پلجڻ جو اُلڪو آهي، اُتي خاموشيءَ ۾ خوابن جي خودڪشي به ايذائيندڙ آهي:
خواب خاموشيءَ ۾ ڪن ٿا خودڪشيون،
ڇا لئه چُپ آن! اُٿ اُٿي مانڌاڻ ڪر.
جڏهن شاعر جو ساهس زخمي ٿيندو آهي، تڏهن هي ڪاغذ تي جيڪي شعر لکندو آهي، اُهي به زخمي زخمي لڳندا آهن.
خواب يادن جي ڀِيڙ ۾ ڪُچليا
ڪير ساهن جا پيچرا ڳولي
اها ٻي ڳالهه آهي ته اها ذميواري خود هڪ سُجاڳ شاعر جي آهي ته هُو ڪنهن به صورت ۾ ساهن جي پيچرن کي وڃائجڻ نه ڏي، ڇو ته هُو ئي اهو ڄاڻي ٿو.
سُور مان سرجيل سِٽون ساديون،
درد جو داستان ٿينديون هن.
حق نواز شيراز جي شاعري درد جي داستانن جيان ئي آهي، جن داستانن جا لا محدود موضوع آهن.
ڪائناتُون هنن جو مُلھه ناهن،
ڌيئُون بابَن جو مان ٿينديون هن.
جي سوالن جا مُنھن کُلي ويندا،
رابطا راھه ۾ رُلي ويندا.
ڦھلايان مان تنهنجي آڏو،
ليڙُون ليڙُون دامن ڪهڙو؟
پُڇيم ته چاھتن جو ڪو ڏس پتو به آهي؟
هيڏي وشال ڌرتي ڳوڙها اُگهي سُمهي پئي.
شعر شيراز شِيشن جيان هي ٽٽل،
منهنجي جيون جا ٿئي آئينا سي پرين.
حق نواز شيراز جي شعرن جو هيءَ ٻُڪ هن جي شاعراڻي سوُنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪافي آهي به ۽ ڪافي ناهي به. ان ڪري ته هڪ سُٺي پڙهندڙ جي اُڃ ڪافي ۽ ناڪافي لفظن کان وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ گِهري هوندي آهي.
آخري شعر ۾ چاهتن جي سوال تي، ڌرتيءَ جو ڳوڙها اُگهي سُمهڻ هڪ دُکدائڪ تصوير آهي. هن ڌرتيءَ مان مُراد ڌرتيءَ جا سڀ ماڻهو آهن. شاعر لفظن کان روايتي معنيٰ کسي انهن کي پنهنجي استعارا تي معنيٰ ڏيندو آهي.
حق نواز شيراز جي غزل جي اڀياس مان مون اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته هُو پنهنجي غزل کي ڪافي حد تائين جديد غزل جي ويجهو کڻي آيو آهي، ڪٿي ڪٿي هن جا شعر مڪمل تصوير جيان آهن، ڪٿي ڪٿي انهن ۾ اڃان مڪمل ٿيڻ جي اُڃ باقي به آهي. هي اُڃ جو سفر ڪٿي پُورو ٿيڻ به نه گهُرجي.
هر گهڙي ڏات ٿي پُڇي مُون کان،
منهنجي اوقات ٿي پُڇي مُون کان.
غزل، جنهن جا لوازمات گهڻا آهن. ان ڪري ڪٿي نه ڪٿي شيراز جي غزل ۾ اُڃ آهي، غزل جي ڀيٽ ۾ نظم ۾ بيان جي وڌيڪ وُسعت آهي، شايد نظم ۾ ان ڪري حق نواز شيراز پنهنجي اظهار جي وهڪري کي بنا ڪنهن بند جي واهڙ جيان وهايو آهي، بلڪه هن جا تعداد جي اعتبار کان نظم آهن به وڌيڪ! غزل جيان جيڪي سڀئي پابند آهن. هر نظم ۾ شُعله بياني آهي:
ٿڌا جذبا ٿين ٿا جي،
اُٿي هيءَ آڳ ڏيندي آ.
اُٿاري تانگھه اُوندھ ۾،
اسان کي جاڳ ڏيندي آ.
هي پهرين نظم ” اسان کي جاڳ ڏيندي آ “ جون پهريون سِٽون آهن، جنهن ۾ به شيراز جي پهرين غزل جيان ڪير آڳ ڏيندي آهي ۽ ڪير اُوندھ ۾ اُٿاري جاڳ ڏيندي آهي؟ کي اکرن جو ڍڪ ڏئي پوشيده رکيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اها هن جي ڇهين حِس آهي، هن جي محبوبا به ٿي سگهي ٿي، جا هن جي شاعريءَ جي شاعراڻي سفر ۾ هن سان گڏ گڏ آهي. ڪٿي به هن کان پل پري ناهي ٿي.
ڪٿي مايا جي محور ۾،
مُنجھي جي مرد ويندا هن،
ڪٿي فاقن جي فڪرن ۾،
فنا جي فرد ٿيندا هن،
جڏهن چئونرن جي چوڌاري،
ڪي چهرا زرد ٿيندا هن،
تڏهن رِم جھم ۾ ڪا اِنڊلٺ،
رنگن جو راڳ ڏيندي آ.
شايد رِم جهم ٿي اُڀرندڙ اِنڊلٺ ڪا اُميد آهي، جا رنگن جو راڳ ٿي، جاڳڻ جو اُتساھ ڏئي وڃي ٿي.
” رنگن جو راڳ “ هڪ خاموش تصور هوندي به پنهنجي اندر ۾ فطرت جي بي پناھ طاقت رکي ٿو، جيڪو پڙهي اندر آلاپ ٿي وڃي ٿو.
حق نواز شيراز پنهنجي هر نظم کي عنوان ڏنو آهي، هن غزل جيان پنهنجا نظم به مُختلف بحرن تي لکيا آهن. جن ۾ لهرن جهڙي رواني آهي، جا پڙهندڙ کي وهائي وڃي ٿي.
ڪڏهن پنبڻين ۾ آڇي ڪنهن ٿي چاهت،
ڪنهن جي آنچل ۾ پاتي مون هئي راحت،
جوانيءَ جي سا لِڪ ڇپ ڏئي وڃي ها.
مونکي پنهنجي سُڃاڻپ ڏئي وڃي ها.
نظم ۾ روانيءَ سان گڏ جا موضوعاتي ڪشش آهي، اها من کي موهي ڇڏيندڙ آهي.
منهنجون رچنائون جيون جون جادوگريون،
سُونهن جن کان ڇِني، سي سڀئي ڇوڪريون،
پيار جن کي مليو سي مگر ٿورڙيون،
گِيت منهنجا سڀئي، ساز جن کان ڇِنا،
ٿئي منهنجي ارپنا، ٿئي منهنجي ارپنا.
جڏهن واقعي رچنائون ڦري جادوگري بڻبيون آهن، تڏهن اهي دلين تي اثر به جادوءَ جهڙو ڪنديون آهن. حق نواز شيراز جا نظم پنهنجي دور جو آئينو آهن، جن ۾ جذبي جي شدت سان گڏ موضوع جي سچائي موجود آهي.
وحشتن کان وڌيڪ ڇا ٿيندا،
نعرا پٿر تي ليڪ ڇا ٿيندا،
جن لڳايو ڳلي غُلاميءَ کي،
ٺوڪرن ۾ سي ٺيڪ ڇا ٿيندا،
ڇڏ غُلاميءَ جا سال اڻپورا،
خواب خالي، خيال اڻپورا،
کوڙ سارا سوال اڻپورا.
ائين شيراز جو هر نظم پنهنجي خاص اهميت جو حامل آهي، جنهن ۾ موضوعاتي گوناگوني آهي.
اوهان سپنن کي ميڙيو آ سدائين،
اسان راتين سان جهيڙيو آ سدائين.
ڪو خزائن سان الجهي نما شام جو،
سار جا پن سهيڙي رهيو هو پرين،
ڪو هوائن کي ڇيڙي رهيو هو پرين.
ڪراچي هنج ۾ تنهنجي،
وري سپنا کڻي آيس.
وري ڏي ڇانوريون ڇوليون،
بدن سارو سراپي ڇڏ،
نٿيون مونکي کپن گوليون.
۽ هي نظم ” ڏنگي ڏات “ جون سٽون جيڪي هڪ مڪالمو ٿي ويون آهن:
پيرن جا هي پنڌ سمورا،
جن ۾ رنگت آ ڇالن جي،
تو لئه سڀ مخصوص ڪيان ٿو،
سنڌوءَ ڪپ تي سوچيان ويٺو،
ڇا هي گيت، غزل سڀ منهنجا،
توسان جنگ ۾ شامل هوندا؟
سواليه شاعري وڌيڪ وزنائتي هوندي آهي، جا سوال جي بڙڇيءَ سان سوچيندڙن جا سينا چاڪ ڪري ڇڏيندي آهي.
شيراز جا نظم پڙهي احساس ٿو اُڀري ته هن جي نظمن ۾ ڪٿي ڪٿي گيت به جهاتيون پائيندي نظر اچن ٿا، ۽ اهي هن جي ڏات جي ڇُهاءُ کان ڪو ايترو پري به ناهن. مون هن جي وائي تي پاڻ ڪا سٽ ناهي لکي، دراصل مان هن جي غزل بعد نظم کي پڙهي انهن ۾ وڃائجي ويو آهيان، اهو به ممڪن ناهي ته هن جي هرهڪ تخليق تي تفصيل سان لکجي.
حق نواز شيراز چانڊيو پنهنجي دور جو هڪ سڄاڻ شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو هي مجموعو ” اکرن جي اوگهڙ “ مون کي پڪ آهي ته پنهنجي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ ماڻيندو.
[b] وسيم سومرو
[/b]بَهار 2018ع
نواب شاهه ـــ سنڌ