پٿرن جو وجود
وحشتن تي به جان وارين ٿو.
تون پَنن کي به پَرَ ڏئي ٿو ڇڏين
عام اکرن کي ايئن اڏارين ٿو.
تون انڌاري جو اَنت آڻڻ لئه
جي هوائن ۾ دِيپ ٻارين ٿو
پٿرن جو وجود لرزي ٿو.
ڪو پَتنگو پرن جلڻ کان پوءِ
پوپٽن جي پُڪار بڻجي ٿو.
وقت جنهن کي وڍي آ ڌار ڪيو
رُوح جي بَڙَ جي ٽار بڻجي ٿو.
ڪوئي پَستين ۾ به ڪرڻ کان پوءِ،
عرش جو اعتبار بڻجي ٿو.
پٿرن جو وجود لرزي ٿو.
ڌنڌ جيڪر نصيب جي ڌرتي،
جي ڇُهين تون ته ڇانورا ڇَٽجن
زخم زرخيز ڪن ٿا بُت جي زمين،
گھُور سان منھنجا گهاءُ هي گهٽجن.
منزلون مُرڪندي ملي ٿيون وڃن،
۽ پنڌ ڪوھ جهڙا ٿا ڪٽجن.
پٿرن جو وجود لرزي ٿو.
وقت جي موت جو فرشتو ٿي،
روح جي رَيوڙين کي رَڙڪي ٿو.
ڪوئي ڀَنڀٽ بدن کي ساڙي ٿو،
عشق شيراز جنهن ۾ ڀڙڪي ٿو.
تنهنجي هٿ ۾ جو هي عَلَم آهي
دار تائين ائين جي ڦڙڪي ٿو،
پٿرن جو وجود لرزي ٿو۔