شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

مقدمہ

بسمہٖ سبحانہٗ وتعالى وتقدس
احمده سُبحانہٗ وتعالى و اصلي وسلم على اشرف الانبياء والمرسلين وعلى آلہٖ واصحابہٖ ولمن تبعہ باحسان
الى يوم الدين. آمين
بفضلہ تعالى وبکمال کرمہ اڄ مؤرخه 28 فيبروري 2000ع تي هي ڪتاب مستطاب المسمى بہ ” متبرڪ نعتون“ لکجي مڪمل ٿيو. هن متبرڪ ڪتاب ۾ اسان پنهنجي معلومات ۽ پسند مطابق سنڌ جي مشهور و معروف نعت گو شاعرن جون نعتون ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ شامل ڪيون آهن، ۽ ڪتاب جي پوئين حصي ۾ اسان جي سرهندي بزرگن جون ڪجھ فارسي نعتون شامل ڪيون ويون آهن. اُميد ته سڀني پڙهندڙن کي هي ڪتاب پسند ايندو، ڇو ته اسان ڪوشش ڪري سموري سنڌ جي عُمده شاعرن جي نعتن جو هي مجموعو پيش ڪيو آهي.
آخر۾ آئون سڀني پڙهندڙ حضرات کي گذارش ڪندس ته اُهي هڪ دفعو الحمد شريف ۽ 3 دفعا قُل شريف پڙهي منهنجي جد امجد تاج الاولياء حضرت خواجه محمد حسن جان سرهندي ۽ ٻين نقشبندي بزرگن جي ارواحن مبارڪن کي مذڪوره ختم شريف جو ثواب بخشين ۽ دعا گھرن ته رب ڪريم پنهنجي حبيب ڪريم عليہ الصلواة والسلام جي طفيل حضرت خواجہ صاحب جن کي جنة الفردوس ۾ اعلى کان اعلى مڪان عطا فرمائي ۽ سندن اولاد کي صالح ۽ سعادت مند ڪري ۽ دين ۽ دنيا ۾ ڪاميابي و ڪامراني عطا فرمائي ۽ سندن علمي ۽ روحاني فيوضات ۽ برڪات کي قيامت تائين قائم ۽ دائم رکي. آمين ثم آمين بجاه سيدالانبياء والمرسلين صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم.

بقلم
عبده عبدالوحيد جان سرهندي
از درگاھ مُجدديه، ٽنڊو سائينداد
ضلع حيدرآباد(ٽنڊو محمدخان) سنڌ
28.2.2000