اي قلم لِک ، باعثِ ايجاد عالم جي ثنا،
بانيء اســــلام ۽ ســــالارِ اعظـــــــم جي ثنا.
سيَدُالثَقليَنِ مــــــــــحبوب خــــدا نُورالهُدى،
ڪاشفِ سرِ حقيقت، راز محرم جي ثنا.
ٿي بيان، والشَمس ۾ روُءِ منور جي ثنا،
ڏِس وري وَاليلِ ۾ تون زلَف خم(1)خم جي ثنا.
خـــــاتم مُهــــــرِ نبــــــــوت ۽ امــــامُ الانبيــــاء،
فخرِ عيسى فخر موسى فخر آدم جي ثنا.
وَالضُحى والفَجـــــــرِ ۽ يـٰــس طـٰــــہ شــــــــان ۾،
پڻ مُزمِلُ ۾ رســــــولِ پــــــــاڪ اڪرم جي ثنا.
يا خدا ڪر عشق احمد جو عطا ’مجروح‘ کي ،
تا بَمحَشر پيو ڪري هو تنهجي مُرسل جي ثنا.
*
عزيزالله مجروح