اِلتجا
مون کي تنهنجو ڪرم گھرجي، ڪرم ڪر يارسول الله،
مون کي تنهنجو فضل گھرجي فضل ڪر يارسول الله.
مُنهنجا سائين اچو جلدي، مدد ڪريو مون عاجز جي،
نظر ڪريو مون تي جلدي، ڀرم سان يارسول الله.
وسيلـــــــو تو سوا ناهي، وسيلو ٿي تون اي عـــربــــــــــي،
ٻڌو فـــــرياد منهنجـــــو هيءُ، رحــــــم سان يارسول الله.
مُهــــابي اهل بيتن جي ، طفيلي سڀ صحابن جي،
توجہ ڪُل ڪريو مــــــون تي، ڪرم سان يارسول الله.
شريعت تي عمل گھرجي، طريقت جو سبق گھرجي،
عنايت جي نظـــــر گھرجي ، مهــر سان يارسول الله.
غلاميءَ جو شرف بخشيو، سدا هن عبد عاجز کي،
ٿين مقصد سڀئي پورا ، لطف سان يارسول الله.
*
عبده عبدالوحيد جان سرهندي عفي عنه
ٽنڊو سائينداد