رســول الله جـــي روضـــي رســـايو، مـون کــي مـــولا اڄ،
پريـن جي پاڪ پـــــاڙي ۾ ، پڄــايو مون کي مــــولا اڄ.
مُشرف ڪئي مدينــــي جي زيارت ســان ضعيفن کي،
سفر جي سخت صدمن کان بچايو مون کي مــــولا اڄ.
اهــا لبيڪ جـي للڪار، مون نئين مان نه چئي آهي،
اکر ساڳيـــو ازل وارو ، چوايــو مون کي مــولا اڄ.
الاهــي منهنجو مــدفن ڪر هـــتي جنـــــت بَقِيَہ ۾،
قيامت تائين رهان خوش جي رکايو مون کي مولا اڄ.
مُسلمانو ڏسو هي مهرباني مِـــير مـــــــــرســـــــــل جي،
سڏائي مون کي پنهنجي گھر گھُرايو مون کي مولا اڄ.
سڏڻ ســــردار جـــو بيشـــڪ ســــڏڻ الله جـو آهــــي،
ٿيان ڇو ڪينَ مان نازان سڏايـو مـــون کي مـــــولا اڄ.
پـــرين پرور پسائين شال هر ڪنهـــن فرد مؤمـــن کي،
پرينءَ جو ديد جئين چئي ’پير‘ پسايو مون کي مولا اڄ.
*
حضرت آغا عبدالستار جان سرهندي
ٽنڊوسائينداد