شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

آهي نبـــــــي اسان جو بيشڪ حيات يـــارو،

آهي نبـــــــي اسان جو بيشڪ حيات يـــارو،
دل سان پڙهو مٿائنس، مڙئي صلوات يارو.

محبت بنا محمد، اسلام ڪجھ به ناهي،
ري حُب هاشمي جي، ناهي نجات يــــــارو.

هتڙي به حامي آهي، سڪرات ۾ به برحق،
الله آهي شـــــاهـــد بــعــــد از مَمَــات يـــارو.

نيڪن کي نيڪ عملن تي آسرو ليڪن،
احمــد تي آسرو آ مڙني عُصات (1) يارو.

وس کان ٿيس مان بيوس منهنجو نه وس اي يارو،
تن ۾ مدام مرسل جي آهي تات يارو.

’عبدالڪريم‘ عاشق جو ورد ۽ وظيفو،
صلـــــــوات جي سدائين وائي آ وات يارو.

*

مولوي عبدالڪريم ڪُهاڙو
لاڙڪاڻو