يا محمد مصطفى توتي صلواتون ۽ سلام،
يا حبيبِ ڪبريا توتي صلواتون ۽ سلام.
رات ڏينهن شام و سَحر هر وقت ۽ هر هنڌ ۾،
منهنجي طرفان هر مهل، توتي صلواتون ۽ سلام.
حق تعالى ۽ فرشتا موڪلن ٿا هر زمان،
يا رسولِ مجتبى توتي صلواتون ۽ سلام.
حُڪم آهي مؤمنن، هردم پڙهن توتي صلوات،
دل جي عقيدت سان سدا، توتي صلواتون ۽ سلام.
دل جي صداقت سان سدا، مؤمن پڙهن ٿا هر زمان،
يا شفيع المُذنبِين ، توتي صلواتون ۽ سلام.
صاحبِ لولاڪَ سائين مالڪ مُختار ڪُل،
رحمةً للعالمين ، توتي صلواتون ۽ سلام.
اعلى ٿيو تنهنجو ذڪر ۽ خاص تنهنجي شان ۾،
کولي پڙهو قرآن کي توتي صلواتون ۽ سلام.
تنهنجي شفاعت عام ٿي آهي سڀن اُميد هي،
بخشجي ويندا سڀئي، توتي صلواتون ۽ سلام.
نُور تنهنجي مان خدا پيدا ڪيا سارا جھان،
ناهين مِثل تون ڪنهن بشر، توتي صلواتون ۽ سلام.
دربار رب جي ۾ سدا تنهنجو وسيلو ٿا وٺون،
بي ڪسن جا ڀرجھلا ، توتي صلواتون ۽ سلام.
مؤمنن کي ساھ کان ويجھو آهي عربي رسول،
فرمان ٿيو مالڪ جھان، توتي صلواتون ۽ سلام.
چئني صحابن تي سدا رحمت آهي رحمٰن جي،
۽ اهل بيتن تي سدا ، توتي صلواتون ۽ سلام.
هر هڪ صحابي بي مثل، ثاني نه تن جو ڪو اصل،
۽ نيڪ امت تي سدا ، توتي صلواتون ۽ سلام.
علم توکي سڀ عطا ڪيا رب پنهنجي فضل سان،
احسان ٿيو الله جو ، توتي صلواتون ۽ سلام.
عرض آهي ’عبد‘ جو، مون کي گھرائي مصطفى،
مُلڪ پنهنجي ۾ سدا ، توتي صلواتون ۽ سلام.
*
’عبده‘ عبدالوحيد جان سرهندي
ٽنڊو سائينداد