شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

مبارڪ صــــد مبارڪ آهي محبوبِ خدا آيو،

مبارڪ صــــد مبارڪ آهي محبوبِ خدا آيو،
اسان عاصين گنهگارن لئي ٿي شافع ورى آيو.

ڪيو روشن اچڻ سان جنهن زمين ۽ آسمانن کي،
اهو محــــــبوب رب العـــالـــمين خــــيرالــــورى آيو.

ڪِري تارن ڪيا سجدا نبيءَ جي نور جي سامهون،
ٿيا هــر دوجھــــــان روشـــن نبــــــيءَ نُورالهدى آيو.

هلي جبرئيل امين آيو ڪرائڻ سير سيـــد کي،
شبِ معراج ۾ عــــرشِ عُلى تي مصطــــفى آيو.

ڄمڻ سان ڄام مرسل جي سُڪا وڻ ٿي ويا ساوا،
ٽـــڙيــا گلــــــزار ۾ گل ڦُل حبـــيـــبِ ڪبــريـــا آيـــــو.

کلي خوشبوءِ کٿوري جي هلي هر هنڌ سا هٻڪار،
نه ٿي ’حافظ‘ ڪڏهن غمگين اجھو شافع ورى آيو.

*
محمد حافظ شاھ ٽکڙائي
وسين ملوڪ شاھ