شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

شــانِ رســـالــــــــــــت مـــــولى ڄاڻي ٻي کي طاقت ناهي،

شــانِ رســـالــــــــــــت مـــــولى ڄاڻي ٻي کي طاقت ناهي،
مالڪ جو مـحبــــوب مــحمــــد ڪونهي ڪنهن کان دور،
نبـــي ســـائيــن نـــــور آ، حــــق نبــــي ســـائيــــن نـــــــــــور آ.

آئي ڄـــــــام مــــحــمّـــــــد جي پيا پٿـــر پڙهن صلــــواتــون،
مَلڪ فلڪ ڀي ڳائن دم دم نور نبــــــــيءَ جون نعتــــــون،
اهڙي شـــــــــان مبارڪ وارو آ حضـــرت پاڪ حــــضـــــور،
نبـــــي ســـائيــــن نـــــــور آ ، حـــــق نبـــــــي سائيـــن نــــور آ.

جڏهن پڙهون ٿا درود ســــڄــــــڻ تي پـــــاڻ دُرود ٻُــــڌن ٿا،
روضـــــي اطهـــــر پــــاڪ منجهــــاران جلــــد جواب ڏين ٿا،
ڇــو نه چـــوان مان سهڻـــو مـــحـــمّــــــــــد زنده آهي ضرور،
نبــــي ســــائيــــن نـــــور آ ، حـــــق نبـــــي ســـائيـــن نـــــور آ.

حاضر ناظـــر منهجو سائين حڪـــم خـــــدا سان آهــــي،
اهــــل ِ سنـــت وارو عـــقيــــــدو يــــار اهـــوئـــــي آهــــــــــــي،
تون نه ڏسين ٿو تنهجي آهـــــــي ڀــــائــــو اک جو قصــــور،
نبـــــي ســــائيـــــن نــــــور آ ، حــــق نبـــــي ســــائيــــن نــــور آ.

سهڻـــــي عربــــي ڄــــام جـــي آئي ٿي ويون سڀ سڻــايـون
تون مان ويهي اُن محبـــوب جون نــعـتـــــــــــــون اڄ ٿا ڳايون،
نثار ڪُٻر ٿيو جنهن جي صــدقــــــي ملڪن ۾ ٿيو مشهور،
نبــــي ســـائيــــن نــــور آ ، حـــــق نبـــــي ســـائيــــن نــــــــــــور آ.

*
نثاراحمد ڪُٻر ڳوٺ صادق ڪُٻر- تعلقه ٺري ميرواھ