شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

يــــارســــــول الله تنهنجو جــلــــوو هر شيءِ ۾ ڏسان،

يــــارســــــول الله تنهنجو جــلــــوو هر شيءِ ۾ ڏسان،
عرشن تي ۽ فرشن تي تنهنجي حڪومت ٿو پسان.
(۱)
منتهى طوبى جي پن پن تي اســــــــم تنهنجو لکيل،
خــــــاڪ قـــــدمن پــــاڪ جي حــــورن جي اکين ۾ پيل،
شــــان بي پايان تنهنجـــي ۾ لاٿـــــو قـــــــادر قـــــــرآن.
(۲)
هــر ورق توراة ۾ تنهنجــــــي ثنـــــا ۽ نــــعــــــــت آ،
شاهـــدي انجيـــــل ۾ تنهنـــجــــي نــــورانــــي ذات آ،
نُـــــور تنهنجي مان ٺهيا تـــارا ڪتيون ۽ آسمـــــــان.
(۳)
روزِ محشر هوندي، بلند ڪرسي،سڀن کان شـــاھ جي،
پيــــار مـــــان فـــــرمــــائينـــــــدي، ات ذات ائيـــن الله جي،
جيئن وڻي تيئن ڪر، سڄڻ دفتر، سارو تنهنجي اڳيان.
(۴)
يا شفيع المُذنبي ڪر ٻاجھ ’شمسي‘ جي مٿان،
عشق ۾ عربي تنهنجي شل دم ڏئي تو وٽ مران،
مرڻ ويلي ڪلمون طيب ۽ صلواتون مان پڙهان.

*

شمسي