شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

محبوب خدا مون کي مديني ۾ گھُرائي، ديدار ڪرائي،

محبوب خدا مون کي مديني ۾ گھُرائي، ديدار ڪرائي،
شب روز جُدائي ٿي سندم جان جلائي، ديدار ڪرائي.

هي آس اندر ۾ آهي ٿيان اچي حاضر، اي بندهء پرور،
بدڪار کي هن بند مان جلدي تون ڇڏائي، ديدار ڪرائي.

شب روز روئي راھ مديني جي نهاريان، هنجون هجر مان هاريان،
مشتاق کي مولا سِگھو محبوب مِلائي ، ديدار ڪرائي.

ڪج مون تي شفاعت جي نظر آهيان گنهگار، اي سيد ابرار،
’حافظ‘ کي سڪرات جي سختي کان ڇڏائي، ديدار ڪرائي.


*


محمد حافظ شاھ ٽکڙائي
وسين ملوڪ شاھ