شاعري

متبرڪ نعتون

ڪتاب ”متبرڪ نعتون “ جو مرتب علامه عبدالوحيد جان ’عبد‘ سرهندي آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ احمد خان ڀرڳڙي ۽ غلام مرتضى ڀرڳڙي جن ڪئي آهي. احمد خان ڀرڳڙي سنڌ سلامت جو سينيئر ميمبر پڻ آهي.
Title Cover of book متبرڪ نعتون

يثرب ڏي وٺي مونکي هلو ساڻ خدارا، او قافلي وارا،

يثرب ڏي وٺي مونکي هلو ساڻ خدارا، او قافلي وارا،
هيڪر مان ڏسان شال مديني جا مُنارا، او قافلي وارا.

هڪ پَل ۾ هلي شال مديني کي رسان مان، پڃري کي پسان مان،
فرقت ۾ محمّــد جي سندم دل ٿي سيپارا، او قافلي وارا.

سيني ۾ اٿم شوق ڏسان روضهء انور درگاھ پيـــغــبــــــر،
دل کي ٿا وڻن يثرب جي گلشن جا نظارا، او قافلي وارا.

پيغام ڪجئين پيش هيءُ درگاھ نبي ۾، سرڪار نبيءَ ۾،
ديــــدار جي ســـائـل کي ســڏيو جـــلــــد پيـــارا، او قافلي وارا.

شب و روز هجر ۾ روئي، ديدار جو سائل، هي ’سعيد‘ سڪايل،
رستي ۾ وساري نه وڃو تنهن کي دلارا، او قـافلـــــي وارا.

*

محمد سعيد شاھ ٽکڙائي
وسين ملوڪ شاھ