اڄ ته آڌي رات جو مونکي سهڻـــــــــــو ســــــــــرور ياد پيو،
منهنجي ننڊ نيڻن جي ڦِٽي مونکي هوت هر هر ياد پيو.
عشـــــــق ٻــــارڻ ٻـــاريـــا مون ماڳ مـــــــــدينـــــــي جا ساريا،
گھوڙا، آئون گھر ڪئين گھاريان مونکي گھوٽ گوهر ياد پيو.
مــابَـيـن بَــيِـتـي سـاريـان هر دم هنجـون نويٺي هاريان،
پڃري لئي پلپل پڪاريان مونکي محراب منبر ياد پيو.
سنــــــــــــڌ ۾ سڪندي ٿي مران، واحد گھرائي شل وران،
پاڙي ته پريـــــــــــــــن پَران، مونکي ڪيف ڪوثر ياد پيو.
ســـــــر بســـر ساڳــــــي سُتــــــي مون هوت ڏٺڙو هو هِتي،
پڃرو پسان شل آئون اتي، مونکي جلوي جوهر ياد پيو.
منجھ سُتـــــــي سَپنـــــي وري، ديـــــدار ڪيڙي دل چري،
منهنجي آڳ اندر تي ٻري، مونکي رات رهبر ياد پيو.
هن ضعيف ’زينل‘ کي سڏي، گھايل وٺو گولو گڏي،
هي ڇورو نه ڏيو دلبر ڇڏي، جنهن کي محب منور ياد پيو.
*
زين العابدين شاھ
نورائي شريف