مُنور ٿي ويو عــــــالـــــــم، ٿيو نُـــورِ خــــــدا پيدا،
قـــريشــــي هـــاشمــــي سيــد، محمد مُصطفى پيدا.
سَرِ تسليم خم، حور و ملڪ جن و بشر آهن،
چيو فِــطــــــرت ته اڳ اهڙو نه ٿيو آ پيشـــــوا پيدا.
رسالت جنهن تي شيدا ۽ نبوت جان فدا جنهن تي،
مُبـــــارڪ ســـو ٿيو دنيـــــا ۾ خَتَــــمُ الانبيـــــاء پيــدا.
خدا جو عرش اعظم هن زمين تان ٿو ٿئي صدقي،
جــو عبـــــدالله جــي گھــر ٿيـو حبيبِ ڪبـــريا پيـــدا.
مُبارڪ صـــــد مُبـــــارڪ بانـــيءِ صَــــد اِنـــقــــلاب آيــو،
قدم جنهن جي سان ٿي ويو فيضِ قُدرت جا بجا پيدا.
مٽايـــــو فــــرق جنهن آهي فــقيـــــري ۽ امـيـــــــريءَ جــــو،
اَخُـــوت جــو عــلــــمـــبـــــردار ٿــي ويـو مـــرحبــــا پيـــــــــدا.
گداگر جنهـــن جي در جا بـــادشــــاھـــن کان ٿيــــا بهتــــر،
ڏنــــي جنهـــن ديـــــن جـــي دولت، ٿيـــو سو دلــــربــا پيدا.
’اثـــــر‘ اُڀـــــــري پيــــا آهــــــن هـــــــزاريــــن آســـــــرا دل ۾،
ٿيــــو امــــت جـــــي آڌر شـــــافــــعِ روزِ جــــــزا پيــــــــــــــدا.
*
عبدالله ’اثر‘ ـــــــ ٻيڙو چانڊيو، لاڙڪاڻو